Saturday 9 April 2022

Sindh History(April 10, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (10th APRIL)
10th April
BIRTH DATES
HasaramPamnani (Rohri/Social Worker & Freedom Fighter/ Born 10th April 1839),
Ranjho Khan ‘Piyasi’ (Poet/ Born 10th April 1916),
AzharRelai (DargahPirRakhyal Shah/Poet/ Born 10th April 1923),
Jamal Abro (Fiction writer/ Born 10th April 1925),
SoomarSoudai (Dadu/Poet/ Born 10th April 1938),
MithalHyderi (Writer/ Born 10th April 1938),
Agha Sanaullah (Shikarpur/Journalist/ Born 10th April 1948),
Azizullah ‘Aziz’ Mahessar (QaziArif/Poet/ Born 10th April 1950),
LaxmiJaswant Kumar (Mombai/Dancer/ Born 10th April 1955),
TariqAlimAbro (Kamber/Artist/ Born 10th April 1958),
Aziz Kaleri (Alan/Writer/ Born 10th April 1966),
ShoukatArain (Sinjhoro/Journalist/ Born 10th April 1967),
TemoorChandio (Nirah/Writer/ Born 10th April 1973)
,AsadChachar (PanoAqil/Poet/ Born 10th April 1978),
RafiqMalgani (Ali Gohar/Writer/ Born 10th April 1979),
Abdul Rasool ‘Abid’ Metlo (Ahmad Metlo/ Born 10th April 1980),
WaheedGabol (MiralGabol/Poet/ Born 10th April 1984)
DEATH DATES
Prof. M.R.Sherazi (Karachi/Bahai Activist/ Death 10th April 1925)
Moulana Din Muhammad ‘Wafai; (Religious Scholar, Journalist, Writer & Freedom Fighter/ Death 10th April 1950),
MirzaAsad Beg (Hyderabad/Poet/ Death 10th April 1990),
EVENTS
1919: In protest against arrest of Saifuddin and Dr.Satyapal violence is erupted in Amratsar and Lahore. A few people are killed in police firing near Anarkali. Government buildings are put on fire. British people are caught and beaten in both cities.
1918: BangulderoVidyala celebrates its Annual Function and it is presided over by Mr. Sidiqui, Dy. Collector of Ratodero. Mr. Wasvani in his welcome address states that Vidyala is imparting education to 11 Muslim and 54 Hindu students of 8 villages. Its Annual earning remained Rs.1115 and whereas Expenditure was Rs.1050. Income consists of Rs.502 as Fees and Rs.612 as donations. The District Local Board of Larkano started grant of Rs,500 to Vidyalia on the request and recommendation of Dy. Collector.
1927: Eighty-three Muslim accused in Larkana riots are produced before the court of G.H.Agha, Special First Class Magistrate of Larkana. Abdul Rahman and Pirzado pleaded their case. They were arrested in connection with Hindu-Muslim riots erupted due to kidnapping and converting to Hinduism of a lady from Gerelo.
1940: The White Paper on Indian constitutional Reforms is published by the British Government which holds out the assuarance that in preparing the future constitution for India, the British Government will definetly accommodate the point of view of Indian people.
1965: Pakistan and Soviet Union declare their ‘resolute support’ for peoples fighting for their right of self-determination. A joint communiqué is issued in Moscow and Karachi.
1985: Mian Nawaz Sharif is sworn in as the chief minister of Punjab.
1986: Lahore gives warm welcome to Benazir Bhutto as she arrives from London. Says, her party will not follow the policy of revenge when it comes into power.
1988: More than one hundred are killed including former minister KhakanAbbasi and 1000 are injured in Ojhri camp ammunition dump blows up.
2022: Imran Khan is unseated as Prime Minister of Pakistan through vote of No Confidence  
Sindh in history today (10th April). Research & Video Talk by Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat Institute.
