Sunday 14 July 2024

SINDH in history today (15th July). Author Dr.Pathan and Translator Mumtaz Pathan

Sindh [ including Pakistan] in history today (15th July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Amina Institute ************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [ I can't forget for a single moment, but am forgotten since centuries. Perhaps lovely people have imposed ban on the tradition of reciprocation, response and remembering others. Why we can't find those, who are very much needed? Why we can't understand that peace and progress can be witnessed only because of cooperation? Why we don't believe that love and beauty are natural needs of everybody? What has happened to our hearts and minds? ] ساریان ته بہ سپرین نہ سارین، ورھین کان ایئن اسان کي وسارین، اسان طلبیون من جئ کي جیارین، پنھنجي دل جي نیٹن سان نھارین، امرت سونھن سندو ھو شل پیارین، پر نہ ٿا جیئارن پر جدائئ ۾ مارین، گھنگھر گھارین، تن من روح اسان جو.‏‎ ‎ ************** SINDH (including Pakistan ) IN HISTORY TODAY {16th JULY} EVENTS: 1857: The Commissioner Sindh asks Superintending Surgeon in Sindh to examine the place named ‘Lakhan’ on western side of ‘Hubb’ River about 60 miles from Karachi and report it fitness as a sanitarium. This may kindly be noted that Dr.Hunter submitted his report that the hill did not possess any of requisites to render it for a sanitarium. (Source: Letter No. 1115 from the Commissioner). 1901: Under section 7 of the Bombay Revenue Code, Notification is issued for creation of the Larkano District. It is signed by J.V.P. Muir Mackenzie, Chief Secretary to the Government of Bombay. (Source: Bombay Government’s Notification Number 4942 & 4942 A). 1919: The event of victory by Allies makes so many people in India. Pandit Panchandas Shiwala of Larkano and Personal Landlord of Shahdadpur share their happiness with the Government and send message of congratulation to the Government of Bombay. (Source: The Sindh Offical Gazette). 1921: The Hyderabad District Congress Committee invites applications from deserving students of the District for three scholarship of Rs.15/ each for getting education in Aligarah University and Gujrat Vidya Pith. (Source: ‘Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1943: ‘Trade Day’ is observed by Sindh on the call of Sindh Muslim League. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute). 1946: Sindh Minister for PWD, Muhammad Ayub Khuhro delivers his lecture on the topic of ‘Sindh Politics’ in D.J.Sindh college. The program is chaired by Shaikh Abdul Majeed Sindhi, ex-Finance Minster of Sindh. (Source: Newspapers). TRANSLATION OF THE POST INTO SINDHI: EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th July) By: Dr. Pathan ** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪري سنڌ جي واپارين کي اپيل ڪئي وئي ته اهي ڪپڙن سميت ٻاهرين ملڪن جون ڪي به شيون امپورٽ نه ڪن، ٻاهرين ملڪن ۾ ٺهندڙ شين کي پنهنجي ملڪ ۾ نه گهرايو وڃي. ** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب ليجسليٽو اسيمبلي جو پهريون ان ڪئميرا اجلاس ٿيو، سر سڪندر حيات خان جي پيش ڪيل تحريڪ تي ووٽنگ ڪرائي وئي، جنهن ۾ 91 مان 48 ميمبرن حمايت ڪئي. **1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ان حوالي سان جماعت جي سربراهه مولانا مودودي پنهنجي پارٽي جي 14 نقاطي منشور جو اعلان ڪرڻ سان گڏ چونڊ وڙهڻ جو به باضابطا اعلان ڪيو. **1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊاڪٽر خان صاحب ويسٽ پاڪستان جي وزيراعليٰ طور عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ باضابطه طور پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي صدر نڪسن اعتراف ڪيو ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڊو ويجهو هڪ ئي ڪٽنب جي 8 ڀاتين سوڌو 56 مسافرن کي اغوا ڪيو ويو، جن مان بعد ۾ 37 ڄڻن کي آزاد ڪري باقي ماڻهن کي ڌاڙيل پاڻ سان گڏ وٺي ويا، اهو واقعو گڊو بئراج پل تي ڪشمور صادق آباد روڊ تي پيش آيو، جتي ڌاڙيلن هڪ بس ۽ ٻين گاڏين جي مسافرن کي اغوا ڪيو، اغوا ٿيلن ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڄڻا ٺل جا رهواسي هئا، ڌاڙيلن 15 منٽن تائين فائرنگ به ڪئي ۽ روڊ کي هڪ ٽرڪ بيهاري بلاڪ رکيو پر پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ۽ ڌاڙيل ٻيلي ۾ لهي هليا ويا، پوليس ڌاڙيلن جي وڃڻ بعد يرغمالين جي آزادي لاءِ آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ خاص عدالت جوابدار عمر شيخ کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قائم خاص عدالت جي جج ٽن جوابدارن کي جنم ٽيپ ۽ 40 لک ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي، 55 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ شيخ عمر کي مک جوابدار قرار ڏيندي موت جي سزا ڏني وئي، جوابدار سزا جو فيصلو ٻڌي کلندا رهيا، سندن وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ************* اڄوڪي ڏينهن 15 جولاءِ تي جنم وٺندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 15 جولاءِ 1878ع سياستدان ۽ آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ غلام محمد ڀرڳڙيجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1929ع سياستدان ڄام ڪرم الدين جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1934ع صحافي علينواز سومرو (وڳڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1942ع شاعر مرشد گيلاني (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1942ع صحافي هادي بخش ابڙو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1942ع شاعر الطاف عباسي(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1945ع شاعر ۽ گلوڪار سريچند جاني (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1948ع شاعر سرور نواز ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1951ع ليکڪ بخشل شاهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1952ع راڳي سڄڻ سنڌي(ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1953ع شاعر انعام آزاد لاڙڪ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1955ع شاعر امان راهي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1956ع ريڊيو پروڊيوسر آغا محمد علي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1962ع ليکڪ اشرف زمان جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1963ع شاعر ۽ صحافي نياز پهنور (شادي پلي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1963ع ليکڪ نثار شاهين جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1971ع صحافي سهيل پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1976ع شاعر راز شاهاڻي (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1977ع صحافي حميد سومرو (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1978ع ليکڪ عابد سيوهاڻي جو جنم ڏينهن آهي.

No comments:

Post a Comment