Saturday 5 October 2024

Sindh in history today (6th October). By Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

Sindh in history today (6th October). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. 6th October BIRTH DATES 1. Seth Giyanchand Motwani (Larkano/Social worker/ birth 6th October1878), 2. Noor Ahmad 'Nachez'(Poet/ birth 6th October1916), 3. Mina Gope Rupchandani (Karachi - Ulhasnagar/Writer/ birth 6th October1940), 4. Manzoor Kumbhar (Luqman Kereo/Poet/ birth 6th October1959), 5. Qalab Soomro (Panjudero/Writer/ birth 6th October1968), 6. Amar Pirzado (Poet/ birth 6th October1980), 7. Hamdam Hingorjo (Poet/ birth 6th October1994). DEATH DATES 1. Asim Nathanshahi (Poet/ death 6th October2006) EVENTS Beera Khan Jakhrani and Pir Nooruddin, both of Upper Sindh are granted Jageer to the extent of 300 beeghas and 200 beeghas respectively. 1934: The Collector of Larkano invites attention of the Larkano District Board to the anti - social activities being performed on the occasion of Melas and Anniversaries of the late Pirs and Saints and advice to draft some sort or Rules to stop such activities. The LDLB appoints Committee for this purpose. It consists of Muhammad Ayub Khuhro, Ahmad Bux Bhutto and Pirbhdas Tolani. 1947: Karachi is connected with all provincial capitals with flight service. 1950: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan also becomes the President of the Pakistan Muslim League. 1958: Khan of Kalat, Mir Ahmad Yar Khan, is taken into preventive detention by the Govt. of Pakistan. 1973: Parliament extends emergency. Opposition's protest boycott begins. 1988: Party - based elections on schedule. Supreme Court gives verdict in Benazir Bhutto's constitutional petition. 1990: Lahore High Court issues contempt notice to PPP leaders for hooliganism in the court on October 2. 1992: Sindh Local Bodies are dissolved. 1993: General elections are held. People cast their votes for the time in five years. 2001: President General Pervez Musharraf gets extension in his tenure as the Chief of the Army Staff (COAS) for unspecified period. TRANSLATION OF POST INTO SINDHI: Sindh in history today (6th October). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 6 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 6.10.1832: سنڌ ۾ مقيم ڪمپني حڪومت جي نمائندي اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته جوڌپور ۽ جيسلمير جي حاڪمن يقين ڏياريو آھي ته جڏهن ٿرپارڪر ۾ ٺاڪرن ۽ کوسن خلاف ڪمپني حڪومت ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ته جوڌپور ۽ جيسلمير ڪمپني حڪومت جو ساٿ ڏيندا. 6.10.1847: اڄ شڪارپور جي ڪليڪٽر سنڌ سرڪار کي لکت ۾ ٻڌايو ته هن ڪهڙين ٻروچ ذاتين کي اتر سنڌ ۾ آباد ڪيو آھي ۽ انھن جون ريتون, رسمون ۽ رواج ڪهڙا آھن. اهي ذاتيون آھن: بگٽي, جکراني, رمداڻي, جمالي مندراڻي, ڊومڪي, جتوئي, کوسا, مغيري, چانڊيا, ڪٻر, مگسي, بروهي, لاشاري, کيتران ۽ مري [ سنڌ جي اها بدنصيبي آھي ته ان پنهنجا توڙي پراوا حڪمران ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪندا رهيا آھن. ڪلهوڙن ميرن کي آندو, انگريزن انھن مهربانن کي آباد ڪيو, جن جي ذاتين جا نالا ڏنا اٿم. 1947 کان پوء پناهگيرن کي آباد ڪيو ويو. هن دور ۾ بهاري ۽ افغاني آباد ڪيا پيا وڃن] 6.10.1934: لاڙڪاڻي ضلعي جي لوڪلبورڊ اڄ محمد ايوب کهڙي, احمد خان ڀٽي ۽ پرڀداس تولاڻئ تي ٻڌل هڪ ڪميٽي بڻائي ته اهو ڏسي ته ميلن ملاکڙن ۽ پيرن فقيرن جي عرسن جي موقعن تي ڪهڙيون سماج-دشمن ريتون رسمون پروان چڙھن ٿيون, جن تي سرڪاري طور تي پابندي وجهي وڃي. 6.10.1947: هوائي جهازن جي اڏام ذريعي, اڄ ڪراچئ کي ملڪ جي ٻين صوبائي گادين سان ملايو ويو. 6.10.1950: ملڪ جي وزير اعظم هڪ مٺ ۾ ٻه گدرا کڻي ڏيکارڻ جي نئين روايت قائم ڪئي. لياقت علي خان وزير اعظم ته هيو ئي هيو, پر اڄ پاڪستان مسلم ليگ جو صدر به بڻجي ويو. 6.10.1973: ذوالفقار علي ڀٽو سياستدان هو, پر هن پنهنجئ حڪمرانئ ۾ ڪيترو وقت مارشل لا کي لاڳو ڪري رکيو ۽ ملڪ تان امرجنسي تڪڙي نه لاٿي, بلڪ ان ۾ مخالف جماعتن جي مخالفت باوجود واڌ ڪندو رهيو. اڄ پڻ هن پارليامينٽ کان امرجنسي جي مدي ۾ واڌ ڪرائي. 6.10.1993: ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون. نتيجن اچڻ کان اڳ صدر غلام اسحاق چيو ته اسان سياسي حريفن کي انت تائين پڄايو آھي. [مطلب ته ملڪ جو صدر پاڻ مڃي ٿو ته ملڪ ۾ چونڊون چورائي سگهجن ٿيون ۽ نتيجا بدلائي سگهجن ٿا] 6.10.2001: جنرل مشرف, جنهن ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي, نواز شريف جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ملڪ جو صدر به ٿي ويو, تنھن اڄ پنهنجي چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدي ۾ واڌ ڪئي.[غير فوجي حڪومت ۾ ناني ورهائڻ واري ۽ ڏوهٽا کائڻ وارا ٿيندا آھن. پر فوجي حڪومت ۾ ناني ورهائڻ واري به هوندي آھي ته کائڻ واري به هوندي آھي] *************** 6 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 6 آڪٽوبر 1878ع سماجي ورڪر سيٺ گيانچند موٽواڻي (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 آڪٽوبر 1916ع شاعر نور احمد ناچيز جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 آڪٽوبر 1940ع ليکڪ مينا گوپ روپچنداڻي (ڪراچي / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 آڪٽوبر 1959ع شاعر منظور ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي. 6 آڪٽوبر 1968ع ليکڪ ۽ شاعر قلب سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 6 آڪٽوبر 1980ع شاعر امر پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. 6 آڪٽوبر 1994ع شاعر همدم هنڱورجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 6 آڪٽوبر 1981ع مصري صدر انور السادات کي قتل ڪيو ويو. 6 آڪٽوبر 2006ع شاعر آثم ناٿن شاهئ جي وفات ٿي

Friday 4 October 2024

Sindh in history today (5th October). Author Dr.Pathan & writer Mumtaz Pathan

5th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {5th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Whoever has friends is lucky, but is man of bad luck if is without enemies & opponents. Opposition and enmity is a wonderful free mechanism for bringing angles those are not before us and we cannot see ourselves from those sides. It provide chance to see our own faults, flaws and mistakes those were very much there and we never took notice of them. Opposition helps us in self-correcting task. ] اها آھي نفرت ۽ دشمنئ، جا اٹپوري کي ڪري پورو، انهن بنا هر ڪو آدمي، آھي اصلي جيئن ڪو اڌورو، کڻي بار برہ پيو سمورو، سمجهائي سرت سلام سدا. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (5th October) 5th October BIRTH DATES of famous personalities of Sindh: Kouromal Chandanmal (Bhirya/Educationist & Writer/ birth 5th October1844), Syed Muzafar Majarjvi (Bagar Mir Jat /Journalist & Political Activist/ birth 5th October1916) , Dharampal Gupta (Mehar > Ulhasnagar/Writer/ birth 5th October1926), Saleem Khowaja (Larkano/Writer/ birth 5th October1938), Naeem Dareshani (Writer/ birth 5th October1941), Muhammad Azim Chandio (Larkano/Artist & writer/ birth 5th October1945) ,Ghulam Shabir Khajar (Pir Gul Shah/Political Activist/ birth 5th October1952), Shafi Chandio (Bachal Chandio/Writer/ birth 5th October1954), Aijaz Ali Jatoi (Beto/Politician/ birth 5th October1954), Riaz Samo (Larkano/Poet/ birth 5th October1964), Muhammad Khuhro (Bindi Motaio/Journalist/ birth 5th October1968) Dost Malookhani (Dhani Bux/Poet/ birth 5th October1968) ,Akbar S. Mangrio (Poet/ birth 5th October1969), Saifal Soomro (Ali Khan Thebo/Writer/ birth 5th October1973), ‘Parwano’ Feroz Memon (Do Abo/Poet/ birth 5th October1978), Amina Naz Bhatti (Writer/ birth 5th October1978), Juned Anwar Chandio (Hyderabad/Writer/ birth 5th October1979). 