Friday 29 September 2017

BOOK REVIEW BY MY SON MUMTAZ

 موتي پرڪاش ھاڻي گذاري ويو آھي. ھو سنڌ ۽ ھند جي نامور محققن ۽ شاعرن مان ھڪ ھئو. سرڳواسي جڏھن دبئي ۾ ھئو ت ان زماني کان سندس بابا سان دوستي ٿي ۽ اھا سندس لاڏاڻي تائين ھلي. دبئي واري زماني ۾ ھو پي ايڇ.ڊي ڪندو ھو ۽ بابي کيس سنڌ مان گھربل ڪتاب ۽ مواد ھٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ھئي. انھئ حوالي سان ھن جيڪا خط و ڪتابت ڪئي ھئي اھا مرحوم علي نواز وفائي جي ھفتيوار اخبار “آذاد“ ۾ “ پرڏيھي عالمن جا خط“ جي سري ھيٺ قسطوار شايع ڪيا ھئا. انھن مان ھڪ خط سندس لاڏاڻي تي بابي فيس بوڪ تي شيئر ڪيو ھو. سرڳواسئ جي ٿيسز شايع ٿي ت ان جي ڪاپي بابي ڏي ڏياري موڪلي ھيائين. ان جو ٽائيٽل پيج شيئر ڪريان ٿو.( ممتاز پٺاڻ)

No comments:

Post a Comment