Monday 1 May 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (1st May) By: Dr. Pathan



** 1850ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هز هائنس مير مراد علي خان ٽالپر 
سندس خلاف نائونهار معاهدي جي حوالي سان جاچ شروع ڪرڻ بابت
 سنڌ حڪومت ۽ خاص طور تي ڪمشنر جي رويي تي ڳڻتي ظاهر
 ڪئي، هن ڪمشنر کي ٻڌايو ته حڪمران خاندان جا فرد، جنهن ۾ 
آئون به شامل آهيان جاچ لاءِ پيش نٿا ٿي سگهون.
** 1886ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪاگو ۾ پورهيتن تاريخي ريلي 
ڪڍي  مطالبو ڪيو ته مزدورن کان صرف 8 ڪلاڪ ڊيوٽي ورتي وڃي،
 پورهيتن سان زيادتيون بند ڪيون وڃن، مزدورن جي انهيءَ جلوس
 تي پوليس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ سوين پورهيت سخت زخمي ٿي پيا، 
جڏهن ته هڪ پورهيت مارجي ويو، ڪيترن ئي مزدور اڳواڻن کي گرفتار
 ڪيو ويو، جن مان بعد ۾ 4 ڄڻن کي ڦاهي ڏني وئي، انهيءَ واقعي 
جي ياد ۾ هر سال پهرين مئي تي پورهيتن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، 
پاڪستان ۾ 1972ع ۾ جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي ته پهرين
 مئي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو ۽ هر سال مزدورن جو
 ڏهاڙو ملهائڻ جو باضابطه اعلان ڪيو ويو.اڄ يوم مئي ملهايو پيو وڃي.
 سڄي ملڪ ۾ مزدور ريليون ۽ جلوس ڪڍندا ۽ شڪاگو جي
 شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ ملڪ ۾ پورهيتن کي حق نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويندو.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل بنگال وومين ڪانگريس
 طرفان مطالبو ڪيو ويو ته مڙس جي ڪمائي ۾ زال کي برابر
 حصو ڏنو وڃي، جڏهن ته پيءُ  جي ملڪيت ۾ نياڻين ۽ پٽن کي برابر حصو ڏنو وڃي.
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جرمني جي حڪومت 
باضابطا اعلان ڪيو ته ايڊولف هٽلر مارجي ويو آهي.
ان کان اڳ هن جي موت جي حوالي سان مختلف خبرون
 اينديون رهيون پر ڪنهن به تصديق نٿي ڪئي.


No comments:

Post a Comment