Saturday 2 April 2022

Sindh History (April 3, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (3rd APRIL)
3rd April
BIRTH DATES
Moulana Sanaullah ‘Sanai’ (Dhorai Sihra/Poet/ Born 3rd April 1895),
Pirbhdas Verwani (Hala/Ajmir/Writer/Born 3rd April 1900)
,Chelaram Aatmaram (Mithiani>Ajmir/Writer/Born 3rd April 1929),
Yousif Shaheen (Ex-Senator, Journalist & Founder Daily Barsat/Born 3rd April 1939),
Abdul Latif ‘Udasi’ Soomro (Shikarpur/Poet/Born 3rd April 1954),
Muhammad Salih Memon (Umar Memon/Journalist/Born 3rd April 1964),
Masoom Bukhari (Marzo Janwri/Poet/Born 3rd April 1968),
Asadullah ‘Asad’ Solangi (Muhammad Suleman Solangi/Poet/Born 3rd April 1971),
Gulshan Shaikh (Bihman/Journalist/Born 3rd April 1973),
Ghulam Nabi ‘Ghulam’ Veesar (MeharVeesar/Poet/Born 3rd April 1976).
3rd April
DEATH DATES
Makhdoom Muhammad Daud ‘Khadim’ (Poet/ Death 3th April 1941).
3rd April
EVENTS
A draft of new and amended treaty is handed over to Mir Noor Muhammad Khan and Mir Muhammad Khan and Mir Sobdar Khan. They are told that the orders of the Governor-Genral were final and no alteration could possibly be made in it.
1918: “Rasai Commission” starts taking statements from landlords and collecting evidences at Karachi. The Commission was constituted by the Government on the initiate of RaisGhulam Muhammad Bhurgri. Seth HarchandraiVishindas and GhulamHussainHidayatullah were its members.
1920: Pir Syed Asadullah Shah of Tukhar presides over public meeting of Muslims at Sukkur. It is attended by more than 4000 participants belonging to various parts of Sindh. A committee is constituted to reorganize ‘Sindh Muslim League’. Jan Muhammad Junijo ,PirTurab Ali Shah and Pir Ali Anwar Shah are also included as members of the committee. This may Kindly be kept in mind that since 1917 Sindh Muslim League did its level best to get affiliated with the All-India Muslim League, but it was denied and the public meeting of today decided to reorganize their own Sindh Muslim League and not the branch of the All-India Muslim League.
1932: Sindh Congress observes ‘Gandhi Arrest Day’. Meetings are held in major cities and speeches are made against high handedness of the Government.
1968: Pakistan dissociated itself from the final communique of the SEATO ministerial meeting.
1969: President Yahya Khan forms a three-member council of administration with himself as its chairman. The other members are DCMLA Lt.General Abdul Hamid Khan, Vice Admiral S.M.Ahsan and Air Martial Noor Khan.
1971: More than 100 British and Australian families arrives in Singapore from Dhaka as they find situation of East Pakistan taking new turn in history.
 
Dur Muhammad Pathan: Sindh in History today (3rd April). Rerearch & Video Talk by Dr.Pathan
تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جي پنھنجي حاڪم حڪمرانن ۽ عوام جا دڳ, طريقا ۽ مفاد الڳ الڳ رهيا آهن. مشڪل وقت ۾ حڪمرانن ڌارين کان معافيون ورتيون, پر, عوام طاقتور ۽ فيل مست ڌارين کي نڪ ۾ دم ڏنو. اڄوڪي وڊيو ۾ اوهان کي اهڙيون کوڙ شاھديون ملنديون. * سنڌ ۾ ٻن قسمن جا مرشد ٿيندا آھن: هڪڙا اسان جي ابن ڏاڏن جا موروثي مرشد ۽ ٻيا سرڪاري مرشد. سرڪاري مرشدن خلاف رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جيڪا باه ٻاري, ان جو تفصيل به هن وڊيو ٽاڪ ۾ آھي. * سنڌ جي مانھن ”مسلم ليگ" ٺاهي, پر ان کي آل انڊيا مسلم ليگ الحاق نه ڏنو. اهو تفصيلي احوال به هن وڊيو ٽاڪ ۾ آهي. * ان کان سواء ٻيو گهڻو ڪجھ ھن وڊيو ۾ آھي. اوهان جي تاريخ جو ورق آهي. اهو ڏسو, ٻڌو, ونڊيو ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪريو.

***************
توجه طلب واقعا
***************
3.4.1839:
ليفٽننٽ ليڪي خط لکي پاٽينجر کي ٻڌائي ٿو ته تنهنجي حڪم جي تعميل ۾ ترميم ٿيل معاهدو سمورن ميرن تائين پهچايو اٿم ۽ اهو به کين کولي ٻڌايو اٿم ته معاهدي ۾ گورنر جنرل بهادر پاڻ ڦير گهير ڪئي آھي ۽ مير ان کي هاڻي بدلائي نه ٿا سگهن. بس کين قبول ڪري دستخط ڪري مهر هڻي ڏيڻي آھي.
هو لکي ٿو ته سيد تقي شاه مون سان ملڻ آيو ۽ ترميم شده معاهدي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين. هن چيو ته ميرن جو ڪراچئ تان هٿ نه پٽايو. هن چيو ته اسان جا مير اوهان سان سٺو هليا آھن. ھنن ٺٽو اوهان جي حوالي ڪيو آھي ته ڀلي اتي فوج رکو. هنن اوهان کي سنڌ مان افغانستان وڃڻ جو رستو ڏنو. ان ڪري اوهان جيڪو معاهدي جو متن ڏنو آهي, ان ۾ ڦير گهير ٿيڻ گهرجي.
3.4.1839:
پاٽينجر اڄ برگيڊيئر والينٽ کي خط لکي ٻڌايو ته ڪراچئ ۾ ماڻھن ڪئپٽن ھينڊ کي ماري وڌو آھي ۽ ٺٽي مان وري 16 اٺ اسان جي فوجي ڇانوڻئ مان چوري ڪري ويا آھن. اها ميرن جي هشئ تي نه پيو ٿئي مگر سنڌي عوام اسان جو دشمن ٿي بيٺو آھي ۽ انهن کي روڪڻ کان مير بي وس آھن.
3.4.1839:
برنس اڄ شاه شجاع جي نمائندي کي لکي ٿو ته سنڌ ۾ اسان خلاف مير به سازشون ڪري رهيا آھن. مون حيدرآبادي ميرن ۽ مير شير محمد جا خط پڪڙيا آھن. مير شير محمد ته اسان تي ٻريو ويٺو آھي. شاه شجاع جي ڏن بابت ميرن سان ڳالهيون هلي رهيون آھن.
3.4.1841:
حڪومت ميرن جي آھي ۽ سندن اجازت خواه رضامندي سان مختلف هنڌن جي سروي انگريز ڪن ٿا !. راس بيل اڄ ميجر جنرل بروڪ کي لکي ٿو ته ڪئپٽن لي ميئرر سنڌ ۾ سروي جو ڪم ڪري رهيو آھي هن کي هڪ اڌ مددگار رکي ڏيو.
3.4.1918:
فرنگين اسان جي اپر ڪلاس جي مٿي تي هٿ رکڻ لاء کين جاگيرون ڏنيون, لقب ۽ خطاب ڏنا. پر, وري گهڻو رت به انھئ طبقي جو چوسيو. ڪامورا سنڌ ۾ ڪنهن به هنڌ دوري تي ويندا هئا ته اسان جا جاگيردار ۽ وڏيرا جيري لاء ٻڪري ڪهندا هئا. کين راضي ڪرڻ لاء وڏي رقم رسائئ طور ڏيندا هئا. هن لاء روڊ رستا ٺيڪ ڪيا ويندا هئا ۽ مکڻ ماکئ جا ٽين ڀرائي کين ڏيندا هئا.
رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ انھئ آزار کي ختم ڪرڻ لاء ڪائونسل/اسيمبلئ ۾ تحريڪ هلائي. سرڪار مجبور ٿي ڪري جسٽس هيورڊ جي سربراھئ ۾ "رسائئ ۽ لاپي لاء ڪميشن" ويهاري. اها ڪميشن اڄ ڪراچئ پهتي ۽ پوء ٻين ضلعن ۾ وئي ته جيئن مامري تي اپر ڪلاس کان شاهديون وٺي. سيٺ هرچندراء ۽ شيخ غلام حسين هدايت الله پڻ انھئ ڪميشن جا ميمبر هئا.
هن ڪميشن جي رپورٽ گل حيات ۾ موجود آھي.
3.4.1919:
20 مارچ تي دهلئ ۾ عوامي جلوس تي سرڪار گولي هلرائي هئي. انھئ رياستي غنڊا گردئ خلاف اڄ سنڌ ۾ وڏي پئماني واري بک هڙتال ٿي.
3.4.1920:
سنڌي ماڻھن ڪڏ ڏئي "مسلم ليگ" نالي سياسي جماعت ته ٺاهي, پر وڏين ڪوششن باوجود 1936 تائين ان کي آل انڊيا مسلم ليگ الحاق نه ڏنو. پر سنڌي مسلمان اهڙي ماٽيلي ماء واري سلوڪ کان مايوس نه ٿيا. پر پنھنجئ "سنڌ مسلم ليگ" کي فعال رکندا آيا.
اڄ سيد اسدالله شاه ٽکڙائئ جي صدارت ۾ سکر ۾ ”سنڌ مسلم ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان چئن هزار سياسي سوچ رکندڙ مسلمانن شرڪت ڪئي. هي ميڙاڪو ٻه ڏينھن هليو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته "سنڌ مسلم ليگ" کي هر سطح تي فعال ڪيو ويندو. [ياد رهي ته خلافت تحريڪ هلڻ ڪري مسلم ليگ وارو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو]
3.4.1971:
اوڀر پاڪستان جي بدلجندڙ حالتن کي نظر ۾ رکي غير ملڪي ڪنهن وقت وڃائڻ کان سواء لڏڻ لڳا.
3.4.1973:
پيپلز پارٽئ ۽ پي.اين.اي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيون.
***************
{3 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
3 اپريل 1895ع شاعر مولانا ثناءُ الله ثنائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 اپريل 1929ع سماج سڌارڪ ميلارام آتمارام (مٺياڻي / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
3 اپريل 1939ع صحافي، ليکڪ ۽ اڳوڻي سينيٽر يوسف شاهين جو جنم ڏينهن آهي.
3 اپريل 1954ع شاعر عبداللطيف اداسي (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 اپريل 1955ع شاعر ۽ ليکڪ مشڪور ڦلڪارو جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔
3 اپريل 1964ع صحافي محمد صالح ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
3 اپريل 1968ع شاعر معصوم بخاري (مرزو جانوري) جو جنم ڏينهن آهي.
3 اپريل 1971ع شاعر اسد سولنگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 اپريل 1976ع شاعر غلام نبي غلام جو جنم ڏينهن آهي.
3 اپريل 1984ع شاعر رفيق جتوئي (گهرام) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
3 اپريل 1941ع شاعر مخدوم محمد دائود خادم جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment