Monday 27 November 2023

SINDH in history today (27th November). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{27th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {27th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Why to blame Satan? When we have become most high-risk for each other. Today, wild animal is not so dangerious than so called civilized and man of staus, education & power. Most of us are either ear, or eye. We have become people without heart & mind. Hence, human love & respect, values and peace is now beyond our reach, even imagination. Will you please help & guide us with your vision & wisdom and beauty? ] حیوان درندو خطرناڪ وحشي ڪٿي آھی؟ خطرناڪ وڌ ان کان ویو جت انسان بٹجي، شیطان جی شر کان تہ بچي سگھندين تون، انسان جی شر مان شل تون نہ وڃین اڙجي، سک سرت سلام امن کي ان لاء ٿيو خطرو، دل مان ٿو وڃي نڪري جي ماٹھپو تڙجي. ************* ‏‎SINDH IN HISTORY TODAY (27th November). Sharing of PAST with PRESENT. Humble service rendered by Dr. Dur Muhammad Pathan. ************ Births: 27th November 1. Govardhan Chaudhri (Tando Allahyar - Ajmir/Stage Director/ birth 27 November 1922), 2. Naranjan Khalnani (Writer/ birth 27 November 1923), 3. Chamandas Tulsidas (Thatto - Dubai/Singer/ birth 27 November 1927), 4. Habibullah Memon (Shikarpur/Journalist/ birth 27 November 1950), 5. Dr. Mahmood -ul- Hassan Mughul (Sehwan/Writer/ birth 27 November 1961) ************ Deaths: 27th November 1. Moulana Noor Muhammad (Shahdadkot/Religious Scholar/ death 27 November 1879) *********** Events: 27th November 1838: Col. Pottenger welcomes and congratulates Major General Wiltshire, Commanding British Troops in Sindh on his arrival in Sindh and offers his opinion on several points connected with the disembarkation of the force. 1848: The salary of Commissioner in Sindh is fixed at Rs 52,000 per annum with a travelling allowance at Rs 10 per diem. 1947: Eighty - four thousand Indian Muslims migrates to Pakistan. 1949: Two - day Session of the General Council of the Sindh Hari Committee starts at Hyderabad. The major issue of the Jagerdari system in Sindh dominates the agenda. The Ministry of Yousif Haroon is demanded to take necessary action about the abolition of that system. 1952: Jacobabad - Kashmore - Dera Ghazi Khan - Mahmudkot raily project is approved. 1971: Chinese Dy.Foreign Minister, in his address to the U.N General Assembly condemns India for its armed aggression against Pakistan. 1981: Pakistan shows willingness to sign the nuclear non - proliferation treaty if India also agrees to do so. 1992: Ban on Benazir's entry into Rawalpindi and Islamabad is lifted. 1994: Lahore High Court orders release of Gul Masih in blasphemy case. He was sentenced to death by the District & Session Judge, Sargodha. 