Saturday 25 May 2024

SINDH in history today (26th May). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th MAY} & GOOD DAY WISH. Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute. Dr. Pathan wishes you Good Day. TRANSLATION OF MY POETRY INTO ENGLISH: [ Everybody gets lap of Mother and Mother-land. But, some lucky people get lap of his/her loved one and beloved. Affiliation and nearness to these three laps makes man perfect and an ideal. Everybody learns language of love & respect from these laps and every lover can sacrifice everything including life for honour, dignity and status of these laps. Much before my creation, my body and soul were handed over to the trio of my mother, mother -land and owner of my heart. Hence, I am most protect man in the world and I can make the history and create my history] ملن هر ڪنهن ماڻهوء کي گود مٺڙئ ماء جي ۽ ڌرتئ جي جهولي, پر دامن دلبر جي ڪنهن ڪنهن کي ملي جا هر ڪنهن ڳولهي, ٽيئي ماڳ مڪان عجب جا پيار محبت جي سي سيکارن ٻولي, هئ دل منهنجي صدين کان بلڪ ازل کان آھي تن جي گولي, تن ۽ من روح جي هولي, تن سان پنهنجي سرت سلام سان. ************ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th May} By. Dr. Dur Muhammad pathan EVENTS 1843: The Governor - General of India directs to the Governor of Sindh that Karachi be made Capital of the British Sindh and Water for Karachi be obtained from the Ghizree hills and measures be adopted for communication between Karachi and Hyderabad. 1849: Lord Bishop of Calcutta is granted custody of churches and burial grounds. 1895: Weakly 'Aftab Sindh' is founded by Haji Abdul Rahman Memon at Sukkur. Rais Shamsuddin 'Bulbl' is first editor. The played role in encountering propangda by Arya Samaj and Christanity. 1930: Ayub Khuhro compiles 'Sufferings of Sindh'. That proved to be better Presentation in favour of separation of Sindh from Bombay Presidency. Part2 1949: Pakistan demand plebiscite in Hyderabad Dhakan. 1950: Journalists take out protest procession in Larhore against Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, the president of PNEC. 1953: U.K's pro - Indian policy on Kashmir issue is compelling Pakistan to revise herrelations with that country, say Prime Minister Bogra. 1956: Maj. Gen. Iskandar Mirza, president of Pakistan, imposes President's rule in East Pakistan.1958: Russia doubts misuse of U.S.A base in Pakistan against her integration. Pakistan denies it. 1975: Opposition is violating 6th Feruary Agreement, say Z.A.Bhutto. 1977: Acceptance of our basic demands has paved way for opposition - Govt. talks, says Pir of Pagaro, Acting President of PNA. 1979: Begam Nusrat Bhutto is elected as PPP Chairperson. SINDHI TRANSLATION OF THE POST: EVENTS: Dr.Pathan. سج به روزانو اڀري, صبح به روزانو ٿئي ۽ مان به روزانو اوهان جي حاضري ڀرڻ اچان ٿو ۽ روز ٽالپورن جي دور کان وٺي ويندي اڄوڪي دور تائين تاريخ مان ڪي واقعا کڻي اوهان جي دل ۽ دماغ جي در تائين پهچائيندو آهيان. اڄ جن واقعن جي پسمنظر ۽ پيشمنظر تي مون راء ڏني آهي, ان جو لفظ لفظ اوهان سان ڳالهائيندو. وڊيو ۾ شخصيتن/ادارن/ پارٽين/ ولادتن ۽ وفاتن بابت به معلومات موجود آھي. يوٽيوب تي سبسڪر اڄوڪا ڪي واقعا: 26.4.1832 ممبئي سرڪار ڪرنل پاٽينجر کي اها منظوري ڏني ته هو سنڌ جي حڪمرانن کان مدد وٺي ٿرپارڪر طرف ڌاڙيلن خلاف ڪو مناسب قدم کڻي. ياد رهي ته انھئ طرف فرنگين کي ڏوهارين ٿوڙي وطن-دوستن ڦرڻ لٽڻ شروع ڪيو هو. 26.5.1843 گورنر جنرل اڄ خط لکي سنڌ جي لٽيري گورنر نيپيئر کي اجازت ڏني ته ڀلي ڪراچئ کي گادئ جو هنڌ بڻائي. ڪراچئ لاء پاڻي گذرئ مان هٿ ڪجي. ڪراچئ ۽ حيدرآباد وچ ۾ آمدرفت جي ذريعن وسيلن کي سڌاريو وڃي. 26.5.1930 سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ دوران ڪيترن هندو, پارسي ۽ مسلمان سياستدانن ڪتاب/ڪتابڙا لکيا. اڄ محمد ايوب کهڙي جو ڪتاب " مصائب سنڌ" Sufferings of Sindh شايع ٿيو. جنهن ۾ تاريخي, ثقافتي ۽ سماجي بنيادن تي سنڌ جي الڳ تشخص کي ثابت ڪيو ويو. ايوب کهڙي پوء وري سنڌ کي ون-يونٽ جا زنجير پهرايا. 26.5.1950 پير علي محمد شاه راشدي هنن ڏينهن ۾ PNEC جو صدر هو. لاهور جي صحافين اڄ ھن جي خلاف شديد احتجاج ڪيو. 26.5.1956 اولھ پاڪستان کي ون-يونٽ جي ڳٽ سان سوڙھو ڪرڻ کان پوء اوڀر پاڪستان کي ڏينھن جا تارا ڏيکارڻ لاء صدر جنرل اسڪندر مرزا اتي اڄ صدارتي راڄ لاڳو ڪيو. 26.5.1975 " مخالف ڌر وارا 6 فيبرورئ واري ٺاه جي ڀڃڪڙي ٿا ڪن. اسيمبلئ ۾ نه ٿا اچن ته مستعفي ٿين"- وزير اعظم ڀٽي جو بيان. 26.5.1979 بيگم نصرت ڀٽو کي پيپلز پارٽئ جي چيئرپرسن بڻايو ويو. 26.5.1990 حيدرآباد ۾ ڪرفيو جي ڇانو ۾ دهشتگردن سڄي شهر کي لٽيو ڦريو ۽ گهرن کي باهيون ڏنيون. پنهنجي وطن/شھرن ۾ پنهنجو ايئن به حشر ٿيندو آيو آھي. اڄوڪي ڏينهن 26 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 26 مئي 1904ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر رامچند بچاڻي (ٽنڊو آدم) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 مئي 1934ع ليکڪ مصطفى حيدر جتوئي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 مئي 1965ع صحافي خالد کوکر جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 26 مئي 1984ع شاعر مرزا اجمل بيگ (ٽنڊو ٺوڙهو) جو لاڏاڻو ٿيو 26 مئي 2006ع وِلن جي ڪردار جو مشهور اداڪار اديب دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment