Saturday 4 November 2023

SINDH in history today (5th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

👎 😊 😞 {5th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {5th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Great people, like you my dear are never double-minded. They do, what they say. They are determined in their stand, approach and performance. They are not dependent, but Independent and free. They never accept slavery of out-dated and imposed values and traditions. They are cruel to ego, hatred and discrimination and kind to others. They are followers and promoters of beauty and love.] ٻھڳڻ ڪڏھن بہ ٻہ-دليو نہ ٿئي جو چوي سو ڪري سدا رهي مستحڪم, پنهنجي ڳالهين تي بيهڻ حيثيت پيرن تي بيهڻ ناهي ڦرڻي گهرڻي جو ڪم, اهڙو ماڻھو قياس نہ ڪندو ڪنهن جو بہ جيڪو پاڻ تي ئي نہ ڪري رحم, محبت خدمت ماڻهپي کي نہ مڃي سو ڪهڙو هڻندو دوستئ جو دم؟ هن جو اندر ٻاهر لڱ لحم, مٽجي ڪين سرت سونهن سچ سلام سان ************* SINDH IN HISTORY TODAY (5th November) ************* BIRTHS: 5th November 1. Kouromal Chandanmal (Bhirya/Educationst & Writer/1844), 2. Kazi Khuda Bux (Moro/ First Muslim Mayor of Karachi /1895),3. Parial Larik (Folklore Poet/1899), 4. Arjun Sikayal (Sadhoja - Ulhasnagar/Poet/1919), 5. Karim Bux 'Ghayal' (Naudero/Poet/1919), 6. Afzal Misrpuri (Poet/1932), 7. Ghulam Rabani Agro (Writer/1933), 8. Rabdino 'Salim' Mahesar (Sarfo/Poet/1947), 9. Fatah Salih Kakepoto (Bajara/Writer/1961), 10. Niaz Tunio (Gongo Tunio/Writer/1970), 11. Murlidhar Sukhwani (Mannani - Ahmadabad/Poet/1921), Ayaz Bhagat (Larkano/Writer/1953) ************ DEATHS: 5th November 1. Moulana Taj Muhamood Amroti (Religious Scholar and Freedom Fighter/1929), 2. Comrade Ali Muhammad Abbasi (Valid/Politician & Journalist/1961), 3. Moulana Mir Muhammad Jatoi (Larkano/Religious Scholar/1971), 4. Wali Bux Rajar (Khai/Poet/1983), 5. Asif Mithiani (Poet/2009) ************* EVENTS: 5th November ************* 1947: East and West wings of Pakistan are connected by Wireless system. 1948: Mian Iftkhar Mamdote (Chief Minister West Punjab), Mian Mumtaz Doultana and Malik Feroz Khan Noon, all from Punjab, meet Governor - General of Pakistan and discussed Agricultural Reforms proposal so as interests of their Class be protected. 1965: Security Council of the U.N.O adopts a resolution proposing some other methods to resolve Indo - Pak crisis relating to Kashmir and Water Sources. 1920: Sindh observes 'Councils Boycott Day' on the call of the Sindh Khilafat Committee. Public meetings are held by party's branches and people are advised not to cast vote in election. 1939: Capitalist (Haji Abdullah Haroon) and Feudal (Khuhro) are trying to avoid leadership of the Masjid Manzalgah Movement on its turning point and later on (Middle Class) Sheikh Wajid is put to head the agitation as Dictator. Today, Al - Wahid asks Capitalist and Feudal Class (representatives) to take leadership in their hands. 1940: Sindh Congress organised 'Hindu - Muslim Unity Conference at Nawabshah. It is presided over by Moulana Abdul Karim Chishti of Shikarpur. He, Moulana Muhammad Sidiq of Khada and Hakim Fatih Muhammad Sehwani, all of Jamiat -ul- Ulema Sindh were religious leaders those opposed agitation strategy to resolve Masjid Manzalgah issue SINDH IN HISTORY TODAY (5th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنجين نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 5.11.1842: نيپيئر سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته مير نصير خان ڦرڻو گهرڻو ماڻھون آھي ۽ تڪڙو ڳالهيون ڪونه مڃيندو. مون نئين معاهدي جو مسودو تيار ڪيو آھي, منظورئ ۽ ضروري ڦير گهير لاء موڪليان ٿو. مون کي جڏهن خبر پئي ته هتي ميرن اهو هلايو آھي ته فرنگين جي فوج ڪمزور آھي ۽ اسان ميرن سان وڙھڻ جي سگه ساري نه سگهندي ته مون هتي هڪ شاندار فوجي پريڊ ڪرائي آھي, ان جو وڏو اثر پيو آھي. هتان اوهان کي لڳاتار "انٽيليجنس رپورٽون" موڪليون وڃن ٿيون. ان ڪري وڌيڪ تفصيل نه ٿو ڏيان. بس ايترو چئبو ته هن ملڪ تي تسلط قائم ڪرڻ ۾ دير نه ڪجي. 5.11.1920: اڄ سنڌ ۾ ڪائونسلن جون چونڊون ٿي رهيون آھن. "خلافت ڪميٽئ" عوام کي چونڊن جي بائڪاٽ ڪرڻ ۽ ووٽ نه ڏيڻ جو سڏ ڏئي چڪي آھي ۽ ان لاء اهو جواز ڏنو اٿس ته ڪائونسلن تي سرڪار پنهنجا وفادار ماڻھون به ميمبر طور ٿاڦي اڪثريت پاڻ حاصل ڪري ٿي ۽ ڪائونسلن کان پنهنجي پسند جا فيصلا ڪرائي ٿي. ان ڪري ڪائونسلن جي چونڊ ھڪ ڍونگ آھي. 5.11.1939: مسلم ليگ "مسجد منزل گاه بچايو تحريڪ" کي جڏهن چوٽ چاڙھيو ۽ اها جنونين جي تحريڪ بڻجي وئي ته سرمائيدارن (جهڙوڪ حاجي عبدالله هارون وغيره) ۽ زميندارن (جهڙوڪ محمد ايوب کهڙي) "مسجد منزلگاه تحريڪ جي قيادت مان هٿ پٽيا. پوء قربانئ جو ٻڪرو لوور مڊل ڪلاس کي بڻايو ويو. اڄ شڪارپور جي شيخ واجد کي تحريڪ جو ڊڪٽيٽر مقرر ڪيو ويو. 5.11.1940: مسجد منزل گاه تحريڪ ۽ هندن جي ديني ڪتابن تي بندش پوڻ ڪري سنڌ جي هندو-مسلم اتحاد کي وڏو نقصان ٿيو. انھئ ڳالھ کي ڳڻيندي "سنڌ ڪانگريس" اڄ نواب شاه ۾ " هندو-مسلم يونٽي ڪانفرنس" سڏرائي, جنهنجي صدارت مولانا عبدالڪريم چشتئ ڪئي. 5.11.1948: پنجاب جي جاگيردار سياستدارن جهڙوڪ ممتاز دولتانه ۽ ممدوٽ ۽ ملڪ فيروز خان نون اڄ پاڪستان جي گورنر جنرل سان وفد جي صورت ۾ ملاقات ڪري کيس گذارش ته ملڪ ۾ "زرعي سڌارا" آڻڻ وقت جاگيردارن جي طبقي جي مفادن جو خيال رکيو وڃي. [هن واقعي لکڻ جو مقصد هئ آھي ته نئين نسل کي ٻڌائجي ته سنڌ ۾ ٻولئ,پاڻئ ۽ ٻين مسئلن تي سنڌي سياستدانن گڏجي وفد ٺاهي ملڪي حاڪمن سان گهٽ ملاقاتيون ڪيون] 5.11.1965: اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل انڊيا ۽ پاڪستان کي صلاح ڏني ته هو ڪشمير ۽ پاڻئ وارا مسئلا ٻين ذريعن سان به حل ڪرڻ لاء ھٿ پير هلائن. *************** 5 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: 5 نومبر1895ع ڪراچي جي پهرين ميئر قاضي خدا بخش جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1899ع سگهڙ پريل لاڙڪ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1905ع اردو جي ليکڪ، انجمن ترقي پسند مصنفين جي باني ۽ مارڪسٽ ليڊر سجاد ظهير جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1919ع شاعر ارجن سڪايل (سڌوجا / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1919ع شاعر ڪريم بخش گهايل (نئون ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1921ع شاعر مرليڌر سکواڻي (سنڌ / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1925ع نامياري وڪيل ۽ تعليمدان احسان علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1932ع شاعر افضل مصرپوري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1933ع ناليواري اديب ۽ ليکڪ غلام رباني آگري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1953ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ اياز ڀاڳت جو جنم ڏينهن آهي. 5 نومبر 1961ع ليکڪ فتاح صالح ڪاڪيپوٽو جو جنم ڏينهن آهي 5 نومبر 1964ع اداڪاره زيبا بختيارجو جنم ڏينهن آهي. 5 نومبر 1970ع ليکڪ نياز تنيو جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. وڇوڙو: 5 نومبر 1920ع شاعر ڀوڄراج چانڊومل موٽواڻيجي ديهانت ٿي. 5 نومبر 1929ع ناليواري عالم ۽ اسڪالر مولانا تاج محمد امروٽي جي وفات ٿي. 5 نومبر 1961ع لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ صحافتي شخصيت ڪامريڊ علي محمد عباسي جو انتقال ٿيو. 5 نومبر 1971ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد جتوئي انتقال ڪري ويو۔ 5 نومبر 1983ع شاعر ولي بخش راڄڙ جي وفات ٿي. 5 نومبر 2009ع شاعرآصف مٺياڻوي دل جي دوري سبب لاڏاڻوڪري ويو 5 نومبر 2011ع سنڌي ڊرامن جي مشهور اداڪاره قمر النساء هَڪڙوجو ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب انتقال ٿي ويو 5 نومبر 2012ع اسٽيج جي مزاحيه اداڪار ۽ گلوڪار سڪندر صنمجي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment