Thursday 6 April 2023

Sindh in history today (7th April). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {7th April} & My Good Day Wish. ************* ******* توجه طلب واقعا *************** 7.4.1843: حيدرآباد منجهان نيپيئر اڄ مير شير محمد خان کي لکيو ته آغا خان کي جهرڪن ۾ ڦريو ويو ۽ انھئ لٽ جو مال تو وٽ آھي. اهو لٽيل مال موٽاء ۽ مون اڳيان پيش پئج. مان توکي معاف ڪندس ۽ تنهنجي جاگير به توکي موٽائي ڏيندس. 7.4.1857: سنڌ جي سپريڊنٽ انجنيئر سرڪار کي رپورٽ ٺاهي صلاح ڏني ته سنڌوندئ جي ملر برانچ کان شاهبندر تائين اهڙو ڪئنال کوٽيو وڃي, جنھن ۾ ٻيڙيون ۽ گبوٽ هلائي سگهجن ۽ ان آبي آمدرفت ذريعي شاهبندر ۽ ڪراچئ کي ملايو وڃي. 7.4. 1906: حيدرآباد پڪي قلعي ۾ رکيل فرنگي حڪومت جو بارود ڦاٽي پيو, جنهن ڪري قلعي اندر ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا ۽ دماغن ماڻھن کي ڊيڄاري ڇڏيو. 7.4.1934: ڪانگريس جيڪا 2.8.1933 تي سرڪار خلاف "نان ڪو آپريشن موومينٽ" شروع ڪئي هئي, اها اڄ پڄاڻئ کي پهتي. 7.4.1941: لاڙڪاڻي ۾ محمد حسين کهاوڙ جي صدارت ۾ ”لاڙڪاڻو هاري ڪانفرنس" ٿي. هي اهو دور هو جڏهن هٿ وٺي سياست ۾ فرقيوارت" کي هٿي ڏني وئي ته جيئن هندو مسلمانن کي فسادن جي ور چاڙھيو وڃي, ۽ عوام کي ويڙھائي مٿئين طبقي ويڙھائي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي. لاڙڪاڻي وارئ هاري ڪانفرنس فرقيوارت خلاف سخت لفظن ۾ ٺھراء پاس ڪيو. ٺھراء جا لفظ آھن: " ڪانفرنس جي راء موجب مذھبي ڇيڙڇاڙ صرف مٺ جيترا سرمايه ڪار پنهنجي سياسي اقتدار قائم ۽ ذاتي غرضن جي حصول لاء ڪن ٿا. سندن مقصد آھي ته عام ماڻھو ۽ مزدور سندن عوام دشم ڪارستارين کان بي خبر رهن....". 7.4.1952: پاڪستان پارليامينٽ 8 ملين انھن پناهگيرن کي شھري حق ڏنا, جيڪي پهرين جنوري 1952 تائين انڊيا مان پاڪستان ۾ اچي چڪا هئا. حڪم جاري ڪيو ويو ته اولھ پاڪستان ۾ صدارتي راڄ کي وڌيڪ چار مهينا لاڳو رکيو ويندو. 7.4.1973: پيپلز پارٽئ جي مخالف سياسي اتحاد "يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ" فيصلو ڪيو ته قومي اسيمبلئ جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪانه ڪبي. 7.4.1979: صدر ضياء الحق چيو ته ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ ملڪ جي مفاد ۾ هو. نصرت ڀٽو ۽ بي نظير ڀٽو کي ڳڙھي خدابخش آندو ويو ته جيئن ڀٽي جي مزار تي پهچي ايصال ثواب لاء قل خواني ڪن. 7.4.1989: حيدرآباد ۾ رت جي راند کيڏي وئي. سنڌي-مهاجر فسادن ۾ 12 بي گناه شهري مري ويا. حيدرآباد ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. 7.4.1990: ڪراچئ ۾ فيڊرل سيڪيورٽي فورس سان وڙھندي آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا 15 ماڻھون مري ويا. *************** {7 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 7 اپريل 1923ع اسڪالر ڊاڪٽر اين بي جي قاضي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 اپريل 1927ع شاعر ولي دائودپوٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 اپريل 1935ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1935ع ليکڪ ۽ ناول نگار آغا سليم(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1947ع گلوڪار راجيش ڀاردواج (ٽنڊو آدم) جو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1950ع شاعر مير عبدالرسول ميرجو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1966ع اداڪار ۽ صداڪار رفيق عيساڻيءَ جو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1975ع ليکڪا فهميده شرف جو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1978ع شاعر همدرد سومرو (چوکنڊي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1984ع ناول نگار، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار ڪليم ٻُٽ جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 7 اپريل 1934ع جان محمد ڀرڳڙي جو انتقال ٿيو. 7 اپريل 1958ع آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن پير حاجي مٺل شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 7 اپريل 1967ع مير جعفر خان جمالي جو لاڏاڻو ٿيو. 7 اپريل 1973ع پير عبدالله جان سرهندئ جو لاڏاڻو ٿيو. 7 اپريل 1989ع شاعر ايم يعقوب جليس (هالا) جو انتقال ٿيو. 7 اپريل 1992ع جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ حبيب الله ناريجو جي وفات ٿي. 7 اپريل 2012ع قومپرست اڳواڻ شهيد بشير قريشي جو لاڏاڻو ٿيو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [We are passing through era of 'great conversion & reincarnation'. Hence, most of us have started believing that they are Angels, and some being busy in search of Paradise have started making the society hail. It has become very difficult to find those human beings amongst Angeles and Taliban’s, who can understand, abide by and take care of beauty & love, peace and progress] ڪم پئي ٿي ڪل پئي، تہ ڪیر ماٹھو ڪیر حیوان، ‏ اڄ اشرف المخلوقات، ٿيڻ چاھي فرشتو یا طالبان،‏ ڪو ڪو پاسبان نگھبان، سرت سونھن سلام جو.‏ ************* EVENTS from history : 1906: Explosion in the magazine situated in Hyderabad Fort attributed to the spontaneous combustion of a box of cordite which blow down the end walls of fort and cracked the roof of the magazine. 1909: Brahma Mandir of Karachi organizes lecture program. Karpur Srivas RAo delivers his lecture on the topic of ‘Vedanta”. 1934: Non-Cooperation Movement launched by Congress on 2nd August 1933 against the government comes to end today. So many workers were arrested in this 8 month Movement. 1941: Hari Conference is held at Larkano with Muhammad Hussain Khuhawar in chair. It is attended by handsome number of Hari leaders and workers. The Conference terms Hindu-Muslim differences as an out-come of ‘Divide & Rule Policy’ of the Government. People are advised not to play in hands of agents Government, otherwise the dream of freedom will not come true. 1952: The Pakistan Parliament extends the citizenship rights to 8 million refugees who have migrated to Pakistan before January 1, 1952. 1973: Opposition [UDF] rejects Z.A.Bhutto’s terms. Decides to continue boycott of the assembly. 1980: Soviet levels charges against Pakistan that PIA is carrying arms for Afghan Mujahdeen. 1989: Twelve persons are killed in Sindhi-Muhajir clashes in Hyderabad. Curfew is imposed. 1990: Fifteen persons are killed in Karachi in All Pakistan Muhajir Students Federation and PSF. 1995: Pakistan offers to replace British and French troops if they pull out of Bosnia.

No comments:

Post a Comment