2. EVENTS from history 1839: Lieutenant Leckie writes to inform Lieutenant White Lock at Thatta that he was unable to hire boats for conveying grain with the army as the boatmen refused. (Source:letter of 5th October) 1947: Ten thousand Indian Muslim migrants reach today in Pakistan from Delhi, Jullender and Fatihgarh. (Source: Official Press Note). 1948: Din Muhammad is appointed Sindh Governor. (Government Notification). 1953: Muslim League Parliamentary party approves Prime Minister Bogra’s formula of two national languages i.e Urdu and Bengali. (Source: ibid). 1964: While addressing public gathering at Lahore, Fatima Jinnah says that Pakistan was created to provide equal opportunities to Muslims, but they are being deprived of their fundamental and political rights. (Source: Newspapers). 1969: Socialism is best method to resolve problems of common people, says Moulana Bhashani, leader of the National Awami Party. (Source: Newspapers). 1970: Khan Abdul Qayoom Khan and Mian Mumtaz Doultana opposed Bhutto and his political philosophy. Khan Qayoom blames Bhutto is working for civil war in the name of Socialism. Whereas Doultana says that in 1965, Bhutto became high-risk for Pakistan (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1998: Army Chief, General Jehangir Karamat proposes setting up of a National Security Council. Statement stuns government.(Source: Newspapers). 1999: Ehtesab bench of Lahore High Court issues non-bailable warrants for arrest of Benazir Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Amina Institute). ( 5 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 5.10.1832: پارڪر واري پاسي جيڪي سنڌي فرنگين کي لٽيندا هئا, مير انھن کي ڦورو قرار ڏئي پڪڙيندا هئا. حالانڪ هو ته فرنگين جو سنڌ ۾ اچڻ جو دڳ روڪيندا هئا. اڄ حيدرآباد واري مير مراد علئ ڪجھ گرفتار ڪيل ماڻهون غلام حيدر مجراڻئ هٿان پاٽينجر ڏي ڏياري موڪليا ته ڀلي انھن کان پڇا ڳاڇا ڪري پوء قيدي واپس موڪل.لل 5.10.1838: شملي مان ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل جو سيڪريٽري اڄ پاٽينجر کي لکي ٿو ته هاڻي گورنر جنرل کي يقين ٿي چڪو آھي ته ميرن جي اڪثريت اسان سان سچي ناهي. تون حيدرآبادي ميرن جي اهڙي لڳار رويئي کي ڌيان ۾ رکي, چاهين ته بامبي آرمئ کي پيش قدمئ لاء گهرائي وٺجان. خيرپوري ميرن سان تون الڳ ڳالهيون ۽ معاهدو ڪجان. ٻنھي هنڌن تي توکي ايئن ڪرڻو آھي, جيئن هدايتن ڏنيون ويون آھن. 5.10.1839: لفٽيننٽ ليڪئ اڄ ٺٽي ۾ مقيم ليفٽيننٽ وائيٽ لاڪ کي لکيو ته سنڌي مهاڻا اسان کي ٻيڙيون نه ٿا ٿين. ان ڪري فوج کي اناج پهچائڻ مسئلو ٿي پيو آھي. 5.10.1840: ڪراچئ ۽ ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ کان پوء مقامي فرنگي عملدارن پنهنجئ مرضئ سان ڪسٽم لاڳو ڪرڻ جو سوچيو ۽ پنهنجئ سرڪار کان اهڙي منظوري گهري. مگر اڄ مرڪزي حڪومت طرفان ممبئي حڪومت کي هدايت ڪئي وئي ته في الحال انھئ مامري کي نه ڇيڙيو. 5.10.1842: ليفٽيننٽ برنس اڄ مراسلو موڪلي نيپيئر کي ٻڌايو ته اسان جا واپاري بهاولپور طرف ميرن جي سخت پاليسئ ڪري تڪليف ۾ آھن ۽ مير سندن ٻيڙين تي ڳرا محصول مڙھن ٿا ۽ اڪثر ٻيڙين کي درياه ۾ هلڻ نه ٿا ڏين.[ ذھن ۾ ھئ ڳالھ رکڻي آھي ته نيپيئر اڳتي هلي ميرن کان اهي پرڳڻا کسي بهاولپور جي حاڪم کي ڏنا هئا]. 5.10.1947: دهلئ, جالنڌر ۽ فتح ڳڙھ مان ويه هزار پناهگير پهچي ويا. وڏي انگ ۾ لڏپلاڻ ڪنهن مجبورئ جو ڪارڻ ڪونه هو, مگر نون سهولتن ۽ موقعن جي جستجو هئي. لڏ پلاڻ نه ته هنستان ورهائڻ واري فرنگي منصوبي جو حصو هو, ۽ نه وري ڪانگريس يا مسلم ليگ وچ ۾ ڪو ان بابت معاهدو ٿيو هو. 5.10.1948: ون يونٽ ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌي سياستدان سنڌ ۾ ون يونٽ جهڙين سياسي حالتن کي قبول ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا هئا. ان ڪري ملڪي حڪومت پنهنجئ مرضئ سان ٻين صوبن وارن کي سنڌ ۾ گورنر مقرر ڪرڻ جي روايت وڌي ۽ ان کي سنڌ ۾ اهڙو لائق ماڻھون نظر نه ايندو هو, جنھن کي گورنر مقرر ڪجي. اڄ دين محمد کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 5.10.1951: سنڌ جي وڏن وزيرن ۽ وري مغربي پاڪستان حڪومت ۾ سنڌي وزيرن خلاف بدعنوانين ۽ نااهلين جا ايترا ڪيس هليا, جن جو مثال ڪونھي. اڄ محمد ايوب کهڙي خلاف هلندڙ جاچ ۾ قاضي محمد اڪبر ۽ محمد عثمان سومري پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا. 5.10.1953: مسلم ليگ اسيمبلئ پارٽئ وزير اعظم بوگرا جي فارمولا جي تائيد ڪئي ته اڙدو ۽ بنگالي قومي ٻوليون ٿيڻ گهرجن. سنڌين, پنجابي, پٺاڻن ۽ بلوچن پنهنجي پنهنجي ٻولئ جي درجي وڌائڻ جي ڀرپور انداز سان تحريڪ ڪانه هلائي. ان ڪري انھن ٻولين کي نظرانداز ڪيو ويو. 5.10.1970: خان عبداقيوم خان ۽ دولتانه اڄ ذوالفقار علي ڀٽي تي سخت تنقيد ڪئي. عبداقيوم خان چيو ته ڀٽو خوني انقلاب پيو آڻي. دولتانه چيو ته 1965 واري جنگ دوران ڀٽو ملڪ لاء خطرو بڻجي چڪو هو. 5.10.1998: آرمي چيف جنرل ڪرامت حسين تجويز ڏني ته ملڪ ۾ ”نئشنل سيڪيورٽي ڪائونسل" جوڙي وڃي. 5.10.1999: لاهور هاء ڪورٽ جي احتساب بينچ بينظير ڀٽي جي گرفتارئ لاء ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا. *************** { 5 آڪٽوبر تي ڪي جنم وٺندڙ شخصيتون}: *************** 1844ع ليکڪ ۽ تعليمي ماهر ڪوڙو مل چندن مل (ڀريا). 1916ع صحافي سيد مظفر مديجوي. 1926ع ليکڪ ڌرم پال گپتا (ميهڙ / الهاسنگر). 1938ع ليکڪ سليم خواجا (لاڙڪاڻو). 1941ع ليکڪ نعيم دريشاڻي. 1945ع آرٽسٽ عظيم چانڊيو (لاڙڪاڻو). 1954ع ليکڪ شفيع چانڊيو. 1954ع سياستدان اعجاز علي خان جتوئي(ٻيٽو جتوئي). 1957ع اداڪار، هدايتڪار ۽ ڊراما نگار اسلم ڀٽو. 1963ع اديب ۽ شاعر اورنگزيب ڀٽي(ٽنڊو غلام حيدر). 1964ع شاعر رياض سمون. 1968ع شاعر دوست ملوڪاڻي. 1973ع ليکڪ صيفل سومرو. 1978ع شاعر پروانو فيروز. 1978ع ليکڪا امينه ناز ڀٽي

Thursday 3 October 2024

Sindh in history today (4th October). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

{4th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade] SINDH (including Pakistan) {4th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan Dr.Pathan wishes you GOOD MORNING. محبت طلبي مدتون، پر وقت صفا محدود . رک من موجود ،تہ پھچائين سلام سیگھ سان . If our total life is 6O years, than 3O years we are in Bed; 2O years we pass in getting education and 5 years in other activities . It is = 6O -55 = 5. Our real life after 6O years is only 5 years. Why not to live those five years with care and dare, in peace and love? ************** SINDH IN HISTORY TODAY (4th October) 4th October 1.BIRTH DATES Haji Allah Bachayo ‘wafa’(Gajan/Poet/ birth 4th October1911), Makhdoom Talib-ul-Moula (Hala/Gadhi Nasheem Dargah Nooh, Poet & Politician/ birth 4th October1919), Shafi Muhammad ‘Aouj’ Alvi (Shikarpul/Poet/ birth 4th October1921), Muhammad Alim Jokhio (Suhrab Goth/Social worker/ birth 4th October1962), Muzafar Qazi (Lalu Rank/Journalist/ birth 4th October1967), (Ayaz Jani (Larkano/Poet/ birth 4th October1967), Liaquat Memon (dakhan/Writer/ birth 4th October1973), Imdad Soomro (Johi/Journalist/ birth 4th October1975), 2.DEATH DATES Akhund Abdul Samad Sanwni (Hala/Religious Scholar/ death 4th October1855), Sir Ghulam Hussain Hidayatullah (Shikarpur/ ex-Governor Sindh &ex- Chief Minister Sindh/ death 4th October1948) Moulvi Ahmad Charan (Molhan/Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 4th October1976) 3.EVENTS 1847: His Highness Mir Ali Murad Khan congratulates R.K.Pringle on his appointment as Sindh Commissioner and offers friendship and due cooperation. The letter is sent through Resident posted in Khairpur. (Source: letter No.73). 