Thursday 16 November 2023

SINDH in history today (17th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{17th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {17th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Dear! Beautiful world has become seat of sorrows & longings and unhappy valley for all, including you & me. Because, it is minus your love & beauty, vision & wisdom. As for as you will avoid to share it, my world will remain ugly] دنيا ڳولھي دادلا جي دلين کي ڏين دان، مون جئين ماروئڙن کي اھنج گھٹا ارمان. ڌرتي دک جي نگري ھت غربت ٻيا گھمسان، خوشيون گھرجن خان سرت ۽ سلام سان. ************ ************ EVENTS: 1938: Colonel Pottenger, Political Agent, forwards Parwana signed by Mir Noor Muhammad Khan to Captain Burns and ask him to purchase corn as now he can because of permission granted as per Parwanas. 1904: Seth Harchandrai Vishindas is in Larkana so as to open branch of the Sindh Hindu Shabha. Lalchand Navalrai is his host. 1919: Home Rule League Hyderabad requests Govt. to remove restrictions on leaders (Bipin Chandra pal and B.G.Tilak) visiting Punjab. The resolution was passed in the meeting held in Holmsted Hall with Hiranand Santokram in Chair. 1939: G.M.Syed along with other leaders of Masjid Manzalgah Restoration Committee is arrest and withthe result that Hindu - Muslim riots erruped in the Sukkur District. 1947: Eighty thousand panahgeers reach Pakistan. 1958: Allam Mashrqi is acquited inDr.Khan Sahib's murder case. 1965: In the case, if another war is imposed upon Pakistan, India will its battle field, say Z.A.Bhutto. 1971: Curfew is imposed and house to house search is made in Dhaka. 1972: Sindh Assembly passes Sindhi Language bill. 1979: Jamait -i - Islami losts it founder. Moulan Mjumudi is dead. 1988: Election results are announced. PPP secure 92, IJI 54 & Independents 40 seats in the National Assembly. ************ 17th of November BIRTHS: Seth Tayab Ali Alvi (1894), Notandas "Sagar" (1925), Syed LalShah "Souz" (1939), Dildar Sanjarani (1945), Ghulam Nabi "Mushtaq"(1957), & Syed Asghar Ali Shah (1959). SINDH IN HISTORY TODAY (17th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 17 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 17.11.1838: ڪرنل پاٽينجر اڄ حيدرآباد مان خيرپور برنس کي مير نور محمد ۽ مير نصير خان جا سنڌ مان اناج ۽ اٺ خريد ڪرڻ بابت جاري ڪيل پروانا ۽ 30 هزار روپين جون هنڊيون ڏياري موڪليون ۽ کيس تاڪيد ڪيو ته اٺن ۽ اناج جي خريداري شروع ڪريو. 17.11.1838: برنس اڄ مير رستم علي خان کي لکيو ته اوهان طرفان ڪمال خان خط ۽ مخفي نياپو کڻي آيو آھي. خوشئ جي ڳالھ آھي ته اوهان اسان سان دوستئ وارو معاهدو ڪرڻ گهرو ٿا. اسان اوهان سان اهو معاهدو ڪنداسين جو اوهان ۽ اوهان جو خاندان خوش ٿي ويندو. چار ڏينھن اڳ مون دريا خان جيلانئ ۽ خير محمد خان غورئ هٿان توڏي نياپا ڪيا آھن. پڪ ته اوهان کي سربستو حال احوال مليو هوندو. 17.11.1904: سيٺ ھرچندراء وشنداس اڄ ٻن ڏينھن جي دوري تي لاڙڪاڻي پهتو. هن ضلعي جي نامور هندو اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين "سنڌي هندو سڀا" ۾ شامل ٿيڻ ۽ انھئ پارٽئ کي فعال بنائڻ جي پارت ڪئي. 17.11.1919: سرڪار "روولٽ ائڪٽ“ وارو ڪارو قانون لاڳو ڪري,هندستان جي ڪيترن اڳواڻن جي چرپر تي پابندي لڳائي. اڄ حيدرآباد ۾ ”ھوم رول ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته بپن چندرپال ۽ تلڪ تان پنجاب وڃڻ تي لڳايل پابندي هٽائي وڃي. 17.11.1939: سنڌ سرڪار "مسجد منزلگاه بحالي تحريڪ" جي سختگير اڳواڻن کي گرفتار ڪيو, جن ۾ جي.ايم.سيد ۽ آغا نظر علي به شامل هئا. حڪومت زور تي "مسجد منزلگاه" جو قبضو به پنھنجي هٿن ۾ ورتو. حڪومت جي انھئ سخت قدم مامري کي وڌائي ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ ھن تحريڪ جي موافقت ۽ مخالفت چوٽ چڙھي وئي, جنھن ۾ 151هندن ۽ 14 مسلمانن کي پنهنجئ حياتئ تان هٿ کڻڻو پيو. جي.ايم.سيد جي گرفتارئ کان پوء رد عمل طور دادو ۽ لڪئ جي وچ ۾ ريل جون ڪن هنڌن تان پٽڙيون به اکاڙيون ويون ۽ ٽيليفون جون تارون به ڪٽيون ويون. 17.11.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته اڄوڪي ڏينھن تي ڀارت مان 80 هزار پناهگير پهچي ويا آھن. 17.11.1950: پير الاهي بخش گهر ڪئي ته لالوکيت (لياقت آباد) ۾ پناهگيرن کي ترت شهري سهولتون مهيا ڪيون وڃن. 17.11.1958: علامه مشرقئ تي ڊاڪٽر خانصاحب کي قتل ۾ ڪيس ھلندڙ ھو. اڄ کيس آزاد ڪيو ويو. 17.11.1971: اڄ اوڀر پاڪستان جي گادئ واري شهر ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳائي گهر گهر تلاشي شروع ڪئي وئي. 17.11.1972: سنڌ اسيمبلئ اڄ ”ٻولئ وارو بل" پاس ڪيو, جنهن ۾ ڪراچئ جي گهٽين ۾ ٿڏيو ويو. 17.11.1988: ضياء الحق جي موت کان پوء ٿيل ڪالهوڪين قومي اسيمبلئ جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽئ 92, آء.جي.آء 54 ۽ آزاد اميدوارن 40 سيٽون کٽيون. *************** 17 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: ************** 17 نومبر 1894ع آزادي جي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ ۽ واپاري طيب علي علوي جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1925ع شاعر نوتن داس ساگر جو جنم ٿيو. 17 نومبر 1939ع شاعر سيد لعل شاهه سوز جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1952ع نامياري گلوڪاره رونا ليلىجو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1957ع شاعر غلام نبي مشتاق جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1959ع گهوٽڪي جي صحافي سيد اصغر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: ************** 17 نومبر 1956ع شاعر شيرل باڊاهي جي وفات ٿي. 17 نومبر 2007ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جي امر اداڪار شفيع محمد شاههجو ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب انتقال ٿيو. 17 نومبر 2010ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي ٽي وي پروڊيوسر فيض ٻگهيو جو انتقال ٿيو. 17 نومبر 2012ع انتها پسند هندو تنظيم شيوسينا جي اڳواڻ بال ٺاڪري جي وفات ٿي آهي.

No comments:

Post a Comment