Saturday 11 November 2023

SINDH in history today (11th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{11th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {11th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. طرف مڙوئي “تم“ ٿيا تون ئي قدر نظريو ۽ آھين اصول, علم خلق عقل مت شرم محبت ماڻھپو آھن هت فضول, انا متڀيد رنگ نسل هوڏ ضد هت دلين جو اٽل معمول, مٺا ٿئ نہ تون ملول, سرت سلام مدام تو سان سپرين. [Don't be scared. Every event is your Case Study. Observe and experience with Scientific approach. Your findings will be: 1). Spare and spend hours for anybody, but you can't get and take her/his seconds. 2). Assure anybody about your love, it will irritate her/him and create hatred for you, 3). Serve anybody, he/she will never spare you, 4). Excuse anybody, he/she will forgive you, 5). Respect anybody, you will be treated as weak and earn disrespect. These are our social Ground Realities. But, don't be disappointed. Because, you are flower with fragrance, beauty with boldness, love with dare. You are not fair, but an excellent, an ideal and role-model.] ************** SINDH IN HISTORY TODAY (11th November) ************* BIRTHS: 11th November 1. Shewanand Shewakram (Tharoshah - Ajmir/Freedom Fighter/1903), 2. Lokram Dodija (Shikarpur - Poono/Writer/1907), 3. Ali Ahmad Brohi (Garhi Yasin/Writer/1921), 4. Raza Shah 'Raza' (Poet/1945), 5. Younis Khonharo (Alam Khonharo/Poet/1948 ), 6. Manzoor Qureshi (Darya Khan/Poet/1957), 7. Makan Shah Rizwi (Jhudo/Writer/1962), 8. Mohsin Raza (Ghirkan/Writer/1969) ************* DEATHS: 11th November 1. Gul Hassan Shah 'Majzoob' (Poet/1988 ), 2. Abdul Rashid Abbasi (Pir Goth/Social Worker/1999). ************* EVENTS: 11th November 1920: Public meetings are held by the local branches of the Sindh Khilafat Committee at village Mubarakpur and Mirpur Mathelo presided over by Ghulam Qadir Bhutto and Pir Illahi Bux respectively. 1923: A public meeting held at Karachi with Abdul Rahman in chair rejects ' Bombay Rules of Education - 1923' and terms it as against formal education, its system and future. 1929: First rank Muslim polititian meet at Karachi and form committee to create awareness about the importance of trade and commere in masses. It is attended by Seth Haji Abdullah Haroon, Sir Shahnawaz Bhutto, G.M.Syed, Muhammad Ayub Khuhro, Hatim Alvi and Qazi Abdul Rahman. 1948: Discussions are being made at high level, how to remove Sindh Govt. ? Migration on large scale and handing over of the Karachi are becoming disputes between Sindh and Pakistan governments. 1949: First ever Progressive Writer's Conference is held in Lahore. Sindh takes active part. 1950: Khairpur State sends aid of Rs.25,000 to flood - affected of Punjab. 1954: The meeting of the Working Committee of the Sindh Hari Committee condemns the conspiracy of imposing One - Unit and terms it to as an effort to put sources and resources of other three provinces on the disposal of Punjab. 1965: Foreign press doubts involvement and interest of C.I.A in Indo - Pak military clash ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ يارهين نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 11.11.1838: اڄ برنس پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته مير رستم علئ جي وزير جو پٽ شڪارپور ۾ منھنجئ خدمت چاڪرئ لاء مون وٽ ھئو. مون کيس خيرپور موڪليو آھي ته مير رستم خان کي ٻڌائي ته گورنر جنرل بهادر مون کي مير رستم علي خان سان سمجهوتي ڪرڻ جو اختيار ڏنو آھي ۽ مان مير سان معاهدي ڪرڻ وقت سندس دوستئ ۽ وفادارئ جو قدر ڪندس ۽ اميد اٿم ته هو حيدرآبادي ميرن سان اسان بابت سهمت نه ٿيندو. 11.11.1845: سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 2930 مطابق حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي لکيو ته جيڪي جاگيردار فرنگي سرڪار جي آڻ مڃڻ ۽ سلامي ڪرڻ کان سواء مري ويا آھن ۽ انھن جي پوئنرين مان ڪو جاگير وٺڻ جي درخواست ڏئي ته وڏي جاچ پڙتال ۽ احتياط سان سندن ڪيس موڪلجو. 11.11.1920: ڳوٺ مبارڪ پور ۾ غلام قادر ڀٽي ۽ ميرپور ماٿيلي ۾ پير الاهي بخش جي صدارت ۾ جلسا ٿيا ۽ اتي ان موقعي تي مقامي "خلافت ڪميٽيون" ٺاهيون ويون. 11.11.1923: ڪراچئ ۾ بئريسٽر عبدالرحمان جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ”ممبئي رولس آف ايڊيوڪيشن-1923" کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. هنن رولس ۾ ”ملان اسڪولن" کي مڃتا ڏنل هئي ۽ انھن جي مالي مدد ڪرڻ جي گنجائش پڻ رکي وئي هئي. 11.11.1929: ڪراچئ ۾ سنڌي مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ھڪ ڪميٽي جوڙي وئي ته مسلمانن ۾ تجارتي ۽ تعليمي شعور پيدا ڪجي. هن گڏجاڻئ ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون, سر شاهنواز ڀٽي, جي.ايم.سيد,محمد ايوب کهڙي,حاتم علوئ ۽ قاضي عبدالرحمان شرڪت ڪئي. 11.11.1947: سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو ويو ته انڊيا مان 14 هزار پناهگير ٽرينن ذريعي ۽ 2425 موٽرن ذريعي اچي پهتا. 11.11.1950: خيرپور رياست ٻوڏ جي ستايلن لاء پنجاب حڪومت کي 25000 روپيا امداد طور اماڻيا. 11.11.1954: حيدرآباد ۾ حيدربخش جتوئئ جي صدارت ۾ سنڌ هاري ڪميٽئ جي ورڪنگ ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ٻين قراردادن کان سواء ون يونٽ خلاف به ٺھراء پاس ڪيو ويو. اهو جيئن جو تيئن هن ريت آھي: "ورڪنگ ڪميٽي هن راء جي آھي ته سنڌ, بلوچستان ۽ فرنٽيئر علائقن کي ويسٽ پاڪستان جي هڪ يونٽ ۾ ٺاهڻ جو تحرڪ پنجاب جي سرمائيدارن, زميندارن ۽ عملدارن طرفان هلايل آھي ته جيئن ننڍن صوبن جي وسائل, زمين, تجارت ۽ نوڪرين تي قبضو ڪيو وڃي. ون يونٽ جي هئ تحريڪ بلڪل ناجائز ۽ نامناسب آھي. ان جي ذريعي پنجاب جي عوام ۽ سنڌ جي عوام ۾ نفرت ۽ عام طرح پاڪستان ۾ اندروني خانه جنگي جو باعث ٿيندو, جنهن جا خطرناڪ نتيجا لازمي آھن. سنڌ هزارين سالن کان خاص تهذيب, زبان ۽ روايتن جي مالڪ آھي ۽ ان کي پاڪستان يا اسلام جي نالي ۾ مٽائڻ ناممڪن ۽ ظالمانه ڪاروائي ٿيندي." [اسان جي وڏڙن ون يونٽ خلاف تحريڪون ته هلايون. پر جن ون يونٽ ٺاهيو, انھن پاڻ کي ڊاٿو] 11.11.1974: پنجاب جو نواب احمد محمد خان قتل ڪيو. هي قتل ذوالفقار علي ڀٽي جي ڳچئ ۾ پئجي ويو ۽ کيس ڦاهي چاڙھيو ويو. *************** {11 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1888ع ڪانگريس رهنما ۽ اسڪالر مولانا ابو الڪلام آزاد. 1903ع آزادي جي تحريڪ جو ڪارڪن شيوڪ رام (ٺارو شاهه / اجمير). 1907ع ليکڪ لوڪرام دوديجا (شڪارپور / پونا)۔ 1916ع موسيقار پير محمد زمان شاهه هاشمي(مٽياري). 11 نومبر 1921ع ليکڪ، صحافي ۽ ڪامورو علي احمد بروهي[ ڳڙهي ياسين]۔ 1930ع سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪا ۽ تعليمدان ايشوري جوتواڻي(سيوهڻ / پونا). 1945ع شاعر رضا شاهه رضا۔ 1948ع شاعر يونس کونهارو۔ 1951ع اداڪاره، ڪٿڪ ۽ ڪلاسيڪل ڊانسر انيلا سندر۔ 1957ع شاعر منظور قريشي۔ 1957ع راڳي امير حسن۔ 1962ع شاعر ليکڪ سيد ماڪن شاهه رضوي۔ 1969ع ليکڪ محسن رضا۔ 1987ع سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره صنم ماروي۔ ڪالم نگار ۽ شاعر حسن مجتبى۔ [وڇوڙو]: 1938ع بنگال سان تعلق رکندڙ آرڪيالاجسٽ اين جي مجمدار. 1944ع بزرگ سيد محمد اسماعيل المعروف بيرنگ بادشاهه(آرائين). 1988ع شاعر گُل حسن شاهه ”مجذوب"۔ 1999ع سماجي ڪارڪن عبدالرشيد عباسي (پير جو ڳوٺ)۔ 2004ع پي ايل او سربراهه ۽ عظيم اڳواڻ ياسر عرفات۔ 2018ع شاعره شاهده کوکر.

No comments:

Post a Comment