1855: The Assistant Commissioner for Jageers recommends the case for grant of Jageers to the following in Karachi Taluka: Malik Sardar Khan Noomrio, Malik Jeand Kan Noomrio; Malik Alladad Gabol , Datto Gabol and Piru Gabol. (Source: letter No.19). 1920: Rais-ul-Muhajreen Jan Muhammad Junijo shares his experience and observations about migration of Sindhis to Afghanistan. The briefing meeting is arranged by Larkano District Khilafat Committee and it is attended by Moulana Muhammad Sadik of Khada, Abdul Jabbar Advocate, Shaikh Abdul Aziz; Pir Mithal Shah of Thullah; Pir Fatih-u-ddin, Pir Rooh-ul-Qusus; Pir Muhammad Mustafa; Moulvi Muhammad Aqil Aqli; Moulvi Muhammad Ali; Pir Noor-u-ddin; Seth Khudadad Surahio; Seth Abdul Razaq; Seth Ahmad-u-ddin; Rahim Bux Advocate; Hari Sing Advocate; Seth Gobind Bux; Tahilram editor of ‘Larkano Gazette’ and Seth Tanwardas. The meeting is presided over by Moulana Taj Mahmood Amroti. (Source: The Daily Al-Wahid,Karachi). 1947: Khairpur Mirs and Bahawalpur states announce their accession to Pakistan (Source: Newspapers). 1948: Moulana Moudoodi, founder of Jamait-i-Islami is arrested under Pakistan Safety Act. (Source: Newspapers). 1975: Beginning of new era between Bangladesh and Pakistan with diplomatic relations. Once part to each other, are now free and independent friend countries. (Source: Newspapers). EVENTS FROM SINDH HISTORY (4th October) By: Dr. Pathan ** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هز هائينس مير مراد علي خان ٽالپر سنڌ ۾ مقرر ٿيل ڪمشنر آر ڪي پرنگل کي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي طرفان دوستي ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، مير مراد علي ٽالپر ڪمشنر کي ريزيڊنٽ آفيسر خيرپور جي ذريعي موڪليل خط ۾ اهڙو اظهار ڪيو. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو افغانستان ڏانهن شروع ڪيل هجرت تحريڪ جي حوالي سان ڪجهه ڳالهيون ٻڌايون، ان حوالي سان لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ خلافت ڪاميٽي طرفان هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مولانا محمد صديق کڏي واري، عبدالجبار ايڊووڪيٽ، شيخ عبدالعزيز، مولوي محمد علي، پير نورالدين، سيٺ خداداد سرهيو، سيٺ احمد الدين، هري سنگهه ايڊووڪيٽ، لاڙڪاڻو گزيٽ جي ايڊيٽر تهليرام ۽ ٻين شرڪت ڪئي، انهيءَ گڏجاڻي جي صدارت مولانا تاج محمود امروٽي ڪئي هئي، جان محمد جوڻيجو هجرت دوران سنڌين سان پيش آيل ڏکيائين ۽ مشڪلاتن کان آگاهي ڏني. ** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور ميرس ۽ بهاولپور رياستن کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي جي باني مولانا مودودي کي پاڪستان سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو. ** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ نون سفارتي لاڳاپن جي شروعات ٿي، 1971ع جي جنگ کانپوءِ ڇڪتاڻ برقرار هئي پر پوءِ اڳتي هلي معاملا آهستي آهستي بهتر ٿي ويا، ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي کي تسليم ڪري ورتو، ٻنهي ملڪن ۾ سفارتڪار مقرر ڪري سفارتي لاڳاپا بحال ڪيا ويا. ** 1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت آدمشماري ۽ گهرشماري هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏي، 18 کان 31 آڪٽوبر تائين رٿيل گهرشماري کي ملتوي ڪيو ويو، حڪومت اعلان ڪيو ته ايندڙ سال آدمشماري ڪرائي ويندي. ان کان اڳ لاهور ۾ چوڌري نثار جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. آدمشماري ملتوي ڪرڻ جو اعلان ٽيون ڀيرو ڪيو ويو. **1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف هڪ غيرملڪي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڀارت سان وڏي جنگ جو خطرو محسوس ڪري رهيا آهيون، ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ بنا تڪرار ختم نه ٿيندا، اسان ڳالهين ذريعي پرامن حل چاهيون ٿا. اڄوڪي ڏينهن 4 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 4 آڪٽوبر 1911ع شاعر الهه بچايو وفا جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1919ع مشهور شاعر، سياستدان ۽ مخدوم نوح جي گادي نشين مخدوم محمد الزمان طاب المولا (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1921ع شاعر شفيع محمد اوج علوي (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1962ع سماجي ورڪر محمد عالم جوکيو جو جنم ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1967ع شاعر ۽ ماهوار همرچو جي ايڊيٽر اياز جاني جو جنم ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1967ع صحافي مظفر قاضي (لالو رائنڪ) جو جنم ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1970ع سياسي ۽ سماجي ورڪر حريف چانڊيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1973ع ليکڪ لياقت ميمڻ (ڊکڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1975ع صحافي امداد سومرو (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1978ع باليووڊ اداڪاره سوها علي خان جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 4 آڪٽوبر 1855ع هالا سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر آخوند عبد الصمد ثانوي جو لاڏاڻو ٿيو. 4 آڪٽوبر 1948ع سياستدان، اڳوڻي وڏي وزير ۽ سنڌ جي پهرين گورنر سر غلام حسين هدايت الله جي وفات جو ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1976ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد چارڻ جو انتقال ٿيو. 4 آڪٽوبر 1995ع ناليواري گلوڪار مسعود رانا جو انتقال ٿيو

Tuesday 1 October 2024

Sindh in history today (2nd October). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

2nd October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade] SINDH (including Pakistan) {2nd October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Everybody is over busy with her/his own assignment. Nobody has time for others. Self interests and personal motives have replaced Human love, respect and service. But, in fact ego, hatred and discrimination have thrown us at the place of No-return. Dear! In such a terrible situation, I am lucky Brand that my only task is to love you and project your beauty, vision & wisdom.] پاڻ لاء پرين لاء ۽ پنهوارن لاء ڪونهي ڪنهن وٽ ڪوئي وقت, ڄڻ ذاتي غرضن طمعن مقصدن خاطر پيو هلي مقابلو سخت, سچ تہ انا ڪروڌ ڪاوڙ جو ڄڻ ڪي مليو آھي سڀ کي تخت, مون کي مليو بخت, تہ ڳايان سر سندء سونهن جا سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (2nd OCTOBER) 2nd October 1.BIRTH DATES of eminent Sindhi Personalities: Kanji lal ‘Qasid’ (Tharo Shah >Gopal pari/ Poet, Singer & Artist/ birth 2nd October1925), Eshwar Anchal (Karachi > Ulhasnagar/Poet/ birth 2nd October1928), Mir Aijaz Ali Talpur (Tando Muhammad Khan/Politician/ birth 2nd October1933), Ghalib Latif (Jacobabad/Poet/ birth 2nd October1935), Mohan Vaswani (Khairpur Mirs > New Delhi/Poet/ birth 2nd October1938), Altaf Asim (Ranipur/Archaeologist, Poet and Research Scholar on Sachalyat/ birth 2nd October1948), Naz Sanai (Manjhand/Political Activist, Publisher & Writer/ birth 2nd October1959), Manzoor Ali ‘Piyaro’ (Ghogharo/Poet/ birth 2nd October1964), Kalpna Devi (Sukkur > Larkano/Poetess, Social Worker, birth 2nd October1971), Tabasum Majid Channa (Dadu/Poet/ birth 2nd October1975), Ajiz Imtyaz (Mirabpur/Poet/ birth 2nd October1977), Rubina Thahim (Chhano Shahabad/Poetess/ birth 2nd October1978), Noor Muhammad Shahi (Hasil Khoso/Writer/ birth 2nd October1978) ************ 2. DEATH DATES Sawami Budhraj (Vedanti Poet/death 2nd October1944), Mian Ghulam Muheedin ‘Miral’ (Hala/Poet/ death 2nd October1955), Akhtar Halai (Poet/ death 2nd October1959), Moulvi Abdul Rahman Soomro (Gachero/Religious Scholar/ death 2nd October1962), Syed Bagh Ali ‘Bagh’ Lakhvi (Poet/ death 2nd October1984) ************ 3. EVENTS from history 1835: Colonel Pottenger informs his Government that he has received some secret messages from Sindh Rulers and he intends to depute Lieutenant Burns to proceed to Hyderabad in this regard. (Source: letter No.70). 1919: Deputation of Larkano Khilafat leaders consisting of Seth Khudadad Surahio and Syed Muhammad Shah meet Haji Amir Ali Lahori, the President of Larkano Municipality to get permission for holding fucction to celebrate ‘Khilafat Day’ in Municipal area on 19th of October. Haji Amir Ali Lahori, who is also president of ‘Anjuman Islam’, Larkano, not only refuses to grant permission and ask them to avoid gathering people for anti-British Government purpose. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1922: Bhagwandas, local Congress Activist of Larkano is awarded 12 months imprisonment under 108 CPC for extending his cooperation to Khilafat Committee and participating in Non Co-Operation Movement. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1929: Sindh Congress celebrates birthday of Gandhi. Processions are taken out and public meetings are held. (Source: Sindh Observer). 1934: The Parliamentary Committee of the British Parliament recommends that Sindh should be separated from Bombay Presidency. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1945: Over 300 Nationalist Muslims from all over Sindh assemble in a conference at Karachi, and decide to create a new party to present a united front against the Muslim League during the election and create new political life among Muslim masses in Sindh. (Source: Indian Annual Register, Vol-11, 1945). 1957: Pakistan Security Act to remain enact for more one year. Government issues Notification. (Source: Government Notification). 1959: Muhajir Basti is established at Hyderabad. (Source: Newspapers). 1990: Due to disturbance in court area at Lahore, Reference against Benazir Bhutto is not heard. Defense Counsel of Benazir alleges that police present in civil clothes is responsible for violence. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute) "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(2 آڪٽوبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ڪجھ واقعا] 2.10.1835: ڪرنل پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو ته اسان جي ايجنٽ ميرن وٽان مخفي خط آندا آھن. سڄئ صورتحال کي سمجهڻ لاء مون ليفٽينٽ برنس کي چيو آھي ته هو هڪدم حيدرآباد وڃي مامري کي سمجهي مون کي رپورٽ ڏئي. 2.10.1842: ليفٽيننٽ برنس اڄ سکر منجهان پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو ته مير نصير خان جو ڪراچئ وارو ڪاردار ٻيڙين جي آمدرفت تي محصول پيو اڳاڙي. مون مير کي لکيو آھي ۽ ڪاردار کي تاڪيد ڪيو اٿم ته پنھنجين ٻيڙين تي محصول ڀلي وٺو پر اسان جي ماڻھن کان اهڙو محصول نه وٺو. ڇو ته اهو اوهان جو اختيار ڪونهي.[ ڪراچئ ۽ ٻيٽن جي وارثي وڃائڻ کان پوء ميرن جي پنهنجي ملڪ جي هن حصي تي حڪمرانئ جو حق به ختم ٿي ويو] 2.10.1919: هي اهو دور آھي جڏهن لاڙڪاڻي جي سياست ۾ لاهورين جو ڌاڪو هوندو هو. پوء خلافت تحريڪ سندن سياسي هڪ هٽئ کي ٽوڙيو. اڄ خلافتي اڳواڻن جهڙوڪ سيٺ خداداد سرهيو, سيد محمد شاه سوداگر ۽ ڪجھ ميونسپل ڪائونسلر وفد جي صورت ۾ حاجي امير علي لاهورئ سان مليا, جيڪو لاڙڪاڻي ميونسپالٽئ ۽ "انجمن اسلام" جو صدر هو. کائنس اجازت گهريائون ۽ کيس دعوت ڏنائون ته 19 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ ”خلافت ڊي" ملهايو ويندو. ميونسپالٽئ طرفان جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏيو ۽ شريڪ به ٿيو. پر امير علي لاهورئ کين کتو جواب ڏنو ۽ "خلافت ڊي" ملهائڻ کان سختئ سان منع ڪئي. (حوالو: اخبار "ڊيلي گزيٽ“). 2.10.1928: ڪراچئ ۾ ڪانگريس ڪمٽئ جي گڏجاڻي ٿي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ جڏهن "سائمن ڪميشن“ اچي ته ان جو بائڪاٽ ڪيو وڃي. هن گڏجاڻئ ۾ ڊاڪٽر تاراچند, درگداس, منيلال وياس ۽ آر.ڪي.سڌوا وغيره شرڪت ڪئي. ياد رهي ته جيڪا مرڪزي سائمن ڪميشن جوڙي وئي هئي, ان ۾ ڪو به ڏيهي سياستدان ميمبر نه رکيو ويو هو. ان تي ڪاوڙجي سمورين پارٽين بائڪاٽ جو اعلان ڪيو هو. سائمن ڪميشن هندستان ۾ آئيني سڌارن آڻڻ لاء ٺاهي وئي هئي. فرنگي سرڪار هر ڏهين سال هندستان ۾ آئيني سڌارن آڻڻ لاء ڪميشن ٺاهيندي آئي هئي. 2.10.1928: سنڌ مان چونڊيل نمائندي نور محمد اڄ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌ جي علحدگئ بابت ٺھراء پيش ڪرڻ جي اجازت گهري. ان تي ڪائونسل جي صدر انڪار ڪيس. 2.10.1934: برطانيه جي پارليامينٽرئ اڄ سفارش ڪئي ته سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪري صوبائي حيثيت ڏني وڃي. سنڌ جي علحدگئ واري مامري سنڌ کي نظرياتي طور تي هندو مسلم ڪئمپن ۾ ورهائي ڇڏيو. هندن جي اڪثريت اهو پئي چاهيو ته سنڌ ممبئئ سان مليل هجي ۽ ان کي صوبائي حيثيت نه ملي. اهو گروهي مفاد سنڌي قوميت جي تنزل جو سبب بڻيو ۽ سنڌ جو ملڪي تشخص ڪيترن ذھنن مان اڏي ويو. 2.10.1945: ڪراچئ ۾ 300 نئشنلسٽ مسلمانن جي گڏجاڻي ٿي ته جيئن مسلم ليگ جي مقابلي ۾ ھڪ نئين پارٽي ٺاهي عوام جي سياسي خدمت ڪئي وڃي. 2.10.1954: پاڪستان سرڪار اڄ بدانتظامئ ۽ مالي ڌانڌلين جي الزام مڙهي بھاولپور اسٽيٽ جي حڪومت ڊاهي, رياست جو انتظام پنهنجي هٿن ۾ ورتو. 2.10.1959: حيدرآباد ۾ ”پناهگير بستي" قائم ڪئي وئي. اقتدار جي ڪرسئ تي ويٺلن جي بستين بنائڻ واري ڪوشش پناهگيرن کي سنڌ جي سماج جي حصي ٿيڻ بدران کين الڳ سوچڻ ۽ لوچڻ جو دڳ ڏنو. سنڌ جا تڏهوڪا نظرياتي اڳواڻ انھئ سياست جو روحاني راز نه سمجهي سگهيا ۽ انھئ قدم جي مخالفت نه ڪيائون. انھئ ڪري سنڌي قوميت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. 2.10.1990: بينظير وفاقي سياست ڪئي ۽ وڏي منزل ماڻيائين. پر اڍنگي سياست ذريعي کيس پريشانين ۾ وڪوڙيو ويو. لاهور هاء ڪورٽ ۾ ھن جي ڪيس ۾ ٻڌڻي ٿي ته هٿراڌو هنگامو ڪرائي دنيا جهان کي تاثر ڏنو ويو ته هوء عدالتن جو احترام نه ٿي ڪري. { 2 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1869ع هندستان جي آزادي لاء جاکوڙيندڙ موهنداس ڪرمچند گانڌي(مهاتما گانڌي). 1904ع هندستان جي آزادي لاء جاکوڙيندڙ ۽ انڊيا جي اڳوڻي وزير اعظم لال بهادري شاستري. 1925ع شاعر ۽ گلوڪار ڪانجي لال قاصد (ٺارو شاهه / انڊيا). 1928ع شاعر، اديب ۽ نقاد ايشور آنچل(ڪراچي / الهاس نگر). 1933ع سياستدان مير اعجاز علي ٽالپر (ٽنڊو محمد خان). 1934ع تعليمي ماهره انيتا غلام علي(ڪراچي). 1935ع شاعر غالب لطيف (جيڪب آباد). 1938ع شاعر موهن واسواڻي (خيرپور / دهلي). 1948ع محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ ليکڪ الطاف اثيم (راڻيپور). 1959ع ليکڪ ناز سنائي (مانجهند). 21964ع شاعر منظور پيارو عباسي. 1960ع سياستدان محمد اسلم ڀوتاڻي(دريجي / لسٻيلا). 1971ع شاعره ڪلپنا ديوي (سکر). 1975ع شاعر تبسم ماجد (دادو). 1977ع شاعر عاجز امتياز (محرابپور). 1978ع شاعره روبينه ٿهيم. 1978ع ليکڪ نور محمد شاهي. [وڇوڙو]: 1944ع شاعر ۽ ليکڪ ٻوڌراڄ ٻوڌ. 1955ع صوفي شاعر ميان غلام محي الدين ميرل (هالا). 1959ع شاعر اختر هالائي. 1962ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان سومرو. 1984ع شاعر باغ لکوي