Sunday 12 May 2024

SINDH in history today (13th May). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (13th May) & GOOD DAY WISH. Dr.Pathan wishes you Early Good. Day. [What I have to do with Days or Nights? I have nothing to do with time, place and circumstances also. My only task is please you, see you and witness your beauty and to get share of your vision & wisdom. I am thankful to my sorrows and longings those are not ready to leave me all alone in your absence. ] نہ ڪي ڏسبو ڏینھن کي، نہ ڪي ڏسبي ڪائي رات، تنھنجي طلب تانگھ ۽ تات، سندم سورن جي سوغات, سدا ساري رکبي روح سان. SINDH (including Pakistan) {13th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research. EVENTS 1938: 4 - day Sindh Provincial Muslim Party ended last night.. After its conclusion, Quaid -i- Azam undertakes a tour into Sindh's interior to establish league branches and popularize the League cause among the rural masses. He visited Larkano, Jabobabad and other cities. 1939: All the Muslim agitator, activists and dictators detained in connection with Masjid Manzalgah Restoration Movement are released by the Sukkur District authorities without any condition. 1947: Joint Supreme Command of Armed Forces of India and Pakistan is dissolved. 1954: An Officer of the British Security Services is appointed by the Pakistan Govt. to conduct further investigation into the assassination of Liaquat Ali Khan. This may kindly be noted the in Benazir Bhutto assassination case, services of the same department of the same country were also availed, but in both cases findings of investigation were not made public. 1965: Pakistan co - sponsored in the U.N, a resolution on Rhodesia, is adopted by the General Assembly. The resolution condemns Rhodesian authorities for an intended attempt to seize independence by illegal means in order to perpetuate the minority rule in Southern Rhodesia. This may kindly be noted the Sindh Peoples Local Bodies Bill was opposed by Sindhis on the same doubt that in Southern Sindh Rhodesia like move is taking place. 1989: U.S voices concern over Pakistan's nuclear programmer despite certification of U.S President. 1993: Benazir Bhutto calls on Acting President and Caretaking Prime Minister to convince that PPP - PML (J) Alliance is in a comfortable position to form its governments at Centre and Provinces. 1996: At a high - level meeting President, Prime Minister and all Chief Ministers decide to impose tax on agriculture income at a uniform rate 'to meet demands of the World Bank and IMF' SINDHI TRANSLATION OF THE POST: .**** 13.5.1832 پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کان هدايت وٺڻ لاء خط ٿو موڪلي ته ميرن گورنر جنرل لاء جيڪي سوکڙيون پاکڙيون ڏنيون آهن, اهي اوهان ڏانھن موڪلي ڏجن يا کپائي ان مان ملندڙ ڏوڪڙ سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرڻ لاء روانا ڪجن. 13.5.1843 جنگي قيدي مير نصير خان قيد مان ممبئي جي گورنر کي لکي ٿو ته اسان انگريزن سان جيترو سٺو پير کنيو, انگريزن ان کان ٻيڻو ٽيڻو نقصان ڏنو. سر جان ڪين جي مون سبزل ڪوٽ ۾ وڏي مدد ڪئي. هن کي مون ان کان علاوه 8000 روپيا به اوڌر تي ڏنا. سرڪار مون کي اهي ڏوڪڙ ڀري ڏئي. 13.5.1843 مير صوبدار خان, جيڪو پڻ جنگي قيدي آهي, سو به قيد مان ممبئي جي گورنر کي خط لکي انگريزن جي نقلي شرافت تان پڙدو هٽائي ٿو. انگريزن جيڪا لٽ مار ڪئي, ان بابت تفصيل لکي ٿو ۽ گهر ٿو ڪري ته جيڪي منھنجا ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سان معاهدا ٿيا آھن, انھن جون ڪاپيون مون کي فراهم ڪيون وڃن 13.5.1851 سنڌ جي ڪمشنر صوبائي حڪومت کان جيڪب آباد ۾ فوجي ڇانوڻئ جي واڌاري ۽ سڌاري آڻڻ لاء اجازت گهري. 13.5.1856 ڪراچئ جي اخبار "سنڌ قاصد" (Sind Kossid) سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ڪراچئ کي آبي آمدرفت ذريعي عدن ۽ سئز ڪئنال سان ملايو ۽ ان لاء آگبوٽ-سروس شروع ڪئي وڃي. 13.5.1933 شاهنواز خان ڀٽي جي صدارت ۾ لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ شرڪت ڪندڙ ھئا: لاڙڪاڻي ۽ قمبر جا ڊپٽي ڪليڪٽر, عبدالحق ڀٽو, محمد صديق وڳڻ, امام بخش ماهوٽو, نبي بخش ڀٽو, الهداد تنيو, فقير محمد انڙ, عبدالهادي ٻگهيو, احمد خان ڀٽو, آئلداس, ڀوڄراج, امير علي لاهوري, فريدالدين جتوئي, گوڪلداس, آسودومل, علي حسن هڪڙو, پير بخش کهاوڙ ۽ حاجي يار محمد چانڊيو. اجلاس ۾ ٽول ٽيڪس لڳائڻ, لارين/ بسن کان سالياني في/ ٽيڪس وٺڻ ۽ ميمبرن جي مختلف ادارن تي نامزدگئ بابت فيصلا ڪيا ويا. 13.5.1950 جوڌپور ۽ سنڌ وارو بارڊر سيل ڪيو ويو ته جيئن پناهگيرن جي بيجا آمد روڪي وڃي. 13.5.1958 پناهگيرن جي پرگهور ۽ آبادڪارئ لاء مرڪزي سرڪار وڏا ڪم ڪيا: وزارت ٺاهي, ٽيڪس لڳايا, فنانس ڪارپوريشن جوڙيو ۽ ٻيا اهڙا ڪم ڪيا جو انڊيا ۾ رهندڙن مسلمانن ۾ پاڪستان ڏانھن لڏڻ جو شوق وڌيو. اڄ سرڪار پناهگيرن لاء سيٽلمينٽ ڪمشنر مقرر ڪيو. 13.5.1977 " وزارت اعظما تان مستعفي ڪونه ٿيندس. ريفرينڊم ڪرائڻ ۽ عوام جي فيصلي مڃڻ لاء تيار آھيان"- ڀٽي جو بيان. ************** {13 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 13 مئي 1883ع پير غلام مجدد سرهندي (مٽياري) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 مئي 1907ع شاعر عبدالفتاح عابد عاقلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 مئي 1921ع شاعر نواب بهاول خان لغاري (تاجپور) جو جنم ڏينهن آهي. 13 مئي 1923ع ليکڪا سشيلا لالواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 مئي 1950ع سگهڙ شعبان کوکر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 مئي 1969ع ليکڪ ربنواز بڙدي جو جنم ڏينهن آهي. 13 مئي 1978ع مفتي سيد رشد الله امروٽي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 13 مئي 1911ع گلوڪار ڪالاچند ڪلياڻ جو لاڏاڻو ٿيو. 13 مئي 1970ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام رسول عباسي جو انتقال ٿيو

No comments:

Post a Comment