Wednesday, 22 April 2026

SINDH in history today (23rd April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** SINDH IN HISTORY TODAY (23rd APRIL) ********** *************** 23.4.1832: ڀڄ جي فرنگي سفارتڪار اڄ ڪمپني حڪومت کي لکيو ته ٿر پارڪر جي رحمڪي بازار کي پتوجي واگهيلا ۽ سندس ساٿين ڏينھن ڏٺي جو لٽيو ڦريو آھي. هن پاسي جي کوسن ۽ راڻن ۽ سوڍن وڏي عرصي کان اسان جي ماڻھن ۽ واپارين کي پئي لٽيو آھي ۽ رستي روڪ ڪئي آھي. هن مامري کي ختم ڪرڻ لاء ميرن سان ڳالهايو. 23.4.1835: ميرن پنهنجو ماڻھو ڀڄ موڪلي اتان جي سرڪار کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته فرنگي بهاول خان جي پرڳڻي ۾ پنهنجي لاء قلعو ٿا ٺھرائن. ڪا تدبير ڪريو ته هو قلعو ٺھرائي نه سگهن. 23.4.1910: روهڙئ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽئ جي شاخ (لاج) کولي وئي. تاراچند ڪيسواڻي انھئ جو پهريون صدر ٿيو. لاج ٽڪرئ تي قائم "پريم ڀون" ۾ کولي وئي. 23.4.1932: انڊين گورنمينٽ جي سيڪريٽري فننانس مسٽر برين جي چيئرمنئ ۾ ”سنڌ سيپريشن ڪانفرنس" جي گڏجاڻين جي شروعات ٿي ته جيئن ڏٺو وڃي ته سنڌ کي جڏهن صوبائي حيثيت ملندي ته مختلف کاتن, ادارن ۽ منصوبن تي سنڌ کي ڪهڙا مالي مسئلا پيش ايندا ۽ ان کي ڪيئن حل ڪيو وڃي. هن ڪانفرنس ۾ مسلمان, هندو, پارسي ۽ ڪرستان شامل ٿيا. [ هن جي آخري گڏجاڻي 17 مئي 1932 تي ٿي هئي. سموري تفصيلي رپورٽ گل حيات ۾ موجود آھي] 23.4.1960: "جنهن پناهگير کي جائداد نه ملي آھي, ان کي ڏوڪڙ ڏينداسين"- هاشم رضا, چيف سيٽلمينٽ ڪمشنر جو اعلان. [ملڪ کي ٺھيئي تيرنھن سالن کان مٿي ٿي ويا, پر پناهگيرن جي آمد ۽ سندن آبادڪارئ لاء کير جون نديون اڃا وهنديون رهيون] 23.4.1965: انڊيا ۽ پاڪستان لاء رڻ ڪڇ جنگ جو ميدان بڻجي ويو. 23.4.1995: پاڪستان بنگلاديش کي يقين ڏياريو ته 25 لک بهاري بنگلاديش مان گهرائي وٺنداسين. 23.4.1996: سرڪار اڄ سينيٽ کي ٻڌايو ته رينجرس کي دائمي طور تي سنڌ ۾ رکيو ويندو. *************** {23 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 23 اپريل 1860ع شاعر هدايت علي تارڪ (لالو رائنڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 اپريل 1915ع شاعر احمد خان اخترجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 اپريل 1951ع ليکڪ سيف مورائي جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1956ع سگهڙ حافظ علي گل ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1956ع شاعر جان محمد جان جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1965ع ليکڪ ۽ صحافي زرار پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1973ع شاعر الستي چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 23 اپريل 1616ع انگريز شاعر، ڊراما نگار ۽ مصنف وليم شيڪسپيئر جو انتقال ٿيو. 23 اپريل 1850ع فطرت جي شاعر طور سڃاتو ويندڙ مشهورانگريز شاعر وليم ورڊس ورٿ جو انتقال ٿيو. 23 اپريل 1966ع برک سنگيتڪار ۽ گويي استاد بڙي غلام علي خان جو انتقال ٿيو. 23 اپريل 1991ع شاعر ارشد هالائي لاڏاڻو ڪري ويو. 23 اپريل 1999ع ليکڪ ڪيهر شوڪت(آگاڻي) لاڏاڻو ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [I am illiterate in life-craft. Now It is riddle for me. Its beautiful colours consisting of sorrows & happiness, love & beauty and vision & wisdom have lost attraction & meaning for me. That is why I am knocking every door as wandering Soul] مان ۽ ھئ منهنجي زندگي، ڳجھ ۽ ڳوڙھي ڳجھارت، سرت سکن دکن سچ جي، نہ محبت يا مھارت، ان لاء توکي پنھنجي پارت، پیو ڪریان سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd APRIL} EVENTS: 1832: British Acting Resident at Bhooj writes that Pittoojee Waghela has plundered Rahim Ki Bazar and on his report Sindh Government is moved to exert themselves to apprehend the free-booter. 1835: The Sindh Government shows its concern on the decision of the British Government to build the fortress in Bahawal Khan’s territory. 1932: Sindh Separation Conference starts in Karachi. It is headed by the Financial Secretary to the Government of India. It takes matters relating to separation of Sindh from Bombay Presidency. 1939: The Working Committee of the Sindh Muslim League meets at Karachi with Seth Haji Abdullah Haroon. 1947: There is a sudden flare-up of communal trouble in Calcutta. Seven persons are killed and 31 others injured. The curfew is imposed in the city. 1956: Muslim League expels its members of West Pakistan Assembly for siding Dr.Khan Sahib, who formed his own party ‘Republican Party’. 1965: Indian and Pakistani troops fight a major battle in Rann of Kutch. President Ayub and Z.A.Bhutto discuss the situation arising out of India’s warlike activities and postponement of President’s U.S.A visit. 1972: Maximum selling of land hold is reduced from 15000 produce index units to 12000 units. 1996: The Senate is told that Rangers will remain posted permanently in Sindh.

Tuesday, 21 April 2026

SINDH in history today (23ed April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** SINDH IN HISTORY TODAY (22nd APRIL) ********** *************** 22.4.1832: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي مراسلو موڪلي ٻڌايو ته اسان جي ماڻھن ۽ واپارين کي ٿر ۽ پارڪر ۾ ڦريندڙن ۽ رستا روڪ ڪندڙن خلاف مير مراد علي خان حيدرآبادئ سخت قدم کنيا آھن ۽ اسان جو ڏوهي اسماعيل خان اسان جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اهو قيدي هن وقت لکپت ۾ آھي ۽ اوهان ڪئپٽن رابرٽ کي موڪليو ته قيدي اسماعيل خان سندس حوالي ٿئي. [مير حڪمرانن پنهنجي ماڻھن کي پاڻ سزا ڏيڻ بدران فرنگين جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو !!!!] 22.4.1838: پاٽينجر, منشي ڄيٺانند کي مير شير محمد خان ڏي ميرپور خاص موڪليو ته جيئن هن کي قائل ڪري مڃرائي سگهي ته ڪمپني حڪومت هن سان الڳ معاهدو ڪري. [فرنگين اها چال چلي ته ايئن ميرن سان الڳ الڳ معاهدا ڪري, کين هڪ ٻئي کان ڪٽي ڌار ڪجي. ۽ هو ان ۾ ڪامياب ويا] 22.4.1843: ڪمپني حڪومت سنڌ جي گورنر نيپيئر کي "غلامن جي واپار" تي ڪڙي نظر رکڻ جي هدايت ڪندي حڪم ڏنو ته ممبئي سرڪار جي سرڪيولر نمبر 1841 مورخه 3 جولاء 1841 مطابق "غلامن جي آمدني واپار" تي بندش وجھ. 22.4.1916: سنڌ پراونشل ڪانفرس, جيڪا ڪالھ لاڙڪاڻي ۾ شروع ٿي هئي, اڄ اها ٻيو ڏينھن هلي پوري ٿي. ڪانفرنس جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ ڪئي. ان جو مڪمل احوال گل حيات جي ويب تي موجود آھي. منھنجي پٽ ممتاز علئ به هن ڪانفرنس تي مختصر مگر جامع پوسٽنگ لکي انٽرنيٽ گروپن تي شيئر ڪئي آھي. 22.4.1922: ٺلاه وارو پير مٺل شاه راشدي (صدر خلافت ڪميٽي) ۽ محمد صادق (سيڪريٽري) انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 108 هيٺ پڪڙيا ويا. ياد رهي ته ٻنھي تي ڪيس هليو ۽ ٻنھي کي جيل جي سزا آئي. 22.4.1935: آل انڊيا مسلم ليگ ڪراچئ ۾ عبدالقيوم جي تدفين ڪرڻ لاء ڪڍيل جلوس تي پوليس طرفان گولي هلائي ڪيترا ماڻھون مارڻ واري واقعي تي احتجاجي بيان جاري ڪيو, جيڪو "ڊيلي گزيٽ" اخبار واري اڄوڪي پرچي ۾ صفحي 6 تي شايع ٿيو. عبدالقيوم نٿورام کي ڪيس هلندي ڪورٽ ۾ ماريو هو. نٿورام ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايو, جنهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪيل هئي. اهو ڪتاب پهريون پنجاب ۾ ڇپيو هو ۽ ليکڪ تي ڪيس هليو هو ۽ ڪورٽ کيس آزاد ڪيو هو. 22.4.1938: شڪارپور ۾ سيد عطا الله شاه بخارئ امرتسرئ جي صدارت ۾ ”چوٿين سنڌ مسلم ڪانفرنس" ٿي. هن ڪانفرنس ۾ 18 ٺھراء پاس ڪيا ويا, جن مان ڪي هئا: فلسطيني عربن سان همدردي, ديسي مال واپرائڻ, ڪرمنل ٽرائيبس ائڪٽ ختم ڪرڻ, فرنٽيئر ريگيوليشن ائڪٽ رد ڪرڻ, اسڪولن ۾ مذھبي تعليم لازمي ڪرڻ ۽ رشوت ۽ شراب بند ڪرڻ وغيره. 22.4.1939: ڪراچئ ۾ ”سنڌ پراونشل مسلم ليگ" جي ورڪنگ ڪميٽئ جي سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي. هن گڏجاڻئ ۾ مسلم ليگ کي سنڌ ۾ فعال ۽ مقبول بنائڻ لاء ڪيترا فيصلا ڪيا ويا. 22.4.1954: وڏي سرڪار فيصلو ڪيو ته اردو ۽ بنگالي, ٻئي قومي ٻوليون ٿينديون. ڪراچئ ۾ بنگالئ کي قومي ٻولي بنائڻ وارئ ڳالھ تي شديد ردعمل ٿيو ۽ وڳوڙ ٿيا. [اسان وارا سياستدان ۽ اديب رلهي پائي ستا رهيا ۽ پنهنجئ ٻولئ جي حيثيت مڃرائڻ لاء ڪا ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائون] 22.4.1977: ڀٽي جي مخالفن ملڪ ۾ گنڀير وڳوڙي حالتون پيدا ڪري وڌيون, ان ڪري ڪراچئ, لاهور,حيدرآباد ۽ راولپنڊئ ۾ مارشل لا لڳايو ويو. 22.4.1978: سنڌ جي سابق وزير بشير احمد شاه کي چونڊن وڙھڻ کان نااهل ڪيو ويو. *************** {22 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 22 اپريل 1927ع مذهبي اسڪالر پير فضل الحق (جهنڊو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 اپريل 1941ع شاعر عبدالحق عابد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 اپريل 1974ع ليکڪ وقار حنيف ملاح جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 22 اپريل 1788ع بزرگ مخدوم سخي هارون لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 1902ع شاعر ميان نور محمد پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 1957ع غلام صديق عيساڻي انتقال ڪري ويو. 22 اپريل 1973ع شاعر عابد عاقلي لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 2007ع استاد ۽ تعليمي ماهر احمد خان هيسباڻي لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 2008ع اسٽيج اداڪار، صداڪرا ۽ هدايتڪار محمد صديق پرهياڙ جو انتقال ٿيو. 22 اپريل 2011ع اداڪار ۽ اسٽيج ڪمپيئر معين اختر وفات ڪري ويو. 22 اپريل 2012ع تي گلوڪار ماسٽر منظور جو سندس ئي گهر مان گولي لڳل لاش مليو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ If you are not accepted alog with your all colors, create new world for you full of love and beauty. If nobody can fall in love, fall in love with your Self. Don't wait for anybody for long-time, go ahead in search of love & beauty, vision & wisdom and truth & peace. Don't accept that you should be accepted as desired by others, see, what is required by your heart, soul and instincts. Always pray and preach it without limitations.] مصور جي آھين تہ وري ڪا نئين تصوير بڻاء ، سونهن ۽ سرت لاء وري پيرن ۾ گهنگهرو پاء.، دل نہ لڳائي ڪو اگر دلبر.، پاڻ سان دل لڳاء، واٽ تي ويھ نہ منتظر، اڳتي هل وک ڪا وڌاء، سمجهيو نہ وڃين هتي، تہ پاڻ کي سمجهاء، گيت محبت ۽ دعائن سلامن جا تون پيو ٻڌاء ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd APRIL} EVENTS: 1832: Colonel Pottenger informs his Government that Mir Murad Ali Khan of Hyderabad has agreed to hand over British Government some of the chiefs of Parkar and traitor Ismail Khan and Captain Robret may be directed to proceed to Lakhpat to receive the prisoners. This may be kept in mind that Khosas and other chiefs of Parkar were doubtful about the presence of British people in Sindh. Hence they were creating problems for them. Some of them involved themselves in robbery and other criminal acts. Whenever freedom/defence movement stands involved in crimes, it provides opportunity to anti-freedom elements to take drastic action. Same situation occurred on the East-South of Sindh also. 1838: Colonel Pottenger is directed by his Government to apprise Mirs and Sindh Government of view of the British Government that it is surprised and concerned to hear that Mirs of Sindh had submitted themselves to the court of Persia. 1916: The Sindh Provincial Conference, that started two days ago at Larkano, comes to end. It was presided over by Rais Ghulam Muhammad Bhurgri. 1922: Pir Mithal Shah Rashdi of Thullah (President) and Muhammad Sadiq (Secretary) of Larkano District Khilafat Committee, arrested under Section 108 Indian Penal Code are produced before the court of the District Magistrate Larkano. 1935: All-India Muslim League protests on the terrible event of police firing resulting killing of so many Muslims in Karachi. 1938: Syed Attaullah Shah Amratsri presides over ‘4th Sindh Azad Conference’ at Shikarpur. It is attended by most of Sindhi Muslim politicians to advocate their case for the separation of Sindh from Bombay Presidency. The Conference ended with adopting 18 resolution on important subjects like, Separation of Sindh, demand for withdrawal of Criminal Tribes Act and Frontier Regulation Act, compulsory teaching of Religious education in schools, usage of local made products, imposing ban on wine and political support to Palestinians.1972: Emergency to continue. President Z.A.Bhutto issues an order suspending the right to move any court for enforcement of the fundamental rights provided in the constitution. 1977: Martial law is imposed in Karachi, Lahore and Hyderabad and Rawalpindi. Newsmen observe token strike. 1996: Kazi Hussain Ahmad begins mediation in Afghan conflict. After 18 years, now in our times another JI chief is busy in mediation so as to bring Talbans and Government near and dear to each other.

Monday, 20 April 2026

SINDH in history today (21st April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** SINDH IN HISTORY TODAY (21st APRIL) ********** ******** *************** 21.4.1836: پاٽينجر اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته پتو پيو آھي ته سنڌ ڪي يورپي ماڻهون به رهن ٿا. ان بابت مير نور محمد پنھنجي هڪ خط ۾ ويچار ونڊيا آھن. [ياد رهي ته فرنگين کي شڪ هوندو هو ته سنڌ ۾ جيڪو به پرڏيهي رهي ٿو, اهو ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي مفاد ۾ نه ھوندو] 21.4.1912: انگريزن سنڌي هندوء ۽ مسلمان وچ ۾ مذھبي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ لاء ديني ۽ ڌرمي تنظيمن کي استعمال ڪيو. اهي مٿي تي هٿ رکي ويهي مزو ڏسندا هئا ۽ هندو مسلمان پاڻ ۾ وڙھي ناڙ ٿيندا هئا. ڪراچئ ۾ ھفتن جا هفتا مناظر ٿيو ته "لاش پورجي يا ساڙجي". انھئ ۾ ڪيترن ھندن, مسلمانن ۽ ڪرستانن حصو ورتو. مناظري جو بندوبست "آريا ينگ مينس ائسوسيئيشن" ڪيو. 21.4.1916: ”ٽين سنڌ پراونشل ڪانفرنس" رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي ۾ شروع ٿي. لالچند نولراء ھن ڪانفرنس جي آڌرڀاء ڪميٽئ جو صدر هو. اعلان ڪيو ويو ته ٻئي ڏينھن ڪانفرنس جي ڪاروائي سنڌئ ۾ هلائبي. صدر جي تقرير کان پوء "سبجيڪٽ ڪميٽي" ٺاهي, شام جو پنجين وڳي پهرين ڏينھن جي ڪاروائي پوري ڪئي وئي. 21.4.1919: "روولٽ ائڪٽ" خلاف رد عمل ڏيکارڻ تي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪيون ويون. 21.4.1934: ڪراچئ ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي هئي, جنهن ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ نه ڪرڻ جا ٺھراء پاس ڪيا ويا هئا. اڄ مسلمان سياستدان حيدرآباد ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس" جي "ورڪنگ ڪميٽئ" جي گڏجاڻي سڏائي هندن طرفان اٿاريل اعتراضن جا جواب تيار ڪيا. [هندو توڙي مسلمان سياستدان گڏ ويهي سمجهڻ سمجهائڻ ۽ مسئلي جي حل ڪڍڻ بدران الڳ الڳ گڏجاڻيون ۽ ڪانفرنسون ڪري ماحول بگاڙڻ ۽ بدلائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.] 21.4.1966: سنڌ يونيورسٽئ فيصلو ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽي کي لا ۾ پي ايڇ.ڊئ جي اعزازي ڊگري ڏني وڃي. 21.4.1966: تحريڪ آزادئ جي بي لوث سپاهئ ۽ 1938 ۾ مسلمانن لاء الڳ ملڪ جي ڳالھ ڪندڙ شيخ عبدالمجيد سنڌئ کي گرفتار ڪيو ويو. 21.4.1968: سوويٽ يونئن جي وزير اعظم چيو ته ڪنهن کي ٽياڪڙ بنائڻ بدران پاڪستان ۽ انڊيا پاڻ پنهنجا مسئلا حل ڪن. پاڪستان کي اسٽيل مل ٺاهڻ ۽ نيوڪلر جي شعبي ۾ مدد ڪبي. 21.4.1972: 3 سالن ۽ 26 ڏينھن کان پوء مارشل لا ختم. ڀٽي عارضي آئين جي توثيق ڪئي ۽ راولپنڊئ ۾ ماڻھن جي هجوم ۾ وزير اعظم جي عهدي جو چيف جسٽس حمودالرحمان هٿان حلف کنيو. 21.4.1993: سنڌي لئنگويج اٿارٽئ طرفان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صدارت ۾ جيڪب آباد ۾ سنڌي ٻولئ جي تعليم بابت سيمينار ٿيو ۽ ان ۾ 28 استادن/استادياڻين پنهنجا ويچار ونڊيا. آخر ۾ سفارشون ڏنيون ويون ته: * پهريون اکر پڙھائجن ۽ پوء لفظ, * هجي جو باب لازمي پڙھائجي, * پٽئ جي استعمال کي وري رائج ڪجي. 21.4.1994: اڳوڻي آرمي چيف سچي ڪئي ته 1990 وارين چونڊن ۾ مهراڻ بئنڪ وارا ڏوڪڙ ڪم آندا ويا هئا ۽ اها سابق صدر اسحاق ۽ سابق وزير اعظم نواز شريف کي ڄاڻ ھئي. *************** {ڏينهن 21 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 21 اپريل 1923ع شاعر مرزا اجمل بيگ(ٽنڊو ٺوڙهو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 اپريل 1923ع شاعر نجف علي ڪمتر نقوي جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1924ع صحافي آتما رام لعلواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 اپريل 1937ع سياستدان عبدالخالق شيخ (ٿريچاڻي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1941ع ليکڪ وشنو ڀاٽيا(ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1966ع ليکڪ امداد لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 21 اپريل 1787ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد مبارڪ مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو. 21 اپريل 1935ع ليکڪ ڪشن سنگه لولا ديهانت ڪري ويو. 21 اپريل 1938ع شاعرِ مشرق علامه اقبال جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1986ع تعليمدان غلام رضا ڀٽو(هالا) جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1987ع شاعر لونگ خان لائق جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1990ع ليکڪ سرير پهنور (ميهڙ) جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2004ع سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ڪامريڊ رشيد احمد انڍڙ جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2007ع محقق، سائنسدان ۽ اسڪالر ايم ايڇ پهنورجو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2009ع گلوڪاره اقبال بانوجو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2011ع باکڙي موري ويجهو سنڌ جي سپوتن شهيد سرائي قربان کهاوڙ ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي کي گوليون هڻڻ بعد جيئرو ساڙي شهيد ڪيو ويو. GOOD DAY FOR YOU. * [My Dear is not with me because, she/he has noticed that I am not with my self. I am not, what really I am. For seeing dear very near, it is essential that one should find self, but always remain selfless. Love & bloved is to be projected with sincerity & sacrifice. It is must to abide by human values and to get rid of ego, hatred and discrimination. I am on way towards heart of my dear as soul of dear is anxiously waiting for me ] پاڻ جو نہ آھیان آئون تان 'پاڻ' سان، ان لاء نہ مان پرين سان نہ پرين ساڻ, ‏'تون هي تون' جو ويو ورد جي وسري, پوء سونهن ۽ سرت ڪيئن ٿين سرواڻ؟ ; 'مان' ۽ 'مان' جي وئي بدبوء وڪوڙي ، پوء تہ انا ۽ نفرت جو ٿيو من ۾ مانڌاڻ, عشق اگر اڳواڻ, تہ اچي ريت پريت جي ************* 2). SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st APRIL} EVENTS: 1836: Colonel Pottenger forwards to his Govt. the copy of letter sent by Mir Noor Muhammad Khan Talpurdisapproving the request of Govt. of India for allowing some Europeans to sation in Sindh permanently.1916: 3rd Annual Sindh Provincial Conference starts at Larkano with Ghulam Muhammad Bhurgri as its president. Details of all three days proceedings can be read on Gul Hayat Institute's website. The important development was that proceedings were conducted in Sindhi. 1919: Large scale raids by police start at midnight in Karachi, Hyderabad, Sukkur and other cities on offices of political parties and Newspapers.G.M.Bhurgri's office remained main target. Jethmal Parsram, H.D.Mariwalla, Narsinglal, Mukhi Jethanand, Dr.Choithram, Shaikh Abdul Majeed and Durgdas Advani are arrested. 1934: The meeting of the Working Committee of the Sindh Azad Conference is held at Karachi to discuss the political strategy regarding facing and responding Hindu Sabha's anti - Sindh Separation movement. In the evening Poetic sitting (Mushaira) is arranged by the Sindhi Sudhar Society with Mir Ayub Khan in chair. 1972: Martial Law is lifted, constitutional rule is restored after 3 years and 26 days. Z.A.Bhutto authenticates interim constitution and takes oath of his office at a mass rally in Rawalpindi. Cheif Justice Hamoodu Rahman administers the oath.1994: Mehran Bank money was spent in 1990 election. Former President Ishaq Khan and former Prime Minister Nawaz Sharif were kept informed, says former army chief Aslam Beg. *************3). What Peoples say about Gul Hayat. INTERNATIONAAL InSTITUUT VOOR SOCIALE GESCHIEDENIS INTERNATIONAL INSTITUTE OF SOCIAL HISTORY INTERNATIONALES INSTITUT FUR SOZIAL GESCHICHTE INSTITUT INTERNATIONAL D’HISTOIRE SOCIALE Dr Dur Mohammad Pathan, Gul Hayat Institute, Vill: Khair Muhammad Arija, District: Larkana, Sindh, PAKISTAN Amsterdam, Our ref.: 7 September 1998 Your ref.: Dear Dr Pathan, Having reported on my visit to the Gul Hayat Institute, I can confirm that the International Institute of social History (IISH) has been impressed by the considerable efforts made by the Gul Hayat Institute (GHI) over the past eight years in preserving valuable historical material on Sindh society. IISH realizes that you and your family have sacrificed much for the realization of this archive in the village of Khair Muhammad Arija. IISH considers it important that such work should be facilitated in the future. In this spirit, we would like to suggest that GHI and IISH be affiliated to each other. The purpose of this affiliation is to help ensure that material on the history of Sindh and other parts of Pakistan be conserved for future generations. IISH is looking forward to co-operation with GHI in the exchange of information and in other ways that may be of mutual benefit. We trust that this affiliation will lead to a strengthening of the GHI as well as to more scholarly interest in the history of Sindh at the IISH. To this end, we invite you, Dr dur Mohammad Pathan, in your personal capacity as well as in that of Director of the Gul Hayat Institute, to initiate this new co-operation between our Institutes in Sindh. Your Sincerely, Pro. Willem van Schendel Asia Department Cruquiusweg 31 – NL-1019 AT AMSTERDAM – Tel 31-20-6685866 – Fax 31-20-6654181 ABN – AMRO Bank 41.13.90.805 – Postgiro 4740245 ………………*******

