Saturday 31 July 2021

Sinsh History (31st July)

 


SINDH IN HISTORY TODAY (31st JULY)
31st July
BIRTH DATES
Hakim Ghulam Mustafa Soofi (Kandhra/Writer/ birth 31st July 1949),
Zubedah Metlo (Kambar/Poetess/ birth 31st July 1955)
EVENTS
1920: Traffic Manager of Railways is approached by ‘Hijrat Committee’ to hire special train for Sindhi migrants. The Committee is asked to furnish information about the numbers of passengers, date of departure and other information. (Source: The Daily Al-Wahid,
Karachi
)
The Daily Al-Wahid is in trouble and is not in position to pay required amount of Security. Shaikh Abdul Majeed Sindhi sold jewelry of his wife in Rs.50 to contribute towards fund. (Source: ibid)
1966: Six opposition parties evolve a common program for the restoration of Democracy. Meeting is held at
Rawalpindi
with Noor-ul-Amin in chair. (Source: Newspapers)
"سنڌ جي واقعاتي تاريخ-( 31 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق".
[ ڪجھ واقعا]
31.7.1839:
اتر سنڌ لاء مقرر ڪيل فرنگين جو پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل گورنر جنرل کي سندس سيڪريٽرئ معرفت خط لکي مير علي مراد خان سان سندس ٿيل خط و ڪتابت ۽ سفارتڪارئ بابت تفصيل ڏيندي چئي ٿو هي مير باقي حڪمرانن کان هر ڳالھ ۾ منفرد آھي. هن اسان جي سرڪار سان ڪجھ اره زورائي ڪئي, پر هن سان تڪرار ڪرڻ مان اسان کي گهڻو فائدو نه ملندو. هن سان جهيڙي بدران ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. هن جي فوج ۾ بلوچن کان وڌيڪ افغاني آھن. (ڊاڪيومينٽ نمبر 205, راس بيل جو سکر مان لکيل خط).
31.7.1832:
سنڌ جي ڏکڻ-اوڀر حصي ۾ کوسن ۽ ڪن هندن انگريزن کي نڪ ۾ دم ڏنو. کين سنڌ ۾ داخل ٿيڻ وقت لٽيندا ڦريندا هئا.
اڄ ڪمپني حڪومت جوڌپور جي راجا کان مدد گهري ته ڦورن خلاف آپريشن ۾ ساٿ به ڏئي ۽ اهو به ڏسي ته جيئن فرنگين کي ڦريندڙ ھن جي ملڪ ۾ پناه نه وٺن. (حوالو: ممبئي سرڪار جو مراسلو نمبر 159).
31.7.1848:
ڪمپني حڪومت سنڌ جي شاندار ماضئ کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ لاء صوبائي حڪومت معرفت سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي زيردست عملدارن کي لکي ته اهي کيس مندرن, غارن ۽ تاريخي يادگارن جي تفصيل گڏ ڪري موڪلن, پوء اها معلومات مرڪزي حڪومت کي موڪلي وڃي. (حوالو: ممبئي سرڪار جو مراسلو نمبر 2803).
31.7.1920:
سنڌ خلافت ڪميٽئ پڪو په ڪيو ته هجرت ڪبي. ان ڪري ريلوي ٽرئفڪ مئنيجر سان رابطو ڪيو ويو ته جيئن خاص ريل بڪ ڪجي. اڄ ريلوي جي ٽريفڪ مئنيجر کين لکيو ته ٻڌايو ته ڪيترا مسافر هوندا ۽ ٽرين ڪهڙئ تاريخ تي ۽ ڪٽان رواني ٿيندي ۽ ڪيسيتائين ويندي. (معلومات جو ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي).
31.7.1920:
روزانو "الوحيد" مٿان مالي مصيبت آئي ۽ اخبار جي انتظاميه سرڪار طرفان مڙھيل سيڪيورٽي جي رقم ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هئي. پر شيخ عبدالمجيد سنڌئ پنهنجي زال جا زيور وڪڻي, 60 روپيا فنڊ ۾ جمع ڪرايا. (ذريعو: "الوحيد")
31.7.1926:
انگريزن جي دور جي سماجي تنظيمن لاء اهو جهڙوڪ لازمي ڪم هوندو ته هڪ ڀرپور لائبرري قائم ڪن. ڪراچئ ۾ ”ھندو ٽائون پيپلز ائسوسيئيشن" لائبرري کولي ۽ اڄ سيٺ ھرچندراء وشنداس ان جو افتتاح ڪيو.
31.7.1966:
پاڪستان ۾ آمرن ۽ سياستدانن جي ڄنڊا-پٽ سياسي ڪلچر جو پڪو رنگ رهيو آھي. آمر جڏهن اقتدار کي پنهنجي جاگير بڻائڻ جو پڪو په ڪندا آھن ته پوء سياسي اتحاد جوڙيا ويندا آھن. اڄ نورالامين جي صدارت ۾ ڇهن سياسي پارٽين جو ميڙاڪو ٿيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالئ لاء ڀرپور تحريڪ هلائبي.
31.7.1977:
نيٺ ڀير تي ڏونڪو لڳو. احمد رضا قصورئ جيڪا پنهنجي پئ جي قتل تي پٽيشن داخل ڪئي هئي, اڄ ان ڪيس جي شنوائي ٿي.
[جنم]:
31 جولاءِ 1955ع صحافي صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙو.
31 جولاءِ 1955ع شاعره زبيده ميتلو (قمبر).
31 جولاءِ 1966ع شاعر ۽ قومي ڪارڪن عرفان مهدي (هالا).
[وڇوڙو]:
31 جولاءِ 1971ع صحافي رام ڀوراڻي (سکر).
31 جولاءِ 1974ع مذهبي اسڪالر مولانا الهورايو بروهي .
31 جولاءِ 2003ع شاعر ابراهيم منشي.
31 جولاءِ 2008ع وڪيل اڳواڻ ۽ سياستدان امداد علي اعواڻ (سکر).
 

No comments:

Post a Comment