Saturday 6 May 2017

SINDH HISTORY (7th May)



SINDH IN HISTORY TODAY (7th May). Research By. Dr. Pathan
* 1926ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ دي سنڌ نيشنل ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي طرفان اسٽيج ڊرامو ”دغا باز دنيا“ پيش ڪيو ويو، جيڪو ليلا رام ماکيجاڻي جو لکيل هو، واضح رهي ته انهي دور ۾ ڪيترائي اسٽيج ڊراما ڪيا ويندا هئا، سنڌ کان ٻاهر جا اداڪار به اسٽيج ڊراما ڪرڻ لاءِ هتي ايندا هئا. اهو ٿيٽر جي عروج جو دور هو.
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جرمني غير مشروط طور تي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ اهڙي طرح يورپ ۾ 6 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو آيو، جنگ ختم ڪرڻ جو باضابطا اعلان هڪ سرڪاري پريس  ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ڪانگريس طرفان سنڌ ۾ ڀولا ڀائي ڊيسائي ڏهاڙو ملهايو ويو.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪابينا جي 7 رڪني ڪاميٽي آئيني تجويزن تي غور لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ چين نئون سرحدي معاهدو طئي ڪري ورتو، ٻنهي ملڪن جي نمائندن انهي معاهدي تي صحيحون ڪيون.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اٽلي ۾ آيل خطرناڪ زلزلي وڏي تباهي مچائي ڇڏي، 550 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ هزارين زخمي ٿيا، جڏهن ته لکن جي تعداد ۾ ماڻهو بي گهر ٿي ويا، اسپتالن ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سعودي عرب ۾ حج جي سيزن دوران منيٰ ۾ حاجي سڳورن جي خيمن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 هزار خيما سڙي ويا، 5 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جن کي اسپتال نيو ويو. زخمي ٿيل حاجي سڳورن ۾ ڪيترائي پاڪستاني حاجي به شامل هئا، انهن جا اٽڪل 7 هزار خيما سڙيا، سعودي اختيارين واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سعودي ۾ گرمي سبب فوت ٿيل پاڪستانين جو انگ 51 ٿي ويو.
** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ گرميءَ جي شديد لهر جي نتيجي ۾ 26 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا، جيڪب آباد، لاۡڙڪاڻي، قمبر، موري، سکر، ڪوٽڏيجي ۽ ٻين شهرن ۾ گرمي ۾ ماڻهو فوت ٿيا

No comments:

Post a Comment