Sunday 3 March 2024

SINDH in history toay (4th March). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{چوٿين مارچ جي حوالي سان واقعاتي تاريخ} سنڌ جي تاريخ گواه آھي ته تحريڪن جي منطقي سياست جي بنيادن تي منصوبه بندي نه ڪرڻ ڪري ۽ گهربل نتيجن حاصل ڪرڻ کان اڳ تحريڪن مان هٿ ڪڍڻ ڪري , اسان جون ڪيتريون تحريڪون ”بي گناه ڪٽڪي کائڻ واريون تحريڪون“ بڻجي ويون. مثال طور تازو اسيمبلي ميمبرن کي قسم کڻڻ کان روڪڻ لاء اسيمبلئ اڳيان احتجاجي تحريڪ هلائي, اسان نياڻين جا ڄنڊا پٽرائي ويٺاسين. ان کان بحريه ٽائون خلاف اتي وڃي احتجاج ڪري, اسان ڪيترن بي گناه ماڻھون تي ڪيس داخل ڪرڻ جو موقعو پيدا ڪري ڏنو. 1967 ۾ اڄوڪئ تاريخ تي سنڌي شاگردن حيدرآباد ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو ۽ ڪيترا بي گناه ڪٽجي يا ٻڌجي ويا. عوام ۽ ڪارڪن جي قربانين کي سلام, پر وس وارن حڪمرانن ۽ صلاحون ڏيندڙ سياستدانن تي حيف هجي. اهي ڳالهيون ظاهر ٿيون ڪن ته اسان وقت ۽ حالتن مطابق پنهنجي تحريڪن جي منصوبه بندي غلط ڪندا آھيون ۽ تحريڪن جا گهربل نتيجا گهٽ ئي حاصل ڪندا آھيون. پوء به تاريخ اهڙن تحريڪن کي سيني ۾ سانڊيو آھي, جيئن اڄ اسان ” چوٿين مارچ“ وارئ تحريڪ هلائيندڙن سلام پيش ڪريون ٿا. اڄوڪئ تاريخ سان لاڳاپيل ٻين واقعن ٻڌائڻ کان اڳ آئون اوهان جي خدمت ۾ پنهنجو منظوم صبح جو سلام پيش ڪريان ٿو: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Life is beautiful, lovely & charming. But, it has become endless story of tragedy full with sorrows & longings.Our sincerity and sacrifices have lost their value. Love and respect is rejected at large. Dear! Would you kindly tell us that what is beauty? what is peace & tranquility? Because, we have read about it in books, but have not witnessed and experienced yet] نفرتون بي رخیون ۽ دوکا، ھي زندگي ڀر ڪمایوسین، پوء بہ ماٹھپي محبت کي، قول فعل منجه سمایوسین، سک دک سونھن سچ ۾، سرت ۽ سلام ۾ توکي پایوسین. *** (4 مارچ جا ڪي اهم واقعا) 4.3.1841: فرنگين لاء ھرات ۽ قنڌار ۾ مخالف حالتون پيدا ٿيون ته ايسٽ انڊيا ڪمپنئ پنهنجي اسلحلي بچائڻ ۽ لڪائڻ جا اپاء ورتا ۽ اهو فيصلو ڪيو ته سنڌ ۾ موجود اسلحلو ڪراچئ ۾ گڏ ڪجي ۽ ان جي نگهبانئ خواه نگرانئ جو ذمو ميجر آئوٽرام کي ڏجي. 4.3.1931: مهاتما گانڌئ ۽ وائسراء ارون وچ ۾ معاهدو ٿيو, جنهن جي نتيجي ۾ ڪانگريس طرفان حڪومت خلاف هلايل روڪي وئي. هن ٺاه سنڌ جا ڪيترا ڪانگريسي اڳواڻ گانڌئ تي ڪاوڙجي پيا ۽ چيائون ته گانڌئ ڪيترن بيگناه مگر سچن ڪارڪن کي قربانئ جو ٻڪرو بڻايو ۽ پاڻ-هرتو وائسراء سان ٺاه ڪري ويٺو. (حساس ۽ فعال سياسي خواه نظرياتي ڪارڪن پنهنجي سياسي آدرشن تي تنقيد به ڪندا آھن ۽ انهن کي مافوق الفطرت هستي ڄاڻي پوڄيندا ناهن). 4.3.1936: ممبئ ۾ سر آغا خان سياسيتدانن کي تنبيه ڪئي ته فرقيوارانه بنيادن تي سياسي پارٽيون نه ٺاهيو. هن اها به صلاح ڏني, جيئن اڄ ڪله آء.ايم.ايف وارا پاڪستاني حڪمرانن کي صلاح ڏئي رهيا آھن ته عوام تي ٽيڪس مڙھڻ بدران اپر ڪلاس تي ٽيڪس مڙھيو. 4.3.1967: حيدرآباد ۾ غير مسلح ۽ پر امن شاگردن جي جلوس تي سرڪار ڏاڍ ۽ ڏمر جا واهڙ وهايا. 4.3.1971: قومي اسيمبلئ جي اجلاس جي تاريخ مٽائڻ تي بنگالين شديد احتجاج ڪيو. 4.3.1972: ذوالفقار علي ڀٽي مخالف ڌر جي اها آڇ رد ڪري ڇڏي ته ملڪ مان امرجنسي ختم ڪئي وڃي. *** اڄوڪي ڏينهن 4 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 4 مارچ 1904ع مذهبي اسڪالر مولوي حافظ فضل احمد جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1905ع سماجي ورڪر گنگا رام عاليداس (سنڌ / اجمير) جي پيدائش ٿي. 4 مارچ 1929ع شاعر چينراء انتر (لاڙڪاڻو / ڄامنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1937ع صحافي نعمت الله ڀٽو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1938ع اسڪالر ڊاڪٽر قمر واحد (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1940ع شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1949ع ليکڪ پرڪاش ديپ جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1951ع شاعر علي بخش اصغر (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1956ع ليکڪ آزاد جتوئي جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1960ع ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ سفرناما نگار ڊاڪٽر اسحاق انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1961ع اديب ۽ ڪهاڻيڪار نثار ابڙو (لاڙڪاڻو / مڪو شريف ) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1970ع ليکڪا نجمه وفا (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1971ع سگهڙ غلام محمد ڪنرائي جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1975ع شاعر تبسم شر جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1980ع شاعر زخمي رشيد مهر جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1982ع ليکڪ اياز دانش جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1989ع شاعر درد هوش محمد (ڪولاب جيئل) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 4 مارچ 1960ع شاعر احمد خان ابڙو شيدا (هالا) جي وفات ٿي. 4 مارچ 1964ع شاعر اسلم مهيسر رفيقوي جو انتقال ٿيو. 4 مارچ 1975ع مذهبي اسڪالر مولانا عبيد الله لاشاري جي وفات ٿي. 4 مارچ 1985ع ناصر بلوچ کي الذوالفقار سان لاڳاپن سبب جهاز اغوا ڪيس ۾ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ڦاهي ڏني وئي. {4th March} [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about History and it is not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {4th March}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Life is beautiful, lovely & charming. But, it has become endless story of tragedy full with sorrows & longings.Our sincerity and sacrifices have lost their value. Love and respect is rejected at large. Dear! Would you kindly tell us that what is beauty? what is peace & tranquility? Because, we have read about it in books, but have not witnessed and experienced yet] نفرتون بي رخیون ۽ دوکا، ھي زندگي ڀر ڪمایوسین، پوء بہ ماٹھپي محبت کي، قول فعل منجه سمایوسین، سک دک سونھن سچ ۾، سرت ۽ سلام ۾ توکي پایوسین. **** SINDH IN HISTORY TODAY (4th MARCH) 4th March BIRTH DATES 1. Moulvi Haji Fazul Ahmed (Religious scholar/ Born 4th march 1904), 2. Gangaram Aaildas (Abji > Ajmir/Social worker/ Born 4th march 1905), 3. Parkash ‘Deep’ (Poet/1919), Chailal ‘Antar’(Larkano > India/Writer/ Born 4th march 1929), 4. Naimatullah Bhutto (Shikarpur/Journalist/ Born 4th march 1937), 5. Dr. Qamar Wahid (Hyderabad/Scholar/ Born 4th march 1938), 6. Dr.’Khadim’ Dad Muhammad Brohi ((Jacobabad/Poet & Scholar/ Born 4th march 1940), 7. Ali Bux ‘Asghar’ (Jacobabad/Journalist & Poet/ Born 4th march 1951), 8. Abdul Majid Sindhi (Baqar Khan Marri/Writer/ Born 4th march 1954), 9. Ishaq Ansari (Larkano/Writer/ Born 4th march 1960), 10. Gulshan Shaikh (Bihman/Journalst/ Born 4th march 1973), 11. Tabasum Shar (Gaman Khan Shar/Poet/ Born 4th march 1975), 12. Ayaz Danish (Badin/Poet/ Born 4th march 1982), 13. Iftkhar Rind (Radhan Station/Writer/ Born 4th march 1983). 4th March DEATH DATES 1. Ahmad Khan’Sheda’ (Hala/Poet/ Death 4th March 1960), 2. ‘Aslam’ Mahesar (Muhammad Sidiq Mahesar/Poet/ Death 4th March 1964) EVENTS 4th March 1841; Keeping in view the unsettled state of affairs at Heart and Qandhar, British Government of India decides to send to Karachi the Ordinance and Military stores and place at them at the disposal of Major Outram, their Political Agent for Lower Sindh. 1931: The settlement is arrived at between Mahatma Ghandi and the Viceroy , with the result that Civil disobedience movement is to be discontinued and certain actions are to be taken by the Government and local Governments which include amnesty to persons convicted in connection with this movement, withdrawal of Ordinances etc. 1936: Sir Agha Khan warns against the formation of parties on a communal basis. While addressing gathering in Bombay, he says that he favours the rich being taxed for the benefit of poor. 1967: It is the day of resentment of Sindhi students and reaction by Hyderabad Administration. They day is celebrated as 4th March every day. 1971: Complete strike is observed in East Pakistan to protest against postponement of the session of the National Assembly. 1973: Z.A.Bhutto rejects opposition’s demand to lift emergency.

No comments:

Post a Comment