Sunday 21 May 2017

SINDH HISTORY (21st May)

SINDH IN HISTORY TODAY (21st May). By. Dr. Pathan
** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي جي ميونسپل هاءِ اسڪول جي ٻن شاگردن موٽومل ڌنراج مل ۽ ڪشن جيوترام کي قلم 34 اي (6) توڙي قلم 38 اي (1) ڊفينس انڊيا رولز تحت گرفتار ڪيو ويو، ٻنهي ڄڻن وٽان برطانوي حڪومت خلاف لٽريچر هٿ ڪيو ويو هو، اهي ٻئي شاگرد انگريزن خلاف آزادي جي تحريڪ ۾ حصو وٺي رهيا هئا. واضح رهي ته انگريزن خلاف آزادي جي تحريڪ ۾ سنڌ جي شاگردن به اهم ڪردار ادا ڪيو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عبدالستار پيرزادي سنڌ جي وڏي وزير طور عهدي جو حلف کڻي ورتو.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي علامه مشرقي ۽ ٻين جوابدارن کي ڊاڪٽر خانصاحب قتل ڪيس ۾ جڊيشل لاڪ اپ ڪرڻ لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو.
** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام ۽ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو کي اپ گريڊ ڪري يونيورسٽين جو درجو ڏنو ويو، زرعي ڪاليج سنڌ زرعي يونيورسٽي ٺهي وئي، جڏهن ته انجنيئرنگ ڪاليج مهراڻ يونيورسٽي جي نالي ۾ تبديل ٿي ويو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ضياءُالحق اقتدار تي قبضي کانپوءِ هڪ آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو ته فلمن جي سينسر شپ ڪئي ويندي.
**1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لبيا جي صدر ڪرنل قذافي ۽ وزيراعظم بينظير ڀٽو وچ ۾ لبيا ۾ اهم ملاقات ٿي، لبيا پاڪستان کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان خلاف ڪنهن به ملڪ جي جارحاڻي ڪارروائي خلاف پاڪستان جو ساٿ ڏنو ويندو.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم راجيو گانڌي کي قتل ڪيو ويو، جنهن جو الزام تامل ٽائيگرز تي لڳايو ويو، راجيو گانڌي ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ اليڪشن ۾ ووٽنگ لاءِ اچي رهيو هو ته گلدستي ۾ لڪايل بم ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن ۾ راجيو گانڌي ۽ سندس 14 ساٿي مارجي ويا، اهو واقعو مدراس ويجهو پيش آيو، راجيو گانڌي جي قتل جي جاچ بعد اهو انڪشاف ڪيو ويو ته کيس تامل ٽائيگزر ۾ شامل هڪ عورت خودڪش حملي ۾ قتل ڪيو آهي.راجيو گانڌي وزيراعظم هجڻ دوران ملڪ ۾ امن لاءِ تامل ٽائيگرز خلاف سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان ڏس ۾ هن سريلنڪا ۾ فورسز کي به موڪليو هو. واضح رهي ته راجيو گانڌي جي ماءُ انڌرا گانڌي کي پنهنجي سک باڊي گارڊن 1984ع ۾ قتل ڪيو هو.
FOLLOW LINK: http://www.thekawish.com/beta//images/2017/May/21-05-2017/Page7/P7-35.htm

No comments:

Post a Comment