Sunday 14 May 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (14th May) By: Dr. Pathan


** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل 
ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر حيدرآباد ۽ خيرپور جي مير حڪمرانن سان 
ڪيل معاهدن جون ڪاپيون پنهنجي سرڪار کي موڪلي ڏنيون،
 جن تي ٻنهي ڌرين جون صحيحون ٿيل هيون. انگريزن سنڌ تي قبضي 
جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ هتان جي حڪمرانن کي مراعتون ڏنيون 
۽ انهن سان معاهدا ڪيا.اڳتي هلي ڪجهه حڪمران انهن معاهدن ۾
 ڦاسي پيا، ڪجهه حڪمرانن خلاف ته ڪارروائي به ڪئي وئي.
** 1944ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ جي اهم گڏجاڻي
 ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هال ۾ ٿي، جنهن ۾ نوان
 عهديدار چونڊيا ويا، سائين جي ايم سيد کي بنا مقابلي صدر
 چونڊيو ويو، جڏهن ته غلام حيدر شاهه جنرل سيڪريٽري
 بڻجي ويو، جي ايم سيد جي صلاح تي يوسف هارون غلام حيدر
 شاهه سامهون ڀرايل فارم واپس ورتو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالصمد خان کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان ۾ افغانستان مان 
حملا ٿيڻ بعد پاڪستان افغاني حڪومت سان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليواري دانشور سعادت حسين
 منٽو کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وزيراعظمن 
جي اهم گڏجاڻي نئين دهلي ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪشمير سميت سمورن 
تڪراري معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر پاور هائوس باقاعده ڪم شروع ڪري ڏنو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ليفٽيننٽ جنرل اي اي ڪي نيازي،
 ميجر جنرل بي ايم مصطفيٰ، ميجر جنرل چوڌري نثار احمد ۽ 
ميجر جنرل خادم حسين کي بي،ڊي،اي ۽ ايف زونن جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملتان ۾ حالتون خراب ٿيڻ 
بعد ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس
 ۾ ميمبرن ذوالفقار علي ڀٽو تي اعتماد جو اظهار ڪيو.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ ڏکڻ آفريڪي اڳواڻ نيلسن منڊيلا
 جي گهرواري وني منڊيلا کي به 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي،
 مٿس 4 نوجوانن جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو،
 وني منڊيلا کي مدر آف آفريڪا جي خطاب سان ڄاتو ويندو هو، 
واضح رهي ته نيلسن منڊيلا ۽ وني منڊيلا ۾ اڳتي هلي 1996ع ۾ عليحدگي ٿي وئي.


No comments:

Post a Comment