Wednesday 13 April 2022

Sindh History )April 13, 2022

SINDH IN HISTORY TODAY (13th APRIL)
13th April
BIRTH DATES
Abdul Aziz Jokhio (Mal Mari/Writer/ Born 13th April 1917),
ChandolalJaisinghani (Ratodero>Mombai/Writer/ Born 13th April 1919),
Khalifo Muhammad Aqil (Politician/ Born 13th April 1925),
QamarShahbaz (Nawabshah/Poet & Fiction writer/ Born 13th April 1938),
MoloPamnani (Thatto> Baroda/Artist/ Born 13th April 1942),
Mir Muhammad AslamMagsi (Shikarpur/Journalist/ Born 13th April 1958),
Manzoor Ahmad ‘Bedar’ (Poet/ Born 13th April 1961),
ShafqatHussain ‘Najfi’ (Shahdadkot/Journalist/ Born 13th April 1961),
Abdul KarimAsadDahri (Umar Dahri/Journalist/ Born 13th April 1967),
Ali Bahar Rind (Writer/ Born 13th April 1972).
DEATH DATES
MakhdoomWayoChanhyo (Saint/ Death 13th April 1593),
Moulana Din Muhammad Patai (Religious Scholar/ Death 13th April 1960),
AllamaI.I.Kazi (Paat/Philosopher/ Death 13th April 1968),
Moulana Abdul Wahid Khoso (Religious Scholar/ Death 13th April 1972),
BegamFaqiryani (Singer/ Death 13th April 1987).
EVENTS
1911: Eminent Social Reformer and PhilospherDiwanDayaramGidumal get his ‘ DiwanMetharam Trust’ registered. The Trust provided social, educational and religious services to people for years.
1929: Sindh Congress violates ‘Salt Law’. Gatherings are held in major cities. In Karachi NaraindasBechar violates the Salt Law in public meeting held at Ram Bagh.
1932: Anti-Separation meeting is held at Karachi. Sindhi Hindus demand that Sindh must remain annexed to Bombay Presidency.
1961: Pakistan lodges protest to Russia on its hostile propaganda against Pakistan.
1971: MoulanaMaudoodi writes to 39 political and religious leaders of Muslim world inviting their attention to India’s designs against Pakistan.
1973: President Bhutto authenticates the Constitution.
1977: Dr.MubashirHussain resigns as PPP Secretary –General. Z.A.Bhutto rules out fresh elections and says that elections were rigged by over-zealous party workers and bureaucrats.
1990: MQM rejects Sindh Government’s talk offer.
1991: Pakistan is included by UN among 35 countries which will contribute military contingents to UN Force for Kuwait-Iraq border.
 
Dur Muhammad Pathan: Sindh in History Today (13th April). Research & Video Talk by Dr.Pathan
منھنجو تاريخ بابت روزانو وڊيو ٽاڪ لڳ ڀڳ 40 منٽن جو ٿيندو آهي. ڪن دوستن جو خيال آھي ته اهو وقت ٿورو گهٽائجي. پر مسئلو هي آھي ته تاريخ کي اڌورو بيان ڪرڻ خود تاريخ سان ويساه-گهاتي ڪرڻ برابر آھي. مان تاريخ نويسي ڪندو رهان ٿو. يوٽيوب تي رڪارڊ محفوظ ٿيندو وڃي ٿو. ٽاڪس قسطن ۾ به ٻڌي سگهجن ٿا. ان ڪري ڪنھن کي راضي ڪرڻ لاء تاريخ کي ناراض نه ڪبو. ڳالھ پوري ڪبي. سنڌ جا عاشق سنڌ جي تاريخ سان به اوتري محبت ڪندا ۽ تاريخ ٻڌڻ پڙھڻ لاء وقت ڪڍندا.
اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ سنڌ جي عاشقن لاء انگريزن ۽ پنھنجي دور جي ڪيترن واقعن ۽ شخصيتن جو ذڪر آھي. وقت ملي ته ضرور ڏسو, ٻڌو ۽ سنگت ۾ ونڊيو. يوٽيوب تي سبسڪرائيب نه ڪيو اٿو ته ضرور ڪجو.

***************
توجه طلب واقعا
***************
13.4.1847:
ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سنڌ جي گورنر کي چيو ته واپار ۽ تجارت جي مقصدن لاء سنڌوندئ ۾ آگبوٽ ھلايو
13.4.1850:
جان جيڪب اڄ ڪمشنر کي لکيو ته خطرناڪ ڏوهاري ڏاتو بگٽئ کي عام جيل ۾ رکڻ بدران هن کي الڳ ۽ پري قيد ۾ رکيو ويندو.
13.4.1911:
نامور فلاسفر ۽ سماجي سڌارڪ ديوان ڏيارام گدومل اڄ ”ديوان ميٺارام خيراتي ٽرسٽ" جي رجسٽريشن ڪرائي. هن ٽرسٽ بي مثال سماجي, مذھبي ۽ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون.
13.4.1919:
"روولٽ ائڪٽ" خلاف جليانوالا, پنجاب ۾ ماڻھون احتجاج ڪرڻ اچي گڏ ٿيا ته جنرل ڊائير انھن تي گولي هلرائي ۽ ڪيترا ماڻھون اڦٽ مري پيا. هن سانحي تي گل حيات جي ويب سائيٽ تي کوڙ مواد پيو آھي. جليانه والا وارن سان همدردي ڪرڻ ۽ مدد ڏيڻ لاء سنڌي ماڻھون هڪ اسپيشل ٽرين ڪري ويا هئا.
13.4.1929:
سنڌ ڪانگريس پاران سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ”لوڻ جا قاعدا" ٽوڙيا. ڪيترن هنڌن تي گرفتاريون به ڪيون ويون.
13.4.1932:
برطانيه ۾ ”گول ميز ڪانفرنس" جا ڏينھن هئا. ان ۾ سنڌ جا هندو ڪونه گهرايا ويا هئا. اڄ سنڌ جي هندن ڪراچئ ۾ ”ائنٽي سنڌ سپريشن ڪانفرنس" سڏائي ۽ سنڌ جي ممبئئ کان جدا ڪرڻ وارئ ڳالھ جي شديد مخالفت ڪئي.
13.4.1951:
"راولپنڊي سازش ڪيس هلائڻ لاء فيڊرل ڪورٽ جي ٽن ججن تي ٻڌل هڪ ٽريبيونل ٺاهيو ويو.
13.4.1952:
قلات, مڪران, لس ٻيلي ۽ خاران رياستن وارئ بلوچستان جي يونئين خان آف قلات کي پنهنجو صدر چونڊيو.
13.4.1957:
نئشنل اسيمبلئ مغربي پاڪستان ۾ وڌيڪ چئن مهينن لاء صدارتي راڄ قائم رکڻ جي منظوري ڏني.
13.4.1970:
اسلام آباد ۾ ٺاه ٿيو ته آمريڪا پاڪستان کي 83 ملين ڊالر ڏيندو. سنڌ کي انھن مان ڪيترو مليو, اهو اسان کي سنڌي معاشي ماهر ٻڌائيندا.
13.4.1977:
اعتزاز حسن ۽ عبدالحفيظ ڪاردار پنجاب اسيمبلئ تان استعيفا ڏني ۽ ڊاڪٽر مبشر وري پيپلز پارٽئ جي سيڪريٽري جنرل واري عهدي تان استعيفا ڏنا. ڀٽي کي ڏکيئي وقت ۾ ايئن پنھنجا ڇڏڻ لڳا. ڇو ته هو سمجهي ويا ته اڃا ممڻ مچڻ وارو آھي.
ڀٽي چيو ته ٻيهر چونڊون نه ڪرائيندس. پر اها ڳالھ مڃان ٿو ته ٿيل چونڊن ۾ ڪن هنڌن تي ڌانڌلي ٿي آھي.
13.4.1990:
ايم ڪيو ايم اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت سان ڳالهيون نه ڪبيون.
13.4.2003:
حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان مرڪزي دفتر ۽ گوبند مالهي لائبررئ جي پيڙھ جو پٿر رکيو ويو.
***************
{ڏينهن 13 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷
[جنم ڏينهن:]
13 اپريل 1885ع سرڳواسي ڀڳت ڪنور رامجي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 اپريل 1917ع ليکڪ عبدالعزيز جوکيو جي پيدائش ٿي.
13 اپريل 1919ع ليکڪ چندو لال جي سنگهاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
13 اپريل 1925ع سياستدان خليفي محمد عاقل جو جنم ڏينهن آهي.
13 اپريل 1938ع شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نويس قمر شهباز(نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 اپريل 1942ع اداڪار مولو پمناڻي (ٺٽو / برودا) جو جنم ڏينهن آهي.
13 اپريل 1944ع فنڪار انور بلوچ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 اپريل 1961ع شاعر منظور بيدار جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 اپريل 1961ع شاعر شفقت نجفي (شهداد ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 اپريل 1967ع صحافي عبدالڪريم اسد جو جنم ڏينهن آهي.
13 اپريل 1972ع ليکڪ علي بحر رند جو ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
13 اپريل 1593ع مذهبي اسڪالر مخدوم وهيو چانڊيو جو لاڏاڻو ٿيو.
13 اپريل 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد پتائي جو انتقال ٿيو.
13 اپريل 1968ع اسڪالر، فلاسافر ۽ تعليمدان علامه آءِ آءِ قاضئ جو انتقال ٿيو.
13 اپريل 1972ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالوحيد کوسو جي وفات ٿي.
13 اپريل 1987ع گلوڪاره بيگم فقيرياڻئ جو لاڏاڻو ٿيو.
13 اپريل 1992ع موسيقار سي ارجن(ڪراچي / هندستان) جي ديهانت ٿي.
13 اپريل 1993ع اداڪار سعيد احمد واگهو وڇڙي ويو.
1992: Prime Minister Nawaz Sharif approves ‘PindiBhattian- Gwarder Moter way Project’.

No comments:

Post a Comment