Wednesday 23 February 2022

Sindh History (February 24, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (24th FEBRUARY)
24th February
BIRTH DATES
1. Moulvi Abdul Hai Marfani Chandio (Drigh Soomar Khan Chandio/Founder of Shah Latif College of Kambar and father of Jami Chandio/ birth 24th February 1927),
2. Mazhar Qureshi (Jonani/writer/ birth 24th February 1940),
3. Feroz Akhtar (Baharpur/Poet/ birth 24th February 1971),
4. Feroz Kalhoro/Sardar Shah/Writer/ birth 24th February 1976).
24th February
DEATH DATES
1. Nawab Ghulam Hyder Laghari (Tando Tajpur/Poet/ death 24th February 1943)
EVENT
24th February
1916: The process of political awakening has started in Sindh and people have started making their concepts about the ‘Leadership’. Today Advocate Khemchand Gopaldas delivers lecture on the topic of the ‘Wanted a leader’. It is organized by the NGO of Karachi.
1922: The Weekly ‘Sindh Zamindar’ is founded in Sukkur. The motive behind starting of this paper is to damage the political cause of the Khilafat Movement, block the way of Daily Al-Waheed to propagate political awakening and make the masses to believe and observe loyalty of the British. In its last days, Sindh Zamindar helped the Muslim League in propagating its cause for Pakistan. Its founder editor was Master Abdul Wahab and Ahmad Ali Aleg, Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, pir Husammudin Shah Rashdi;Agha Nazar Ali; Moulvi abdul Ghafoor Sitai; Dur Muhammad Awesi and Hafiz Khair Muhammad Odhi remained its editors.
1923: A public meeting is held at village Drigh Bala of Taluka Johi by the local branch of Khilafat Committee. Moulvi Din Muhammad and others speak on the occasion and advise people to take part in politics religiously.
1945: The Ministry/Government of Sir Ghulam Hussain Hidayatullah is defeated in the session of the Sindh Legislative Assembly. The move is made by G.M.Syed.
1946: The Convention of the Sindh Coalition Party is held at Sunn.
1954: ‘The Baghdad Pact’ is signed by Pakistan, Turkey and Iran.
1960: The Federal cabinet decides to name new capital of Pakistan as “Islamabad’.
1971: Shaikh Mujeeb rules out question of adjustment on 6-points, however assures fair and at par treatment for West Pakistan.
1979: The court starts hearing of the review petition. Yahya Bakhtyar pleads the reduction of sentence for Z.A.Bhutto in Muhammad Ahmad case on the basis of split decision.
1986: Zia rejects opposition demand for mid-term polls and vacating COAS post.
 
 
[هئ اسان جي تاريخ آھي. پاڻ پڙھو ۽ سنگت کي موڪلي ڏيو.]
24.2.2022 تي آئون ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سلامن, دعائن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ سنڌ جي تاريخ مان 24 فيبرورئ جي حوالي سان ٿيل واقعن, ولادتن ۽ وفاتن جي معلومات ڏيڻ آيو آھيان.
تاريخ ٻڌائي ٿي ۽ اهو ئي سچ آھي ته سنڌ ڪا ذات ناهي, قبيلو ناهي ۽ ڪا پارٽي يا گروه ناهي. پر سڀ رهندڙ ذاتيون, قبيلا ۽ گروه ملي سنڌي قوم ٺاهن ٿيون. ان ڪري ذاتين, گروهن, قبيلن ۽ پارٽين جي مسئلن ۽ مامرن کي قومي مسئلا نه چئبو. قومي مسئلا سڀني جا مسئلا ٿيندا آھن ۽ انھن کي حل ڪرڻ لاء سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو آھي. موجوده سنڌ جا مسئلا ان ڪري حل ڪري نه ٿا سگهون جو اسان گڏ ٿيڻ بدران گروهن, ذاتين ۽ پارٽين جي بنيادن تي اختلاف پيدا ڪيون ٿا. سياستدان اديب کي نه ٿو مڃي ۽ سماج سڌارڪ سياست کان وون ٿو وڃي. هاڻي هر ڪنهن کي پنهنجي هڪ سر جي مسيت آھي ۽ ڪو ڪنهن ڏي وڃي ئي نه ٿو. ڌارين انگريزن کان جان ڇڏائڻ ۾ اهي سڀ هڪ ۽ متحد هئا. سياسي پارٽيون ۽ سماجي تنظيمون اديبن ۽ دانشورن کي مان ڏئي گهرائي ليڪچر ڪرائي کين ٻڌنديون هيون ۽ ادب شاعرئ کي قومي راء ٺاهڻ جو ذريعو سمجهنديون هيون. پر هاڻي ڳاله ان جي برعڪس آھي. قوم کي نجات ڏيڻ جي دعوا ڪندڙ ئي قوم ۾ نفاق وجهن ٿا. استاد, ٻار جي شخصيت ٺاهيندو آھي ۽ اديب شاعر ان ۾ نظرياتي رنگ ڀريندو آھي. پر اسان استاد ۽ اديب/شاعر کي سياسي برادرئ تڙي ڇڏيو آھي. هن وقت سنڌ ايئن نفاق جي انگاس تي لٽڪائي وئي آھي. سنڌ ته هڪ آھي, پر پارٽين جو شمار ڪونھي ۽ انھن مان ڪيتريون هڪ ٻئي خلاف آھن. "گهڻين مردين گهر ڪيئن هلندو". اچو ته تاريخ جي ورقن ۾ جهاتي پائي ڪو دڳ ڳولهي ڪڍون.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
24.2.1846:
"انڊس فلوٽلا" نالي سرڪاري ڪمپني سنڌوندئ ۾ ٺٽي > جهرڪن > ڪوٽڙئ > سکر کان ملتان ۽ مٺڻ ڪوٽ تائين آگبوٽ ھلائيندي هئي. اڄ ڪمپنئ جي ڪمانڊر سنڌ سرڪار کي گذارش ڪئي ڪمپنئ جي استعمال لاء سکر ۾ پارسين جي پيسٽنجي ائنڊ ڪمپنئ کان جايون/عمارتون وٺي ڏيو.
24.2.1916:
انگريزن جي دور ۾ اديبن ۽ سماجي سڌارڪن ئي سياستدانن لاء ماحول ٺاهيو ۽ ذھن بدلايا. اڄ کيمچند گوپالداس ڪراچئ جي هڪ اين.جي.او جي پليٽ فارم تان "قيادت جي ضرورت" جي موضوع تي ليڪچر ڏنو ۽ ٻڌايو ته اڳواڻن کان سواء تحريڪون نه هلائي سگهبيون آھن ۽ هڪ سچي اڳواڻ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون هجڻ گهرجن.
24.2.1922:
سکر مان هفتيوار "سنڌ زميندار" اخبار جاري ٿي. اخبار جاري ڪرڻ جو اهم مقصد هئ هو ته خلافت تحريڪ, جنهن فرنگي حڪومت خلاف باه ٻري ڇڏي هئي, انھئ جي مخالفت ڪجي. هن اخبار اڳتي هلي مسلم ليگ ۽ پاڪستان تحريڪ کي وڏي هٿي ڏني. هن اخبار جي ايڊيٽرن ۾ ماستر عبدالوهاب, احمد علي عليگ, پير علي محمد شاه راشدي, پير حسام الدين شاه راشدي, آغا نظر علي, مولوي عبدالغفور سيتائي, در محمد اويسي ۽ حافظ خير محمد اوحدي ذڪر لائق آھن. انھن تحريڪ پاڪستان ۾ ”قلمي سپاهي" بڻجي ڪم ڪيو.
24.2.1923:
ڊرگھ بالا ۾ مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو, جنهن جو خاص مقرر مولوي دين محمد هو.
24.2.1935:
"سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ" جي ادبي بيٺڪ ٿي ان ۾ اي.بي.آڏواڻئ "شھيد هوش محمد شيدئ" بابت پنهنجو تحقيقي مقالو پڙھيو.
24.2.1945:
جي.ايم.سيد جي تحرڪ سان اڄ سنڌ اسيمبلئ جي اجلاس ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومت کي شڪست آئي
24.2.1946:
سن ۾ جي.ايم.سيد جي اڳواڻئ ۾ ”سنڌ ڪوئليشن پارٽئ" جو ڪنوينشن ٿيو.
24.2.1954:
پاڪستان, ايران ۽ ترڪئ اڄ ”بغداد پئڪٽ“ تي دستخط ڪيون.
24.2.1960:
وفاقي ڪابينه اڄ فيصلو ڪيو ته ملڪ جي نئين گادئ واري شھر جو نالو "اسلام آباد" هوندو.
24.2.1986:
" نه مڊ-ٽرم چونڊون ڪرائيندس ۽ نه وري چيف آف آرمي اسٽاف وارو عهدو ڇڏيندس."- ضياء الحق جو ضد.
***************
{24 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
24 فيبروري 1304ع مشهور مسلمان سياح ابنِ بطوطه جي مراڪش ۾ پيدائش ٿي.
24 فيبروري 1940ع ليکڪ مظهر قريشي جو جنم ڏينهن آهي.
24 فيبروري 1971ع ليکڪ فيروز اختر جو جنم ڏينهن آهي.
24 فيبروري 1976ع ليکڪ فيروز ڪلهوڙي جو جنم ڏينهن آهي.
24 فيبروري 1985ع شاعر ناشاد احسان ملاح (نندو) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
24 فيبروري 1943ع شاعر نواب غلام حيدر لغاري جي وفات ٿي.
24 فيبروري 2005ع تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment