Friday 31 May 2024

SINDH in history today (1st June). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st June} & GOOD DAY WISH. Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute. *********** Dr.Pathan wishes you Good Day. [If you are not accepted and owned, so what? Accept and respect all others without discrimination. Be useful, purposeful and more kind to those, who cannot accept and own you. Be for the love, beauty & peace. Be of the beauty, peace & love. Because, you are Beauty, Love & peace. Don't hunt for it. But, share it. ] جي گذري تنهنجي حیاتي ٿي هن ھوت سواء، تون ڪوہ نہ ڪرین سا ئي حياتي ھوتن لاء؟ دکن سکن ۽ عیب ثوابن دورين مجبورين جا، ڏینھن ۽ رات جا تون کڻي فرضي فرق مٽاء، نینھن-نیاپو سرت-سندیشو، سي گیت سٹاء، EVENTS: 1916: Sawami Devananda delivers his first lecture, to be followed by series of lectures on the request of ‘Hindu Shewak Mandal’ of Karachi. (Source: Daily Gazette, Karachi). 1920: NGO of Shikarpur, Citizens’ Association of Shikarpur elects its officer-bearers. They are Diwan Vishindas Jethmilani (President), Seth Ghanshamdas Rajpal (Chairman Managing Committee), Balwantsing Lokram (Secretary)and Ramchand of H.M.Academy (General Secretary). 1943: A resolution conveying warm greetings to the heroic Red Army and Soviet people is passed at a meeting of Sindh-Baluchistan Communist Party. The second anniversary of Soviet-German war is celebrated. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1943) 1955: Muhammad Ayunb Khuhro, Pir Ali Muhammad Shah Rasdi, Mir Ghulam Ali Talpur, Haji Moula Bux Soomro, Seromal and Yousif Haroon are elected as members of the Constituent Assembly (Source: Newspapers). 1960: Abdul Qadir Sanjrani from Sindh is inducted in West Pakistan cabinet. (Source: Newspapers). 1962: Moulv iFarid Ahmad, politician from East Pakistan demands Friday instead of Sunday as holiday. (Source: Ibid). 1964: Z.A.Bhutto is awarded ‘Hilali-i-Pakistan’ for his valuable services regarding reshaping of country’s foreign policy. (Source: “Source-Material on Bhutto family’’, compiled by Gul Hayat Institute). 1968: Some of accused in Agartala Conspiracy case confess that they were planing for an independent East Pakistan (Source: Newspapers). 1980: Zakat system is introduced in Pakistan. There will be compulsory deduction of Zakat from Bank deposited. (Ibid). 1988: Supreme Court strikes down registration of political party’s clause. Decision is given in Benazir Bhutto’s petition on Party Act. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1992: Major Arshad pleads guilty of killing nine persons in TandoBahawal. Confession made before an army court of inquiry. (Source: Newspapers). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: EVENTS FROM SINDH HISTORY (1st June) By: Dr. Pathan ** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ جي تاج پوشي ۽ سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان ۾ عام موڪل ڪئي وئي. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو عوامي سهولتن واري ٽرين پنجاب ايڪسپريس شروع ڪئي وئي، جيڪا ڪراچي کان پنڊي تائين هلائي وئي.اها ٽرين ڪافي عرصو هلندي رهي پر پوءِ ٻين ريل گاڏين وانگر هي ٽرين به اڳتي هلي بند ٿي وئي. ** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اوڀر پاڪستان تان گورنر راڄ ختم ڪري ابو حسن سرڪار کي بحال ڪيو ويو. ** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اولهه پاڪستان ۾ نواب آف ڪالاباغ ملڪ عامر احمد خان ٽئين گورنر جنرل طور عهدي جو حلف کنيو. ** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت يونين سرڪار ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر فيض احمد فيض کي ادبي خدمتن جي مڃتا طور لينن ايوارڊ سان نوازيو. ** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان ۾ سامونڊي طوفان سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ پڌري ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته طوفان ۾ اٽڪل 50 هزار ماڻهن جون جانيون ضايع ٿي ويون. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگلاديش جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ وارن معاملن تي غور ويچار کانپوءِ بنگلاديش جي پرڏيهي وزير عبدالسرمد آزاد ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پاڪستان حڪومت بنگلاديش کي آزاد ملڪ طور تسليم ڪري. پاڪستان حڪومت ڪافي سالن تائين بنگلاديش کي تسليم نه ڪيو پر پوءِ اڳتي هلي نيٺ هن کي آزاد ملڪ طور تسليم ڪيو ويو. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ولي خان پيپلز پارٽي جي حڪومت تي الزام هنيو ته اها بلوچستان ۾ اوڀر پاڪستان جهڙي صورتحال پيدا ڪري رهي آهي. جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو اهي الزام رد ڪري ڇڏيا. وزيراعظم ڀٽو جي دور ۾ بلوچستان ۾ ٿيل آپريشن تي سياسي جماعتن سخت تحفظات جو اظهار ڪيو هو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور هاءِ ڪورٽ مارشل لا لاڳو ڪرڻ خلاف پنهنجو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميان نواز شريف پنجاب جو وڏو وزير بڻجي ويو. ان دور ۾ پ پ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي آئي هئي ۽ بينظير ڀٽو ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. پر هن کي پنهنجي حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ************** .اڄوڪي ڏينهن پهرين جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: پهرين جون 1895ع شاعر غلام احمد نظامي (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين جون 1897ع اسڪالر ڊاڪٽر ايم يو دائودپوٽو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1903ع اسڪالر جي اين ناگراڻي (شڪارپور / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين جون 1907ع شاعر فقير سلطان سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين جون 1926ع سياستدان فتح محمد سيال جي پيدائش ٿي. پهرين جون 1932ع اسڪالر ڊاڪٽر رحمت الله ابڙو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1932ع شاعر محمد بخش حافظ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1936ع ليکڪ قربان بگٽي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1942ع صحافي امير بخش ڀٽي (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين جون 1943ع شاعر ميوارام درد (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1945ع ليکڪ شيام آهوجا (مديجي / الهاسنگر) جيپيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين جون 1945ع اداڪار جئديو تنواڻي (لاڙڪاڻو / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1951ع ليکڪ ۽ اداڪار جسونت ڪمار (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1951ع صحافي ٻڍل خان چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1952ع اداڪار ڪنيا لال پرسواڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1952ع اداڪار رميش سوماڻي (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1952ع ليکڪ گوهر سومرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1954ع ڊاڪٽر شمس سومرو (دادو) ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1959ع شاعر الاهي بخش مخمور جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1959ع ليکڪ مشتاق محبوب جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1961ع شاعر اصغر آزاد منگي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1962ع ليکڪ بشير سيال جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1963ع صحافي غضنفر جکراڻي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1963ع ليکڪ ياسين دائودپوٽو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1968ع ليکڪ ۽ صحافي ممتاز بخاري جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1972ع شاعر ذوالفقار بهڻ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1975ع شاعر عبدالرزاق مئڪش سومرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1978ع شاعر غلام رسول امر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1979ع ليکڪ ستار جلباڻي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1983ع ليکڪ سيخ ارشاد (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: پهرين جون 1817ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبدالله مهيسر جو لاڏاڻو پهرين جون 1939ع مذهبي اسڪالر مولوي فتح علي جتوئي جي وفات ٿي. پهرين جون 1950ع مذهبي اسڪالر مولوي هدايت الله تنيو جي وفات ٿي. پهرين جون 2005ع اداڪار اي آر بلوچ جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment