Thursday 27 April 2023

Sindh in history today today (28th April). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {28th April} & my Good Day wish for YOU. ************* ** توجه طلب واقعا *************** 28.4.1841: ڪئپٽن لي ميزرير اڄ آئوٽ رام کي خط لکي ٻڌايو ته هن سنڌ جو نقشو تيار ڪري ڇڏيو آھي. ڪو ڊرافٽ مين موڪليو ته ان جي ڪاپي ٺاهي وٺي. [سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ئي فرنگي سنڌ جو نقشو تيار ٿا ڪن ۽ اسان جا حڪمران انھئ ڪم ۽ ڪم جي اهميت کان بي خبر آھن] 28.4.1848: ميجر جيڪب اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي مراسلو موڪلي ٻڌايو ته روجهاڻ وارو قلعو در اصل حيدرآباد جي مير نصير خان جي ملڪيت هئي. ان ڪري خيرپوري ميرن يا خان آف قلات جي ان تي مالڪئ جو حق ئي نه ٿو ٺھي. 28.4.1930: پير پاڳاري سورهيه بادشاه جي گرفتاري ٿي ته سنڌ جي اخبارن سرڪار جي انھئ بي واجبي قدم خلاف لکيو.اڄ ھفتيوار "نور اسلام" ايڊيٽوريل لکيو. 28.4.1934: اڄ پشاور ۾ ”فرنٽير,پنجاب ۽ سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي. انھئ ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ خلاف ٺھراء پاس ڪيو ويو. [ياد رهي ته ماڻھن ھن دور ۾ سياسي ۽ سماجي تقاضائن بدران دين ڌرم جي نالي تي متحد ٿيڻ شروع ڪيو. جنهن ڪري انھئ مامري ماڻھون منجهائڻ شروع ڪيا.] 28.4.1935: ڪراچئ ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ مکيه مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي. انھئ ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ بابت حڪمت عملي ٺاهڻ کان علاوه ٺھراء پاس ڪري حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچئ ۾ مسلمانن جي جلوس مٿان ٿيل گوليبازئ ۽ ڪيترن ماڻھن مارڻ جي جانچ لاء انڪواري ڪميٽي ٺاهي وڃي. ياد رهي ته عبدالقيوم نالي هڪ ماڻھونء نٿورام کي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي ماريو هو. هن کي ڦاسي ڏني وئي ۽ مسلمان جلوس جي صورت ۾ لاش کڻي دفنائڻ ٿي ويا ته مٿن گولي هلائي وئي هئي]. 28.4.1937: هيرانند جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبلئ جو پهريون اجلاس ٿيو, جنهن ۾ اسپيڪر جي چونڊ ٿي. انھئ لاء شيخ عبدالمجيد سنڌئ ۽ ڀوڄسنگ وچ ۾ مقابلو ٿيو. شيخ عبدالمجيد سنڌئ 18 ووٽ ۽ ڀوڄسنگ 40 ووٽ کنيا. نتيجي ۾ ڀوڄسنگ سنڌ اسيمبلئ جو پهريون اسپيڪر ٿيو. 28.4.1951: پاڪستان ڪميونسٽ پارٽئ جي سيڪريٽرئ سيد سجاد ظھير کي گرفتار ڪيو ويو. ياد رهي ته اهو سڀ ڪجھ آمريڪا سان دوستئ جو نتيجو هو. پاڪستان جي وزير اعظم کي پهريون روس دوري جي دعوت ڏني. هن اها دعوت قبولي به نه ويو ۽ آمريڪا هليو ويو. آمريڪا چاهيو ته پاڪستان کي ڪميونسٽن کان پاڪ معاشرو بڻائجي. 28.4.1952: ڪراچئ "ڪمشنر جو صوبو" بڻايو ويو ۽ ابو طالب نقوئ کي ان جي چيف ڪمشنر جي چارج ورتي. هي صوبو 812 اسڪيائر ميلن وارئ ايراضئ تي بڻايو ويو ۽ ان وقت ان جي آدم شماري 12 لک هئي. 28.4.1953: ڪراچئ جي نئين انتظامي جوڙجڪ پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا. اي.ڪي.بروهئ جي جاء تي مرزا سڪندر بيگ کي سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪيو ويو. 28.4.1954: وڏئ سرڪار فارمولو تيار ڪيو ته اولھ پاڪستان ۾ اردو ۽ اوڀر بنگال/پاڪستان ۾ بنگالي سرڪاري ٻوليون ٿينديون. باقي ٻيون ٻوليون وڃي ٻن پون. اسان جي ڪراچئ جي وارثئ جي ڪيس هارائڻ کان پوء ايئن ٻولئ جو ڪيس به رضا خوشئ سان هارايو ۽ ڪا مزاحمت نه ڪئي. 28.4.1957: ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ سال لاء ”سيڪيورٽي ايڪٽ" لاڳو رهڻ جو حڪم نامو جاري ٿيو. 28.4.1962: قومي اسيمبلئ جي 156 سيٽن لاء عام چونڊون ٿيون. انھن لاء 80 هزار بنيادي جمهوريت جي ميمبرن ووٽ وڌا. 28.4.1977: گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته ملڪ جي سياسي بي چينئ ۾ آمريڪا جو هٿ آھي. *************** {ڏينهن 28 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 28 اپريل 1740ع مذهبي اسڪالر سيد عبدالرحمان سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 اپريل 1930ع گلوڪار گورڌن گولاڻي (سنڌ / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 28 اپريل 1948ع شاعر اطهر منگيجو جنم ڏينهن آهي. 28 اپريل 1951ع شاعر بشير ويسر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 اپريل 1954ع ليکڪ سليم