Saturday 16 March 2024

SINDH in history today (17th March). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (17th March). Research by Dr.Pathan. " سنڌ جي واقعاتي تاريخ" [ 17 مارچ تي سنڌ جي تاريخ ۾ ڪهڙا واقعا ٿيا. اچو ته ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق جو مطالعو ڪريون]. 17.3.1832 هي اهو دور آھي جڏهن فرنگي نمائندا مير مراد علي خان سان دوستئ ڪرڻ ۽ ھن کان واپاري سهولتون وٺڻ لاء سرگرم ھئا. اڄ ڪمپني حڪومت پاٽينجر کي لکيو ته: 1. ٺاه ۾ ڦير گھير ڪري موڪلجي ٿو, ان تي مير راضي ڪر, 2. ميرن کي يقين ڏيار ته اسان جي شڪارپور يا ڪنهن ٻئي شھر کي ڦٻائڻ جي نيت ڪانھي. 17.3.1839 ٻيٽ تي قبضو ٿيو ۽ پوء ڪراچئ تي قبضو ٿيو ته سنڌ-دشمنن جي مڳي وڌي وئي. شاه شجاع جي نمائندي پاٽينجر کي لکيو ته ميرن کان ڏن وٺي دير نه ڪيو. پاٽينجر وري پنھنجي اسسٽنٽ ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ تي اهو بار رکيو; ڇو ته هو سنڌ ڇڏڻ وارو هو 17.3.1851 سنڌ جي ڪمشنر ڪراچئ, حيدرآباد ۽ شڪارپور جي ڪليڪٽرن کي لکيو ته انهن سمورن ڳوٺن/شھرن جي لسٽ تيار ڪري موڪليو, جن جي آدمشماري پنج هزار ماڻھن تي مشتمل آھي. ان وقت سنڌ ۾ اهي 3 ڪلوڪريٽس هنيون ۽ ڪمشنر جو حڪم جهڙوڪ آدمشمارئ ڪرائڻ برابر هو. 17.3.1920 جي.ايم.سيد جي ڪوششن سان سن ۾ وڏي ۽ شاندار خلافت ڪانفرنس ٿي, جنھن جي صدارت حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ ڪئي. انھئ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌئ, ڊاڪٽر شيخ نور محمد, مولوي محمد سليمان, مولوي عبدالقيوم ۽ ٻين چوٽئ جي سياستدانن شرڪت ڪئي. جي.ايم.سيد تي سرڪار زور وڌو ته ڪانفرس نه ڪراء. پر هن اهو اثر نه ورتو ۽ سرڪار جي پرواه نه ڪئي 17.3.1922 ڪالھ اسان پرنس آف ويلس جي دوري جي ڳالھ ڪئي هئي. هو 17 مارچ تي سنڌ ۾ آيو. هن جي دوري لاء سمورئ سنڌ مان 8 لک 31 هزار روپيا چندو ڪيو ويو ۽ انگريز-پرست هندو توڙي مسلمانن دل کولي چندو ڏنو. مسلمانن هڪ لک 81 هزار روپيا ڏنا. 17.3.1933 برٽش سرڪار هندستان کي ڪهڙا آئيني سڌارا ڏيندي, ان لاء " وائيٽ پيپر" شايع ڪريو. پڌري ٿيل هن وائيٽ پيپر ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ کي صوبائي حيثيت ڏني ويندي. 17.3.1940 الله بخش-حڪومت مستفعي ٿي. سندس ئي وزير مير بنده علي خان نئين حڪومت/وزارت ٺاهي, جنھن ۾ جي.ايم.سيد, شيخ عبدالمجيد سنڌي, نھچلداس وزيراڻي, راء بھادر گوڪلداس ۽ قاضي فضل الله وزير ٿيا. 17.3.1952 ڪراچئ ۽ حيدرآباد وچ ۾ ھوائي سروس شروع ٿي. 17.3.1965 پاڪستان جي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ويجهڙائپ ۾ جنگ ٿيڻ جو انديشو ڏيکاريو. هن مارچ ۾ اها ڳالھ ڪئي ۽ سيپٽمبر ۾ جنگ لڳي. 17.3.1981 " سچل سرمست ادبي سنگت", خيرپور طرفان مختيار ملڪ جي ڪتاب " ٽم ٽم ٽانڊاڻا" جي رونمائئ جي تقريب ٿي, جنھن جي صدارت رشيد ڀٽئ ڪئي, جڏهن ته ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو خاص مهمان ٿيو. 17.3.2009 شڪارپور جي جڳن ناٿ لائبررئ ۾ شاعرن ۽ ليکڪن جي وفد صوبائي صلاحڪار امتياز شيخ سان ملاقات ڪري مطالبو ڪيو ته روڊن, رستن وغيره تي رکيل نون نالن کي ختم ڪري, پراڻا نالا رکيا وڃن *** اڄوڪي ڏينهن 17 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 17 مارچ 1920ع بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جي پيدائش ٿي. 17 مارچ 1919ع سماجي ورڪر ديالداس چتواڻي (سنڌ / اجمير) جي پيدائش ٿي. 17 مارچ 1921ع شاعر گلوڪار ۽ موسيقار قيمت راء ڪاتب (ٽنڊو آدم / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 مارچ 1955ع شاعر غلام رسول مسرور (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 17 مارچ 1961ع شاعر سيف الله سيف جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 17 مارچ 1938ع فريڊم فائيٽر پير تراب علي شاهه (قنبر) جو انتقال ٿيو. 17 مارچ 1980ع صحافي منشي عبدالشاڪر (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو. 17 مارچ 1994ع مشهور اديب ۽ عالم ڪلياڻ آڏواڻي ديهانت ڪري ويو. SINDH IN HISTORY TODAY (17th March). By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayay Institute. EVENTS 17thMarch 1832: government of India while writing letter to His Highness Mir Murad Ali Khan, assures that they will not take Shikarpur in their possession and integrity of Sindh dominions will be respected. 1850: The Sindh Commissioner asks the Collector of Hyderabad that prisoners should be taught habits of industry and mode to maintain themselves by their own cultivation. 1917: RewachandVasanmal, Advocate, delivers his lecture on the topic of ‘Amil economic’. The lecture program is organized by the ‘Young Amil’s Association’, Karachi. 1920: Khilafat Conference is held at Sunn, with Hakim Fatih Muhammad Sehwani as its President. Shaikh Abdul Majeed Sindhi, Dr. Noor Muhammad Shaikh, Shaikh Abdul Aziz, Moulvi Muhammad Suleman, and Moulvi Abdul Qayoom participate and deliver speeches. G.M.Syed was the host. 1922: On the eve of the arrival of the Prince of Walles, complete hatral is observed in Karachi. MehrajLokram Sharma and KesomalJhangyani are arrested for instigating people to observe strike. Later on Sharma earned 18 months imprisonment, whereas Kesomal is awarded 30 months imprisonment. 1933: White Paper issued by the British Government indicates that Sindh is going to be separated from the Bombay Presidency. 1952: Air flight service starts between Karachi and Hyderabad. 1954: Anti-Muslim League Day is observed in many cities of Pakistan. It is encouraged so as to minimize the political and party pressure on governance and to pave way for taking birth of any puppet party by people in power, for people in power and of people in power. 1965: Foreign Minister of Pakistan, Z.A.Bhutto doubts Indian attack on Pakistan. Later on the War took place between both countries. Very difficult to differentiate between ‘political vision’ and ‘political strategy’ 1992: No option for Pakistan to go for nuclear, due to ever increasing Human Rights violation in Kashmir, says Syed Ghous Ali Shah, Defense Minister of Pakistan. 17thMarch BIRTH DATES 1. Dayaldas Chhatwani (Sindh > Ajmir/Freedom Fighter/Born 17 March 1919), 2. Qimatrai ‘Katib’ (Tando Adam > Ajmir/Poet & Singer/Born 17 March 1921), 3. Ghulam Rasool ‘Masroor’ (Karachi/Poet/Born 17 March 1955), 4. Saifullah ‘Saif’ (Poet/Born 17 March 1961), 5. ashok ‘Azad’ Chandnani (Qazi Ahmad/Poet/Poet/Born 17 March 1971), 6. Zulfkar Korai (Pano Aqil/Poet/Born 17 March1971). 17thMarch DEATH DATES 1. Pir Turab Ali Shah Rasdi (Kamber/Freedom Fighter/Death 17 March 1938), 2. Munshi Abdul Shakoor (Hyderabad/Journalist/Death 17 March 1980), 3. Data Vilayat Ali Shah (Himbah/Poet/Death 17 March 1982). Dr. Pathan wishes you Good Day: [Terrible conditions are created when we neither understand, nor abide by Human values and requirements of instincts and natural norms. Scared souls can't understand ground realities. Closed hearts can't accept vision & wisdom and love & beauty. Ego will distance & differences. It is the problem of our society and by our society] بيزاري جي بره کان پوء رهندي دنيا سان جنگ, پاڻ کان پرين کان پوء پنهوارن کان رهبو تنگ, رهڻَ ڪٺن پوء سنگ, سرت سونهن سورن سان

No comments:

Post a Comment