***************
توجه طلب واقعا
***************
10.4.1842:
حيدرآباد وارئ فرنگي ايجنسئ ۾ علي اڪبر نالي هڪ منشي هو. هو اڄ پنهنجي روزنامچي ۾ لکي ٿو ته فرنگي فوج کي سکر يا اتر سنڌ جي ڪنهن مناسب هنڌ تي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ لاء حيدرآبادي ۽ خيرپوري ميرن هڪ ڊرامو شروع ڪيو آھي. جنهن مطابق حيدرآبادي ميرن جي فوج خيرپور ويندي ۽ فرنگين کي اهو تاثر ڏيندي ته اسان مير رستم خان کي بچائڻ ٿا وڃون. ڇوته خيرپوري مير نصير خان ۽ مير علي مراد خان وچ ۾ ڪن ڳوٺن جي مالڪئ تي جنگ ٿيڻ واري آھي. ان دوران مير رستم علي خان کي بچائڻو آھي.
حيدرآبادي فوج جڏهن خيرپور پهچندي ته مير رستم علي خان جي فوج ان سان ملندي ۽ پوء گڏجي فرنگي فوج تي اوچتو حملو ڪيو ويندو.
10.4.1847:
مير رستم خان ۽ مير بچار خان جي پٽن ڪمپني حڪومت کي دانھن ڏني ته مير علي مراد خان سندن زمين تي قبضو ڪيو آھي, جيڪو اسان کي ڇڏرائي ڏيو. اها درخواست اڪلائڻ لاء سنڌ جي گورنر نيپيئر کي موڪلي وئي. هن لکيو ته مان مير علي مراد خان جي انگريز دوستئ جو گواه آھيان. هو هن وقت منهنجو ڪو ماتحت ناهي جو انھئ مامري بابت هن کان پڇا ڳاڇا ڪريان. اهو اختيار گورنر جنرل کي آھي ته مير علي مراد خان کان پڇي.
10.4.1918:
بنگلديري ودياليه جي سالياني تقريب ٿي. ان وقت پرنسال واسواڻئ رپورٽ پيش ڪري ٻڌايو ته مهاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ سرڪار خانگي تعليمي ادارن جي مالي مدد بند ڪري ڇڏي آھي. ان ڪري هي اسڪول پنهنجي مالي وسيلن تي هلي ٿو. گذريل سال في ۽ چندي مان 1115 روپيا آمدني ٿي ۽ خرچ 1050 روپيا, 2 آنا ۽ 7 پايون ٿيو. هن اسڪول ۾ 8 ڳوٺن جي 54 هندن ۽ 11 مسلمانن کي تعليم ڏني وئي. هندن ۽ مسلمانن کي الڳ الڳ ديني تعليم به ڏني وئي. [ انھئ ڳالھ تي ڌيان ڇڪرائجي ٿو ته پهرين عالمگير سنڌي سماج ۽ معيشت تي جيڪي منفي اثر وڌا, ان جو مثال هن واقعي موجود آھي. ٻي ڳالھ جيڪا توجه ڇڪرائي ٿي ته ان زماني ۾ ٻار پڙھائڻ جو شوق گهٽ ھو. 8 ڳوٺن مان فقط 66 ٻار خانگي اسڪول ۾ پڙھي رهيا هئا, جن مان مسلمان رڳو 11 هئا]
10.4.1927:
هي سنڌ ۾ ھندو-مسلم نفاق جو منحوس سال هو. آريا سماجي لاڙڪاڻي ضلعي مان مسلمان مائي زورئ کڻي ويا ته کيس هندو بڻائجي. مائي ته نه موٽي, پر لاڙڪاڻي ۾ ھندو-مسلم فساد ٿيا ۽ هند سنڌ ۾ لاڙڪاڻي جي مسلمانن سان همدردي ڏيکارڻ لاء ”لاڙڪاڻه ڊي" ملهايو ويو. لاڙڪاڻي ۾ 83 مسلمانن تي لاڙڪاڻي جي اسپيشل فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ جي.ايڇ.آغا جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. مسلمان اڳواڻن انھئ ڪيس لاء ھڪ لک روپين جي چندي گڏ ڪرڻ جي اڄ مهم هلائي.
10.4.1932:
پير حسام الدين راشدئ ۽ پير علي محمد شاه راشدئ سکر کان علم ۽ قلم جي دنيا ۾ پير پاتو. ٻئي ڀائر شاعر ته ڪونه هئا, پر هنن سکر ۾ ”بزم مشاعره" جي نالي سان ادبي تنظيم ٺاهي, جنهن طرفان مشاعرا ٿيندا هئا. اڄ جيڪو مشاعرو ڪرايو ويو, انھئ جي طرح ھئي:
"دل ۾ ھزارين درد اٿم چشم تر نه ٿي".
10.4.1934:
هن دور ۾ ”لنوارئ جو حج" هڪ مامري جي صورت اختيار ڪئي. بدين ان جو مرڪز رهيو ۽ سنڌ جي ڪيترن عالمن, خاص طور تي کڏي واري مدرسه جي اڳواڻ ۽ عالمن انھئ حج خلاف تحريڪ هلائي. مولوي خير محمد نظاماڻي "بيداري" اخبار ۾ اڄ انھئ مامري تي ايڊيٽوريل لکيو ۽ ان تي مٿس ڪيس هليو.
10.4.1950:
سرڪاري طور پڌرو ڪيو ويو ته 17 فيبرورئ 1950 کان 31 مارچ 1950 تائين 509000 پناهگير پهچي ويا آھن.
10.4.1967:
سنڌي ٻولئ کي انڊيا ۾ پنجين قومي ٻولي بڻايو ويو.
[باقي "واقعا" ولادتن ۽ وفاتن جي تاريخن کان پوء لکيا ويا آھن]
***************
{10 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
10 اپريل 1839ع فريڊم فائيٽر هسارام پمناڻي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
10 اپريل 1913ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا جهان خان دراني جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
10 اپريل 1916ع شاعر رانجهو خان پياسي جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1923ع شاعر اظهر ريلائي جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1938ع ليکڪ مٺل حيدري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
10 اپريل 1938ع شاعر سومر سودائي جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1948ع صحافي آغا ثناء الله (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1950ع شاعر عزيز الله عزيز مهيسر جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1954ع ليکڪ عبداللطيف سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1952ع سياسي اڳواڻ شهيد نذير عباسي جي ٽنڊو الهيار ۾ پيدائش ٿي.
10 اپريل 1955ع ڊانسر لڪشمي جسونت ڪمار (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1956ع ليکڪ زيب ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1958ع ليکڪ ۽ آرٽسٽ طارق عالم ابڙوجو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1962 ع شاعر ۽ ليکڪ ڳوٺ مچر ۾ ڄائو.
10 اپريل 1966ع ليکڪ عزيز ڪليري جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1967ع صحافي شوڪت آرائين (سنجهورو) جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1973ع ليکڪ تيمور چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1978ع شاعر ۽ نثر نويس اسد چاچڙ(پنو عاقل) جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1979ع ليکڪ رفيق ملگاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1980ع شاعر عبدالرسول عابد جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1984ع شاعر وسيم آڪاش سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.
10 اپريل 1984ع شاعر وحيد گبول جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
10 اپريل 1925ع پروفيسر اي آر شيرازي (ڪراچي) جو انتقال ٿيو.
10 اپريل 1931ع لبناني شاعر، ليکڪ ۽ مصور خليل جبران جي وفات ٿي.
10 اپريل 1950ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ ناليواري صحافي, محقق ۽ آزادئ جي تحريڪ جو سپاهي مولانا دين محمد وفائئ جو انتقال ٿيو.
10 اپريل 1990ع شاعر مرزا اسد بيگ (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
10 اپريل 2011 ع تي سيهڙ ۾ ميجر ضياء الحق ڪانڌڙي جي وفات ٿي.
10.4.1985:
ميان نواز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور حلف کنيو.
10.4.1986:
لنڊن کان مٽندي بينظير ڀٽو اڄ لاهور پهتي ته سندس والهانه استقبال ڪيو ويو. هن پنهنجئ تقرير ۾ ڪم جي ڳالھ اها ڪئي ته هن جي پارٽي اقتدار ۾ آئي ته سياسي انتقام يا بدلو نه وٺبو [مطلب ته هن پنھنجي والد جي قاتلن کي اهو يقين ڏياريو. جهڙوڪ سياست ۾ اچڻ لاء اھو وعدو ڏيڻ ڪو شرط هو]
10.4.1988:
اوجهڙي ڪئمپ ۾ سانڍيل فوجي بارود کي باه لڳي. ان ۾ هڪ سو ماڻھون مري ويا

No comments:

Post a Comment