Saturday 16 April 2022

Sindh History (April 17, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (17th APRIL)
17th April BIRTH DATES
HarilalBhawani (Educationist/ Born 17th April 1905),
DeepchandarTilokchan Sharma (NausheroFeroz/Writer, Journalist & Freedom Fighter/ Born 17th April 1909),
NabiBuxQazi (Rohri/Scholar/ Born 17th April 1923),
Ahmad Khan ‘Gulzar’ (Poet/ Born 17th April 1927),
AshiqArbani (Artist/ Born 17th April 1943),
KamilSolangi (AbubakarSolangi/Writer/ Born 17th April 1950),
Rajib Ali Samo (Larkano/Writer/ Born 17th April 1953),
AmanullahBhatti (GarhiYaseen/Professor/ Born 17th April 1955),
QadirBuxChanno (DhaniBux/Folklore poet/ Born 17th April 1960).
DEATH DATES
PahlajraiWasvani (Karachi/Teacher, Social worker & Writer/ Death 17th April 1929),
ThanwardasRahumal (Writer/ Death 17th April 1934),
Moulana Abdul HalimRajanpuri (Religious Scholar/ Death 17th April 1965),
MoulanaQadirBuxQasmi (Ladhan/Religious Scholar/ Death 17th April 1999)
EVENTS
1908: Sindh Provincial Conference is held at Sukkur. It is presided over by Seth HarchandVishindas. This may kindly be noted that these annual conferences were held up to 1920 and last one was held at Hyderabad. It is a common and joint political platform of all segments of our society.
1927: The Sindh Hidu Association adopted resolution against the separation of Sindh from Bombay Presidency.
1938: 18th Annual Khilafat Conference is held at Mehar. It is attended by Moulana Abdul Karim of Buthi, PirIllahiBux; Moulana Abdul KarimChishti and others. On the second and last day of the conference handsome number of resolutions are adopted on very important topics such as supply of required water to Sindh for agricultural purposes, legislation on Shariat and support of Palestinians.
1945: Addressing a meeting in New Delhi, Khan Abdul Ghaffar Khan says that he is entirely for acceptance of office, but, wants the power and not a government in name only.
1947: Congress President , AcharyaKirplani and Muslim League Dy. Leader in the Central Assembly, KhowajaNazimuddin meet the Viceroy Lord Mountbatten and discussed with him political matters.
1953: The Governor-General Ghulam Muhammad dismisses Primeary Minister KhowajaNazimuddin’s cabinet and ask Muhammad Ali Bogra, Pakistan’s Ambassador in U.S.A to form a new cabinet.
1963: Pakistan’s External Affairs Minister, Z.A.Bhutto, declares that his country will have to take fundamental decision on its foreign policy if its allies give long-term military aid to India without settlement of Kashmir issue.
1969: Muhammad Yusuf Talpur and MasoodNoorani, both students of Sindh University are awarded one year rigorous imprisonment by military court.
1977: Z.A.Bhutto orders ban on liquors, gambling, night-clubs and promises introduction of shariah within six months. His Islamisation is not accepted to PNA and they ask him to resign.
1993: Prime Minister Nawz Sharif addressing the nation refuses to resign or advise President to dissolve the National Assembly.
1995: Violence claim 10 more lives in Karachi.
 
Sindh in History today (17th April). Research & Video Talk by Dr. Dur Muhammad Pathan.
اڄ مون ماضي قريب جي تاريخي واقعن تي توجه ڏئي پنهنجي ماروئڙن کي تاريخ جي نياپي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. انگريزن جي دور ۾ اسان جي وڏڙن ڌرمي ٺيڪيداري ڪري ماڻھن جي مذھب مٽائڻ ۽ مذھبي مت ڀيد وڌائڻ جي خطا ڪئي. ان ڪري 1927 کان 1939 تائين سنڌ کي ساڙيندا ٻاريندا رهيا. ويڇا ايترا وڌي ويا جو سنڌ کي صوبائي ۽ ملڪي حيثيت ڏيڻ جو خيال ئي کانئن وسري ويو ۽ وڏڙن سنڌ جي آزادئ بدران هندستان جي ورهاڱي کي پنهنجي سياست جي آخري منزل بڻائي ڇڏيو. اسان جي وڏڙن پنهنجي سماجي, ڌرمي, سياسي ۽ تجارتي مفادن ڪري پاڻ سنڌ جي خودمختيارئ کي نظرانداز ڪيو. هنن غلطيون ڪيون ۽ جيڪي اسان کي لوڙڻيون پيون. تاريخ شاهدي ڏني ته اڪثر ڪري سنڌي وس وارن پاڻ سنڌ کي نقصان ڏنو ته ڌارين ڌرتئ کي ڪاپاري نقصان پهچائڻ ۾ دير ڪانه ڪئي.
***************
توجه طلب واقعا
***************
17.4.1908:
سيٺ ھرچندراء جي صدارت هيٺ سکر ۾ ”سنڌ پراونشل ڪانفرنس" ٿي. هي ساليانيون ڪانفرنسون 1920 تائين ٿينديون رهيون ۽ ان ۾ هندو ۽ مسلمان, سک ۽ پارسي ڪنهن مذھبي مت ڀيد کان سواء سنڌ جي مسئلن تي متحد ٿي سوچيندا ۽ ان مطابق لوچيندا هئا. انھن سمورين ڪانفرنسن جون سموريون ڪارگذاريون هن وقت تائين ڪنهن ڪتابي صورت ۾ نه ڇپيون آھن ۽ فقط گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. سياسي شعور رکندڙ دوستن کي هي سياسي ادب پڙھڻ گهرجي.
17.4.1927:
ڪراچئ ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي, جنهن جو واحد مقصد هئ هئو ته سنڌ کي ممبئي پرڳڻي کان الڳ نه ڪجي ۽ سنڌ کي صوبائي خود مختياري نه ملي. سنڌ جي هندن پنهنجي ڌرمي,سماجي ۽ واپاري مقصدن ڪري پنهنجئ سنڌ ماتا کي صوبائي حيثيت ڏيڻ ۾ ڪيٻائيو ۽ مسلمانن وري هندن سان گڏ ويهي مامري حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش نه ڪئي. ٻنھي غلطيون ڪيون.
17.4.1927:
پاٽنا ۾ "آل انڊيا شڌي ڪانفرنس" ٿي. سنڌ جي ڪيترن هندن به هن ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ ۾ 1923 ۾ ”شڌي سڀا" قائم ڪئي وئي هئي ته جيئن سنجوڳي شيخن (نئو مسلم) کي زورئ هندو بڻائجي. هن سڀا سالن جا سال امن پسند سنڌ ۾ ڌرمي مت ڀيد جو ٻج ڇٽيو ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ ھندو مسلم فساد ٿيا, جن جي ڀيانڪ صورت مسجد منزل گاه وارئ تحريڪ ۾ ڏسڻ ۾ آئي. 1927 کان 1939 تائين سنڌ جا هندو توڙي مسلمان انڌ جي گهوڙي تي چڙھيا ۽ ڏاڍا ڪيس ڪيائون.
17.4.1938:
ميهڙ ۾ ڪالھ کان شروع ٿيل خلافت جي ارڙھين سالياني جلسي جو اڄ ٻيو ۽ آخري ڏينھن هو. ان ۾ ھنن موضوعن ۽ مسئلن تي ٺھراء پاس ڪيا ويا: 1. آبادگارن کي زراعت لاء گهربل پاڻي فراهم ڪيو وڃي, 2. سنڌ اسيمبلئ مان "شريعت بل", "قرض بل" ۽ "انتقال زمين/ايراضي بل" پاس ڪرايا وڃن, 3. فرنگي سرڪار يهودين کي نوازڻ ۽ فلسطينين کي گهر ۾ بي گهر ڪرڻ بند ڪري, 4. لاپي, رسائئ ۽ رشوت کي ختم ڪيو وڃي ۽ 5. لوارئ واري مصنوعي حج تي پابندي مڙھي وڃي.
17.4.1947:
ڪانگريس جي صدر آچاريه ڪرپالاڻئ (سنڌي) ۽ سينٽرل اسيمبلئ ۾ مسلم ليگ پارٽئ جي ڊپٽي ليڊر خواجا ناظم الدين (بنگالي) وائسراء لارڊ مائونٽ بيٽن سان ملاقات ڪئي ۽ هندستان جي ورهاڱي جي حوالي سان ڳالھ ٻوله ڪئي. هڪ سنڌئ ۽ هڪ بنگالئ پنهنجئ ڌرتئ/وطن جي آزادئ لاء نه سوچيو يا چيو. پر پنهنجي پارٽئ جي ترجماني ڪئي.
17.4.1953:
غلام محمد, پاڪستان جي گورنر جنرل اڄ خواجا ناظم الدين جي وفاقي حڪومت ڊاهي, آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير محمد علي بوگرا کي گهرائي چيو ته تون نئين حڪومت ٺاه. جمهوريت کي هن طرح ملڪ مان رسوا ڪري ڪڍيو ويو.
17.4.1959:
ڪئنالن جي پاڻئ جي ورهاست بابت پاڪستان ۽ انڊيا اڄ واشنگٽن ۾ ٺاه ڪيو.
17.4.1969:
سنڌ يونيورسٽئ جي ٻن شاگردن: محمد يوسف ٽالپور ۽ مسعود نورانئ کي اڄ مليٽري ڪورٽ سخت پروهيئي سان هڪ سال جي ٽيپ ڏني.
17.4.1977:
ذوالفقار علي ڀٽي پاڻ بچائڻ ۽ ڪرسي بچائڻ لاء اڄ جوا, شراب ۽ نائيٽ ڪلبس تي پابندي مڙھي ۽ اعلان ڪيو ته ڇهن مهينن ۾ ملڪ ۾ شريعي قانون لاڳو ڪندس.
17.4.1993:
وزير اعظم نواز شريف ضد ڪري بيهي رهيو ته نه ڪي مان استعيفا ڏيندس ۽ نه وري اسيمبلي ٽوڙڻ لاء صدر کي صلاح ڏيندس.
17.4.1995:
ڪراچئ ۾ اڄ به دهشتگردن پنھنجي من مستي ڪئي. ڏه بيگناه انسان موت جو شڪار ٿي ويا.
***************
{17 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
17 اپريل 1905ع تعليمدان هري لال ڀارواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 اپريل 1909ع صحافي ۽ آزادي پسند تحريڪ جي رڪن ديپچندر تلڪوچند (نوشهرو فيروز) جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1923ع اسڪالر نبي بخش قاضي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 اپريل 1927ع شاعر احمد خان گلزارجو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1943ع آرٽسٽ ۽ ڪمپيئر عاشق عارباڻي جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1944ع سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ڪامريڊ رشيد احمد انڍڙ جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1950ع شاعر ڪمال سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1953ع ليکڪ رجب سمون (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1955ع ليکڪ امان الله ڀٽي (ڳڙهي ياسين) جوجنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1960ع سگهڙ قادر بخش چنو جي جنم جو ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
17 اپريل 1929ع ليکڪ پهلاج راءِ واسواڻي ديهانت ڪري ويو.
17 اپريل 1965ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالحليم راجنپوري جو لاڏاڻو ٿيو.
17 اپريل 1999ع مولوي قادر بخش قاسمي جي وفات ٿي.
17 اپريل 2007ع اداڪاره شيلا راماڻئ جو مرتيو ٿيو۔
17 اپريل 2010ع سماج سڌارڪ غلام نبي ڀنگر(جيڪب آباد) جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment