Sunday 27 February 2022

Sindh History (February 28, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (28th February)
28th February
BIRTH DATES
Masroor Kaifi (Karachi/Poet/1928), Dr. Aziz-u-Raman Bughio (Karani/Scholar/1931), Muhammad Edan ‘Naz’ (Darvesh Naich/Poet/1932), Fazul Karim ‘Ada’ (Poet/1939), Salah-u-din Tunio (Dhani Bux/Artist/1949), Dr.Khuda Bux Mirbahar (Dadloi/Agriculyural Scientist/1953), Iqbal Ahmad ‘Iqbal’ (Poet/1957), Majid Rahi (Larkano/Poet/1982), ‘Adna’ Zia Mahesar (Muhammad Arif Mahesar/Poet/1983).
DEATH DATES
Shaikh Nooh Bakhri (Religious Scholar/1238), Haji Shahnawaz Pirzado (Kandyaro/Journalist & Politician/1974), Rawal Pahore (Hyderabad/Politician/1990).
EVENTS
1839: Lieutenant Eastwick, Assistant Resident in Sindh informs Sir John Keane, Commander-in-Chief of the army of the Indus that that the army in his (Eastwick) command had been plundered by Sindhi people and the price of commodities had been kept so high that the camp followers were unable to purchase sufficient grain.
1922: The Larkana Khilafat Committee collects and deposits with Sindh Khilafat Committee the donation of Rs.450/
1923: Hyderabad branch of the Home Rule League elects office-bearers. Eminent writer Jethmal Parsram is elected as the president. Whereas Boolchand Kodomal is elected Secretary. Santdas Mangatrai, Hiranand Santokram and Kewalram Dayaram are elected as members of the Managing Committee.
1934: Muhammad Hashim Gazdar, in the Bombay Legislative Council, moves cut- motion to omit Rs.63,825 earmarked for the staff which is looking after and trying to sell Sukkur barrage machinery that is now unnecessary. Mr.Gazdar, Shaikh Abdul Majeed, Syed Miran Muhammad Shah, Muhammad Ayub Khuhro, K.B.Allah Bux , Sindh members and several members of the nationalist benches deplores continuation of expenditure on the staff which the government gave an undertaking to disband last year. Cut-motion is defeated by 39 against 25 votes.
1939: Moulvi Muhammad Muaz presides over the annual meeting of the Nawabshah Congress Committee. The election for new office-bearers is held on this occasion also.
1943: The Bazim-i- Mushaera and Sindhi Sudhar Society held literary and poetic sitting. The contribution of poets presented on this occasion was published in the Adeeb-i-Sindh, later on.
 
[تاريخ پڙھو, حالتن جي چڪڻ مان چڙھو]
28.2.2022 تي اوهان جو خادم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري, اوهان کي پنهنجي تاريخ مان 28 فيبرورئ جو ورق ٻڌائڻ آيو آھي. انھئ سان وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪئي اٿم.
فرد واحد کان حافظو رسي ويندو آھي ته ان کي چريو چئي چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويندو آھي. تاريخ وري قوم جو "اجتماعي حافظو" ٿيندو آھي ۽ جنهن قوم کان اهو اجتماعي حافظو رسي ويندو آھي ته انھئ قوم جو حشر اسان جهڙو ٿيندو آھي. اسان کي اجتماعي حافظي/تاريخ جو ايترو اونو ڪونه هوندو آھي. انھئ ڪري پاڻ کي قوم جا مدبر ۽ دانشور ماڻھون دنيا جهان جا مامرا ته سمجهائڻ ۽ سلجهائڻ ۾ مهارت ڏيکاريندا آھن, پر پنهنجن مامرن تي سوچڻ لوچڻ جي تڪليف گوارا نه ڪندا آھن.
***************
28.2.1839:
سنڌ جي فرنگي اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ليفٽيننٽ ايسٽوڪ اڄ انڊس آرمئ جي ڪمانڊر ان چيف سر جان ڪين کي خط لکي دانھن ڏني ته سنڌين اسان جي فوج کي لٽيو آھي. [نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ هئ آھي ته فرنگي ڪراچئ ۽ منوڙي تي ته قابض ٿي ويا هئا, پر سنڌي عوام انهئ قبضي خلاف مزاحت جا پنهنجا طريقا ڪڍيا. سنڌ جا حڪمران فرنگين جي قبضي تي راضي هئا. پر عوام راضي نه هو.]
28.2.1849:
صوبائي سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ ڪرمنل جسٽس کي ممبئي سرڪار جي ڪرمنل جسٽس جي طرز تي هلايو وڃي ۽ ان لاء ممبئي سرڪار کان رولس ائنڊ ريگيوليشنس گهرايا وڃن.
28.2.1849:
شڪارپور کان ڪنڌڪوٽ تائين وارو پرڳڻو فرنگين جي آمد ۽ سندن حڪومت دوران افغانين, جابلو قبيلن (مري, کٽياڻ, بگٽي وغيره) جي ڦرلٽ وارن حملن جو نشانو رهيو. گورنر جنرل ميجر جيڪب کي چيو ته انھئ مامري تي تفصيلي رپورٽ ٺاهي ڪمشنر ۽ ممبئي سرڪار معرفت موڪلي ڏي.
28.2.1923:
مان اهو عرض ڪندو رهيو آھيان ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کان اڳ سنڌ ۾”ھوم رول ليگ" متحرڪ ۽ سرگرم سياسي پارٽي هئي. اڄ حيدرآباد هوم رول ليگ جون نئين سال لاء چونڊون ٿيون. ڄيٺمل پرسرام کي صدر ۽ بولچند ڪوڏومل کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. ذھن تي آڻڻ واري ڳالھ ھئ آھي ته هڪ اديب ۽ ليکڪ (ڄيٺمل پرسرام ) کي سياسي پارٽي جو صدر چونڊيو ويو. اڳ ۾ سياسي پارٽين ۾ قلم-ڌڻين جي حيثيت هئي. پر اسان جي زماني ۾ اها نظر نه ٿي اچي.
سنڌ هوم رول ليگ جو سمورو احوال گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
28.2.1939:
مولوي معاذ جي صدارت ۾ نواب شاه ڪانگريس ڪميٽئ جو اجلاس ٿيو, جنهن سنڌ جي سياسي صورتحال تي ويچار ونڊڻ کان سواء نئين سال لاء عهديدارن جون چونڊون به ڪرايون ويون.
28.2.1843:
لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌي سڌار سوسائٽئ" ۽ "بزم مشاعره" جي گڏيل سهڪار سان طرحي مشاعرو ٿيو, جنهن جي طرح ھئي:
" ٿي ڪري قطري مان دريا, رهنما ڪامل جي اک."
طرح مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شاعر عوام کي ذھني ۽ فڪري طور تي ھادين ۽ رهبرن کي مڃڻ طرف متوجھ ڪرڻ پيا گهرن.
28.2.1956:
رڻ ڪڇ جي مالڪئ ۽ وارثئ تي انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي.
28.2.1992:
سنڌي ادبي سنگت جي ڪراچي شاخ جون هن ريت عهديدارن جي چونڊ ٿي: جان خاصخيلي (سيڪريٽري), چندر ڪيسواڻي (جوائنٽ سيڪريٽري), خدا بخش ابڙو (خزانچي). ورڪنگ ڪميٽئ تي رئوف نظاماڻي, نور محمد شيخ, عطيه دائود, عابد مظھر, حسن منصور ۽ علي حسن چانڊيئي کي ميمبر طور کنيو ويو.ل
{28 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
28 فيبروري 1928ع شاعر مسرور ڪافي (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي .
28 فيبروري 1928ع ليکڪ علي محمد راهمون جو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1931ع ليکڪ ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1932ع شاعر محمد عيدن ناز ميراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1949ع ناليواري اداڪار صلاح الدين تنيوجو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1953ع ليکڪ خدا بخش ميربحر (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1957ع شاعر اقبال احمد اقبال جو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1965ع صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ ويب انجنيئر زاهد ميراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1983ع شاعر ادنى ضياء مهيسر جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
28 فيبروري 1974ع صحافي ۽ سياستدان حاجي شاهنواز پيرزادي جو انتقال ٿيو.
28 فيبروري 2013ع شاعر حميد شهيد هالائي انتقال ڪري ويو۔
28 فيبروري 2016ع شاعره، ليکڪا ۽ سنڌي ادبي سنگت جي عورت جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر مهر النساءَ لاڙڪ لاڏاڻو ڪري وئي.

No comments:

Post a Comment