Thursday 24 February 2022

Sindh History (February 25, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (25th FEBRUARY)
25th February
BIRTH DATES
1. Kishinchand ‘Bewas’ (Larkano/Poet/ birth 25th February 1885),
2. Kumari Satio Malkani (Hyderabad/Educationist/ birth 25th February 1927),
3. K.C.Mohan (Hyderabad/Freedom Fighter/ birth 25th February 1929),
4. Sushelo Panjwani (Sukkur > Mumbai/Actor/ birth 25th February 1939),
5. Akram Borrai (borri/Poet/ birth 25th February 1936),
6. Aijaz Mangi (Journalist/ birth 25th February 1965),
7. Abdul Ghaffar Ghanghro (Writer/ birth 25th February 1967),
8. Munawar Dayo (Matiari/Journalist/ birth 25th February 1976),
9. ‘Ajiz’ Ashiq Tunio (Loung Tunio/Poet/ birth 25th February 1981),
10. Nandlal Menghwar (Misri Shah/Poet/ birth 25th February 1984).
25th February
DEATH DATES
1. Dr.Jemi Sethna (Freedom Fighter/ death 23th February 1935),
2. Muhammad Hashim Gazdar (Karachi/Politician, Ex-Minister Sindh/ death 23th February 1965),
3. Nazar Lakhani (Wada Lakha/Poet/ death 23th February 2007).
EVENT
25th February
1835: Colonel Pottenger informs his Government that on arrival of Shah Shuja-ul-Mulk at Hyderabad, Mirs with relations and children paid their respect to him and gave presents to him.
1843: on behalf and instructions of Captain Preedy and Colonel Bileau, Seth Naumal approaches Sardar Sahib Khan Chhuto of Shah Bilawal to help Government in ensuring the protection of property and life of people.
1844: Rs.1, 500 are sanctioned by the Government for the construction of the British Residency in Khairpur State.
1849: His Highness Mir Ali Murad Khan ruler of Khairpur, who remained trustworthy friend of the British Government of India and kept himself away from happenings in Hyderabad/Lower Sindh regarding intrigues of British to usurp Sindh, is blamed by the British Government for making interpolations and additions in the treaty of ‘Noornihar’ between Mir Rustam Khan and Mir Naseer Khan. Today, the Governor of Bombay issues instructions to the Sindh Commissioner that Government would not agree with Sindh Commissioner in his suggestion that Mir Ali Murad Khan be pronounced guilty of the charge of forgery, however, the Government appoints a Committee composed of Commissioner, Major Jacob (Political Superintendent of Upper Sindh Frontier) and Major Lang (Political Agent of Kathiawar) to investigate the matter.
1935: ‘The Sindh National Bank Limited’ is established at Hyderabad with Rs. One million as its Capital investment. Its Board of Directors consists of Bhai Sobhraj Jhamatmal, Mukhi Gobindram Pritamdas; Bhai Gobindram Hasaram; Mukhi Bagomal Hotchand; Bhai Hasomal Chelaram, Bhani Kudomal Basarmal; Bulchand Chandiram Wasvani; Bhai Jeramdas Gurdasmal; Hotchand Gopaldas and Tahlram Basarmal.
1938: Sir Ghulam Hussain Hidayatullah presides over the meeting of ‘Democratic Coalition Party’. It is attended by 11 members including K.B. Muhammad Ayub Khuhro and Haji Amir Ali Lahori. The Finance Bill is discussed at length.
1945: ‘Bazim-i-Mushaera’ of Larkano arranges Poetic Sitting. It is organized by Qadri Family of poets and poetry presented on the occasion is published in the Journal ‘Adeeb Sindh’ latter on.
1947: While defining the attitude towards the minorities, Muhammad Ali Jinnah says in Karachi that ‘the minorities to whichever community they belong must be treated fairly and justly and that every effort should be made by majority community to create in them a sense of security and confidence.’
1971: Z.A.Bhutto threatens to physically thrash those MNAs from West Pakistan who would go to Dhaka to attend the 3rd March session. Suggest that National Assembly session be postponed or time limit for constitution making be removed.
 
 
[ سنڌ جي تاريخ نه فقط پاڻ پڙھو, پر سنگت کي به پڙهايو.]
25.2.2022 تي مان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري, سنڌ جي تاريخ مان 25 فيبرورئ جو ورق کڻي, ڪي واقعا ۽ ولادتن خواه وفاتن جي معلومات ٻڌائڻ آيو آھيان.
مان اوهان دل وندرائڻ لاء ڳالهيون ڪونه ٻڌائيندو آھيان. پر اوهان جي ذھن کي جهنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان ته جيئن اسان ماضئ جو مطالعو ڪري ڏسي سگهون ته اسان ڪنڊن جي راه تان گذري رهيا آھيون, اهي ڪنڊا اسان جي رستي تي ڪنهن رکيا. اها وڏن کان غلطي ٿي آھي يا اسان پنهنجي لاء آزار پيدا ڪري رهيا آھيون. اسان پنهنجي مسئلن کي سائنسي بنيادن تي حل ٿا ڪريون يا هوا ۾ لٺيون ٿا هڻون. مثال 21 فيبرورئ تي اسان "مادري ٻولين جو ڏينھن" هڪ رسم طور ملهايو. مونن ۾ منهن وجهي اهو ڪونه سوچيوسين ته "سنڌي ٻولي قومي ٻولي" ڪيئن ٿي سگهندي. ٻولئ کي اها منزل وٺي ڏيڻ لاء اسان فقط مطالبا ڪيا ۽ جلوس ڪڍيا. ڪا ٻي نتيجا ڏيندڙ حڪمت عملي جوڙي نه سگهياسين. تاريخ جي ورقن ۾ اهو لکيو ويندو ته هن دور ۾ سنڌ ۾ هڪ جلوسي ۽ مطالباتي نسل پيدا ٿيو, جيڪو ڊاڙ ھڻندو ته هن ٻولئ کي حق وٺي ڏيڻ جي وڏي تحريڪ هلائي.
ڪا تحريڪ هلي ۽ نتيجو نه نڪري ته ان جو مطلب ٿيو ته اسان جي سوچ ۽ لوچ ۾ ڪا وڏي غلطي آھي.
اسان جا وڏا به اهڙيون تحريڪون هلائي ويا يا انھن تحريڪون هلائي مقرر ڪيل مقصد حاصل ڪيا. انھئ سوال جي جواب حاصل ڪرڻ لاء اچو ته تاريخ جا ورق ورايون.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
25.2.1835:
ڪرنل پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته شاه شجاع حيدرآباد پهتو ته ميرن سندس بادشاه وارو استقبال ڪيو. کيس تحفن مٿان تحفا ڏنائون.
25.2.1843:
هن ئي مهيني ۽ سال ۾ سنڌ فرنگين جي قبضي ۾ آئي, پر سنڌي عوام کين دل سان ڪونه قبوليو. ڪراچئ ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ انگريز عملدار ٻاهر نڪري ساه کڻي نه سگهندا هئا ۽ سنڌين هڪ اڌ فوجي ماري وڌو. اھڙئ سنگين صورتحال ۾ ڪئيپٽن پريڊئ سيٺ نائومل کي پنهنجي اثر رسوخ هلائڻ لاء چيو. سيٺ نائونمل وڃي شاه بلاول وڃي سردار صاحب خان ڇٽي سان مليو ۽ پارت ڪيائيس ته هن ڏکيئي وقت ۾ انگريزن جي مدد ڪر.
25.2.1844:
سنڌ سرڪار خيرپور ۾ برٽش ريزيڊنسي وارئ عمارت تعمير ڪرائڻ لاء 1500 روپيا منظور ڪيا.
25.2.1948:
مير علي مراد خان انگريزن سان ساٿ ڏيندي وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ پنهھجا مٽ مائٽ به ناراض ڪيا. انگريزن جي آسانئ سان سنڌ تي حڪمراني ٿي ته سڀ کان پهريون مير علي مراد کي نشانو بڻايائون. مٿس الزام مڙهيو ويو ته هن پنھنجي ڀاء مير رستم علي خان سان جيڪو "نونھار وارو معاهدو" ڪيو هو, ان ۾ ڦير گهير ڪئي هيائين. اڄ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ انھئ جي انڪواري ڪرڻ لاء هڪ ڪميٽي ٺاهي. ان ڪميٽئ ۾ سنڌ جو ڪمشنر ميجر جيڪب ۽ ميجر لانگ کي کنيو ويو.
25.2.1935:
حيدرآباد ۾ ھڪ ملين روپين جي موڙئ سان "سنڌ نئشنل بينڪ" قائم ڪئي وئي. ان جو بورڊ آف ڊائريڪٽر هنن ماڻھن تي ٻڌل هو: ڀائي صوڀراج جهمٽمل, مکي گوبندرام پريتمداس, ڀائي گوبندرام هاسارام, مکي بگومل هوتچند, ڀائي هاسومل چيلارام, ڀائي ڪوڏومل بصرمل, بولچند چنديرام واسواڻي, ڀائي جئرامداس گرداسمل, هوتچند گوپالداس ۽ ٽھلرام بصرمل.
25.2.1945:
سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ جي ادبي گڏجاڻئ ۾ ڪو هڪ ليکڪ هڪ پيپر پڙھندو هو ۽ ان تي ٽيڪاٽپڻي ٿيندي هئي, سوال جواب ٿيندا ھئا ۽ ڪي صلاحون ڏنيون وينديون هيون. ان جي روشنئ ۾ ليکڪ پنهنجي پيپر تي نظرثاني ڪندو هو ۽ پوء اهو آرٽيڪل سوسائٽئ جي رسالي ۾ ڇپبو هو. اڄ بي.ڊي.ميرچنداڻئ "سنڌ 1809 ۾“ جي موضوع تي پيپر پڙھيو. اهو گل حيات ۾ ۽ ان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
25.2.1947:
مسلم ليگ جي قائد محمد علي جناح ڪراچئ ۾ اقليتن بابت بيان ڏيندي چيو ته اقليتن جو ڪهڙي به فرقي سان تعلق هجي, انھن سان بهتر ۽ انصاف تي ٻڌل رويو رکيو وڃي. اڪثريت وارن جو اهو فرض آھي ته هو ٿورائئ وارن ۾ تحفظ ۽ اعتماد کي پختو بڻائن.
[ هي بيان پاڪستان ٺھڻ کان اڳ جو آھي. ان مان صاف ظاهر آھي ته هن بيان جو مطلب ڪانگريس کان مطالبو ڪرڻ به هو ته اهي مسلم اقليت جو خيال رکن. هن جو اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته لڏ پلاڻ ڪنھن جي وهم گمان ۾ نه هئي ۽ ان جي ورهاڱي واري منصوبي ۾ ڪا گنجائش ڪانه هئي]
25.2.1971:
ذوالفقار علي ڀٽي قومي اسيمبلئ جي 3 مارچ واري اجلاس جي مهمل ڪرڻ يا آئين سازئ لاء ان جي وقت وڌائڻ جو مطالبو ڪندي ڌمڪي ڏني ته جيڪو ميمبر هتان مغربي پاڪستان مان اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ ويندو ته هن جون ٽنگون ٻاهون ڀڃندس
25.2.1985:
پاڪستان ۾ غير-پارٽي بنيادن تي چونڊون ٿيون. وڏين پارٽين ان جو بائڪاٽ ڪري, سياسي سوچ ۽ ساڃھ نه رکندڙ ماڻھن کي ايوانن ۾ پهچڻ جو ماحول پيدا ڪري ڏنو. انھن چونڊن جو فقط پارٽين کي ئي بائڪاٽ نه ڪرڻو هو پر کين عوام کي به چونڊن کان پري رکڻو هو. اهو ڪم پارٽين نه ڪيو.
25.2.1974:
لاهور ۾ ٿيل اسلامڪ سمٽ پڌرنامو جاري ڪيو, جنهن ۾ اها ڳالھ به شامل هئي ته "ٽيئن دنيا" لاء ھڪ "نيو ورلڊ آرڊر" هئڻ گهرجي. [پر, ڪانو مئا ته ڪونه هئا جو لولا حج تي پيا وڃن].
25.2.1990:
آفتاب شعبان ميراڻي سنڌ جو وڏو وزير ٿيو.
[سنڌ ۾ حڪومتن ڊھڻ ۽ ٺھڻ جي جي تاريخ ۾ خاص ڳالھ ھئ رهي آھي ته مرڪز طرفان ڪراچئ جي مسئلي, ون يونٽ ٺاهڻ ۽ امن امان جي نالي تي حڪومتون بدلبيون رهيون. پيپلز پارٽئ به مرڪز ۾ ويهي سياسي سمجهوتن ۽ مجبورين ڪري پئي وڏا وزير بدلايا ۽ پنهنجي ئي ڪجھ وڏن وزيرن کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو].
25.2.1995:
پاڻ کي سنڌين کان وڌيڪ ديندار چورائيندڙ دهشتگردن ڪراچئ ۾ ٻن مسجدن کي نشانو بڻايو ۽ نتيجي ۾ 20 ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا.
***************
{25 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
25 فيبروري 1885ع مشهور شاعر ڪشنچند بيوس جي لاڙڪاڻي ۾ پيدائش ٿي .
25 فيبروري 1997ع سياسي ڪارڪن ڪماري ستيو ملڪاڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1926ع تعليمي ماهر ڀڳوانداس مير چنداڻي(حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1929ع سياستدان ڪي سي موهن (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1936ع شاعر اڪرم ٻورائي جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1939ع اداڪاره سشيلو پنجواڻي (سکر / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1941ع پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1942ع سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ابرار قاضي جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1967ع ليکڪ عبدالغفار گهانگهرو جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1976ع صحافي منور دايو جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1981ع شاعر عاجز عاشق جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1984ع شاعر نند لال مينگهواڙ (مصري شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
25 فيبروري 1935ع فريڊم فائيٽر ڊاڪٽر جيمي سيٺنا (ڪراچي) ديهانت ڪري ويو.
25 فيبروري 1965ع محمد هاشم گزدر (ڪراچي) جي وفات ٿي.
25 فيبروري 2007ع شاعر نذر لاکاڻي انتقال ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment