Tuesday 21 August 2018

Sindh History (21st August) in Sindhi

EVENTS FROM SINDH HISTORY (21st August) By: Dr. Pathan
** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي حڪم جاري ڪيو ته سيٺ نائومل لاءِ ڪو مناسب عهدو ڳوليو وڃي، هو ڪراچي جو اڳوڻو ڪاردار رهيو آهي ۽ اسان جو وفادار آهي، جيڪڏهن ائين ممڪن نه هجي ته گورنر کيس هڪ هزار بگاس زمين فراهم ڪري، اهو به ذهن ۾ رکيو وڃي ته زمين ڏيڻ بعد آبپاشي مقصدن لاءِ پاڻي جي فراهمي پڻ ڪئي وڃي، جڏهن ته کيس ملندڙ گرانٽ تاحيات هوندي.
** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪلڪتي ۾ مولانا محمد علي جوهر جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ سنڌ مان پڻ ناليوارن خلافتي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اڳواڻن صلاح ڏني ته سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ بهتر لاڳاپن لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ شاهنواز خان ڀٽو انهيءَ رٿ جي مخالفت ڪئي ته چونڊ نظام الڳ الڳ نه هجي، ڊاڪٽر ايم ايل ڊڪشٽ اها رٿ پيش ڪئي هئي ته مختلف ڪارپوريشنز ۾ گڏيل چونڊ نظام لاڳو ڪيو وڃي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي آئين جو مسودو تيار ڪيو ويو، اهڙي دعويٰ حڪومت طرفان ڪئي وئي پر ان دعويٰ باوجود پاڪستان ۾ وڏي عرصي تائين آئين نه اچي سگهيو.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان ڪابينا فيصلو ڪيو ته غلام محمد بئراج (ڪوٽڙي بئراج) جون زمينون فوري طور تي هارين کي ڏنيون وڃن.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نيشنل عوامي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل محمودالحق عثماني کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌو درياءَ ۾ آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾لاڙڪاڻو ضلعو سخت متاثر ٿيو، درياءَ جو پاڻي شهر جي چوڌاري ڦهلجي ويو، جنهن ڪري شهرين ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي، سرڪار ماڻهن جي تحفظ لاءِ سمورن ادارن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي. وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو پهچي علائقن جو دورو ڪيو، هو پاڻي هيٺ علائقن ۾ به ويو.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پشاور ۾ عوامي نيشنل پارٽي طرفان تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي معاملي تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ملڪ جي مڙني سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ پنجاب جي دانشورن به ڊيم کي رد ڪري ڇڏيو،ڪانفرنس جو گڏيل پڌرنامو به جاري ڪيو ويو.جنهن ۾ چيو ويو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو ويو ته ملڪ ٽٽي ويندو.

No comments:

Post a Comment