Wednesday 22 November 2023

SINDH in history today (23rd November). Translator Mumtaz Ali Pathan and Author Dr.Pathan

{23rd November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {23rd November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Seeing is believing, but not listening. Listening and believing without verification poisons heart & mind. It is to be on toes and to dance as desired by others. It makes listener high-risk for love & beauty and peace & happiness] من-ڪچو ماٹھو ڀلو، پر ڪن ڪچو سو سڀ لاء ڏچو، ھو نہ رھندو سرت سان، سونھن سان ۽ سچ سان سچو، روش انهئ کان شل بچو، آئون دعاگو آھيان سلام سان. ************* BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (23rd of November) ************ BIRTHS: Kazi Faiz Muhammad (Halani/Politician/1908), Paromal Kewalraman (Hyderabad/Publisher & writer/1912)Muhammad Khan ‘Manzoor’ (Poet/1912),Muhammad Paryal Solangi (Sehwan/Writer/1924), Tiklo B.A (Poet & writer/1926),Aamin-u-din Shah (Hingora/Politician/1931), Asad Solangi (Poet/1948), Susan Mirza (Poetess/1957) *********** DEATHS: Moulana Noor Muhammad Nizamani (Tando Soomar/Religious Scholar & Political Activist/1934). ************* EVENTS: 1838: Colonel Pottenger suggest his Government the cession of a portion of Sindh and establishment of ‘Subsidary force’ in lower Sindh. 1919: Sindh plays its role in the First Khilafat Conference held at Delhi. Moulana Taj Mahmood Amroti, Pir Turab Ali Shah, Jan Muhammad Junijo and Seth Haji Abdullah Haroon are there to attend the Conference. (Source: Gul Hayat website) 1927: W.F.Hudson, the Commissioner of Sindh presides over the opening meeting of ‘Sindh Natural History Society’. The did wonderful work on the Natural History of Sindh and published its work in it Journal. (Source: The Journal of the Sindh Natural History Society, Karachi). 1947: 47 thousand Indian Muslim migrants enter Pakistan (Source: Newspapers). 1954: First Shipment of U.S military aid to Pakistan arrives. (Source: Newspapers). 1955: The Baghdad Pact Council winds up its 2-day conference with a joint 19-point communiqué calling for peace, security in Middle East. (Source: Newspapers). 1960: Urdu is made compulsory subject up to Class X11. (Source: Newspapers). 1967: Mangla dam is inaugurated by President Ayub. A.G.N.Kazi WAPDA chairman presents Well come address. (Source: Ibid). 1971: Emergency is imposed in Pakistan. India mounts full-scale attacks in East Pakistan. U.N Secretary –General is informed by the Pakistan Government. (Source: Newspapers). 1972: Hamood-u-Rahman Commission Report has made Yahya Khan responsible for East Pakistan tragedy, says Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). SINDH IN HISTORY TODAY (23rd November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 23 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 23.11.1838: سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪار ڪرنل پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي صلاح ٿو ڏئي ته ڏکڻ سنڌ ۾ ڪنهن مناسب هنڌ تي فرنگي مفادن جي بچاء واري فوج Subsidary Force رکجي ۽ ان تي ٿيندڙ خرچ پکي لاء سنڌ جي ڪنهن حصي تي قبضو ڪجي. [ياد رهي ته ميرن کي ڏٽا ڏنائون ته اوهان جي حڪومت ۽ سنڌ کي ٻاهرين حملن کان بچائڻ لاء اسان سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکنداسين. ميرن معاهدي ۾ انھئ کي هڪ شق طور قبول ڪيو] 23.11.1842: نيپيئر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي ٻه خط لکيا. هڪ خط ۾ لکي ٿو ته مير رستم علئ اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواء چورئ پنجاب جي مهاراجا ڏي خط لکيا آھن ۽ ظاهر آھي ته انھن خطن ۾ اسان خلاف محاذ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. هو ٻئي خط ۾ لکي ٿو ته سندس مير علي مراد خان سان ڳالھ ٻولھ ٿي آھي. هو اسان کان اقتدار جي مسند تي ويهڻ لاء مدد جو طلبگار آھي. 23.11.1940: سنڌ جي وزير جي.ايم.سيد وزارت تان استعيفا ڏني. 23.11.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته اڄ ستيتاليھ ھزار پناهگير پنھنجو ملڪ ڇڏي هتي پهچي ويا آھن. 23.11.1954: آمريڪا طرفان فوجي امداد جي پهرين کيپ اڄ پاڪستان پهتي. [فوجي امداد جي نالي ۾ آمريڪا فوجي اسلحو کپائڻ لاء هڪ منڊي حاصل ڪري ورتي] 23.11. 1958: پاڪستان ۾ ڏسي وائسي آئين سازئ ۽ قانونسازئ جي عمل ۾ رنڊڪون وڌيون ويون ته جيئن پنهنجئ مرضئ موجب ملڪ کي هلايو وڃي. اڄ وري جسٽس اي. آر. رحمان جي اڳواڻئ ۾ ھڪ "لا ڪميشن" ويهاري وئي. 23.11.1964: صدر ايوب اڄ صدارتي اميدوار طور فارم ڀرايو. [ياد رهي ته سندس مقابلو پاڪستان جي بانئ جي ڀيڻ فاطمه جناح ڪيو ۽ تاريخ ۾ چونڊن چورائڻ ۽ مخالفن کي شڪست ڏيڻ جي هڪ روايت قائم ڪئي وئي] *************** 23 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 23 نومبر 1908ع ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ قاضي فيض محمدجو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1912ع ليکڪ ۽ پبلشر پارو مل ڪيولراماڻي (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1912ع شاعر محمد خان مخمور جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1924ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ ليکڪ محمد پريل سولنگي جوجنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1926ع ليکڪ ٽڪلو بي اي جوجنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1931ع سياستدان اميرالدين شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1934ع سماجي اڳواڻ ايشور منگهاڻي (حيدر آباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1957ع ليکڪ سوسان مرزا جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1957ع گلوڪار ڪمار سانوجو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1993ع جوهي سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر شهزاد علي لاشاريجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 23 نومبر 1934ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر نور محمد نظاماڻي جي وفات ٿي. 23 نومبر 1983ع پاڪستان فلم انڊسٽري جي چاڪليٽي هيرو وحيد مرادجي وفات ٿي. 23 نومبر 1998ع موسيقار ۽ شرنائي نوازآچر فقير مڱڻهارجي وفات ٿي. 23 نومبر 2015ع اردو جي نامياري شاعر ۽ ليکڪ جميل الدين عالي جي وفات ٿي. 23 نومبر 2018ع تي رتوديرو سان تعلق رکندڙ دانشور ۽ اديب استاد عطاءُ اللّٰه ابڙو وڇڙي ويو

No comments:

Post a Comment