** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ڪليڪٽر سنڌ حڪومت کي
سفارش ڪئي ته مير محمد علي ٽالپر جون جاگيرون سندس پٽ مير
جان محمد کي ٻيهر الاٽ ڪيون وڃن.
** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي سرڪار مسٽر انويررٽي کي
سنڌ جي ڪمشنر جو اسسٽنٽ مقرر ڪيو، جڏهن ته ان کان اڳ مقرر
برائون نالي عملدار کي هٽايو ويو، مسٽر انويررٽي 10 سالن کانپوءِ
سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو، کيس ليفٽيننٽ گورنر جا اختيار پڻ ڏنا ويا،
هن جي دور ۾ وڏي ترقي ٿي، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس 1860ع
۾ قائم ٿي، جڏهن ته هن جي دور ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين
108 ميل ريلوي پٽڙي وڇائي وئي، اهڙي طرح درياءَ ذريعي ٽرانسپورٽ
جو آغاز به هن جي دور ۾ ٿيو، هن ڪوٽڙي کان ملتان تائين درياءَ
جي وچ ۾ ٻيڙيون هلائڻ شروع ڪيون.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي کي غير قانوني
تنظيم قرار ڏئي پابندي لڳائي وئي، جڏهن ته تنظيم جي سربراهه
مولانا مودودي سميت جماعت اسلامي جي 16 اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ۽ ڀارتي وزيراعظم لال بهادر
شاستري وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ
ٻنهي اڳواڻن هڪ فارمولا جوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي اڳواڻن سميت 24
ڄڻن کي ايسٽ پاڪستان خلاف منفي سرگرمين تي گرفتار ڪيو ويو،
اهڙي طرح گرفتارين کانپوءِ اگارتلا سازش ڪيس جي شروعات ٿي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي ڊي ايم جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي
چونڊن ۾ مشروط طور حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو، هنن سرڪار
آڏو شرط رکيو ته ايمرجنسي ختم ڪئي وڃي، سياسي قيدين کي آزاد
ڪيو وڃي ۽ سڀني بالغ ماڻهن کي ووٽ جو سڌو حق ڏنو وڃي.
**1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو زميني سڌارن جو
اعلان ڪيو، هن چيو ته آبادگار وڌ ۾ وڌ 100 ايڪڙ زرعي زمين رکي
سگهن ٿا، ان کان وڌيڪ زمين رکڻ تي پابندي هوندي.
** 1980ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر هڪ
تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته افغانستان تي سوويت يونين جو
قبضو پاڪستان ۽ ايران لاءِ خطرو ٿي سگهي ٿو.
No comments:
Post a Comment