Wednesday 19 April 2023

Sindh in history today (19th April). By. Dr.Pathan

***** توجه طلب واقعا ************* 19.4.1851: سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کي لکيو ته ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ ”ڪنزرونسي بورڊ“ ٺاهڻ جي اجازت ڏيو. ياد رهي ته سنڌ ۾ ميونسپالٽين قائم ڪرڻ کان اڳ "ڪنزروينسي بورڊ“ ٺاهيا ويا هئا. ڇو ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن وارو قائدو لاڳو ٿيل نه هو. ڪنزروينسي بورڊ تي ميمبر سرڪار ٿاڦيندي هئي ۽ اهي چونڊ ذريعي ڪونه ايندا هئا. 19.4.1854: صوبائي سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته ڪراچئ ۾ استادن جي تربيت لاء ”نارمل ڪلاس" هلايو. اهي ڪجھ وقت هليا ته پوء ”نارمل اسڪول" جو روپ ورتائون. 19.4.1856: ڪئپٽن پيلئ نالي جاگيرن واري کاتي جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو. هن ٽالپورن جي چئن وڏن خاندانن: شاهواڻي, شھداداڻي, خاناڻي ۽ ماڻڪاڻي جي تاريخ لکي ۽ اها اڄ ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي. 19.4.1933: "هندو مها سڀا" جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برطانيه سرڪار طرفان جاري ڪيل "وائيٽ پيپر" خلاف احتجاجي گڏجاڻيون ڪيون ويون. "وائيٽ پيپر" ۾ ٻڌايو ويو هو ته سرڪار هندستان ۾ ڪهڙا آئيني سڌارا آڻڻ گهري ٿي. ان ۾ اهو به اشارو ڏنل هو ته سنڌ کي صوبائي خودمختياري ڏني ويندي. اها ڳاله سنڌ جي هندن کي پسند نه هئي. هو چاهن پيا ته سنڌ ممبئي پرڳڻي جو حصو رهي ۽ ان کي هڪ ڪمشنر هلائي. 19.4.1940: مسلم ليگ جي سڏ تي جتي جتي مسلم ليگ جون شاخون هيون, اتي "پاڪستان ٺھراء" جي پٺڀرائپ ۾ جلسا ٿيا ۽ ٺھراء پاس ٿيا. [ 1930 کان سنڌ جا هندو خواه مسلمان انڌ جي گهوڙي تي چڙھيا ۽ ٻنھي سنڌ کي نظرانداز ڪيو. هندو سنڌ کي صوبائي خودمختيارئ وارئ حيثيت ۾ ڏسڻ کان نابري واري ويٺا ۽ سنڌ کي ممبئي ماتحت رکڻ تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا. اهڙئ طرح مسلمانن سنڌ جي ملڪي آزادي کي وساري آزادئ جي تحريڪ کي هندستان جي ورهاڱي جي تحريڪ بڻايو.] 19.4.1950: ملڪ جو وزير اعظم آمريڪي صدر ٽرومن جي ذاتي دعوت تي آمريڪا جي دوري تي ويو. سندس واپسئ کان پوء ملڪ ۾ ڪميونسٽن خلاف رڻ ٻاريو ويو. 19.4.1977: ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس حڪومت خلاف حالتون انگاس بڻجي ويون. پي.پي.پي ۽ پي.اين.اي جي ڪارڪنن وچ ۾ مختلف شھرن چڪريون ٿيون. هن طرف "پاڪستان ليبر الائنس" ڀٽي جي استعيفا ڏيڻ تائين ملڪ گير هڙتال ڪرڻ جو سڏ ڏنو. ************* {19 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 19 اپريل 1418ع سيد حسين شاهه مراد شيرازي (ٺٽو)جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 اپريل 1903ع ليکڪ ڀوڄ راڄ نانگراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 اپريل 1913ع ليکڪ جڳت آڏواڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1928ع لطيف جي پارکو ۽ رسالي تي ڪم ڪندڙ ٻانهون خان شيخ ڀٽ شاهه ۾ پيدا ٿيو. 19 اپريل 1934ع صحافي گهنشام منگلاڻي (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1937ع گلوڪار گرمک بجاج (لاڙڪاڻو / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1955ع اداڪار دليپ بچاڻي (الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1955ع ليکڪا عذرا جبين (ڪوٽڙي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1967ع ليکڪ، پبلشر ۽ شاعر علي گوهر الطاف ملڪاڻي(دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1975ع ليکڪ ۽ شاعر بخشل باغي(نوابشاهه) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 19 اپريل 1912ع خيرپور رياست جو اڳوڻي وزير شيخ صادق علي لاڏاڻو ڪري ويو. 19 اپريل 1974ع سابق صدر فيلڊ مارشل ايوب خان جو انتقال ٿيو. 19 اپريل 1970ع اردو جي مصنف ۽ ڊراما نگار امتياز علي تاج کي قتل ڪيو ويو. 19 اپريل 2015ع شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر الهورايو انور موج دل جي دوري سبب گلشن حديد ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. —

No comments:

Post a Comment