Friday 17 November 2023

SINDH in history today (18th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{18th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {18th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [May heavy rains of love hit desert of our hearts and its light & shower wash our minds, so as we can respect & accept each other; believe in Beauty & Love and work on task of common Bright Future with folk vision & wisdom] وسي پئي نینھن سندو شل مینھن، اوندھ اندر بدران ٿي پئي ڏینھن. من پوء ھر ڪو بٹجي پئي شیھن، ساري نینھن، ماري سور سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (18th November) ************ BIRTHS: 18th November 1. Harichand Gangaram (Hyderabad - Ajmir/Freedom Fighter/1922), 2. Menghraj Talrija (Shikarpur - Mumbai/ Writer/1928 ), 3. Khalil Arif Soomro (Johi/Poet/1965), 4. Aziz Mangi (Bagi/Poet/1968 ), ************ DEATHS: 18th November 1. Faiz Darya Shah (Hanbah/Saint/1907), 2. K.B.Nooruddin Nana (Karachi/Educationist/1970), 3. Moulana Abdul Ghafoor 'Toofan' (Karachi/Religious Scholar, poet and political worker/1976), 4. Pohomal (Karachi/Labour leader/1983), 5. Moulana Abdul Haleem Mekan ( Shahdadkot/Religious Scholar/1979) ************ EVENTS: 18th November 1838: Colonel Pottenger suggests his Govt. that British troops shall land at Viccur and must take control of Karachi (as who so ever will control Karachi, will rule Sindh without any difficulty.). 1856: Major Goldsmid remained Assistant Commissioner for Jagers and was from Military side. He was not good books of John Jacob. When Jacob became Acting Commissioner, Major Goldsmid today tenders his resignation from civilian post. 1917: Special meeting of the Sindh Muhammadan Association is held at larkana and it is decided that K.B. Allah Ando shah, K.B.Pir Bux Bhutto and eight landlords will present Memorandum to Montegu on constitutional reforms. 1920: Dokri Khilafat Committee held public meeting on the eve Eid Milad -u- Nabi (P.B.U.H). Speakers pay homage to Moulana Chishti, Moulana Mouladad and Bhagwandas for their sacrifices. They are prisoners at present. 1947: A deputation will be sent to India so as meet Sindhi Hindus and insist them to return back to Sindh, says Khuhro, chief minister of Sindh. 1952: Jinnah Awami League advises Pakistan Govt, not follow provincial quota policy but make appointments on merit so as educated can get the government service. 1966: Aid by Big powers is always conditional and interest - oriented, say President Ayub. 1981: Sukkur Sessions court announces its judgment in murder case of six Hurs. Nine accused persons are sentenced to death. 1992: Benazir Bhutto is stopped to proceed from Islamabad to Liaquat Bagh Rawalpindi. However she manages and addresses public meeting. She is arrested and deported to Karachi. SINDH IN HISTORY TODAY (18th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 18 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 18.11.1838: سنڌ جي حڪمرانن انھئ ڳالھ تي رضامندو ڏيکاريو ۽ اجازت ڏني هئي ته فرنگين جي فوج سنڌ مان گذري ڀلي افغانستان وڃي. اڄ پاٽينجر ايندڙ فوج جي انچارج کي خط لکي ٻڌايو ته اوهان ڪنهن خوف خطري ۽ خدشي کان سواء وڪر ۾ اچي ڊاٻو ڪيو. اوهان جي ڪٿي به رستي روڪ نه ٿيندي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مان اوهان جي سار سنڀال لاء ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ کي وڪر موڪليو آھي. اوهان جيڪڏهن سندس پهچڻ کان اچي ويا ته مون اتي جي برٽش ايجنٽ کي چئي ڇڏيو آھي ته هو اوهان جو خيال رکي ۽ ٻيڙين ۽ ٻئي سامان جو بندوبست ڪري. اسان اوهان لاء اڳ ئي 500 اٺن جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي. 18.11.1842: نڀاڳو نيپيئر هن وقت سکر ۾ آھي ۽ بد نيتي اٿس ته اڏري وڃي حيدرآباد وڃي ميرن سان ٻه پاڻي ڪريان. ان حوالي سان اڄ گورنر جنرل کي لکي ٿو ته سنڌوندئ جو پاڻي تانگهو ٿي ويو آھي. مان ريگستان مان يا سنڌوندئ ڀرسان رستي تان ڪوچ ڪريان. ميرن جون خبرون ملن ٿيون ته سندن خزانو خالي ٿي رهيو آھي ۽ هاڻي پنهنجئ فوج کي پالڻ ھنن لاء مسئلو ٿيندو. ڪيترا ويڙهاڪ هنن کي ڇڏي ويا آھن. سئ سان تپ اسان لاء مسئلو ٿي پيو آھي ۽ ميرن لاء به. هئ هتي انھئ بخار جي مند آھي. مان پنهنجي سپاهين لاء طبي سهولتون مهيا ڪري رهيو آھيان. حيدرآبادي ميرن جا خط موڪليان ٿو, جيڪي اسان پڪڙيا آھن. اهي خط هنن ڀر پاسي وارن کي اسان خلاف اتحاد قائم ڪرڻ لاء لکيا آھن. 18.11.1917: لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جي شاهنواز خان ڀٽي جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جماعت جو هڪ وفد آئيني سڌارن بابت پنهنجو موقوف پيش ڪرڻ لاء مانٽيگو سان ملي يادداشت نامو پيش ڪندو. وفد ۾ خانبهادر الهندي شاه, خانبھادر پير بخش ڀٽي, غلام حسين ۽ ٻين ستن زميندارن کي شامل ڪيو ويو. [سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جي هن گڏجاڻئ جي مڪمل رپورٽ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 18.11.1920: مقامي خلافت ڪميٽئ جي اهتمام سان ڏوڪرئ ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو. آخر ۾ ٺھراء پاس ڪري مولوي عبدالڪريم چشتئ, مولوي مولاداد ۽ ڀڳوانداس جي وطن ۽ تحريڪ لاء ڏنل قربانين ۽ جيل ڀوڳڻ تي سندن واکاڻ ڪئي وئي ۽ حڪومت طرفان خلافيتن خلاف ٿيندڙ ظلم زيادتن جي مذمت ڪئي وئي. 18.12.1933: ڪراچئ ۾ ”بزم ادب" طرفان مشاعرو ٿيو, جنهن جي مصرع طرح ھئي: "هئ زندگي اسان جي مثل - حباب آهي". هن مشاعري ۾ ذاتي يا قلمي طور تي حصي وٺڻ وارن ۾ ڪجھ ھئا: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي, لعلچند مجروح, هدايت علي نجفي, قادر بخش بشير, حاجي محمود خادم, محمد بخش واصف ۽ غلام احمد نظامي. 18.11.1966: صدر ايوب انھئ ڳالھ کي مڃيو ته وڏا ملڪ مفت ۾ امداد نه ڏيندا آھن. امداد ڏيڻ وقت سياسي مفاد سندن ذھن ۾ ھوندا آھن. 18.11.1972: انڊيا ۽ بنگلاديش انھئ ڳالھ تي راضي ٿيا ته سولين جنگي قيدي پاڪستان کي واپس ڪبا. 18.11.1981: سکر جي سيشنس ڪورٽ ڇهن حرن کي مارڻ واري ڪيس تي فيصلو ڏيندي 9 ملزمن کي ڦاهئ جي سزا ٻڌائي. ياد رهي اهي حر 6 آڪٽوبر 1973 تي ماريا ويا هئا. 18.11.1992: منع ۽ سختئ باوجود ڪنھن نه ڪنهن طريقي سان بينظير ڀٽو اسلام آباد مان نڪري لياقت باغ وڃي جلسي کي خطاب ڪيو. پوء کيس جهلي زورئ ڪراچئ اماڻيو ويو. ************** {18 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} جنم ڏينهن: 18 نومبر 1822ع حيدر آباد سان تعلق رکندڙ آزادي تحريڪ جي اڳواڻ هريچند گنگا رام جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 نومبر 1828ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مينگه راج تلريجا (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 نومبر 1965ع جوهي سان تعلق رکندڙ شاعر خليل عارف سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 18 نومبر 1968ع شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر عزيز منگي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 18 نومبر 1907ع صوفي شاعر فيض دريا شاهه جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1970ع تعليمي ماهر خانبهادر ڪي بي نورالدين نانا (ڪراچي) جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1976ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولانا عبدالغفور طوفان جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1979ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ عالم ميان عبدالحليم ميڪڻ لاڏاڻو ڪري ويو۔ 18 نومبر 1982ع اديب، نقاد ۽ شاعر ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جو انتقال ٿيو. 18 نومبر 1983ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مزدور اڳواڻ پوهومل ديهانت ڪري ويو۔

No comments:

Post a Comment