Saturday 6 July 2024

SINDH in history today (7th June). Author Dr.Pathan and Mumtaz Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {7th July}. By.Dr.Pathan 1858: Allah Rakhio and 24 others are killed by Umed Ali Chhuto and his comrades. Captain of Sindh police is directed by the Commissioner to ensure that they are captured. (Source: Sindh Commissioner’s letter No. 1429). 1910: The lodge of the Theosophical Society is chartered in Khairpur Mirs. Sardar Natha Sing becomes its founder president. (Source: The Report of the Theosophical Society ) 1918: His Majesty’s Minister at Panama, notifies that departure of on Parmanand Shewaram (Sindhi Hindu) from Colon to Cadiz on a Spanish steamer and describes him as VERY ANTI-BRITISH. It was reported that on arrival at Cadiz the man was seen to hand over some documents to the German Consul there. (Source: ‘Sour-Material on Sindhworkis’, compiled by Gul Hayat Institute). 1922: The services of the Newspaper of Sukkur, ‘Sindh Zamindar’ are lauded in the meetinh of Kazi Ahmad Aman Sabha. It is said that like Sindh Zamindar we must be voice of the Government and work effectively in combating Non-Co-Operation Movement. Diwan Teckchand Gurmukhdas and Sanwaldas are the leaders of local Aman Sabha. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1924: Bengal sets new example. Governor, on behalf of the Crown had dissolved Bengal Council. It was challenged in court by ministers. Today, the court grants injuction and it is declared in the judgment that Bengal Council shall stand prorogued. (Source: The Indian Annual Register, Voll-11, 1924) 1925: How to launch movement? Akalis set trend. Since last year they started their struggle for acceptance of political, social and religious demands. They sent Jatha (Group of volunteers) of 25 to Jaito, daily to participate in movement and prove their unity in streets and everywhere. Today, Gurdwara Bill is passed by the Punjab Council and prisoner Akalis are released. Hence agitation is withdrawn by Akalis. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1925). 1928: Shaikh Dr.Muhammad Alam presides over the Sindh Muslim Political Conference in Karachi. It is result of joint efforts of Sindhi Muslim Upper Class to introduce the issue of separation of Sindh at all India level. For this purpose president of Some Conferences were also brought from outside. This event was followed by four Azad Conferences, and they were held on 18th April, 1932 at Karachi; 15th November, 1932 at Hyderabad; 26th April, 1934 at Sukkur and 28th July, 1934 at Karachi. (Source: The India Annual Register, Vol-11, 1928/G.M.Syed’s book “Sindh Ji Bombay Khan Azadi’ and Gul Hayat Collection on the topic). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: "سنڌ جي ترقئ ۽ تنزل جي واقعاتي تاريخ -(7جولاء)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ واقعا ] 7.7.1853 انگريز اسان جي اپر ڪلاس جي ماڻھن کي پنهنجي وفادار بنائڻ لاء جاگيرن ۽ زمينن ڏيڻ کي ڪتب آندو. جاگير ڏيڻ جا هنن وٽ ڪيترا قسم ۽ طريقا هوندا هئا. ڪي جاگيرون ليز طور تي به ڏنيون ويون. سيوهڻ جي سيد الله بخش شاه ۽ غلام شاه به جاگيرن لاء درخواستون ڏنيون. سيد غلام شاه وٽ اڳ جيڪا 50 جريب زمين ھئي, اها انگريز سرڪار بحال رکي. 7.7. 1857 سنڌ ۾ موجود فرنگي عملدارن مان ڪن جو خيال هو ته سنڌوء تي پل ٻڌرائجي, جيڪب ۽ سندس ٽولي جو خيال هو ته پل بدران شڪارپور کان ڪراچئ تائين لنڪ روڊ ٺھرائجي. فيصلو روڊ ٺاهڻ جو ٿيو. 7.7.1910 خيرپور ۾ ٿياسافيڪل لاج کولي وئي ۽ سردار ناٿاسنگ ان جو باني صدر ٿيو. ياد رهي ته شروعاتي ڏينھن ۾ غيرمسلم سنڌين ٿياسافئ ۽ ان جي تنظيم سازئ ۾ وڏو حصو ورتو. پوء جڏهن ان جي سياسي ونگ-هوم رول ليگ ٺھي ته مسلمان ۽ پارسي به ان ۾ شريڪ ٿيا. 7.7.1918 سنڌي هندو "سنڌ ورڪئ" جي نالي سان دنيا ۾ واپار سانگي پکڙجي ويا. پر جڏهن به کين موقعو مليو ته هنن انگريز-دشمن ملڪن ۽ تنظيمن جي مالي مدد به ڪئي ۽ انهن جو لٽريچر به مختلف ملڪن ۾ پهچايو. اڄ پاناما مان انگريز حڪومت کي خبر پهتي ته پرمانند شيوارام ڪولن مان هلي ڪارڊز ۾ جرمن ڪائونسل سان مليو آھي ۽ انهن پاڻ ۾ ڳجهن دستاويزن جي مٽا سٽا ڪئي آھي. آزادئ جي تحريڪ تي اسان منظم تحقيق ڪانه ڪئي آھي. هونء نه ته سنڌ ورڪين جي آزادئ وارئ تحريڪ ۾ ڪيل خدمتن تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. 7.7.1920 اڄوڪي "الوحيد" جي پرچي ۾ افغانستان جي تاجدار جو اعلان ڇپيو ته افغاني سنڌي مهاجرن جي ڀرپور مدد ۽ مهمان نوازي ڪن. اهڙن اعلانن سنڌي ماڻھن کي هجرت ڪرڻ لاء ھمتايو. پر افغان حڪومت خواه افغاني انگريزن جي دٻاء ۾ اچي سنڌي مهاجرن کان منھن مٽي ويا ۽ نتيجي ۾ سنڌين وڏو نقصان برداشت ڪيو. 7.7.1922 مسٽر پڪٿال جي صدارت ۾ سکر ۾ ٻن ڏينهن واري "خلافت ڪانفرنس" ٿي. مسٽر پڪٿال 1913 ۾ مسلمان ٿيو هو. هن ڪانفرس ۾ ھند ۽ سنڌ جي چوٽئ جي خلافتي اڳواڻن شرڪت ڪئي. 7.7.1922 قاضي احمد ۾ سرڪار-پرست پارٽي "امن سڀا" جو ميڙاڪو ٿيو. ديوان ٽيڪچند گرمکداس ۽ سانولداس پنهنجي تقريرن ۾ سکر جي اخبار "سنڌ زميندار" جي واکاڻ ڪئي ته اخبار سرڪاري وفادارئ کي عام ڪرڻ ۽ خلافتين خلاف باه ٻارڻ ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري رهي آھي. 7.7.1928 ڪراچئ ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد عالم جي صدارت ۾ “سنڌ مسلم پوليٽيڪل ڪانفرنس" ٿي. هن کان پوء سنڌ ۾ چار “سنڌ آزاد ڪانفرنسون" ٿيون. پهرين 18 اپريل 1932 تي ڪراچئ ۾, ٻي 15 نومبر 1932 تي حيدرآباد ۾, ٽين 26 اپريل 1934 تي سکر ۾, چوٿين 28 جولاء 1934 تي ڪراچئ ۾. انھن ڪانفرنسن سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ لاء ماحول جوڙيو. 7.7.1938 بهار ۾ ٿيل "مومن/ميمڻ جماعت" جي ڪانفرنس ۾ ٺھراء پاس ڪري مسلم ليگ تي شديد تنقيد ڪئي وئي ته اها پارٽي پنهنجي مفادن ڪري مسلمانن جي جذبن سان کيڏي رهي آهي. ! هاڻي وري پاڻ وٽ بهارين جون ڳالهيون ٻڌو!!! 7.7.1950 "سنڌ ۾ ڪنهن هڪ به پناهگير کي جيل نه موڪليو ويو آھي. انھن مان ڪي حڪومت کي بدنام ڪرڻ لاء اهڙيون بي بنياد ڳالهيون ٿا ڪن"- سنڌ جي چيف منسٽر قاضي فضل الله طرفان ڏنل صفائي. [جنم ]: 7 جولاءِ 1889ع سنڌ جي اڳوڻي وزير ۽ آزاديء جي ويڙهه جي اڳواڻ شيخ عبد المجيد سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1899ع اسڪالر لال سنگهه اجواڻي (خيرپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1909ع ليکڪ تيرٿ وسنت(خيرپور/ دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1937ع ڪهاڻيڪار ۽ دراما نگار علي بابا جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1940ع نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار علي بابا جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1942ع گلوڪار ليلو جهانگياڻي (ڪراچي / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1942ع ليکڪ ايشور ڀارتي(ٽنڊو آدم) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1943ع شاعر ۽ گلوڪار موتي رام سائل (سنڌ / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1947ع ليکڪ شوڪت راهي جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1947ع قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1949ع ليکڪ ڍولڻ راهي جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1949ع صحافي مشتاق علي ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1961ع گلوڪار رحمان مغل (سرمد سنڌي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1981ع ڪرڪيٽر مهندرا سنگهه ڌونيجو جنم ڏينهن آهي. [وفاتون]: 7 جولاءِ 1825ع سيد رستم علي بکري جو لاڏاڻو ٿيو. 7 جولاءِ 1846ع سنڌ جي اڳوڻي ٽالپر حڪمران مير صوبدار خان ٽالپر جو انتقال ٿيو. 7 جولاءِ 1950ع اسڪالر ۽ ليکڪ ڪاڪو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ديهانت ڪري ويو. 7 جولاءِ 1973ع ليکڪ چوهڙ مل هندوجا ديهانت ڪري ويو. 7 جولاءِ 1986ع لوڪ گلوڪاره مائي ڀاڳي لاڏاڻو ڪري وئي. 7 جولاءِ 2000ع شاعر ۽ اديب نثار بزميءَجو لاڏاڻو ٿيو. 7 جولاءِ 2005ع اڳوڻو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ليبر مير نور احمد ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو. 7 جولاءِ 2007ع شاعر اميد خيرپوري لاڏاڻو ڪري ويو. 7 جولاءِ 2012ع صحافي ۽ شاعر ارشاد گلاباڻي جي وفات ٿي. 1938: Monin Jamiat is formed at Bihar. In its Conference, the resolution is passed condemning the Muslim League as trying to deprive the people of their rightful place and asserting that the Muslim League did not present them. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1938). 1943: An Appeal issued by G.M.Syed, the President of Sindh Muslim League is carried out by press. Sindhi Muslims are asked to observe ‘Local industry & trade promoting Day’ be observed on 16th of July. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1950: No any Muhajir has been sent to jail. It is propaganda to bring bad name to the Sindh Government, says Kazi Fazlullah, Chief Minister, Sindh. (Source: An interview with Kazi Sahib, by Dr.Pathan) 1956: Red Shirt Party is declared unlawful in West Pakistan. (Source: Notification of the Government of West Pakistan). 1977: Official Notification regarding the removal of Prime Minister and ministers from their position is issued. (Source: Newspapers).

No comments:

Post a Comment