1996: PML ( J ) splits into Hamid Nasir Chattha and Abdul Ghafoor Hoti factions. SINDH IN HISTORY TODAY (27th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 27 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ طرفان سنڌ جي وارثن ۽ مالڪن کي اڄ 27 نومبر تي سلام, نياز ۽ دعائون. جگ جگ جيئو. عالمن ۽ اڪابرن, عاقلن ۽ فاضلن, سياڻن ۽ سپورنجن کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ لاء آئون ڪو روزانو "واقعاتي تاريخ" شيئر نه ڪندو آھيان. پر, مان پنهنجي حصي جو قومي قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. سنڌ جي تاريخ تي جيئن ۽ جيڪو ڪم نه ٿيو آھي, آئون انھئ کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. ڪيتريون اهي ڳالهيون به ڪري ويندو آھيان, جيڪي اسان اڳ نه ٻڌيون ۽ نه پڙھيون. اڄ (27 نومبر) جي "واقعاتي تاريخ" سان گڏ وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪريان ٿو. ************* 27.11.1838: سنڌ ۾ فرنگي فوج جي ڪمان سنڀاليندڙ ميجر جنرل ولٽشائر سنڌ ۾ پهتو. پاٽينجر هن سان فوج لاهڻ بابت لاڳاپيل ڳالهين تي پنهنجا ويچار ونڊيا. 27.11.1847: سنڌ جي ڪمشنر جو ساليانو پگهار 52 هزار مقرر ڪيو ويو ۽ هو جڏهن سفر تي نڪرندو ته سندس 10 روپيا ڏهاڙي مقرر ڪئي وئي. 27.11.1854: جاگيرن واري اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور شهر جي تاريخ لکي هئي, جيڪا سنڌ جي ڪمشنر اڄ پنهنجي مراسلي نمبر 402 مطابق صوبائي سرڪار کي موڪلي. اهو شڪارپور بابت هڪ اهم ۽ مستند ڊاڪيومينٽ آهي, جيڪو پوء سرڪار ڇپرايو. ان جي ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي. 27.11.1938: وقتي چيئرمن محمد ايوب کهڙي جي صدارت ۾ سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جي چونڊ ٿي. صدر جي چونڊ لاء شيخ عبدالمجيد سنڌئ ۽ حاجي عبدالله هارون هڪ جيترا ووٽ کنيا. ان ڪري وقتي چيئرمن حاجي عبدالله هارون جي حق ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان ڪري حاجي عبدالله هارون صدر ٿي ويو. شيخ عبدالمجيد سنڌئ کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. 27.11.1947: ستر هزار پناهگير انڊيا ڇڏي آيا. جيڪو آيو, ان کي قبوليو ويو ۽ ڪنهن کان ڪو نه پڇيو ويو ته پاڪستان تحريڪ ۾ ھنن انڊيا ۾ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا. 27.11.1949: حيدرآباد ۾ سنڌ هاري ڪميٽئ جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو, جيڪو ٻه ڏينھن هليو. هن اجلاس ۾ جاگيردارئ جي خاتمي بابت جيڪو ٺھراء پاس ڪيو ويو, ان جو متن آھي: " هي اجتماع مسٽر يوسف هارون جي نئين وزارت کان مطالبو ٿو ڪري ته جلد از جلد جاگيردارئ جي خاتمي جو بل تيار ڪيو وڃي......ڇو ته اهي جاگيرون انگريزن يا ٻين بادشاهن پنهنجي طاقت برقرار رکڻ لاء ڪن قومي غدارن کي عطا ڪيون هيون." 27.11.1951: جيڪب آباد کان ڪشمور- ديرا غازي خان کان ٿيندي محمود ڪوٽ تائين ريلوي پراجيڪٽ منظور ڪيو ويو. *************** {27 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} **********-**** [جنم ڏينهن]: *************** 27 نومبر 1922ع اسٽيج ڊراما ليکڪ گورڌن چوڌري (ٽنڊو الهيار / اجمير) جو جنمڏينهن آهي. 27 نومبر 1923ع ليکڪ نرنجن کلناڻي (سکر / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 27 نومبر 1927ع گلوڪار ۽ اداڪار چمن داس تلسي لال (ٺٽو/ دبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 27 نومبر 1950ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ صحافي حبيب الله ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 27 نومبر 1961ع ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪمپيئر ڊاڪٽر محمود مغل جو جنم ڏينهن آهي. *************** [وڇوڙو]: *************** 27 نومبر 1862ع آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفرجي رنگون جي جيل ۾ وفات ٿي. 27 نومبر 1879ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ مولانا نور محمد جي وفات ٿي. 27 نومبر 2000ع ٿر سان تعلق رکندڙ سياستدان ارباب فيض محمد نهڙيوجو انتقال ٿيو. 27 نومبر 2001ع شاعر ۽ ليکڪ امام بخش عاصم(شڪارپور) جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment