Friday 15 March 2024

SINDH in history today (16th March). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

Dur Muhammed Pathan: SINDH (icluding Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th March}. It cosists of: 1. My Good Day Wish, 2. Events from history. ************* * 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي گڏجاڻي ڪراچي ۾ ينگ عامل ايسوسيئيشن جي برنس روڊ واري آفيس ۾ ٿي، جنهن ۾ تنظيم جي قاعدي، قانون ۽ مقصدن جي منظوري ڏني وئي. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي ميڊيا صوبي جي عوام کي اپيل ڪئي ته تاج برطانيا جي شهزادي پرنس آف ويلس جي سنڌ اچڻ تي سندس آجيان واري پروگرام جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. ** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي قانونساز ڪائونسل جي ميمبر علي محمد دهلوي پاران سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي کانپوءِ سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبرن جي مان ۾ الوداعي پارٽي ڏني. ** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آءِ ايم ايف جي اختيارين پاڪستان کي ناڻي جا ذخيرا بهتر بڻائڻ جي مد ۾ 37،500،000 رپين جو قرض جاري ڪري ڇڏيو. ** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اولهه پاڪستان جي هاءِ ڪورٽ ڊي پي آر تحت مخالف ڌر جي اڳواڻن جي نظربندي خلاف داخل ڪيل آئيني پٽيشن کي رد ڪري ڇڏيو. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن جا ماهر ڍاڪا ڇڏي واپس روانا ٿي ويا، جڏهن ته مولانا ڀاشاني شيخ مجيب الرحمان جي بنگالي قوم لاءِ ڪيل جدوجهد جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عراق جي صدر صدام حسين ڪردن جي علائقي تي زهريلي گئس سان حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ هزارين شهري مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.عراق جي هلابجا شهر تي اٽڪل 20 جهازن سان زهريلي گئس وارن بمن سان حملو ڪيو ويو. حملي ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به زخمي ٿي پيا. انهيءَ حملي تي صدام حسين خلاف سڄي دنيا ۾ مذمت ڪئي وئي. ** 1999 ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنڊيءَ جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي ته بينظير ڀٽو پاڻ به پيش ٿي، ان موقعي تي بينظير ڀٽو ۽ جج ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، هن جج کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪيترائي جج هن سان تعصب رکن ٿا، جج کيس جواب ڏنو ته اوهان کي هروڀرو اعتراض ڪرڻ جي عادت ٿي وئي آهي، بينظير ڀٽو چيوته ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن تي اعتماد ناهي، ان ڪري اوهان مان انصاف جي اميد نٿي رکان. 2. ولادتون/وفاتون: ڏينهن16 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 16 مارچ 1891ع ليکڪ مرزا نادر بيگ (حيدرآباد) جي پيدائش ٿي. 16 مارچ 1903ع ليکڪ آغا عبدالنبي آلگ (شڪار پور) جي پيدائش ٿي. 16 مارچ 1909ع مشهور مزاحيه شاعر امام الدين ضامن(دٻي / ميهڙ) جي پيدائش ٿي. 16 مارچ 1938ع ليکڪ ۽ سابق سياستدان محمد بچل تنيو (لاڙڪاڻو) جي ولادت ٿي. 16 مارچ 1907ع مشهور ليکڪ ليکڪ ولي رام ولڀ(اسلام ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1952ع ليکڪ عطا ميمڻ (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1952ع ليکڪ عبدالرحمان ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1955ع اسٽيج ڊائريڪٽر هريش ميداساڻي (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1958ع سگهڙ نظام عالماڻي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1958ع ليکڪ لال لڪياري (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1964ع صحافي راشد راڄڙ (رمضان راڄڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1964ع شاعر سائل سنڌي (ڪنهري) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1975ع شاعره ارم محبوب(مهتاب محبوب جي ڌيءُ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1980ع ليکڪ طارق عالم شيخ (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1980ع شاعر ابل اداس ٻٻر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 16 مارچ 1914ع مذهبي اسڪالر پير حاجي هدايت الله راشدي جو انتقال ٿيو. 16 مارچ 1961ع ليکڪ قاضي محمد قاسم (مورو) جو انتقال ٿيو. 16 مارچ 1982ع بزرگ سيد ولايت شاهه جيلاني جو انتقال ٿيو. 16 مارچ 1996ع ناليواري راڳي فوٽو خان زرداري انتقال ڪري ويو. 1. Dr.Pathan wishes you Good Day. [I am human-being. Hence, no one should expect, treat & term me as an Angel or Satan. It will create problems for me and others, if I am behaving against and violating human instincts. It will be more terrible for me and others, if I refuse to recognize & apply and follow & promote human love & respect and beauty & peace. Because, human is by that, of that and for that cause] آئون تان آھیان آدمي، ڇو ٿیان فرشتو یا شیطان؟ جا جا جبلت اندر ۾، تن جو ڪوہ ڪیان اپمان؟ ڇو ٿیان مان پریشان، پري رھي سونھن سلام کان؟ ************* Dur Muhammed Pathan: SINDH (icluding Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th March}. It cosists of: 1. My Good Day Wish, 2. Events from history, 1. Dr.Pathan wishes you Good Day. [I am human-being. Hence, no one should expect, treat & term me as an Angel or Satan. It will create problems for me and others, if I am behaving against and violating human instincts. It will be more terrible for me and others, if I refuse to recognize & apply and follow & promote human love & respect and beauty & peace. Because, human is by that, of that and for that cause] آئون تان آھیان آدمي، ڇو ٿیان فرشتو یا شیطان؟ جا جا جبلت اندر ۾، تن جو ڪوہ ڪیان اپمان؟ ڇو ٿیان مان پریشان، پري رھي سونھن سلام کان؟ ************* 2.SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (16th March) EVENTS: 1916: The meeting of the Sindh Graduates Association is held in the office of Young Amils’ Association, Burns Road Karachi to fix Aims & objects and to pass Rules & bye-laws. 1922: Sindhi Press asks people to boycott all official events to be organized to welcome Prince of Wales on the eve of his visit to Sindh. 1936: Ali Muhammad Delhvi, the President of Bombay Legislative Council arranges Farewell Party in honour of members from Sindh. As due to separation of Sindh, they ceased to be members of the Bombay Council. 1965: IMF authorizes Pakistan to draw amount of 37,500,000 over the next 12 months to better its balance of payment situation. 1966: West Pakistan High court dismisses petitions challenging the detention of opposition leaders under DPR. 1971: U.N experts leave Dhaka and Moulana Abdul HameedBhashani declares his full support to ShaikhMujeeb in his Bengali nation struggle. 1972: NED and Tando Jam colleges are upgraded as universities. 1977: PNA’s protest rallies defy legal ban on demonstrations. PNA workers court arrested. 1996: Prime Minister Benazir Bhutto performs ground breaking ceremony of the Karachi Hass Transits project.

No comments:

Post a Comment