Sunday, 19 April 2026

SINDH in history today (20th April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** SINDH IN HISTORY TODAY (20th APRIL) ********** *************** 20.4.1832: اڄ ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ۽ حيدرآباد جي حڪمران مير مراد علي خان وچ ۾ معاهدو ٿيو, جنهن جون خاص شقون هي آھن: 1). دوستي نسل در نسل رهندي, 2). ٻئي رياستون هڪ ٻئي جي ڪم ۽ علاقي ۾ مداخلت نه ڪنديون,3). ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سنڌوندئ کي فوجي مقصدن لاء استعمال نه ڪندي, 4). سنڌ ۾ فرنگي يا انھن جا واپاري ايندا ته ڪمپني حڪومت کين پاسپورٽ ڏيندي, 5). مير واپاري سامان تي محصول هڻڻ ۾ آزاد هوندا. 20.4.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت اڄ ڪرنل پاٽينجر کي ريزيڊنٽ ان سنڌ مقرر ڪيو ۽ هن وٽ ڪڇ وارو عهدو به برقرار رکيو. ڪئپٽن ميل ول کي سنڌ ۾ سندس نائب مقرر ڪيو. کيس هدايت ڏني وئي ته هو حيدرآباد وڃي پنهنجي اسسٽنٽ کي سفارتڪارئ جا ڪم سمجهائي پوء پاڻ ڪڇ موٽي وڃي. 20.4.1838: پاٽينجر جي معرفت ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ۽ مير نور محمد, مير نصير محمد سان معاهدو ڪيو ۽ ان مطابق طئي ٿيو ته فرنگين جو سفارتڪار حيدرآباد ۾ رهندو ۽ ٻنھي رياستن جي دوستئ ۾ چار چنڊ لڳايا ويندا. 20.4.1843: سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر اڄ سنڌ تي قبضي کي برقرار رکڻ ۽ اوچتي اندروني خواه بيروني خطري کي منھن ڏيڻ لاء پنھنجي منصوبه بندي تيار ڪري اطلاع ۽ اجازت لاء ڪمپني حڪومت کي موڪلي ڏني. اڄ نيپيئر ڪمپني حڪومت کي اهو به ٻڌايو ته هن سنڌ ۾ ڪئنالن جي صفائئ جو ڪم شروع ڪرايو آھي, جنهن تي 150000 روپيا خرچ ايندو ۽ ان جي منظوري ڏيو. هن اهو به لکيو ته ڪاردار هن ڪم جي ڀينگ ڪندا ۽ رشوت وٺي آب پاشئ جو پاڻي وڪرو ڪندا يا چوري ڪرائيندا. ان لاء سب-ڪليڪٽر مقرر ڪرڻا پوندا. 20.4.1850: ممبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي تاڪيد ڪيو ته ڪراچئ ۽ ٺٽي ۽ انهن جي وچ تي مسافرن جا بنگلا ٺھرايو ته جيئن اسان جي واپاري برادرئ کي رهڻ يا سفر ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف ڏسڻي نه پئي ۽ اهي جيئن سنڌ مان ڪچو مال آسانئ سان وٺي سگهن ۽ اسان جي مال جو وڪرو ڪري سگهن. کيس اها به پارت ڪئي وئي ته ڪراچئ ۾ سينيٽوريم به ٺھرايو. 20.4.1921: لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي 50 زيندارن جي ڪانفرنس ٿي, جنهن جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ ڪئي. انھئ موقعي تي "سنڌ زميندارس ائسوسيئيشن" جوڙي وئي. ان لاء ڀرڳڙئ کي صدر ۽ مٿراداس کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 20.4.1955: پاڪستان جي گورنر جنرل فيڊرل ڪورٽ ۾ رفرنس داخل ڪري پڇيو ته ڇا هن کي اختيار آھي ته آئين سازئ لاء ھو ڪنوينشن سڏائي ڪم هلائي. [هن اختيار وٺڻ جي نيت اها هئي ته اڪيلو ماڻھو جيئن چاهي تيئن پنهنجي مرضئ سان آئين سازئ جي عمل تي اثرانداز ٿي سگهي. ياد رهي ته کيس اهو اختيار ڏنو ويو] 20.4.1973: پاڪستان کي انڊيا ٻڌايو ته اوهان جا 47 جنگي قيدي هتي جيلن ۾ مري چڪا آھن ۽ 159 کي سزا ڏني وئي آھي. 20.4.1989: نواب شاه ۾ ٿيل سنڌي-مهاجر خوني جهيڙي ۾ 5 بيگناه مري ويا. فوج کي امن امان قائم ڪرڻ لاء گهرايو ويو. 20.4.1991: نئشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو, جنهن مطابق پنجاب کي 57.88 سيڪڙو, سنڌ کي 23.28 سيڪڙو, سرحد کي 13.54 سيڪڙو ۽ بلوچستان کي 5.30 سيڪڙو حصو ملندو. *************** {20 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 20 اپريل 1920ع شاعر ساغر سيتائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 اپريل 1938ع انجنيئر برڪت علي چوهاڻجو جنم ڏينهن آهي. 20 اپريل 1948ع شاعر موهن ديپ (آگره) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 اپريل 1957ع راڳ جي راڻي عابده پروينجو جنم ڏينهن آهي. 20 اپريل 1960ع صحافي ايم عثمان ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي. 20 اپريل 1966ع شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل(ٽالپر وڏا / خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 20 اپريل 1932ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالله بنگلديرائي جو لاڏاڻو ٿيو. 20 اپريل 1974ع پاڪستان جو پهريون آمر حڪمران جنرل ايوب مري ويو.ڪ 20 اپريل 1976ع اسڪالر ۽ تعليمدان لال سنگ اجواڻي جو انتقال ٿيو. 20 اپريل 1986ع ترقي پسند اديب ۽ صحافي سبطِ حسن جو انتقال ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day [You cannot please those, who are born to hurt hearts and to violate human-values. If you are nice & noble and doing ,, noble job, they have to and will create problems and hindrances for you. It is human history: people have always give tough time to humble, sincere and committed segment of their society. Dear! Be, what you are, and do, what is in interest of all] ڇڏي مڃڻ مڃائڻ جي اجائي ریت، جانب تون تان منزل لاء ڪر جاکوڙ، جو چاھیندء سو سمجهي نڀائیندء، باقي پارائيندء ٻيا بي سبب پنجوڙ، جت ھوندا ماٹھن بدران پاڇا کوڙ، ٻڌي هل اتي موڙ, سونھن سلام جا. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th APRIL} EVENTS: 1843: Charles Napier reports to Government of India about his arrangements and intentions with respect to the mode of occupying and managing Sindh. 1856: The Sindh Commissioner requests and recommends the Bombay Government that reduction be made in Baluch Regiment in Sindh. 1921: A meeting of Zamindars of Sindh is held at Larkano with Rais Ghulam Muhammad Bhurgri in Chair. It is attended by nearly hundred landlords all over from length and breadth of Sindh and some of them are Fatih Muhammad Khan, K.B.Shahnawaz Khan; Dur Muhammad Khan; Jam F.K.Bhambho Khan; Madhodas of Sukkur; Jan Muhammad Junijo; Sirai Shah Muhammad Lahori; Ali Gohar Khan Bhutto; DhaniBuxJatoi; Choharmal of Larkano; DiwanHimathsing; Rais Shamisuddin Bulbil and Mathradas of Hyderabad. On this occasion ‘Sindh Zamindars Association’ is formed and Rais Ghulam Muhammad Bhugri and Mathradas are elected president and secretary respectively. 1936: English classes at Hyder Chandio of Taluka Mirokhan are closed due to shortage of students. It was required that there should be at least 15 students to run the classes. 1946: 7th All Sindh Adabi Conference starts at Larkano with Dr.Daudpoto in chair. Mian Ghulam Abbas Qadri acted as the chairman of the Reception Committee, whereas Abdul Fatah Memon was the secretary. 1954: The Working Committee of the Pakistan Muslim League endorses the recommendation of the Central Parliamentary Party that Central and Provincial Ministers should not hold offices in the Muslim League organization.1955: The Second reference made by the Governor-General of Pakistan to seek advice of the Federal court on the dissolution of the Constituent Assembly and the competence of proposed Constitution Convention to make the constitution of Pakistan, is admitted by the Federal court. 1973: Forty-seven Pakistani POWs have died in Indian camps, 159 punished, Defense Minister of India tells Indian Parliament. 1978: Politicians and political parties are divided on the subject of national government. PNA intends to accept offer, whereas other parties such as NDP want elections on party basis. 1989: Five killed in Nawabshah ethnic clashes. Army is called in. 1991: NFC Award is announced by the Nawaz Sharif Government. Punjab will get 57.88 %, Sindh 23.28 %, NWFP 13.54 % and Balochistan 5.30 %. 1993: 137 MPAs of the PLM Parliamentary party in Punjab Assembly elect Mian Manzoor Watto as their new leader of the house. The incumbent Chief Minister Ghulam Hyder Wyne is asked to tender resignation.

Saturday, 18 April 2026

SINDH in history today (19th April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

HISTORY TODAY {19th April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** SINDH IN HISTORY TODAY (19th APRIL) ***********Dr.Pathan wishes you Good Day. [Our status & importance is because of sincerity, sacrifice and positive role & response of others. Beauty & peace are available for us, because of their cooperation & kindness. Hence, everybody deserves our love & respect without any condition. We have been receiving, taking and getting a lot. Hence, In the greater interest of ourselves and betterment of society, we must care about others, their desires & demands and needs & aspirations] ڪم اچن ۽ اينديون اسان کي، ڪنھن نہ ڪنھن جون قربانیون، محبتون محنتون نسبتون تن جون، آڻن اسان لاء سدا آسانیون، شل اسان ایئن نہ ڪڏھن ڀائیون، تہ آھي سونھن سلام سواء.‏‎ ‎ *********** ******** 19.4.1851: سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کي لکيو ته ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ ”ڪنزرونسي بورڊ“ ٺاهڻ جي اجازت ڏيو. ياد رهي ته سنڌ ۾ ميونسپالٽين قائم ڪرڻ کان اڳ "ڪنزروينسي بورڊ“ ٺاهيا ويا هئا. ڇو ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن وارو قائدو لاڳو ٿيل نه هو. ڪنزروينسي بورڊ تي ميمبر سرڪار ٿاڦيندي هئي ۽ اهي چونڊ ذريعي ڪونه ايندا هئا. 19.4.1854: صوبائي سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته ڪراچئ ۾ استادن جي تربيت لاء ”نارمل ڪلاس" هلايو. اهي ڪجھ وقت هليا ته پوء ”نارمل اسڪول" جو روپ ورتائون. 19.4.1856: ڪئپٽن پيلئ نالي جاگيرن واري کاتي جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو. هن ٽالپورن جي چئن وڏن خاندانن: شاهواڻي, شھداداڻي, خاناڻي ۽ ماڻڪاڻي جي تاريخ لکي ۽ اها اڄ ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي. 19.4.1933: "هندو مها سڀا" جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برطانيه سرڪار طرفان جاري ڪيل "وائيٽ پيپر" خلاف احتجاجي گڏجاڻيون ڪيون ويون. "وائيٽ پيپر" ۾ ٻڌايو ويو هو ته سرڪار هندستان ۾ ڪهڙا آئيني سڌارا آڻڻ گهري ٿي. ان ۾ اهو به اشارو ڏنل هو ته سنڌ کي صوبائي خودمختياري ڏني ويندي. اها ڳاله سنڌ جي هندن کي پسند نه هئي. هو چاهن پيا ته سنڌ ممبئي پرڳڻي جو حصو رهي ۽ ان کي هڪ ڪمشنر هلائي. 19.4.1940: مسلم ليگ جي سڏ تي جتي جتي مسلم ليگ جون شاخون هيون, اتي "پاڪستان ٺھراء" جي پٺڀرائپ ۾ جلسا ٿيا ۽ ٺھراء پاس ٿيا. [ 1930 کان سنڌ جا هندو خواه مسلمان انڌ جي گهوڙي تي چڙھيا ۽ ٻنھي سنڌ کي نظرانداز ڪيو. هندو سنڌ کي صوبائي خودمختيارئ وارئ حيثيت ۾ ڏسڻ کان نابري واري ويٺا ۽ سنڌ کي ممبئي ماتحت رکڻ تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا. اهڙئ طرح مسلمانن سنڌ جي ملڪي آزادي کي وساري آزادئ جي تحريڪ کي هندستان جي ورهاڱي جي تحريڪ بڻايو.] 19.4.1950: ملڪ جو وزير اعظم آمريڪي صدر ٽرومن جي ذاتي دعوت تي آمريڪا جي دوري تي ويو. سندس واپسئ کان پوء ملڪ ۾ ڪميونسٽن خلاف رڻ ٻاريو ويو. 19.4.1977: ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس حڪومت خلاف حالتون انگاس بڻجي ويون. پي.پي.پي ۽ پي.اين.اي جي ڪارڪنن وچ ۾ مختلف شھرن چڪريون ٿيون. هن طرف "پاڪستان ليبر الائنس" ڀٽي جي استعيفا ڏيڻ تائين ملڪ گير هڙتال ڪرڻ جو سڏ ڏنو. ************* {19 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 19 اپريل 1418ع سيد حسين شاهه مراد شيرازي (ٺٽو)جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 اپريل 1903ع ليکڪ ڀوڄ راڄ نانگراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 اپريل 1913ع ليکڪ جڳت آڏواڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1928ع لطيف جي پارکو ۽ رسالي تي ڪم ڪندڙ ٻانهون خان شيخ ڀٽ شاهه ۾ پيدا ٿيو. 19 اپريل 1934ع صحافي گهنشام منگلاڻي (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1937ع گلوڪار گرمک بجاج (لاڙڪاڻو / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1955ع اداڪار دليپ بچاڻي (الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1955ع ليکڪا عذرا جبين (ڪوٽڙي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1967ع ليکڪ، پبلشر ۽ شاعر علي گوهر الطاف ملڪاڻي(دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1975ع ليکڪ ۽ شاعر بخشل باغي(نوابشاهه) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 19 اپريل 1912ع خيرپور رياست جو اڳوڻي وزير شيخ صادق علي لاڏاڻو ڪري ويو. 19 اپريل 1974ع سابق صدر فيلڊ مارشل ايوب خان جو انتقال ٿيو. 19 اپريل 1970ع اردو جي مصنف ۽ ڊراما نگار امتياز علي تاج کي قتل ڪيو ويو. 19 اپريل 2015ع شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر الهورايو انور موج دل جي دوري سبب گلشن حديد ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. — 19th April BIRTH DATES Syed Hussan Shah MuradShirazi (Thatto/Saint/ Born 19th April 1418), BhojrajNagrani (Writer/ Born 19th April 1903), JagatAdvani (Hyderabad/Publisher & Writer/ Born 19th April 1913), GhanshyamMaghlani (Hyderabad >Ajmir/Journalist/ Born 19th April 1934), Gurmukh Bajaj (Larkano>Mombai/Musician/ Born 19th April 1937), DileepBachani (Ulhasnagar/Artist/ Born 19th April 1955), AzraJabeenMemon (Kotri/Writer/ Born 19th April 1955), Ali GoharAltafMalkani (Dadu/Writer/ Born 19th April 1967). DEATH DATES ShaikhSadiq Ali Khan (Minister Khairpur State/ Death 19th April 1912), GhulamHussain ‘Malang’ (Poet/ Death 19th April 1953). Field Marshal Ayub Khan (Death 19th April 1972) EVENTS 1841: The Governor-General of India orders keeping in view the season in mind, and impractible to covey heavy artillery through Bolan Pass, it shold be stored at Sukkur. 1923: Sindhi Hindus observe protest day against the ‘White Paper’. The call was made by Hindu MahaSabha. 1940: Sindh Muslim League observe ‘Pakistan Day’. Meetings are held and processions are taken out in various cities. 1950: Prime Minister of the Pakistan Liaquat Ali Khan leaves for U.S.A on a personal invitation from President Truman. It was a turning point in the foreign policy of the Pakistan resulting inclination towards anti-communist block and going near to U.S.A. 1954: Muslim League Party in the Constituent Assembly decides that both Urdu and Bengali should be the state languages of Pakistan. 1977: Pakistan Labour Alliance declares a nation-wide strike to last until Bhutto resigns. PIA pilots and flight engineers go on strike. 1989: Some circles doubt that Kahuta Nuclear Plant shut down is at the behest of American and Indian governments. 1995: Leader of opposition Mian Nawaz Sharif urges for peace treaty with India.

Friday, 17 April 2026

SINDH in history today (18th April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

(18 اپريل) جي" واقعاتي تاريخ" اوهان لاء ڊاڪٽر پٺاڻ لکي ۽ ان جو ترجمو سندس وڏي پٽ ممتاز علئ ڪيو۔ SINDH IN HISTORY TODAY (18th APRIL) 18th April BIRTH DATES Moulvi Muhammad Halai (Religious Scholar/ Born 18th April 1860), R.B. KalomalPohomal (Hyderabad/Educationist/ Born 18th April 1877), AllamaI.I.Kazi (Paat/Philospher/ Born 18th April 1886), Haji HaqeerIbnMangan (Writer & Publisher/ Born 18th April 1901), PirGhulamHydera Shah (Politician/ Born 18th April 1910), LadharamGotam (Shikarpur> Ulhasnagar/Poet/ Born 18th April 1917), Rashed Ahmad Lashari (Poet/ Born 18th April 1922), ParpatiAdvani (Hyderabad >Mombai/Writer/ Born 18th April 1024), GhulamHussainRangrez (MirpurBathoro/Ex-Secretary General Sindhi AdabiSangay& Poet/ Born 18th April 1945), Mir Azam Ali Talpur (Tando Jam/Writer/ Born 18th April 1954), BarkatJeho (Chanbh/Poet/ Born 18th April 1967), Umed Sindhi (Dadu/Writer/ Born 18th April 1968) , NiazJani (Shahdadpur/Artist/ Born 18th April 1970), SaqiJatoi (Saudi Arabia/Poet/ Born 18th April 1984) DEATH DATES Lalchand Amardinomal Jagtiani (Hyderabad/Writer, Journalist & Freedom Fighter/ Death 18th April 1954), Moulana Hamadullah Halejvi (Religious Scholar/ Death 18th April 1962), Habibullah Bhutto (Shikarpur/Writer/ Death 18th April 1980). EVENTS 1839: Charles Napier is asked by the Governor-General of India to prepare a sketch of the last battle with Talpurs of Sindh. 1919: The 6th Sindh Provincial Conference is held at Jacobabad. It is presided over by Jamshed Mehta. Details of this Conference are available on the website of the Gulh Hayat. 1932: Shaikh Abdul Majeed Sindhi presides over ‘Sindh Azad Conference’ at Karachi. It is participated by Seth Haji Abdullah Haroon, Mir Muhammad Baloch; G.M.Syed; Muhammad AyubKhuhro and others. 1938: On the call of 32 Muslim Religious Scholars, made through pamphlets published for the occasion, a big public meeting is held by Larkano Muslim League with Moulana Mir Muhammad Naurangi as its president. The gathering is addressed by local leaders of the party. 1939: M.A.Jinnah in a Press Statement criticized Gandhi’s attitude regarding Muslim representation on the Rajkot Reforms Committee and advise Muslims in State to boycott the Committee. 1951: The Refugees Tax Committee meeting presided over by the Prime Minister Liaquat Ali Khan decides to set up a House Building Finance Corporation to build refugees’ town in each unit of the Pakistan. 1968: Pakistan Shows willingness to serve as the venue for talks between the U.S and North Vietnam. 1978: Former Pakistani Foreign Minister Aziz Ahmad denies Vajpaee’s statement in LokSabha that Bhutto and Indra had secret understanding on Kashmir before Simla Accord. 1993: President GhulamIshaq Khan dissolves the National Assembly and dismissed the Nawaz Sharif cabinet.BalakhsherMazari is sworn in as Caretaker Prime Minister. DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, Founder GUL Hayat INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (18th April) & GOOD DAY WISH. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th April} & my Good Day Wish. ************ ÷÷÷ توجه طلب واقعا ÷÷÷÷÷÷÷÷÷ 18.4.1839: ڪمپني حڪومت ۽ شڪارپور جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ ليفٽيننٽ اسٽوڪ وچ ۾ خط و ڪتابت ذريعي طئي ٿيو ته ڪمپني حڪومت جيڪا "بلوچ ليوي" قائم ڪري رهي آھي, ان ۾ بلوچن کي وڏي تعداد ۾ شامل نه ڪجي. ياد رهي ته ايسٽ وڪ هن کان اڳ کوسن جي سردار قادر بخش ۽ بڙدين جي سردار شير محمد ولد ڪرم خان سان بلوچن کي برٽش فوج ۾ شامل ڪرڻ لاء ٺاه ڪري چڪو هو. مگر سرڪار کيس وڌيڪ بلوچ ڀرتي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. 18.4.1919: جيڪب آباد ۾ سنڌ جي ڇهين صوبائي ڪانفرنس ٿي, جنهن جي صدارت جمشيد مهتا ڪئي. سندس صدارتي تقرير ۽ ڪانفرنس جي مڪمل ڪاروائي گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 18.4.1932: شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي صدارت ۾ ڪراچئ ۾ ”پهرين سنڌ آزاد ڪانفرنس" ٿي. هن ڪانفرنس ذريعي سنڌي عوام ۽ خاص طور تي سنڌي مسلمانن کي هم خيال بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ کي ممبئي پرڳڻي کان الڳ ڪري خودمختيار صوبو بڻائجي. هن ڪانفرنس ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون, مير محمد بلوچ, جي.ايم.سيد ۽ محمد ايوب کهڙي کان سواء ٻيا به چوٽئ جا مسلمان سياستدان شريڪ ٿيا. 18.4.1938: 32 عالمن جي نالن سان هن کان اڳ اشتهار ڇپرائي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي. اڄ مغرب نماز کان پوء لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ مسلمانن جو وڏو جلسو ٿيو, جنھن جي صدارت مولانا مير محمد نورنگئ ڪئي. هن جلسي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مسلم ليگ کي فعال بنائڻ لاء عهديدار چونڊيا ويا ۽ 25 ميمبرن واري هڪ ورڪنگ ڪميٽي ٺاهي وئي. تقرير ڪندڙن مسلمانن کي ڪانگريس کان پري رهڻ ۽ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ جو تاڪيد ڪيو. 18.4.1951: ملڪي سرڪار پناهگيرن جي آبادڪارئ لاء ھائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن قائم ڪئي. 18.4.1965: پاڪستان يو.اين.او جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پنهنجو موقوف ٻڌايو ته انڊيا اسان جي علاقي ڦٻائڻ لاء رڻ ڪڇ تي چڙھائي ڪئي. 18.4.1977: سردار شوڪت حيات, بلخ شير مزارئ ۽ عبدالله روڪڙئ قومي اسيمبلئ جي ميمبر ئ تان استعيفا ڏني. پي.اين.اي وارن ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي غير قانوني چوندي ان خلاف زوردار احتجاج ڪيو. 18.4.1978: اڳوڻي وزير خارجه عزيز احمد انھئ ڳاله جي ترديد ڪئي ته ڀٽي شملا معاهدي کان اڳ ڪو ڪشمير بابت مخفي ٺاه ڪيو هو. 18.4.1993: صدر اسحاق اڄ نواز شريف جي حڪومت ڊاهي وزارتون ختم ڪري, بلخ شير مزارئ کي وقتي وزير اعظم جو قسم کڻايو. ÷÷÷÷÷÷÷÷÷ {18 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 18 اپريل 1860ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد هالائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 اپريل 1901ع ليکڪ حاجي حقير ابن مڱڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 اپريل 910ع سياستدان پير غلام حيدر شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 18 اپريل 1917ع شاعر لڌارام گوتم شڪارپوري جو جنم ڏينهن آهي. 18 اپريل 1922ع شاعر رشيد لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. 18 اپريل 1924ع ليکڪا پارپتي رام ڪرشن آڏواڻي جي حيدرآباد ۾ پيدائش ٿي. 18 اپريل 1945ع شاعر ۽ ليکڪ غلام حسين رنگريز جو جنم ڏينهن آهي. 18 اپريل 1954ع ليکڪ مير اعظم علي ٽالپر (ٽنڊو ڄام) جو جنم ڏينهن آهي. 18 اپريل 1967ع ليکڪ برڪت علي جيهو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 اپريل 1968ع ليکڪ اميد سنڌي (دادو) جي جنم جو ڏينهن آهي. 18 اپريل 1970ع آرٽسٽ نياز جاني (شهدادپور) جو ڏينهن آهي. 18 اپريل 1973ع شاعرہ ۽ ليکڪا سيما عباسي جو جنم ڏينھن آھي. 18 اپريل 1984ع شاعر ساقي جتوئي جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 18 اپريل 1955ع سائنسدان البرٽ آئنسٽائين جو انتقال ٿيو. 18 اپريل 1954ع ليکڪ ۽ تعليمي ماھر لالچند امرڏنومل ديهانت ڪري ويو. 18 اپريل 1962ع مذهبي اسڪالر علامه حماد الله هاليجوي جي وفات ٿي. 18 اپريل 1976ع ليکڪ الهه بخش ٽالپر جو انتقال ٿيو. 18 اپريل 1980ع ليکڪ حبيب الله ڀٽو (شڪارپور) جي وفات ٿي. 18 اپريل 2019ع غزل جي بادشاھ شاعر خانصاحب ولي محمد وفا پلئ جي وفات ٿي. Dr.Pathan wishes you Good Day. [There is no provision for logic and arguments in love affair. It requires sincerity, trust and dedication. Surrender before dear, you will find yourself very near to him/her. If you believe Allah religiously, do not shift responsibility of performing your duties to Him. Because, He has empowered you properly and accordingly. Do, what you have to do. Don't insist on taking and getting, if you are not ready to give. Dear! Revisit and revise your vision & wisdom, strategy & life-craft] بحث برہ ۾ ۽ منطق محبت ۾ جائز ناھ، ڪرٹو سب ڪجھ پاڻ کي بار نہ اھو لاھ، ڳالھ اھڙي ٺاھ، جو ڄاٹین سونھن سلام کي.

Thursday, 16 April 2026

SINDH in history today (17th April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {17th April} & My Good Day Wish. ******* * 17.4.1908: سيٺ ھرچندراء جي صدارت هيٺ سکر ۾ ”سنڌ پراونشل ڪانفرنس" ٿي. هي ساليانيون ڪانفرنسون 1920 تائين ٿينديون رهيون ۽ ان ۾ هندو ۽ مسلمان, سک ۽ پارسي ڪنهن مذھبي مت ڀيد کان سواء سنڌ جي مسئلن تي متحد ٿي سوچيندا ۽ ان مطابق لوچيندا هئا. انھن سمورين ڪانفرنسن جون سموريون ڪارگذاريون هن وقت تائين ڪنهن ڪتابي صورت ۾ نه ڇپيون آھن ۽ فقط گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. سياسي شعور رکندڙ دوستن کي هي سياسي ادب پڙھڻ گهرجي. 17.4.1927: ڪراچئ ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي, جنهن جو واحد مقصد هئ هئو ته سنڌ کي ممبئي پرڳڻي کان الڳ نه ڪجي ۽ سنڌ کي صوبائي خود مختياري نه ملي. سنڌ جي هندن پنهنجي ڌرمي,سماجي ۽ واپاري مقصدن ڪري پنهنجئ سنڌ ماتا کي صوبائي حيثيت ڏيڻ ۾ ڪيٻائيو ۽ مسلمانن وري هندن سان گڏ ويهي مامري حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش نه ڪئي. ٻنھي غلطيون ڪيون. 17.4.1927: پاٽنا ۾ "آل انڊيا شڌي ڪانفرنس" ٿي. سنڌ جي ڪيترن هندن به هن ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ ۾ 1923 ۾ ”شڌي سڀا" قائم ڪئي وئي هئي ته جيئن سنجوڳي شيخن (نئو مسلم) کي زورئ هندو بڻائجي. هن سڀا سالن جا سال امن پسند سنڌ ۾ ڌرمي مت ڀيد جو ٻج ڇٽيو ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ ھندو مسلم فساد ٿيا, جن جي ڀيانڪ صورت مسجد منزل گاه وارئ تحريڪ ۾ ڏسڻ ۾ آئي. 1927 کان 1939 تائين سنڌ جا هندو توڙي مسلمان انڌ جي گهوڙي تي چڙھيا ۽ ڏاڍا ڪيس ڪيائون. 17.4.1938: ميهڙ ۾ ڪالھ کان شروع ٿيل خلافت جي ارڙھين سالياني جلسي جو اڄ ٻيو ۽ آخري ڏينھن هو. ان ۾ ھنن موضوعن ۽ مسئلن تي ٺھراء پاس ڪيا ويا: 1. آبادگارن کي زراعت لاء گهربل پاڻي فراهم ڪيو وڃي, 2. سنڌ اسيمبلئ مان "شريعت بل", "قرض بل" ۽ "انتقال زمين/ايراضي بل" پاس ڪرايا وڃن, 3. فرنگي سرڪار يهودين کي نوازڻ ۽ فلسطينين کي گهر ۾ بي گهر ڪرڻ بند ڪري, 4. لاپي, رسائئ ۽ رشوت کي ختم ڪيو وڃي ۽ 5. لوارئ واري مصنوعي حج تي پابندي مڙھي وڃي. 17.4.1947: ڪانگريس جي صدر آچاريه ڪرپالاڻئ (سنڌي) ۽ سينٽرل اسيمبلئ ۾ مسلم ليگ پارٽئ جي ڊپٽي ليڊر خواجا ناظم الدين (بنگالي) وائسراء لارڊ مائونٽ بيٽن سان ملاقات ڪئي ۽ هندستان جي ورهاڱي جي حوالي سان ڳالھ ٻوله ڪئي. هڪ سنڌئ ۽ هڪ بنگالئ پنهنجئ ڌرتئ/وطن جي آزادئ لاء نه سوچيو يا چيو. پر پنهنجي پارٽئ جي ترجماني ڪئي. 17.4.1953: غلام محمد, پاڪستان جي گورنر جنرل اڄ خواجا ناظم الدين جي وفاقي حڪومت ڊاهي, آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير محمد علي بوگرا کي گهرائي چيو ته تون نئين حڪومت ٺاه. جمهوريت کي هن طرح ملڪ مان رسوا ڪري ڪڍيو ويو. 17.4.1959: ڪئنالن جي پاڻئ جي ورهاست بابت پاڪستان ۽ انڊيا اڄ واشنگٽن ۾ ٺاه ڪيو. 17.4.1969: سنڌ يونيورسٽئ جي ٻن شاگردن: محمد يوسف ٽالپور ۽ مسعود نورانئ کي اڄ مليٽري ڪورٽ سخت پروهيئي سان هڪ سال جي ٽيپ ڏني. 17.4.1977: ذوالفقار علي ڀٽي پاڻ بچائڻ ۽ ڪرسي بچائڻ لاء اڄ جوا, شراب ۽ نائيٽ ڪلبس تي پابندي مڙھي ۽ اعلان ڪيو ته ڇهن مهينن ۾ ملڪ ۾ شريعي قانون لاڳو ڪندس. 17.4.1993: وزير اعظم نواز شريف ضد ڪري بيهي رهيو ته نه ڪي مان استعيفا ڏيندس ۽ نه وري اسيمبلي ٽوڙڻ لاء صدر کي صلاح ڏيندس. 17.4.1995: ڪراچئ ۾ اڄ به دهشتگردن پنھنجي من مستي ڪئي. ڏه بيگناه انسان موت جو شڪار ٿي ويا. ************* {17 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} ************* [جنم ڏينهن:] 17 اپريل 1905ع تعليمدان هري لال ڀارواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 اپريل 1909ع صحافي ۽ آزادي پسند تحريڪ جي رڪن ديپچندر تلڪوچند (نوشهرو فيروز) جو جنم ڏينهن آهي. 17 اپريل 1923ع اسڪالر نبي بخش قاضي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 اپريل 1927ع شاعر احمد خان گلزارجو جنم ڏينهن آهي. 17 اپريل 1943ع آرٽسٽ ۽ ڪمپيئر عاشق عارباڻي جو جنم ڏينهن آهي. 17 اپريل 1944ع سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ڪامريڊ رشيد احمد انڍڙ جو جنم ڏينهن آهي. 17 اپريل 1950ع شاعر ڪمال سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 17 اپريل 1953ع ليکڪ رجب سمون (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 17 اپريل 1955ع ليکڪ امان الله ڀٽي (ڳڙهي ياسين) جوجنم ڏينهن آهي. 17 اپريل 1960ع سگهڙ قادر بخش چنو جي جنم جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 17 اپريل 1929ع ليکڪ پهلاج راءِ واسواڻي ديهانت ڪري ويو. 17 اپريل 1965ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالحليم راجنپوري جو لاڏاڻو ٿيو. 17 اپريل 1999ع مولوي قادر بخش قاسمي جي وفات ٿي. 17 اپريل 2007ع اداڪاره شيلا راماڻئ جو مرتيو ٿيو۔ 17 اپريل 2010ع سماج سڌارڪ غلام نبي ڀنگر(جيڪب آباد) جو انتقال ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [It is possible to get respect in return, when we respect others. But, very difficult to get love in spite of sincerity, dedication and offering sacrifice. Because, love is affair of golden hearts and purified souls. They will accept & respect and promote & advocate love. They know difference between love and respect. Dear! Be in love and fall in love. No problem, if ego, hatred and discrimination is in your way. If the Golden heart is there, you will be reciprocated and responded accordingly] روح سڃاٹن روحن کي رکن دلیون دلین سان ناتا، پري رھڻ پوء ات مشڪل ڏاڍو پیار پير جت پاتا،‏ رم جھم رنگ اتي لاتا، سرت سونھن سلام سڄڻ جي. ‎ ‎************* EVENTS from history today (17th April) 1908: Sindh Provincial Conference is held at Sukkur. It is presided over by Seth Harchand Vishindas. This may kindly be noted that these annual conferences were held up to 1920 and last one was held at Hyderabad. It is a common and joint political platform of all segments of our society. 1927: The Sindh Hidu Association adopted resolution against the separation of Sindh from Bombay Presidency. 1938: 18th Annual Khilafat Conference is held at Mehar. It is attended by Moulana Abdul Karim of Buthi, Pir Illahi Bux; Moulana Abdul Karim Chishti and others. On the second and last day of the conference handsome number of resolutions are adopted on very important topics such as supply of required water to Sindh for agricultural purposes, legislation on Shariat and support of Palistinians. 1945: Addressing a meeting in New Delhi, Khan Abdul Ghaffar Khan says that he is entirely for acceptance of office, but, wants the power and not a government in name only. 1947: Congress President , Acharya Kirplani and Muslim League Dy. Leader in the Central Assembly, Khowaja Nazimuddin meet the Viceroy Lord Mountbatten and discussed with him political matters. 1953: The Governor-General Ghulam Muhammad dismisses Primeary Minister Khowaja Nazimuddin’s cabinet and ask Muhammad Ali Bogra, Pakistan’s Ambassador in U.S.A to form a new cabinet. 1963: Pakistan’s External Affairs Minister, Z.A.Bhutto, declares that his country will have to take fundamental decision on its foreign policy if its allies give long-term military aid to India without settlement of Kashmir issue. 1969: Muhammad Yusuf Talpur and Masood Noorani, both students of Sindh University are awarded one year rigorous imprisonment by military court. 1977: Z.A.Bhutto orders ban on liquors, gambling, night-clubs and promises introduction of shariah within six months. His Islamisation is not accepted to PNA and they ask him to resign. 1993: Prime Minister Nawz Sharif addressing the nation refuses to resign or advise President to dissolve the National Assembly. 1995: Violence claim 10 more lives in Karachi.

Wednesday, 15 April 2026

SINDH in history today (16th April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th April} & My Good Day Wish. *********** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Do not follow Shadows. They will leave you alone, when it is darkness. Irrigate heart & mind from river of vision & wisdom, and do not make them desert without rain. Be what you are. You are beauty, love & peace] پئج نہ پٺیان پاڇن جي، ھجي ‎ڀل پرین یا پیار سندو، اھڙو بر نہ بٹج برہ جو، جنھن تي بادل گجندو نہ وسندو، ڪو چئي نہ چئي وت چوندو، سرت سان سچ سلام پیو. ************* توجه طلب واقعا *************** 16.4.1832: ڪرنل پاٽينجر اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته مهر خان بروهئ جي ٿاڻيدار لاڙڪاڻي پرڳڻي تي چڙھائي ڪري لٽيو ڦريو ۽ نواب ولي محمد خان جي پٽ احمد خان کي لڙائئ دوران ڀڄائي ڪڍيو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ڪئپٽن ويڊ جي رنجيتسنگ سان گڏجاڻي ٿي آھي ۽ رنجيتسنگ راضي ٿيو آھي ته انگريز مٺڻ ڪوٽ ۾ ڀلي فئڪٽري قائم ڪن. 16.4.1857: سنڌ جي ڪمشنر صوبائي سرڪار کي ٻڌايو ته نوڪري ڏيڻ لاء سنڌي پاس ڪرڻ وارو سرٽيفڪيٽ ضرور ورتو وڃي ٿو. ان کان سواء نوڪري نه ٿي ڏني وڃي. 16.4.1920: سيوهڻ ۾ ”خلافت ڪانفرنس" ٿي, جيڪا ٻه ڏينھن هلي. هن ڪانفرنس ۾ ٺھراء ذريعي سنڌ مان هجرت ڪرڻ وارن خواهشمندن کي پنهنجا نالا ”ھجرت ڪميٽئ” وٽ لکرائڻ جو تاڪيد ڪيو ويو. [خلافت ڪميٽئ جو هي هڪ انتهائي غلط فيصلو هو. هجرت ڪري ڪيترا خاندان تباه ٿي ويا ۽ هن تحريڪ سان هڪ غلط مثال قائم ٿيو ته حالتن جي مقابلي ڪرڻ بدران ڀڄي جان ڇڏائجي. 1947 ۾ هجرت وارو مثال اسان جي ڳچئ ۾ پئجي ويو] 16.4.1924: ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ ”سنڌ ليگ آف پروگريس" جي سالياني گڏجاڻي ٿي ۽ ايندڙ سال لاء هن ريت عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي: هرچندراء وشنداس (چيئرمن), شورتن مهوتا, ديپچند چانڊومل, ولي محمد حسن علي, جهانگير پنٿڪي, آرديشر ماما, جمشيد ميهتا (سڀ ورڪنگ ڪميٽئ جا ميمبر), [هن جماعت جو سمورو احوال گل حيات جي ويب تي موجود آھي] 16.4.1930: سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ڪانگريس "لوڻ جا قاعدا" ٽوڙيا. ڊاڪٽر چوئٿرام, نارائڻداس بيچر, سوامي ڪرشنانند, منيلال وياس, تاراچند لالواڻي ۽ وشنو شرما گرفتار ٿيا. ڪراچئ ۾ ڪانگريسي ميڙ تي سرڪار گولي هلرائي. نتيجي ۾ ٻه ورڪر مري ويا. 16.4.1933: برطانيه سرڪار "وائيٽ پيپر" جاري ڪري, پنهنجا ويچار ونڊيا هئا ته مستقبل ۾ هندستان ۾ ڪهڙا آئيني سڌارا آڻبا. اڄ ”ڪراچي انڊين مرچنٽس ائسوسيئيشن" جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ "وائيٽ پيپر" تي تنقيد ڪئي وئي. 16.4.1938: ميهڙ ۾ خلافت جو ارڙھون ساليانو ميڙ ٿيو, جنهن ۾ سنڌ جي مشهور مسلمان سياستدانن شرڪت ڪئي. انھن مان شيخ عبدالمجيد سنڌي, پير الاهي بخش, مولانا عبدالڪريم چشتي, مولانا عبدالڪريم بٺوي ذڪر لائق آھن. هئ ڪانفرس ٻه ڏينھن هلي. 16.4.1939: واره ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي,جنهن ۾ جي.ايم.سيد, محمد ايوب کهڙي ۽ قاضي فضل الله به شرڪت ڪئي. ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ {16 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 16 اپريل 1867ع گلوڪار ڪلاچن ڪلياڻ (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 اپريل 1889ع خاموش فلمن جي مشهور مزاحيه اداڪار چارلي چپلن جو جنم ڏينهن آهي. 16 اپريل 1917ع شاعر انور علي شاهه بخاري (چڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 اپريل 1919ع تعليمدان آمنه خميساڻئ جي پاٽ ۾ پيدائش ٿي. 16 اپريل 1922ع ليکڪ ڊاڪٽر مولچند جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 اپريل 1943ع ليکڪ فتح الله صديقي (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 اپريل 1944ع سگهڙ سلطان ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 16 اپريل 1946ع شاعر ٿڌارام انپڙ جي جنم جو ڏينهن آهي. 16 اپريل 1949ع ليکڪ ماروي ابڙو (قمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 16 اپريل 1950ع اديب ۽ شاعر سيد غلام اڪبر شاهه نمائي جو جنم ڏينهن آهي. 16 اپريل 1952ع ناول نويس ۽ ڊراما نگار انور بلوچ(نصير آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 16 اپريل 1961ع شاعر دکي دائود جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 16 اپريل 1921ع سياستدان رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو انتقال ڪري ويو. 16 اپريل 1961ع سياستدان، سماجي ورڪر ۽ عوامي هلچل ۾ حصو وٺندڙ ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي جو انتقال ٿيو. 16 اپريل 1987ع سنڌي ساز مُرلي جي جادوگر اقبال جوڳي جي وفات ٿي. 16 اپريل 2013ع ڪامريڊ مير محمد ٽالپر(ٽنڊو ڄام) وفات ڪري ويو۔ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th APRIL} EVENTS: 1920: The SehwanKhilafat Conference demands Upper Class to renounce Titles, AfreenNamas etc. It is also announced on the occasion that Sindh Khilafatees desiring to migrate to Afghanistan can apply for registration here and with Hijrat Committee. 1924: Sindh League of Progress in its Annual meeting held at Khalikdino Hall, Karachi elects the Committee for the Karachi branch for the forthcoming year, and elected members are: HarchandraiVishindas (Chairman), Shivrattan G. Mohatta; DipchandChandumal; Wali Muhammad Hassan Ali Effendi; JehangerPanthakey; G.M.Dyce-Keele; ArdeshirH.Mama; C.F.D’Abreo; Jamshed Mehta; E.L.Price and Sir Montague Webb (Honrary Secretary). 1930: The Congress Movement for violation of Salt Law takes turn as rigorous agitation in Sindh. Public meeting faces police firing in Karachi resulting killing of two Congress workers. Dr.Choitram, NaraindasBechar; SawamiKrishnanand; MailalVyas; TarachandLalwani and Vishno Sharma are arrested. 1933: Terming the ‘White Paper’ proposal as a quite unsatisfactory and derogatory to the self-respect of India, the Karachi Indian Merchants’ Association makes a number of suggestions for constitutional reforms. 1939: At Rajkot 500 Bhayat and Muslims stage an angry demonstration against Ghandi. Warah Muslim League organizes public meeting. It is attended by G.M.Syed, K.B.Khuhro and Kazi Fazluulah also. 1943: Sindh Muslim League observes ‘Deliverance Day’. Public meetings are held by various branches and resignation by Congress Ministries is celebrated. 1955: The Governor- General of Pakistan issues proclamation declaring the laws mentioned in the Schedule to Emergency Powers Ordinance of 1955, valid. 1957: National Assembly approves that the Presidential Rule in the West Pakistan be extended till September. 1977: SardarShoukat Hayat is expelled from PPP. Several PPP parliamentarians demand fresh elections’ 1988: U.S will exercise its right to provide military aid to Afghan resistance, American Secretary of state George Shultz says in Geneva.

Tuesday, 14 April 2026

SINDH in history today (15th April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {15th April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** SINDH IN HISTORY TODAY (15th APRIL) ***************Dr. Pathan wishes you Good Day. [ We are created as Human-beings, but some people are bent upon to convert us iinto angels. It has created differences and distance in hearts and minds and has disturbed peace. These people have no hearts, but business-oriented mind. They will offer prayers so as to get Paraside. They will only continue contact, connection and relation till their interests require it. They will commit crimes, but will not accept their faults & mistakes. On the contrary, they will declare you sinfull in the same cases. Dear! Human-nature is combination of contrasts: good & bad, right & wrong, deeds & misdeeds. We can't end and change human-nature but can mould it in the interests of society. Let us work on it and for it.] غير انسانئ کي چون انساني انسان کي چون ٿي فرشتو, مطلب کان سواء تون مون ۽ خدا سان ڪين رکن رشتو, اچ تہ بدلايون اهو سرشتو, سرت سونهن سچ سلام سان. ********* 15.4.1836: سنڌ جي حڪمرانن محسوس ڪيو ته مٿن فرنگي سرڪار پنھنجئ مرضئ وارا معاهدا مڙھي رهي آھي. ان ڪري هنن مناسب ڄاتو ته پنهنجا وڪيل موڪلي فرنگي سرڪار سان ڳالھ ٻولھ ڪجي. هنن وڪيل موڪليا. ممبئئ ۾ وڪيلن سان ڪو واسطيدار صاحب ڪونه مليو, بلڪ هن جي توهين ڪئي وئي ته اوهان اسان جي سفارتڪار جو خط کڻي ڇونه آيا ۽ سڌي ملڻ جي همت ڇو ڪئي. مير نور محمد خان ڪرنل پاٽينجر کي لکي انھئ بدتميزئ تي احتجاج ڪيو. اڄ اهو خط پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي ڏياري موڪليو. 15.4.1850: انگلنڊ ۾ وڏي پئماني واري صنعتي نمائش ٿي رهي هئي. ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته هن نمائش ۾ سنڌ کي حصو وٺڻ گهرجي. ان لاء سنڌ مان اهڙي سامان جو بندوبست ڪر, جيڪو نمائش ۾ رکجي. 15.4.1859: فرنگين فريب سان سنڌ تي قبضو ڪري ڏاڍ سان حڪومت هلائي. پر, سنڌ جو عوام کي جڏهن ۽ جتي به موقعو مليو ته هن فرنگي حڪومت خلاف باه ٻاري. اهو سلسلو 1839 کان ئي هليو, جڏهن ڪراچئ تي قبضو ڪيو ويو ۽ اسان جي حڪمرانن رضا خوشئ سان ڪراچي لکي ڏني. اڄ ميرپور خاص ۾ ماڻھن مختيارڪار جي آفيس کي باه ڏني. 15.4.1939: راء بهادر گوڪلداس آھوجا سنڌ ۾ ”اسڪائوٽن جي سامونڊي گروپ" جو پايو وڌو. اڄ گورنر هائوس ڪراچئ ۾ گورنر "سامونڊي اسڪائوٽن جي گروپ جي ڪائونسل" جو افتتاح ڪيو. هن دور ۾ سنڌ واسي اسڪائوٽ موومينٽ ۾ اڳرا هوندا هئا. "اسڪائوٽ" نالي سنڌي ۾ ماهوار رسالو به نڪرندو هو. 15.4.1955: ملڪ ٺھيئي کي سال ٿيا, مگر ان جو آئين ڪونه ٺھيو. اڄ پاڪستان جي گورنر جنرل حڪم نامو جاري ڪري آئين ساز اسيمبلئ جي 60 ميمبرن کي چيو ته 10 مئي تي مرئ ۾ اچو ته "ڪانسٽيٽيوشن ڪنوينشن“ ڪيون. 15.4.1972: بحث ڪرڻ لاء قومي اسيمبلئ ۾ ”عبوري آئين" جو مسودو پيش ڪيو ويو ويو. [ملڪ ۾ وقت تي آئين نه ٺاهڻ جو ڪامورن, سياستدانن ۽ ملڪي بچاء ڪندڙن کي آئين نه هجڻ ڪري آئين تي هلڻ جي عادت ئي ڪانه پئجي سگهي] 15.4.1973: سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو ويو ته 1972 وارئ آدم شمارئ مطابق پاڪستان جي آدم شماري 64 ملين آھي. 15.4.1976: خان عبدالولي خان ۽ ٻين 43 سياسي قيدن خلاف حيدرآباد ۾ اسپيشل ٽرائبيونل ڪيس هلائڻ شروع ڪيو. ياد رهي ته هن تاريخ تي گذريل سال خان عبدالغفار خان کي نظرانداز ڪيو ويو. ڀٽي حڪومت ۾ نئشنل عوامي پارٽئ ۽ بلوجستان صوبي سک جو ساه گهٽ کنيو. 15.4.1977: مولانا مودودئ اڄ ذوالفقار علي ڀٽي کي صلاح ڏني ته اقتدار تان هٿ کڻ. ملڪ جي وڏن شھرن ۾ پي.اين.اي ۽ پوليس جون خوني چڪريون ٿيون. هڪ سينيما, اٺن ڪارين ۽ هڪ بس کي باه ڏني وئي. جنرل رٽائيرڊ گل حسن ۽ ايئر مارشل رٽائيرڊ رحيم سفيرن جي عهدن تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون. [ڀٽي بچيل ٽٽل پاڪستان کي مضبوط ڪيو, نوي هزار جنگي قيدي آزاد ڪرايا ۽ مسلمان ملڪن کي گڏ ڪرڻ جا جتن ڪيا. هاڻي ڀٽو ڪيترن لاء ڪم جو نه رهيو هو.] *************** {15 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 15 اپريل 1922ع شاعر صوفي دوست محمد ساجد سرشاري (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 اپريل 1924ع شاعر غلام علي سوز کوکر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 اپريل 1925ع ليکڪ ۽ ٻوليء جي ماهر ابن الياس سومرو(حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1928ع ليکڪ محرم خان شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1929ع شاعر گر مُک گُل (حيدرآباد / احمد آباد) جي جنم جو ڏينهن آهي. 15 اپريل 1936ع شاعر امير بخش منير جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1941ع گلوڪار خوبچند خوشي راڻي (ڪراچي / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1949ع سگهڙ صاحب خان جلالاڻي (جلالاڻي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1950ع شاعر قاضي مقصود گُل (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1955ع ليکڪ ۽ اڪيڊمي ادبيات جي اڳوڻي ريجنل ڊائريڪٽر آغا نور محمد پٺاڻ جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1962ع ليکڪ مانجهي زرداري (ڄام زرداري) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1963ع شاعره پشپا ولڀ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1967ع صحافي نذير لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1967ع ليکڪ منظور برهماڻي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1969ع شاعر ڊاڪٽر خادم منگي جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1972ع ليکڪ ناجي نور محمد جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1973ع صحافي جاويد سحر (بوبڪ) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1975ع شاعر، نقاد ۽ ڪالم نگار علي آڪاش جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1980ع ليکڪ اصغر ڳاهو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 15 اپريل 1865ع اڳوڻي آمريڪي صدر ابراهيم لنڪن کي قتل ڪيو ويو. 15 اپريل 1963ع ليکڪ ڀورومل رام رکياڻي ديهانت ڪري ويو. 15 اپريل 2007ع اڳوڻي سينيٽر حسين شاهه راشدي جو لاڏاڻو ٿيو. EVENTS: 15th April 1835: The Government of India is informed by its Native Agent, Hyderabad that Peeru Khoso made complaint against Officer Commanding the Forces at Balmeer in the court of Mir Noor Muhammad that officer is threatening his father, but Mir gave him disappointing reply. That Sindh Government is trying to establish relations with Kelat and Jessalmer and Vakils of both parties have visited countries of each other. 1836: Vakil of Mir Noor Muhammad Khan experienced incivility by British officers at Bombay and the protest is lodged with concerned quarters today by Mir. 1859: Muslims of India are defeated in the ‘War of Independence’. Sindh also played vital role , but the war against British Government has not been ended in Sindh. Mukhtyarkar’s office is put on fire by people in Mirpurkhas. 1936: Shahdadkot, once taluka of Larkano, is now district (Kambar-Shahdadkot) itself. The District Local Board decides that English be taught in Shahdadkot up to Fourth class. This may kindly be noted that prior to this English was taught in this city up to Third Standard. 1957: The West Pakistan Government imposes ban on the movement , sale and purchase of wheat in the province.

Monday, 13 April 2026

SINDH in history today (14th April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** SINDH IN HISTORY TODAY (14th APRIL) *************** ************* 14.4.1832: ميرن سان معاهدي ڪرڻ لاء سنڌ ۾ موڪليل فرنگي سفارتڪار ڪرنل پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي پنهنجي ڪارگذاري رپورٽ مڪلي ته: 1). مير رستم علي خان, مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد کي معاهدي جو متن پهچايم. 2). مير رستم علي خان ضد تي آھي ته معاهدي جي هڪ اڌ شق بدلائي وڃي. 3). مير رستم علي خان سوکڙيون پاکڙيون موڪليون آھن, جيڪي هڪ هزار روپين جون ٿينديون, 4). مير علي مراد خان جي خواهش آهي ته فرنگي سرڪار هن سان الڳ معاهدو ڪري. 14.4.1857: سرڪار کي خيال ٿيو ته ڪراچئ کان سيوهڻ تائين جبلن منجهان ريل جو رستو ٺاهجي. ان لاء اڄ ڪئپٽن ڊانيال تفصيلي رپورٽ ٺاهي سنڌ جي ڪمشنر کي موڪلي. 14.4.1936: سنڌ جي گورنر سر لينسلاٽ گرهام نئين صوبي جي عبوري طور تي انتظام ۾ مدد ڏيڻ لاء “صلاحڪار ڪميٽي" ۽ "سنڌ ڪائونسل" مقرر ڪيون. صلاحڪار ڪميٽئ سر غلام حسين هدايت الله جي سربراهئ ۾ قائم ڪئي وئي. جڏهن ته سر شاهنواز ڀٽي ۽ ديوان هيرانند کي ان تي ميمبر طور رکيو ويو. سنڌ ڪائونسل ۾ وري انھن کي ميمبر بڻايو ويو, جيڪي هن کان اڳ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر هئا. 14.4.1967: آمريڪا اڄ فرانس, برطانيه ۽ ٻين ملڪن کي صلاح ڏني ته پاڪستان کي اسلحو وڪرو نه ڪيو. 14.4.1972: قومي اسيمبلئ جي اجلاس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو 104 ووٽ کڻي پاڪستان جو صدر چونڊجي ويو. 38 ووٽ سندس خلاف پيا. 14.4.1974: وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي وعدو ڏنو ته 15 مئي کان بلوچستان ۾ سولين ايڊمنسٽريشن لاڳو ڪيو ويندو ۽ ان کان اڳ فوجي آپريشن بند ڪيو ويندو. 14.4.1977: اسلام آباد ۾ پي.اين.اي طرفان حڪومت خلاف عورتن جو جلوس ڪڍيو ويو. 14.4.1993: صدر اسحاق ۽ وزير اعظم نواز شريف وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ويون. ملڪ ۾ سياسي گهوٽالو اڃا وڌيڪ زور وٺي ويو. 14.4.1994: مير مرتضا ڀٽي کي سنڌ هاء ڪورٽ ضمانت تي آزاد ڪيو. ************* 14 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 14 اپريل 1858ع خيرپور رياست جي سابق وزير محمد يعقوب شيخ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 اپريل 1881ع نواب غيبي خان چانڊيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 اپريل 1914ع آرٽسٽ نيوند رام سوني (شڪارپور / احمد آباد) جي پيدائش ٿي. 14 اپريل 1920ع ليکڪ چندو لال جي سنگهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 14 اپريل 1920ع ناٽڪ نگار آنند ڪندن مل آڏواڻي(ڪراچي) جنم ڏينهن آهي. 14 اپريل 1924ع سياستدان ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ جو جنم ڏينهن آهي. 14 اپريل 1925ع ليکڪ احسان بدوي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 14 اپريل 1942ع شاعر سيد مدد علي منظر جو جنم ڏينهن آهي. 14 اپريل 1970ع شاعر پٺاڻ بڙدي (عبدالله بڙدي) جو جنم ڏينهن آهي. 14 اپريل 1982ع صحافي طارق لطيف (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 اپريل 1983ع شاعر نوشاد ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 14 اپريل 1847ع حيدرآباد جي اڳوڻي حڪمران هز هاء نيس مير نصير خان جو لاڏاڻو ٿيو. 14 اپريل 1891ع شاعر آخوند محمد قاسم هالائئ جي وفات جو ڏينهن آهي. 14 اپريل 1952ع خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير فيض محمد ثاني جو انتقال ٿيو. 14 اپريل 1992ع ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ ماهوار سهڻي جي ايڊيٽر طارق اشرف جو لاڏاڻو ٿيو. 14 اپريل 1992ع شاعر سومرو سودائي (دادو) جو انتقال ٿيو. 14 اپريل 2007ع اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جو انتقال ٿيو. 14 اپريل 2010ع مذهبي اسڪالر، مفڪر ۽ عالم دين ڊاڪٽر اسرار احمد جي وفات ٿي. 14 اپريل 2012ع سياستدان عبدالسلام ٿهيم جو لاڏاڻو ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Everything in this Universe is speaking, what not you? Listen and see twinkling stars, the lovely Moon light shimmering through the waters. See day and light, listen nature & beauty, they all are speaking with you. Speak and respond them. My Dear! Don't be silent. Speak loudly. Speak about your strength. Speak about your beauty & love. Speak about your vision & wisdom.] هئ تان ناھي نفي ۽ نہ ئي ڪا اثبات، تنھنجی جيڪا اصلي آھي چپ چپات، نہ ئي ڏینھن پرين نہ ئي رات یا پرڀات، سپنن بدران هئ سورن جي ئي سوغات، ڪا تان لنئون لات، سونھن ۽ سلام جي. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th APRIL} EVENTS: 1832: Colonel Pottenger gives details of his Diplomatic services to his Government. He writes that he had a last interview with Mir Rustam Khan, Mir Mubarak Khan and Mir Ali Murad Khan when the Treaty was exchanged between the parties. Mir Rustam Khan suggested certain modifications to be made in the treaty but it regretted and refused. Mir Rustom was really disposed to form close alliance with British but he was restrained by his brother and Mir Murad Ali Khan of whom he could not be said to be independent.1921: A meeting of Anti-Non-Cooperation Society is held at the Bungalow of Thakurdas Khemchand ex- president of the Hyderabad Municipality. It is attended by Mirza Kalich Beg, Mukh iHarkhishindas; Lokomal GobindBux; Jethasing Narainsing; Gopaldas Mangharam and others. It is resolved that unconditional cooperation will be extended to the Government for checking the mischievous activities of the Non-Co-Operation Movement launched by Khilafat and Congress. This may kindly be noted that the Society was formed at Hyderabad with Diwan Lilaramsing Watanmal ‘Khaki’ as its president, Thakurdas Khemchand as Secretary and Diwan Hashmatrai as the Chairman of its Working Committee. It was first Society of Sindh that was formed by eminent poets ,writers and people belonging to Upper Class to help and support the Government.1936: The Sindh Governor constitutes ‘Sindh Council’ and ‘Advisory Committee’ to look after government administrative affairs till the election is held and new elected government of the new province is coming into existence. It is headed by Sir Ghulam Hussain Hidayatullah. Whereas Sir Shahnawaz Bhutto, Diwan Hiranand and ex-members of the Bombay Council are its members. 1972: On the first day of the National Assembly session Z.A.Bhutto is elected President of Pakistan by 104 votes to 38 against. He was the first politician, who remained as Minister, Dy. Prime Minister; President and Chief Martial Law Administer and also was hanged. 1977: It is first event in a nature that PNA consisting of religious parties and advocating Pardah for women-folk, have brought women on roads to march against Z.A.Bhutto and his Government. It proves that ‘everything is right in love and war’.

