Saturday 11 November 2023

SINDH in history today (12th November), Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{12th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {12th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Beauty is not because of age and face. To believe in physical Beauty of own is the biggest self-dodge. Beauty is not everlasting like health and wealth. Ego can't make anybody Beautiful and second to none in Beauty. Self-praise can only misguide to misinterpret values. It is better to own, accept and respect human hearts without discrimination. Because, they are real places of peace & protection and Beauty & love] ناهين ناهين سهڻو صورت مورت ڪارڻ سائين, متان سونهن جي لهندڙ سج تي تون دوکو کائين, دولت حيثت ۽ انا نفرت جي ڏڍ تي پاڻ پڏائين, ڏوه ثواب سندي تون پاڻ-وڻي تشريح ٻڌائين., ڪنهن من-مندر-مسجد ۾ تون ناهين جيسيتائين, دشمن آھين سونهن امن سڪون جو سدائين. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (12th November) ************ BIRTHS: 12th November 1. Radha kirshan Kotwani (Bagrji/Last editor of 'Jote'/1917), 2. Saleem Halai (Poet/1918 ), 3. Talib Laghari (Haji Khan/Poet/1928 ), 4. Qamar Zaman Shah (Tikhr/Politician/1933), 5. Sikandar Bakhtyar Khoso (Osto Muhammad/Writer/1946), 6. Ali Gohar Khaskheli (Dokri/Folklore poet/1951), 7. Ali Ahmad 'Ajiz' Hakro (Khai/Poet/1962), 8. Badar Soomro (Lalurank/Artist/1970). ************* DEATHS: 12th November 1. Makhdoom Amin Muhammad Awal (Hala/Saint & Poet/1640), 2. Niaz Ali 'Niaz' (Larkano/Poet/1959), 3. Syed Muhammad Ali Shah Jamote (Matiari/Politician/1961) ************ EVENTS: 12th November 1838: Colonel Pottenger informs his Govt. the deputation sent to Mir Noor Muhammad Khan has returned with positive results and this big break through will be in the greater interest of Govt. 1853: Sindh Commissioner directs the Collector of Shikarpur that the list of alineations (Jageer record) be updated with names of persons whom Jageers have been granted. 1919: It is the first day of Victory celebrations. Govt. and its most loyal people held public functions and greeted British Govt. on its military victory over Turky. 1928: Simon Commission is in Karachi and Sir Shahnawaz Bhutto and Miram Muhammad Shah are also its members. Muhammad Ayub Khuhro on behalf of the Sindh Muhammadan Association and Prof. Chhablani on behalf of Hindu Maha Sabha present Memorandum on the dispute of separation of Sindh from Bombay Presidency ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 12 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 12.11.1835: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته خيرپور ۾ اسان جي وڪيل مير رستم علئ سان مخفي ڳالهيون هلايون آھن, جيڪي اميد ڀريون آھن ۽ اسان جي وڪيل ڏاهپ سان مير رستم علئ کي حيدرآبادي ميرن کان ڪنهن حد تائين لاتعلق ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. 12.11.1838: پاٽينجر اڄ حيدرآباد منجھان پنهنجي گورنر جنرل کي هڪ طويل ۽ تفصيلي خط لکيو, جنهن جون ڪي خاص ڳالهيون هئ آھن: 1). مير نور محمد جو نمائندو مرزا چئي ٿو ته مير جڏهن اوھان کي سنڌ مان فوج افغانستان موڪلڻ لاء رستو ڏنو آھي ته اوهان کي وفادار يار طور باقي ڪهڙي ثابتي ڏيڻي آھي. اوهان هاڻي اره زورائي ڇڏيو. 2). مير نور محمد چئي ٿو ته مون ته اوهان کي حيدرآباد ۾ ريزيڊينسي ٺاهڻ جي اجازت ڏني آھي, پر اوهان نواب احمد خان لغارئ جي ٽنڊي ۾ ريزيڊينسي ٺاهڻ تي ضد ڪيو آھي. 3). سيد اسماعيل شاه ٻن پٽن سميت مون سان ٻه ڪلاڪ ملاقات ڪئي ۽ چيو ته اسان جيڪڏهن محمد شاه کي خط لکيو ته ان تي گورنرل جنرل شڪ ۽ ڪاوڙ ڇو ٿو ڪري. محمد شاه ڪو اسان جو پڳ-مٽيو يار ڪونهي. هن جو پئ مري ويو ته به اسان هن سان رضاالاهي نه ڪئي. گورنر جنرل کي اسان جي خط تي ڪاوڙ نه ڪرڻ گهرجي. 4). نواب احمد خان لغاري جڏهن به اچي ٿو اسان کي ڄڻ ڊيڄارڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو ۽ چئي ته اها مير حڪمرانن جي اوهان تي ٻاجھ ۽ مهرباني آھي جو اوهان جو وار ونگو نه ٿيو آھي. هونء نه ته عوام اوهان کي ڪچو کائي وڃي, ڇو ته سنڌ ۾ فرنگين جي هجڻ کي عوام سٺو سونڻ نه ٿو سمجهي. 12.11.1919: برطانيه ۽ سندس اتحادين ترڪئ کي شڪست ڏني ته انھئ خوشئ ۾ ھندستان ۾ ”فتح جو هفتو" ملهايو ويو. اڄ انھئ جشن جو پهريون ڏينھن هئو. سنڌ ۾ به سرڪار کي راضي ڪرڻ ۽ وفاداري ثابت ڪندڙ سنڌين انھئ جشن کي ملهايو. پر اهو جشن ملهائڻ سرڪار کي سنڌ ۾ ڳچئ ۾ پيو. ڇو ته هن کان پوء "خلافت" ۽ "عدم تعاون" جون تحريڪون هليون ۽ عوام انگريز حڪمرانن خلاف ٿي بيٺو. 12.11.1928: "سائمن ڪميشن“ جي اچڻ جي خلاف ته عوام وڏو آواز بلند ڪيو, پر پوء به اها ڪميشن سنڌ آئي. سر شاهنواز ڀٽو ۽ ميران محمد شاه انھئ جا مقامي ميمبر هئا. اڄ محمد ايوب کهڙي سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ جي حق ۾ ۽ پروفيسر ڇٻلاڻئ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ خلاف ڪميشن کي پنھنجا پنهنجا ياداشت ناما پيش ڪيا. *************** 12 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 12 نومبر 1917ع اخبار "جوت" جي آخري ايڊيٽر راڌا ڪرشن ڪوٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1918ع شاعر سليم هالائي جو جنم ٿيو۔ 12 نومبر 1928ع شاعر طالب لغاري جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1933ع سياستدان سيد قمرالزمان شاهه (ٽکڙ) جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1937ع باليووڊ جي ناليواري اداڪار قادر خان جي پشين ۾ پيدائش ٿي۔ 12 نومبر 1946ع ليکڪ سڪندر بختيار کوسو جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1951ع سگهڙ علي گوهر خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1962ع شاعر علي احمد عاجز هڪڙو جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1970ع آرٽسٽ بدر سومرو (لالو رائنڪ) جو جنم ڏينهن آهي۔ *************** وڇوڙو: *************** 12 نومبر 1640ع هالا جي بزرگ ۽ شاعر مخدوم محمد امين اول جي وفات ٿي۔ 12 نومبر 1959ع لاڙڪاڻي جو شاعر نواز علي نياز جعفري گذاري ويو۔ 12 نومبر 1961ع سياستدان سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ جو انتقال ٿيو. 12 نومبر 1969ع پاڪستان جي پهرين صدر اسڪندر مرزا جي لنڊن ۾ وفات ٿي. 12 نومبر 2002ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻئ کي شهيد ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment