Tuesday 28 November 2023

SINDH in history today (29th November). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{29th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {29th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Night. [Dear! Neither you can find me, nor accept me. Because, I am lost since centuries and am in search of myself and heart in which you live. Let me find myself first. It will enable me to identify you. Dear! Come on and see that Sky and Earth, being at distance, are near to each other, but not you & me .Though, you are beyond the paradise, in spite of that I know, understand and see your beauty. But you don't know me and my love properly] آئون جو ناھیان پاڻ سان، ساجن سڃاٹي پوء ڪیئن؟ ڪنھن تان ڪارڻ گم ڪیو، جو پاڻ وڃائي ٿیا ڏینھن، پیا جت محبت جا مینھن، ات نہ ھئس سونهن سان. ************** BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (29th of November) ************* BIRTHS: Mumtaz Mirza (Hyderabad/Writer/1939), Haresh Thakur (Mumbai/Artist/1950),Sami Kandhar (Ghulam Hussai Kandhar/Journalist & Poet/1972), Yaseen ‘Badal’ Laghari (Kamaro Sharif /Poet/1975), Asad Sikandar (Ogahi/Poet/1980). ********** DEATHS:: Allahdad ‘Sufi’ (Poet/1882),Parmanand Mewaram (Hyderabad/Journalist & writer/1938), Moulvi Muhammad Ismail Odi (Religious Scholar & Freedom Fighter/1970), Mufti Karim Bux Magsi (Sobho Khan Magsi/Religious Scholar/2006). ************* EVENTS: 1922: Various branches of the Sindh Khilafat Committee take out processions to protest sending of war ships to Samarna/Turkey by British. Protest meetings are held at Buthi of Taluka Mirokhan, Nasrpur, Dargah Thullah; Unarpur; Matiari; Amrote and Vasi Malook Shah. On this day and date the editor of the Daily Alwahid, Karachi is booked under 108 CPC by the orders of City Magistrate, Karachi. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1926: In its meeting the Hyderabad Congress Committee offered thanks to people for support in election of Jairamdas Doulatram as the member of Bombay Legislative Council. (Source: ‘Hindu’). 1938: Sindh Provincial Muslim League issues list of its General Body. It carries names of 88 members. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1948: Bombay Muslims Association of Karachi in its meeting shows dissatisfaction on the steps taken by Pir Illahi Bux Ministry regarding settlement of Indian Muslim migrants.(Source: Newspapers). 1953: Sindh Hari Committee observes ‘Anti-Violation Day’. Meetings are held by its branches and speeches are made for promotion of peace in Sindh. (Source: Newspapers). 1955: Awami League condemns action of Government against it workers and their large scale arrests in East Pakistan. (Source: Newspapers). 1968: Lawyers take out processions in various cities of Pakistan demanding restoration of democracy in country. Source: Ibid). 1969: Election Commission accepts demand of Sindhis supported by PPP tp publish voters’ lisit in Sindhi also. (Source: Newspapers). 1986: India, Pakistan and U.S.S.R must live in friendship, says Mikhall Gorbachev in India, (Source: Newspapers). SINDH IN HISTORY TODAY (29th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 29 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** [ ڪو پنهنجو پاڻ کي, قوم کي, قوم جي ماضئ حال مستقبل کي پڙھي ٿو يا نه, اهو منھنجو مسئلو ناهي. منهنجو ڪم آھي ته تاريخ کي جامع ۽ غير جابدار بنائڻ جا جتن ڪريان.] ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ طرفان اوهان جي خدمت ۾ 29 نومبر تي سلام ۽ دعا سان گڏ 29 نومبر جي واقعاتي تاريخ *************** 29.11.1838: برنس اڄ شڪارپور مان پنهنجي گورنر جنرل کي مراسلو موڪلي تجويز ٿو ڪري ته شڪارپور جو ڪجھ حصو ميرن اسان جي حوالي ته ڪيو, پر ان مان سندن ساڙ, ڊپ ۽ نفرت پيدا ٿي آھي. ان ڪري اسان سنڌ جي ڪنهن حصي/علائقي کي قبضي ۾ نه وٺون. ان سان جتي ڪٿي اسان تي توسيع پسندئ جا الزام لڳندا ۽ رنجيت سنگ به ڪن اڀا ڪندو. منهنجي صلاح آھي ته اسان سنڌ ۾ پنهنجا پنج يا ڇھ ھزار فوجي رکون ۽ انھن تي ايندڙ خرچ حيدرآباد جي مير نورمحمد, مير نصير خان, مير محمد خان ۽ خيرپور جي مير مبارڪ خان کان زورئ ڀرايون. 29.11.1842: خيرپور بابت فرنگي جاسوسن جيڪا اڄ رپورٽ لکي آھي, ان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 23 نومبر تي مير علي مراد پنهنجئ گذارش تي سکر ۾ نيپيئر سان ملاقات ڪئي ۽ ڪيترين ڳالهيون مخفي ڪيون ويون. نييئر 24 تاريخ تي شڪارپور ويو ۽ 25 تاريخ تي واپس موٽي آيو. سبزل ڪوٽ وٽ اسان جي واپارين کان مير رستم علئ جي ڪاردار جيڪا ٽئڪس ورتي هئي, اها به نيپيئر واپس ورتن ۽ پنج ڏينھن ڪاردار کي سکر ۾ اسان جي جيل ۾ بند ڪرڻ جو حڪم به ڪيائين. مير علي مراد وري 29 نومبر تي نيپيئر سان ملڻ آيو. 29.11.1922: برطانيه ترڪئ خلاف سمرنا ڏانھن پنهنجا جنگي ٻيڙا موڪليا ته انهئ قدم خلاف سمورئ سنڌ ۾ خلافتين طرفان احتجاجي ميڙاڪا ڪيا ويا. بٺي, تعلقي ميروخان ۾ احتجاجي جلسي جي صدارت قاضي عزيزالله ڪئي. نصرپور ۾ مولوي تاج محمد جي صدارت ۾ جلسو ٿيو. درگاه ٺلاه, لڳ باقراڻي ۾ جلسي جي پير محمود شاه راشدئ جلسي جي صدارت ڪئي. اهڙا ميڙاڪا انڙ پور, مٽيارئ, امروٽ ۽ وسي ملوڪ شاه ۾ به ٿيا. 29.11.1922: "الوحيد" اخبار جي ايڊيٽر تي "ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ 108" هيٺ سٽي ماجسٽريٽ ڪراچئ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. 29.11.1926: جئرامداس دولترام ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. اڄ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل گڏجاڻي ڪري ووٽرن جا ٿورا مڃيا. 29.11.1948: پناهگيرن جي "بامبي مسلم ائسوسيئيشن“ ڪراچئ ۾ سنڌ حڪومت جي مذمت ڪئي ته اها پناهگيرن جا مسئلا حل نه پئي ڪري. ياد رهي ان وقت پير الاهي بخش جي وڏ-وزارت هئي. هن پناهگيرن کي ڪراچئ ۾ آباد ڪرڻ لاء ”پير الاهي بخش ڪالوني" ٺھرائي. سندس ئي ايمڪارئ ۽ اڳواڻئ ۾ ڪراچئ کي مرڪز حوالي ڪيو ويو هو. 29.11.1953: جتي جتي "سنڌ هاري پارٽي" جون شاخون ھيون, انھن اتي "عدم تشدد" جو ڏينھن ملهايو ۽ سنڌواسين کي امن ۽ ڀائيچاري سان رهڻ جو تاڪيد ڪيو. 29.11.1955: اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن کي وڏي پئماني تي گرفتار ڪيو ويو. اهڙن سخت قدمن کڻڻ جو روحاني راز اهو هو ته عوام ۾ نفرت ۽ علحدگئ جا جذبا اڀاريا وڃن. 29.11.1968: ايوب-شاهئ کان جان ڇڏائڻ لاء زندگئ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻھون ميدان ۾ لهي پيا. اڄ وڪيلن مختلف شھرن ۾ جلوس ڪڍيا. 29.11.1976: پهرين ڊسمبر 1976 کان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ الڳ الڳ هاء ڪورٽون ڪم ڪنديون- صدر اهڙو حڪم نامو جاري ڪيو. 29.11.1998: سنڌي ادبي سنگت, خداآباد شاخ طرفان "شاه جو فڪر" جي موضوع تي نظير احمد ڀنڊ ليڪچر ڏنو. جن شرڪت ڪئي, انھن مان محمد ابراهيم پنهور, اعجاز علي ڀٽي, الله بچايو پنهور, محمد ابراهيم ڀنڊ, محمد علي جتوئي, محمد خان برماڻي, محمد حنيف برماڻي ۽ بشير احمد قريشئ جا نالا ذڪر لائق آھن. *************** {29 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: *************** 29 نومبر 1933ع سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلى ۽ سياستدان ممتاز ڀٽوجو جنم ڏينهن آهي. 29 نومبر 1939ع ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر ممتاز مرزا جي پيدائش ٿي. 29 نومبر 1972ع ليکڪ عبدالسميع ڪنڌر جو جنم ڏينهن آهي. 29 نومبر 1975ع شاعر ياسين بادل لاشاري (ڪامارو شريف) جو جنم ڏينهن آهي. *************** [وڇوڙو]: ************** 29 نومبر 1882ع صوفي شاعر الهداد صوفي جو انتقال ٿيو. 29 نومبر 1938ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي پرمانند ميوارام جي ديهانت ٿي. 29 نومبر 1970ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اسماعيل اوڍي جي وفات ٿي. 29 نومبر 2005ع سنڌي فلمن جي ناليواري هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اداڪار شاهه اسد جو دل جي دوري سبب انتقال ٿيو. 29 نومبر 2006ع مفتي ڪريم بخش مگسي جي وفات ٿي. 29 نومبر 2014ع مذهبي اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سکر ۾ مسجد ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment