Friday 5 May 2017

SINDH HISTORY (5th May)

واءِ سڀني سرڪاري کاتن ۾ سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي طور لاڳو ڪيو وڃي ۽ رڪارڊ به سنڌي ۾ ئي ٺاهيو وڃي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگال جي وڏي وزير اي ڪي فضل الحق ڪلڪتي ۾ آل بنگال مسلم ادبي ڪانفرنس شروع ڪرائي، جنهن ۾ هن چيو ته بنگالي ادب هندن ۽ مسلمانن کي گڏجي هڪ پليٽ فارم تي ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قمبر تعلقي جي ڳوٺ گٽهڙ ۾ دي مسلم ليگ ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن جي صدارت پير سيد الهندو شاهه راشدي ۽ رئيس قربان علي خان ٻرڙو ڪئي، ڪانفرنس ۾ تنظيم کي سنڌ ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سياست ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان فيصلا ڪيا ويا.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي اتحاد پي اين اي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي 32 نقاطي پلان کي رد ڪري ڇڏيو.
** 2005ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ليبر پارٽي جو اڳواڻ ٽوني بليئر برطانيا ۾ ٽيون ڀيرو پنهنجي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو. پر هن جي مقبوليت ۾ گهٽتائي ضرور آئي، ڇوته هن کي چونڊن ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ووٽ مليا. هن 2001ع ۾ 167 سيٽون کٽيون هيون، جڏهن ته هنن اليڪشنن ۾ هن کي 66 سيٽون مليون.
http://www.thekawish.com/…/2…/May/05-05-2017/Page7/P7-34.htm

No comments:

Post a Comment