Tuesday 21 May 2024

SINDH in history today (22nd May). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd MAY} & GOOD DAY WISH. Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute. ******* Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Translation: Human values provide witness and I am an evidence to prove that you are source of aspiration & inspiration, you are vision & wisdom and you are beauty & love besides, peace & protection. Dear! Dare to share your worth. Worthy! We need your talents and potentialities] طرف مڙوئي 'تم' ٿیا، ان لاء پھتس تنھنجي در، قرب ڪر جھولي ڀر، سرت سچ سندرتا سلام سان. ************ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd MAY} Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan. EVENTS: 22nd May 1843: The importance of Shikargahs of Sindh is realized by the Governor. Therefore he wants to establish Department so as to derive profit from the timber and to make Shikargah a great source of revenue. 1851: The Collector Karachi decides for erection of Market and with his efforts Empress Market is erected on the place where some revolutionaries were blown up with Cannon in connection with involvement in events of 1857. 1920: The Sindh Khilaft Committee sends share of Rs.15000 to Moulana Muhammad Ali Johar through All -India Khilafat Committee. The amount is to be utilized on sending Khilafat Deputations to other countries. 1948: Karachi shall be the capital of Pakistan, resolve the Constituent Assembly. 1949: The Working Committee of the Punjab Muslim League demands resignation of the Non - Muslim Governor Sir Francis Mudie. He was replaced in August that year. 1953: Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, Kazi Akbar, Ali Nawaz Khan Mahar and Kazi Abdul Manan are inducted in Sindh Cabinet. 1963: President Ayub joins Convention Muslim League. 1992: Prime Minister Nawaz Sharif asks India not to interfere in Sindh. He claims that Al - Zulfikar connection with PPP will soon be made public. Justifies Operation in Sindh. 1993: Taj Muhammad Jamali resigns as the Chief Minister of Baluchistan SINDHI TRANSLATION OF THE POST: *** ڪي خاص واقعا ************* 22.5.1840 ڏکڻ سنڌ جو فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته ھن جي ماڻھن شڪارپور ۾ ھڪ شڪي ماڻھو پڪڙيو آھي, جيڪو پاڻ کي ايراني شھزادو ٿو سڏائي. ميرن سان اها ڳالھ ڪئي آھي ۽ هو چون ٿا ته اسان انگريزن جا وفادار زيردست آهيون ۽ گورنر جنرل جيڪو حڪم ڪندو ان مطابق ايراني شھزادي سان هلت ڪبي. 22.5.1842 ڪمپني حڪومت سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي هدايتون موڪليون ته: 1. ڪراچئ جي قبضي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آھي ۽ نيوئ جي آفيسر کي اهو ڪم ڏبو, جيڪو سامونڊي ٻيڙن ۽ سنڌوندئ جي آگبوٽن جو انتظام به رکندو, 2. اسان بکر جو قلعو پنهنجي قبضي ۾ رکنداسين ۽ سکر تي به قبضو ڪرڻو پوندو, 3. ڪمپني حڪومت جي تحفظ, ترقئ ۽ تجارت جي مفاد ۾ اهو ئي آھي ته ٻيٽ ۽ وڏا شھر اسان جي قبضي ۾ هجن. 22.5.1843 گورنر نيپيئر سنڌ جي شڪارگاهن ۽ ٻيلن جي تحفظ ۽ ترقئ لاء ھڪ الڳ کاتي کولڻ لاء سوچيو ته جيئن ان جي ڪاٺ ۽ جهنگلي جيوت کي معيشت جي ترقئ جو وسيلو بڻائي. هن ان سلسلي ۾ مرڪزي سرڪار سان لکپڙھ ڪئي 22.5.1851 ڪراچئ جي ڪليڪٽر جي ڪوششن سان امپريس مارڪيٽ ٺھرائڻ جو فيصلو ٿيو. 1857 ۾ هن مارڪيٽ جي آس پاس جنگ آزادئ ۾ حصو وٺندڙ سپاهين کي توب جي منهن ۾ رکي اڏايو ويو هو. 22.5.1920 مرڪزي خلافت ڪميٽئ جو وفد انگلنڊ وڃڻو هو. ان ڪري اڄ سنڌ خلافت ڪميٽئ وڏي رقم ڦوڙئ طور اوڏانھن ڏياري موڪلي. 22.5.1948 پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ ڪراچئ کي ملڪ جي گادي بنائڻ جو ٺھراء پاس ڪيو. ************* ولادتون: 1.شاعر فقير الهرکيو مهر 1820. 2. ليکڪ ٿانورداس ستواڻي (دادو/اجمير) 1936 وفاتون: 1. سيد احمد ٺٽوي (شيرازين جو وڏو) 1441 ع 2. حافظ ابو محمد سالم سنڌي محدث 1846 ع 3. بزرگ پير روشن سرهندي 1901ع 4. ڪوي سنت سوامي پهلاجراء 1968 5. مظفر ڀٽو (جيئي سنڌ اڳواڻ) تشدد ۽ قتل 2012 6. غزاله بتول صديقي (وحدت سنڌ ريلئ دوران ڪراچئ ۾ شھيد ڪئي وئي) 2012

No comments:

Post a Comment