Monday 29 March 2021

March 29, 2021

Sindh in History today (29th March). Research & Video Talk by Dr.Pathan.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسان جو اپر ڪلاس غيرن کي راضي ڪرڻ ۾ سڪون محسوس ڪندو آھي, پر عوام ڌارين کي ڏينھن جا تارا ڏيکاريندو آھي. ڏسو شاهدي طور پاٽينجر جا 1839 ۾ لکيل خط. * جيڪي جابلو قيبلا سنڌ کي لٽي ڦري ڀڄي ويندا هئا, انگريزن انھن کي پڪڙي سنڌي سماج ۾ ضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو تفصيل اڄ جي وڊيو ٽاڪ ۾ ڏسي ٻڌي سگهو ٿا. * سنڌي صحافت تحريڪ آزادئ جي تبليغ ڪندي, فرنگي حڪومت جا ظلم برداشت ڪيا. شاهدئ لاء 1923 جو واقعو پڙهو. * جڏهن سنڌ ملڪ ھئو ته هندن دل تي ان جي خدمت ڪئي. پر ڪن هندن سنڌ کي صوبائي حيثيت ملڻ جي مخالفت ڪئي. اصل سبب ڄاڻڻ لاء وڊيو ٽاڪ ڏسو. * وڊيو ٽاڪ ۾ اڃا گهڻو ڪجھ آھي. ڏسو, ٻڌو, شيئر ڪريو ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب به ڪريو.

No comments:

Post a Comment