Saturday 15 June 2024

SINDH in history today (16th June). Author Dr.Pathan and Translator Mumtaz Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY. Sindh in history today (16th June). Chronological Slection of Events from two Centuries of Sindh History. EVENTS 1939: Sj.Subhas Chandra Bose, in a Press interview at Lahore, says that times are so opportune that we shall be committing political suicide if we do not avail ourselves of opportunities by taking the intiative and forcing the issue of PurnaSwaraj /Complete freedom.(Source: The Indian Annual , Vol-1, 1939). 1942: ‘We are not going to walkout of India right in the middle of the war, though we have no wish to remain there for any imperialistic reasons’, says Sir Stafford Cripps in interview in London. (Source: The Indian Annual Register, Vol-1, 1942). 1947: M.A.Jinnah in a statement, appeals to every Muslim to contribute to the ‘Pakistan Fund’ to be set up and utilized for various tasks connected with the partition including referendum in two areas- Sylhat& NWFP- and to the work of the Constituent Assembly of Pakistan.[It is amazing to note that no any reference is made about the utilization of this Fund in the History of the Muslim League]. (Source: The Indian Annual Register, Vol-1, 1947). 1948: Khan Abdul Gaffar Khan is sentenced to three years rigorous imprisonment. (Source: ‘Source-Material on ANP’, compiled by Gul Hayat Institute). 1949: Sindh Government agrees to provide the Federal Government with one lac tons of Wheat. (Source: Newspapers). 1950: MoulanaMoudoodifavoursJagirdari System and indicates participation of his party in contesting polls. (Source: Ibid). 1952: State Unions of Balochistan are merged in the Balochistan Province. (Source: Ibid). 1957: G.M.Syed, the leader of West Pakistan Awami Party holds talks with Moulana Abdul HameedBhashani of East Pakistan (Source: Ibid). 1977: PNA-PPP Government accord will be signed after my Middle East visit, says Z.A.Bhutto, Premier of Pakistan. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1988: Zia-ul-Haq promulgates ‘Shaiat Ordinance’. Muftis to advise courts and Ulema to be appointed as judges. (Source: Ordinance). 1991: Federally funded ‘Tameer-i-Watan’ program is announced. MNAs are entitled to initiate development schemes worth Rs.10 million per year. (Source: Newspapers) Dr.Pathan wishes you Good Day. [If you are not accepted and owned, so what? Accept and respect all others without discrimination. Be useful, purposeful and more kind to those, who cannot accept and own you. Be for the love, beauty & peace. Be of the beauty, peace & love. Because, you are Beauty, Love & peace. Don't hunt for it. But, share it. ] جي گذري تنهنجي حیاتي ٿي هن ھوت سواء، تون ڪوہ نہ ڪرین سا ئي حياتي ھوتن لاء؟ دکن سکن ۽ عیب ثوابن دورين مجبورين جا، ڏینھن ۽ رات جا تون کڻي فرضي فرق مٽاء، نینھن-نیاپو سرت-سندیشو، سي گیت سٹاء، ڇیر ڇمڪاء وک وڌاء, دوستن در سلام سان SINDHI TRANSLATION OF THE POST: اسان ان دور مان گذري رهيا آھيون, جنهن ۾ علم, عقل ۽ حسن جي بک ڪنهن وٽ ڪونهي. پر علم عقل ۽ حسن جي تلاش جا در ايئن بند ڪري ڇڏيا آھن جو پنهنجي گروء ۽ گروپ کان سواء نه ڪنهن کي پڙھون نه ٻڌون. ڪنهن کي پنھنجي گروپ ۾ پوسٽ رکڻ نه ڏينداسين ۽ جنهن گروپ ۾ سنڌ جي تاريخ يا مفادن جي غيرجانبدارانه ۽ مستند پوسٽ هوندي ان گروپ مان ڀاڄ ڪنداسين. مايوس ٿيڻو ناهي, پر پڪي ارادي سان ڪم ڪرڻو آھي. ڪو پڙھي