Tuesday 14 May 2024

Sindh in history today ( 15th May]. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (15th May) & GOOD DAY Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! It is my firm belief and faith that you are truth & beauty. You are in my heart & mind, dreams & thoughts, here & there. Is it not amazing that you are within me, but not with me. Since centuries my soul is waiting to see you near, my dear. Let distance & differences may not pave way for death. Be life, you are life. ] جانب جت ڪٿ جو جاچیو مون، آھین تون ۽ تون ساجن ففط تون، سچ ۽ سندء سونھن جون لاٽون، تن من ۾ تان ڏٺیون پسيون سون، پوء بہ پرین پري صدین لاڪون؟ ڏس نیٹن ۾ ماڪون، سلام سان.‏ ************* Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan EVENTS: 1906: A Box of the cordile is exploded in the polygon building of the Hyderabad Fort, and sets it on fire. At 8.30 a terrific explosion shook the town and at the same time tons of bricks and stone are hurled in all direction, killing eight persons on the spot and wounding a large number. 1919: Nawab Qaisar Khan Magsi of Larkana offers his support to the Government that was facing some trouble given by Afghanistan. He announces to put services of 50 people at the disposal of the Government and those will fight agaist Afghanistan on behalf of Britsh Government.1920: The Viceroy of the India in Notification No 3042 express his sympathy with Indian Muslim and declares that though, due to natur of terms of treaty with Trukey, Indian Muslims will be hurt to extend but, he is confidient that Indian Muslims will prove their loyalty with Crown and will not be irritated with terms. 1931: A meeting of Religious Muslim Scolars is held at Badin and the branch of Jamiat-ul-Ulema, Sindh is opened with following as its founder office-bearers: Moulana Ghulam Ali (President), Moulana Abdul Wahab (Vice President), Moulana Ahmad Malah (Sectertary) and Haji Abdullah (Treasurer). 1946: A public meeting is organized by the local branch of the Muslim National Party at Jacobabad, Ali Muhammad Makrani, Vice President of the party presiding. Sopeeches of lives and achievements of Aslam Achakzai and Allah Bux Soomro are made and resolution on Hindu-Muslim unity and Freedom Movement are adopted. Muhammad Amin Khoso, Agha Muhammad Shafi, Muhammad Momin Kalim, Choithram Dembha, Pesumal and Kodomal also spoke on the occasion. 1948: Special Tribunal consisting of Justice A.Rashid and Justice Shahabuddin is constituted for trial of Muhammad Ayub Khuhro, Ex-Chief Minister of Sindh. 1951: Tribunal comprising of Justice Abdul Rahman, Justice Aminuddin & Justice Muhammad Sharif is constituted to hear Rawalpindi Conspiracy case. 1953: Sindh Assembly supports Qazi Fazulullah to form Sindh Government 1955: Home Minister Major General Iskandar Mirza holds talks with his Indian counterpart 1956: Government is not bound to accept recommendation of Pakistan Muslim League on the political crisis in West Pakistan, says Prime Minter Muhammad Ali. 1971: Uprising has been defeated for ever. However, some events of creating law and order are some times reported, says General Tikka, Governor of East Pakistan. 1977: Acting President of PNA, Pir Pagaro is house arrested for three days. SINDHI TRANSLATION OF POST: سنڌ جي واقعاتي تاريخ-(15 مئي)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق" 15.5.1906 حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ فرنگين جي رکيل بارود کي باه لڳي جنھن سڄي شھر کي لوڏي ڇڏيو. ٽنين سرون هوا ۾ اڏنديون رهيو, جن 8 ماڻھون اڦٽ ماري وڌا ۽ سوين زخمي ڪيا. 15.5.1919 افغانستان فرنگين کي نڪ ۾ دم ڏنو ته اهڙين حالتن ۾ لاڙڪاڻي جي نواب قيصر خان مگسئ سرڪار کي آڇ ڏني ته هو 50 جوڌا جوان هند سرڪار حوالي ڪرڻ لاء تيار آهي, جيڪي افغان سرحد تي سرڪار جو دفاع ڪندا. 15.5.1920 هندستان جي وائسراء پڌرنامي ذريعي مسلمانن کي ٻڌايو ته اتحادي سپريم ڪائونسل ترڪئ سان شرطن تي ٺاه ڪيو آهي, جن مان ڪي مسلمانن کي ڏکيا لڳندا. پر مسلمان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ برطانوي تاج سان پنهنجي وفاداري ثابت ڪن. 15.5.1920 سيد غلام شاه جي صدارت ۾ خيرپور ناٿن شاه ۾ خلافت جو جلسو ٿيو, جنھن ۾ ڪيترا ٺھراء پاس ڪيا ويا. ڪي آھن: 1.جيڪب آباد جي انتظاميه جي خلافيتن خلاف سخت قدم کڻڻ جي مذمت, 2. هجرت ڪرڻ لاء ھوشياري وٺڻ ۽ 3. هندو-مسلم اتحاد قائم رکڻ. 15.5.1931 بدين ۾ ڏکڻ سنڌ جي عالمن جو ميڙاڪو ٿيو, جنھن ۾ ” جميعت العلماء“ جي شاخ کولي مولوي غلام علئ کي صدر, مولوي عبداوهاب کي نائب صدر, مولوي احمد ملاح کي سيڪريٽري ۽ منهاج حاجي عبدالله کي خزانچي چونڊيو ويو عالمن جي انھئ ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندڙ باقي عالمن جا نالا آھن: مولوي قاضي غلام محمد, حاجي مولوي عطاء الله, مولوي تاج محمد, مولوي محمد هاشم, مولوي امام الدين, مولوي عبدالرحيم, حافظ الهڏنو, مولوي عبدالڪريم ۽ مولوي مير محمد 15.5.1944 سنڌ مسلم ليگ جي چونڊن ۾ جي.ايم.سيد صدر ۽ سيد غلام حيدر شاه سيڪريٽري چونڊيا ويا هئا. اڄ اخبارن ايڊيٽوريل لکي, جي.ايم.سيد تي الزام تراشي ڪئي ته هو سنڌ مسلم ليگ کي سيد ليگ پيو بنائي. 15.5.1971 'اوڀر پاڪستان ۾ باغيانه ڪاروين ڪندڙن کي ڪچليو ويو آھي". اوڀر پاڪستان جي گورنر جنرل ٽڪا خان جو بيان ***** اڄوڪي ڏينهن 15 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 15 مئي 1920ع شاعر ڌڻي بخش ڌنڻ (سونمياڻي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 مئي 1924ع شاعر ۽ صحافي جهامنداس عاشق جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 مئي 1930ع شاعر غالب مالڪاڻي جوجنم ڏينهن آهي. 15 مئي 1931ع اديب، شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر موتي پرڪاش (دڙو / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي. 15 مئي 1944ع شاعر وفا ناٿن شاهي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 مئي 1953ع اداڪاره چندو آهوجا (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي. 15 مئي 1959ع شاعر فيض پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. 15 مئي 1961ع ليکڪ ۽ سياسي ورڪر مولا بخش چنڊ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 مئي 1962ع ليکڪ اشرف زمان پير چندامي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 مئي 1964ع صحافي نعيم ملڪ جو جنم ڏينهن آهي. 15 مئي 1965ع صحافي فقير قاسماڻي (رسولپور) جو جنم ڏينهن آهي. 15 مئي 1965ع ليکڪ ۽ تاريخدان حزب الله آءِ سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 15 مئي 1967ع باليووڊ اداڪاره ماڌوري ڊڪشٽ جو جنم ڏينهن آهي. 15 مئي 1969ع شاعر حاذق سولنگي (راڌڻ اسٽيشن) جو جنم ڏينهن آهي. 15 مئي 1970ع ليکڪ ۽ ڪالم نگار مير نادر علي تاج ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 15 مئي 1971ع صحافي پريل دايو جو جنم ڏينهن آهي. 15 مئي 1971ع صحافي سهيل پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 مئي 1976ع شاعر مسرور پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 مئي 1984ع شاعر شاهه محمد پهنور جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 15 مئي 1940ع صوفي شاعر ۽ بزرگ رکيل شاهه (فتح پور) جو لاڏاڻو ٿيو. 15 مئي 1944ع آخوند حافظ ولي محمد (هالا) جو انتقال ٿيو. 15 مئي 1972ع صوفي شاعر غمدل فقير جو لاڏاڻو ٿيو. 15 مئي 1982ع صحافي محمد محرم بلوچ جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment