Monday 18 March 2024

SINDH in history today (19th March). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (19th March). Research by Dr.Pathan "سنڌ جي واقعاتي تاريخ" [19 مارچ جي حوالي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو تحقيقي پورهيو.] 19.3.1832 ڀڄ جي فرنگي ايڪٽنگ ريزيڊنٽ ميرن سان خط ذريعي اسلام ڪوٽ جي کوسن جي دانھن ڏني ته اهي ڀڄ جي حدن ۾ اچي ڦرلٽ ڪري ڀڄي وڄن ٿا. انھئ دور ۾ کوسا سنڌ کان ٻاهر ڌاڙا به هڻندا ھئا ۽ سنڌ جي سرحدي پٽئ تي سنڌ ايندڙ فرنگين کي به ڦريندا ھئا. 19.3.1843 نيپيئر, اڄ مير شير محمد خان کي خط لکيو ته " تون هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ جنگي قيدئ طور اچي پيش ٿي. ٻئ صورت ۾ تو سان جنگ آھي ۽ مان تو تي ڪاهي ايندس". 19.3.1850 هن دور ۾ فرنگي حڪومت پاڻ کي بچائڻ ۽ ڪنھن ممڪن هنگامي حالت کي منھن ڏيڻ لاء سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ڪئنٽونميٽ ايريا ( ڇانوڻي ايراضيون) مخصوص ڪرڻ شروع ڪيون. اڄ برگيڊيئر-جنرل ڪمانڊنگ سنڌ ڊويزن ۽ سنڌ ڪمشنر وچ ۾ شڪارپور ۾ ڇانوڻي جي حدبندئ تي خط و ڪتابت ٿي. 19.3.1920 سمورئ سنڌ ۾ " ٻيو خلافت ڊي" ملهائيو ويو. ان موقعي تي جلسن جلوسن ۽ احتجاجي گڏجاڻين ۾ ڪنٽربري ۽ يارڪ جي آرچ بشن, لارڊ برائيس, لارڊ رابرٽ سيسل ۽ آمريڪي پادرين جي اسلام دشمني ۽ ترڪئ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ واري اتحادي ملڪن جي بدنيتئ جي مذمت ڪئي وئي. 19.3.1920 سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خلافت ڊي ملهايو ويو ۽ اخبارن تفصيل سان شهرن ڳوٺن بابت احوال ڇپيا. گل حيات ۾ ھنن ھنڌن بابت معلومات موجود آھي: ڳڙھي ياسين, ٺٽو, سن, سکر, نوشيرو فيروز, نواب شاه, ماڪن سڪني, ميروخان, مورو, ماتلي,لاڙڪاڻو, شڪارپور, سيوهڻ, سونڊا, سجاول, هالا, ڏوڪري, قنبر ۽ خير محمد آريجا 19.3.1933 ڪاله غازي عبدالقيوم جو لاش کڻي ويندڙ جلوس تي پوليس سڌي گولي هلائي ڪيترا ماڻهون ماريا. اڄ ان جي ردعمل طور سنڌ جي مختلف شھرن ۾ وڳوڙ ٿيو. هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ جهيڙا نه ٿيا, پر ٻنھي مذھب وارن رياستي ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪيو. 19.3.1934 ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ سر غلام حسين هدايت الله ۽ محمد ايوب کهڙي سنڌ جي مسئلن تي ڳالهايو. ايوب کهڙي زميندارن جي حقن ۽ مسئلن تي ڳالهايو 19.3.1935 انڊين ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ڪي.ايل.گابا ڪراچئ ۾ پوليس/فوج هٿان 40 مسلمانن مارڻ تي مذمتي ٺھراء پيش ڪيو 19.3.1971 شيخ مجيب ۽ صدر جنرل يحيا جي پاڻ ۾ سياسي بحران ختم ڪرڻ بابت ملاقات ٿي 19.3.1992 نواز شريف اڄ رئيس غلام مصطفا جتوئئ کي آء.جي.آء مان ڪڍي ڇڏيو. اڄوڪي ڏينهن 19 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 19 مارچ 1406ع عظيم تاريخدان ۽ فلاسافر ابن خلدون جي تيونس ۾ پيدائش ٿي. 19 مارچ 1885ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر ڪشنچند بيوس جو جنم ڏينهن آهي. 19 مارچ 1886ع تاجپور جي نواب ۽ شاعر نواب خداداد خان ثاني جو جنم ڏينهن آهي. 19 مارچ 1898ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر سيد ميران محمد شاهه مير جي پيدائش ٿي. 19 مارچ 1933ع شاعر ۽ گلوڪار ساجنداس ڪندناڻي (ڀنڀور / بيلاسپور) جو جنم ڏينهن آهي. 19 مارچ 1933ع شاعر عبد بٺورائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 مارچ 1975ع شاعر غلام رسول سماٽ (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 19 مارچ 1937ع شاعر ۽ ليکڪ قاضي محمد دائود ٽکڙائي جي وفات ٿي. 19 مارچ 1963ع مذهبي عالم ۽ فريڊم فائيٽر مفتي محمد حسين جي وفات ٿي. 19 مارچ 1973ع مٺي سان تعلق رکندڙ اديب ڀڳت کيمچند جي ديهانت ٿي. 19 مارچ 1979ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مصور گُل محمد کتري جو انتقال ٿيو. 19 مارچ 2006ع ناليواري فلمي اداڪار محمد علي جو انتقال ٿيو. Dr. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (19th March) & GOOD DAY WISH. Dr.Pathan wishes you Good Day. [ If your Dear is in your heart and your eyes are waiting to see him/her, you are with noble cause of loving human beings. You will love the love and hate the hatred & discrimination] نشو پرین جي نینھن جو، جن نیٹن ٿیو نصیب، سوچن لوچن سپنن اندر، دل ۾ دوست حبیب، ساري دنیا سندن رقیب، پر ساریندس سلام سان. ************* 2. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (19th March) EVENTS: 1843: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad of Mirpurkhas that ‘I will make no terms with you, except unconditional surrender, and security for your person, as other Amirs have received. We were at peace with you; we made no war with you; you have made unprovoked war upon us, and have cut off our dawks. If you do not surrender yourself as prisoner of war before the 23rd instant, I will march against you and give you battle’. 1913: The Sindh Scout is awarded affiliation by the Head Quarter, London and the document is signed by Lt. General Sir Robert Beden Powel. The Commissioner is made Patron of the organization. The Sindh Scout started with 12 Scouts and this year the number reaches to 31. 1916: The NGO Karachi Social Service League stages drama so as to earn and collect money for the benefit of children studying in Municipal Schools of Karachi. 1920: On the initiate and call of RaisGhulam Muhammad Bhurgri and Seth Haji Abdullah Haroon Sindh observes 2nd Khilafat Day. People were asked to remain peaceful and avoid to create law & order situation. As it was Friday, therefore, Muslims hold meetings soon after offering Juma Prayers. The Day was observed in length and breadth of Sindh. 1934: Ghulam Hussain Hidayatullah and Muhammad AyubKhuhro while taking part in the debate during the session of the Bombay Legislative Council demand protection of rights of landlords of Sindh. 1935: The Indian Legislative Council carries the motion of K.L.Gauba censuring the Government regarding Karachi firing and killing about 40 persons by Military. 1982: Life-term punishment for desecration of the Holy Quran, an Ordinance is promulgated.1992: Nawaz Sharif expels NPP of RaisGhulam Mustafa Jatoi from IJI. *************

No comments:

Post a Comment