ڪورائي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 28 اپريل 1955ع ليکڪ ڪانجهي مل چوهاڻ جو جنم ڏينهن آهي. 28 اپريل 1985ع ليکڪ طاهر محزون (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 28 اپريل 1800ع مذهبي اسڪالر سيد محمد مبارڪ جيلاني جو لاڏاڻو ٿيو. 28 اپريل 1865ع مذهبي اسڪالر آخوند نور محمد ثانوي (هالا) جو انتقال ٿيو. 28 اپريل 1962ع شاعر مرزا احسان ڪربلائي جو لاڏاڻو ٿيو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ I admit my all limitations, faults and mistakes. But, it is my firm belief that my dear is an ideal, very kind and role-model in accepting, respecting and abiding by Human-values. My dear knows needs and requirements of peace, love and beauty. Because of this I want to be at door of the heart of my dear for ever so as to protect myself from sorrows and longings] آئون تان عيبدار پر ساجن ڀلو ۽ ڀلن سندو سردار, وفا محبت ماڻهپو آھي سندس خلق سندو سنسار, مان دکن دردن سورن جو ڪريان هن سان ئي اظھار, ڪندو مهر نظر ۽ قرب سان عرضن انهن تي ويچار, تان وڃي وسايان پار, پرين جو سرت دعا سلام سان ************* SINDH (ncluding Pakistan) IN HISTORY TODAY {28th APRIL} EVENTS: 1920: ‘Shewaram Theater’ is inaugurated in Karachi by W.N.Richardson, Sub-Divisional Magistrate of Karachi. The place and building remained drama staging spot in Karachi for years. So many Dramatic Societies of Karachi and even of India staged Dramas here. 1930: The weekly ‘Noor Islam’ in course of his editorial asks Government to release Pir Pagaro. 1934: The Frontier, Punjab & Sindh Hindu Conference held at Peshawar demands not to separate Sindh from Bombay Presidency. During the movement in for and against the separation of Sindh, our Sindhi Hindu & Muslim leaders avoided to sit together and resolve the issue but, involved and invited external factor in their Sindh affairs and as decided psychologically to divided their home on ideologically and religiously. 1935: A meeting of Muslim leaders is held at Karachi with Ghulam Hussain Hidayatullah in chair. It is demanded that enquiry be conducted on the ugly event of firing on Muslim procession resulting killing of more than twenty people. 1937: The first ever session of the newly elected Sindh Assembly is held with Hiranand in chair to elect its Speaker. PirIllahiBux, Shaikh Abdul Majeed Sindhi and Diwan Bhojsing are candidates. Pir Illahi Bux withdraws leaving others to contest. Shaikh Abdul Majeed gets 18 votes whereas Diwan Bhojsing earns 40 votes. Hence, Diwan Bhojsing is elected first ever speaker of the first ever Assembly of the Sindh Province. 1939: The talks between Mahatma Gandhi and Subhas Chandra Bose, the president of All-India Congress Committee are adjourned without any definite result. The issue is the formation/election of the Working Committee of the party. Mahata Gandhi is associated with AcharyaKirplani, Dr.RajendraParsad;Pandit Jawaharlal Nehru; Bhulabhai Desai; Sarojni Naidu and others. 1952: Karachi is raised to the status of a Chief Commissioner’s province. It is said/alleged/blamed that The trio: Liaquat Ali Khan, Ghulam Muhammad & Choudhri Muhammad Ali are pioneers of ‘Karachi Card’ to defeat Sindhi nationalism and to create secured constituency.1962: Polling in the first ever general elections to National Assembly for 156 seats is held. Nearly eighty thousand Basic Democracy members are going to elect MNAs on behalf of the nation. 1977: Z.A.Bhutto speaks of U.S hand behind unrest and agitation against a party and its leader that brought POWs back, arranged Islamic Conference; gave tough time to 22 Big Fishes (families), nationalized industries and educational institutions. In his address to joint session of the parliament, he also justifies imposition of martial law in big cities as constitutional.

No comments:

Post a Comment