Friday 1 December 2017

Sindh History in Sindhi (2 12.2017)



EVENTS FROM SINDH HISTORY (2nd December)
By: Dr. Dur Muhammad Pathan
** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر سنڌ ۾ برطانوي فوجين جي آمد کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي پنهنجي حڪومت کي آگاهه ڪيو، غلام شاهه کي مير حڪمرانن طرفان اها ڊيوٽي ڏني وئي هئي ته هو ڪرنل پوٽينجر جي مدد ڪري ۽ کيس اناج خريد ڪري ڏئي پر هن سهڪار کان انڪار ڪيو، جڏهن ته مير نور محمد ٽالپر لاڙڪاڻو يا شڪارپور انگريزن حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هو پر شرط اهو رکيو ويو ته ملڪ جي آزادي ۽ سلامتي تي ڪوبه حرف نه ايندو، مير حڪمرانن انگريزن کي اها به خاطري ڪرائي ته شاهه شجاع سان دوستي جو معاهدو ڪيو ويندو پر ان سڄي صورتحال تي پوٽينجر شڪ جو اظهار ڪيو.
** 1942ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان خالي ڪريو تحريڪ ۾ حصو وٺڻ تي سنڌ ڪانگريس جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ورڪرن کي مليل سزا ختم ٿيڻ بعد کين آزاد ڪيو ويو.
**1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ سرڪار طرفان اعلان ڪيو ويو ته تعليم بالغان لازمي هوندي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم محمد علي بوگرا چيو ته پنجاب ويسٽ پاڪستان اسيمبلي ۾ 40 سيڪڙو نمائندگي ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان ۾ فوجي آپريشن جو آغاز ڪيو ويو، بگٽين ۽ مري قبيلي جي ماڻهن خلاف ڪارروائي شروع ٿي، حڪمرانن بنگلاديش واري سانحي مان سبق حاصل نه ڪيو ۽ ساڳئي قسم جي ڪارروائي بلوچستان ۾ شروع ڪئي.
** 1986ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدارتي آرڊر جاري ڪندي چيو ويو ته آفيس جي ڪم دوران نماز ادا ڪري سگهجي ٿي، جنهن تي مفتي محمود خوشي جو اظهار ڪندي فيصلي جي آجيان ڪئي.
**1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو وڏي اڪثريت سان ڪاميابي بعد وزيراعظم جو حلف کنيو، هوءَ مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، ساڳئي ڏينهن تي پنجاب ۾ نواز شريف، بلوچستان ۾ ظفرالله جمالي، اين ڊبليو ايف پي ۾ آفتاب شيرپائو ۽ سنڌ ۾ سيد قائم علي شاهه وڏ وزارت جا عهدا سنڀاليا.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ هڪ جنوني 100 ٻارڙن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، پوليس گهر تي ڇاپو هڻي تيزابي ڊرمن مان انهن ٻارن جا لاش هٿ ڪري ورتا، انهن ٻارڙن جا جوتا ۽ ڪپڙا به مليا، هن ٻارن کي اغوا ڪري قتل ڪيو ۽ لاش ڊرمن ۾ اڇلايا.

No comments:

Post a Comment