نه پڙھي, ان محتاجئ کان آزاد ٿي مان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ" سنڌئ ۾ ونڊيندو آھيان. منهنجو پٽ ممتاز علي وري اها "واقعاتي تاريخ" انگريزئ ۾ لکندو آھي. هتي ممتاز علئ جي انگريزئ ۾ لکيل ۽ پنهنجي سنڌئ ۾ لکيل "واقعاتي تاريخ“ گڏي پيش ڪريان ٿو. جن کي سنڌي نه ٿي اچي, اهي انگريزئ ۾ پڙھن. *1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ ڪانگريس اڳواڻ سڀاش چندر بوس پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان هن وقت آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون نه ڪيون ته پوءِ اهو اسان لاءِ سياسي آپگهات هوندو، اسان کي موقعو ملي رهيو آهي، جنهن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. ** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قائداعظم محمد علي جناح هڪ بيان جاري ڪري مسلمانن کي اپيل ڪئي ته اهي پاڪستان فنڊ ۾ رقمون جمع ڪرائين ته جيئن مختلف معاملا حل ڪري سگهجن. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالغفار خان کي 3 سال سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي وئي. ** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار کي هڪ لک ٽن ڪڻڪ فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو. ** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي جي اڳواڻ مولانا مودودي جاگيرداري نظام جي حمايت ڪئي، جڏهن ته هن اهو به چيو ته سندس پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي. ** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان جي رياستي يونينز کي بلوچستان صوبي ۾ ضم ڪيو ويو. ** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ جي ايم سيد ايسٽ پاڪستان جي اڳواڻ مولانا عبدالحميد ڀاشاني سان ڳالهيون شروع ڪيون. ** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت يونين پهرين عورت کي خلا ۾ موڪليو، اڳوڻي ٽيڪسٽائل ورڪر ويلنٽينا جي عمر 26 سال هئي، جنهن پهريون ڀيرو خلا جو سفر ڪيو ۽ ڪاميابي سان واپس زمين تي موٽي آئي. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو پي اين اي کي خاطري ڪرائي ته وچ اوڀر جو دورو ڪرڻ کانپوءِ آئون معاهدي تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق ملڪ ۾ شريعت آرڊيننس لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ مفتي صاحبان کي هدايت ڪئي وئي ته اهي ڪورٽون لڳائين ۽ عالم انهن ڪورٽن ۾ جج مقرر ڪن. ** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي سرڪار طرفان تعمير وطن ترقياتي پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، هن پروگرام ذريعي هر ايم اين اي کي هڪ سال ۾ هڪ ڪروڙ رپين جا فنڊ ڏنا ويا. ************* اڄوڪي ڏينهن 16 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 16 جون 1451ع صوفي بزرگ حضرت مخدوم بلاول جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 جون 1942ع سُگهڙ گُل حسن بروهي جي پيدائش ٿي. 16 جون 1947ع شاعر نور رضوي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 جون 1950ع باليووڊ اداڪار مٿن چڪروتي جو جنم ڏينهن آهي. 16 جون 1951ع ليکڪ سُريا مخدوم (درٻيلو) جو جنم ڏينهن آهي. 16 جون 1969ع شاعر واحد انصاري (ڳاڙهي موري) جو جنم ڏينهن آهي. 16 جون 1970ع صحافي خالد ڪمبوهه (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 جون 1975ع ليکڪ شفيق مسڻ (ڪراچي) جي پيدائش ٿي. 16 جون 1984ع شاعر بشير بخت جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 16 جون 1815ع مذهبي اسڪالر قاضي محمد عاقل سنڌي جو انتقال ٿيو. 16 جون 1817ع حضرت محمد راشد شاهه روضي ڌڻي (پير جو ڳوٺ) جو لاڏاڻو ٿيو. 16 جون 2005ع ماٽا جي باني ممتاز مهر جو انتقال ٿيو. 16 جون 2009ع راڳي اسحاق فقير عرف ڪارو مڱڻهار جو انتقال ٿيو. 16 جون 2011ع نوجوان شاعر حسن درس روڊ حادثي سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment