Tuesday 2 May 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (2nd May) By: Dr. Pathan


** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي پوليٽيڪل 
ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر ميرن جي عملدار منشي ڄيٺانند کي خط لکي
 ٻڌايو ته هنن ننگرپارڪر جي جڳت سنگهه جي ڀاءُ ڍولڻ کي پڪڙيو
 آهي، جيڪڏهن مير نور محمد خان چاهي ته اهو ڏوهاري سندس
 حوالي ڪري سگهجي ٿو، پوٽينجر منشي ڄيٺانند کي اهو به لکيو
 ته هو ميرپورخاص واري مير شير محمد خان ٽالپر کان پڇي ڏسي
 ته ڇا انهيءَ جي اها مرضي اهي ته انگريز سرڪار هن سان الڳ معاهدو ڪري.
** 1848ع ۾اڄوڪي تاريخ تي ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ جي 
ڪمشنر کي گذارش ڪئي ته سنڌ ۽ مارواڙ جي نشاندهي ڪئي
 وڃي ۽ ان جي سرڪاري طور تي منظوري ڏني وڃي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيڪب آباد ۾ مولانا تاج محمود
 امروٽي جي صدارت هيٺ خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾
 هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، هن ڪانفرنس ۾ رئيس المهاجرين
 جان محمد جوڻيجي پنهنجون ڊگريون، سرڪار طرفان مليل اعزاز
 ۽ خطاب واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان کانسواءِ پنهنجي زرعي
 زمين جي ڍل ۽ آبياني ڏيڻ کان نابري وارڻ جو به اعلان ڪيو،
 اڳتي هلي انهيءَ قدم تي سرڪار مٿس ڪيس مڙهيو ۽ حاضري جو
 نوٽيس موڪليو پر هن ان جي جواب ۾ لکيو ته افغانستان هجرت ڪري
 وڃڻ بعد هاڻي هو انگريز سرڪار جو راڄ نه آهي، ان ڪري مقرر
 ڪيل تاريخ تي ڪورٽ ۾ حاضر نه ٿيندو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تيونس ۽ مراڪش جي آزادي
 لاءِ پاڪستان جيڪا ڪولمبو ڪانفرنس ۾ قرارداد پيش ڪئي، ان کي منظور ڪيو ويو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فوج ۽ فضائيه جي ٻارنهن آفيسرن
 کي غداري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات اعلان 
ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف بين الاقوامي سازش ٿي رهي آهي ۽
 اسان ساڻس گڏ آهيون، ٻئي طرف سعودي عرب جي سفير رياض
 الخطيب مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جيڪي حڪومت
 سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن.
** 1998ع ۾ گوهر ايوب خان پرڏيهي وزير جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي،
  جنهن بعد سرتاج عزيز کي نئون پرڏيهي وزير ۽ اسحاق ڊار کي ناڻي جو
 وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ هو ته 
هن جا وزيراعظم نواز شريف سميت ڪجهه وزيرن سان اختلاف
 پيدا ٿيا هئا.ٻئي پاسي ساڳئي ڏينهن تي جسٽس وجيهه الدين کي
 سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي
 چيف جسٽس طور هن ساڍا 13 هزار پاڻمرادو نوٽيس ورتا.

No comments:

Post a Comment