Sunday, 12 April 2026

SINDH in history today (13th April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {13th April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** SINDH IN HISTORY TODAY (13th APRIL) ***************EVENTS 1911: Eminent Social Reformer and Philospher Diwan Dayaram Gidumal get his ‘ Diwan Metharam Trust’ registered. The Trust provided social, educational and religious services to people for years. 1929: Sindh Congress violates ‘Salt Law’. Gatherings are held in major cities. In Karachi Naraindas Bechar violates the Salt Law in public meeting held at Ram Bagh. 1932: Anti-Separation meeting is held at Karachi. Sindhi Hindus demand that Sindh must remain annexed to Bombay Presidency. 1961: Pakistan lodges protest to Russia on its hostile propaganda against Pakistan. 1971: Moulana Maudoodi writes to 39 political and religious leaders of Muslim world inviting their attention to India’s designs against Pakistan. 1973: President Bhutto authenticates the Constitution. 1977: Dr.Mubashir Hussain resigns as PPP Secretary –General. Z.A.Bhutto rules out fresh elections and says that elections were rigged by over-zealous party workers and bureaucrats. 1990: MQM rejects Sindh Government’s talk offer. 1991: Pakistan is included by UN among 35 countries which will contribute military contingents to UN Force for Kuwait-Iraq border. 1992: Prime Minister Nawaz Sharif approves ‘PindiBhattian- Gwarder Moter way Project’. SINDHI VERSION OF THE POST: * 1911ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليواري سماج سڌارڪ ۽ فلاسافر ديوان ديارام گدومل هڪ سماجي تنظيم ديوان ميٺارام ٽرسٽ رجسٽرڊ ڪرائي، هن تنظيم ڪيترن ئي سالن تائين سماجي، تعليمي ۽ مذهبي خدمتون سرانجام ڏنيون. ** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ اينٽي سيپريشن ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ شريڪ ٿيل سنڌي هندن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل رهڻ گهرجي، ممبئي کان ڌار نه ڪيو وڃي. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ذوالفقار علي ڀٽو قومي اسيمبلي مان پاس ٿيل متفقه آئين جي توثيق ڪري ڇڏي.حڪومت انهيءَ آئين کي پنهنجي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊاڪٽر مبشر حسين پيپلزپارٽي جي جنرل سيڪريٽري واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان کي گڏيل قومن جي انهن 35 ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو جن کي ڪويت عراق سرحد وٽ گڏيل قومن جي امن فوج ۾ شامل ٿيڻو هو. ** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايوان صدر اسلام آباد ۾ پاڻي جي تڪرار بابت اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ چئني صوبن ۾ پاڻي ورڇ بابت ٽه نڪاتي فارمولي تي اتفاق ٿيو، پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير غلام مصطفيٰ کر جي سربراهي ۾ بين الصوبائي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن کي اهو مينڊيٽ ڏنو ويو ته اها ارسا کي پنهنجون سفارشون پيش ڪندي، پاڻي ورڇ ۾ ناانصافي جي شڪايتن جي ازالي لاءِ وهڪرن تي آٽوميٽڪ واٽر گيج لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندگي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه ڪئي. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف سڄي ملڪ ۾ 428 خدمت ڪاميٽيون قائم ڪري ڇڏيون، 5 هزار ميمبرن قسم کڻي ورتو، سرڪار طرفان اهو پڌرو ڪيو ويو ته جيڪو به ڪامورو خدمت ڪاميٽي جي فيصلن کي قبول نه ڪندو ان خلاف سروس ٽربيونل يا عدالت ۾ ڪيس هلندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اهو ڪو نئون نظام ناهي، خدمت ڪاميٽين کي ناڪام ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ پاڻ ناڪام ٿي ويندا. ڏينهن 13 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 13 اپريل 1885ع سرڳواسي ڀڳت ڪنور رامجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 اپريل 1917ع ليکڪ عبدالعزيز جوکيو جي پيدائش ٿي. 13 اپريل 1919ع ليکڪ چندو لال جي سنگهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 13 اپريل 1925ع سياستدان خليفي محمد عاقل جو جنم ڏينهن آهي. 13 اپريل 1938ع شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نويس قمر شهباز(نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 اپريل 1942ع اداڪار مولو پمناڻي (ٺٽو / برودا) جو جنم ڏينهن آهي. 13 اپريل 1944ع فنڪار انور بلوچجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 اپريل 1961ع شاعر منظور بيدار جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 اپريل 1961ع شاعر شفقت نجفي (شهداد ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 اپريل 1967ع صحافي عبدالڪريم اسد جو جنم ڏينهن آهي. 13 اپريل 1972ع ليکڪ علي بحر رند جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 13 اپريل 1593ع مذهبي اسڪالر مخدوم وهيو چانڊيو جو لاڏاڻو ٿيو. 13 اپريل 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد پتائي جو انتقال ٿيو. 13 اپريل 1968ع اسڪالر، فلاسافر ۽ تعليمدان علامه آءِ آءِ قاضيجو انتقال ٿيو. 13 اپريل 1972ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدلوحيد کوسو جي وفات ٿي. 13 اپريل 1987ع گلوڪاره بيگم فقيرياڻيجو لاڏاڻو ٿيو. 13 اپريل 1992ع موسيقار سي ارجن(ڪراچي / هندستان) جي ديهانت ٿي. 13 اپريل 1993ع اداڪار سعيد احمد واگهو وڇڙي ويو. & My Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [What a wonderful and amazing nature and game is this! Everybody believes that he/she is the only most beautiful and wise. In spite of that he/she needs to love & to be loved. When he/she falls in love, his/her body & soul start burning and eyes raining. His/Her life becomes love and love becomes life.] تان جو ڪمي ناهي ڪنهن وٽ ڪا سرت سونهن سندي, پوء بہ هر ڪنهنجي دل نينهن لاء گهڻو پئي هر پل نچندي بره مان نيڻ جڏھن نهارن تہ تن مان بارش سدائين پوندي, تون منهن ڦيري کڻي ڏس تن من روح ۾ باھ پئي مچندي, جند جان اها ئي بچندي, جا پئي چوندي سلام پرين کي.

Saturday, 11 April 2026

SINDH in history today (12th April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {12th April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** SINDH IN HISTORY TODAY (12th APRIL) *************** 12.4. 12.4.1955: "راولپنڊي سازش ڪيس" جي سمورن ملزمن کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. 12.4.1956: بلوچستان مان گئس ملي. 12.4.1962: رڻ ڪڇ ۾ انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ جهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون. 12.4.1979: اڪيڊمي آف ليٽرس جو افتتاح ٿيو. 12.4.1980: نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي ڇهن مهينن کان پوء آزاد ڪيو ويو. 12.4.1994: ايم.ڪيو.ايم جي بانئ الطاف حسين آرمي چيف کي لکي دانھن ڏني ته ڪراچي ۾ سندس پارٽي ڪارڪن تي قهر ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت کي روڪيو ته انساني حقن جي لتاڙ نه ڪري. *************** {12 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 12 اپريل 1802ع هزهاء نيس مير صوبدار خان جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 اپريل 1900ع شاعر ۽ صحافي حافظ احسن چنا (دادو) جي پيدائورش جو ڏينهن آهي. 12 اپريل 1912ع شاعر علي بخش جمالي (بچل مهيسر) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1918ع شاعر مولوي نور الدين مسرور جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1929ع گلوڪار پرتاب تنواڻي (سلطان ڪوٽ / ڀوپال) جي جنم جو ڏينهن آهي. 12 اپريل 1931ع شاعر ڊاڪٽر اسد الله شاهه بيخود حسيني(ٽکڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1937ع شاعرشاهنواز مسافر (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1941ع شاعر ۽ صحافي بدر قريشي(جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1941ع سياستدان سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ (مٽياري) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1944ع صحافي سردار محمد قريشي جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1945ع ليکڪ قاضي خضر حيات (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1946ع سماج سڌارڪ ولي محمد روشن (اڳوڻي چيئرمين سِگا) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1949ع ليکڪ حيات علي شاهه بخاري (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1952ع سياسي ورڪر فهميده بلوچ (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1953ع شاعر ارباب عادل چوهاڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1953ع صحافي عبدالحميد شيخ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1955ع صحافي مظفر شيخ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1957ع مشهور آرٽسٽ خدا بخش ابڙو (ڪي بي ابڙو)جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1964ع شاعر مظفر حسين مير جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1967ع شاعر شريف سومرو (هالاڻي) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1967ع شاعر يونس همدم (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1967ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ضراب حيدر جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1971ع شاعر نبي بخش ناز شر جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1980ع ليکڪ فاروق کوکر جو جنم ڏينهن آهي. 12 اپريل 1981ع شاعر مست علي گوپانگ (گهرام) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 12 اپريل 1827ع صوفي شاعر سچل سرمست جو درازن ۾ لاڏاڻو ٿيو. 12 اپريل 2016ع اديب، افسانا نگار، ناول نگار، ڊراما نگار ۽ شاعر آغا سليم جو انتقال ٿيو. ***** . Dr.Pathan wishes you Good Day. [Seeing is believing, but not listening. Listening and believing without verification poisons heart & mind. It is to be on toes and to dance as desired by others. It makes listener high-risk for love & beauty and peace & happiness] من-ڪچو ماٹھو ڀلو، پر ڪن ڪچو سو سڀ لاء ڏچو، ھو نہ رھندو سرت سان، سونھن سان ۽ سچ سان سچو، روش انهئ کان شل بچو، آئون دعاگو آھيان سلام سان. *********** EVENTS: 1941: Twenty-eighth Annual Session of the All India Muslim League is held at Madras and a resolution is adopted criticizing the Civil Dis-obedience Movement started by the Congress. 1950: Pakistan Constituent Assembly decides that the Federal Court of Pakistan should be the Supreme Judicial Tribunal in the country, and abolishes the entire appellate jurisdiction of the Privacy Council from May 1950. 1952: The four Baluchistan states, Kalat, Makran, Las Bela and Kharan agree with the concurrence of the central Government to integrate their territories into Baluchistan State Union with a common executive legislative and judiciary. 1955: A Full Bench of the Federal Court of Pakistan presided over by the Chief Justice Muhammad Munir holds that the power to make provision as to the constitution on the Dominion cannot be exercised by the Federal Legislative or by the Governor-General. 1962: The situation in Raan of Kuch area is very critical. Two Indian Tanks are are destroyed by Pakistan forces in Kanjarkot. 1972: President Z.A.Bhutto announces Police Reforms. 1979: The Academy of Letters is inaugurated. 1980: Agha Shahi terms Shimla Accord as ‘watershed’. 1994: Serious charges of human rights violations by government against MQM men. Altaf Hussain writes to services chief.

Friday, 10 April 2026

SINDH in history today (11th April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {11th April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** SINDH IN HISTORY TODAY (11th APRIL) 11th April BIRTH DATES MumtazAwan (Shikarpur/Writer & Producer/ Born 11th April 1934), Fazul Ahmad Bachani (TandoAllahyar/Writer/ Born 11th April 1934), Arbab Sindhi (Warah/Political Activist/ Born 11th April 1947), KanayoSadhwani (Ahmadabad/Poet/ Born 11th April 1951), Asghar Ali Mangi (Dokri/Folklore poet/ Born 11th April 1960), Abdul MajeedMugheri (Writer/ Born 11th April 1960), GhazalaBachani (TandoAllahyar/Writer/ Born 11th April 1963), KausarHalai (Hala/Poet/1971), Nazeer Sarohi (Gambat/Poet/ Born 11th April 1986). DEATH DATES Syed Ali Muhammad Shah (Dairo/Saint/ Death 11th April 1869), Moulana Din Muhammad Buthvi (Religious Scholar & Freedom Fighter/ Death 11th April 1931), Abdul Sattar Jan ‘Pir’(Tukhar/Poet/ Death 11th April 1966). EVENTS 1838: Colonel Pottenger is asked by his Government to go to Sindh in company with the Resident in Sindh. Later on he became /was appointed Resident and played a vital role in political and diplomatical affairs. 1851: Sindh Commissioner moved case of the enlragement of Begari canal and it was approved by the Governor-General in September of the same year. 1923: Sindh Jamiat-ul-Ulemameets at Karachi. This three-day meeting was attended by MoulanaMoeenuddinAjmiri also. The meeting resolves that participating and launching freedom movement is a religious duty, hence every Muslim has to play his/her role for this noble cause. 1932: The Hyderabad Khilafat Committee elects its office-bearers and takes vital decisions regarding making the party more active. 1965: India embarkes on an era of missiles and rockets. It is disclosed by her Defence Minister. 1969: In a letter to the President of the Security Council, the Pakistan Government protests against Indian move to seize lands and properties of those Kashmiri Muslims who have moved to Azad Kashmir. 1973: National Assembly adopts the Constitution unanimously. Opposition ends boycott. Eight controversial Articles are amended. Three MNAs- two Punjabis and one Mohajier- namely, Mohammad Ali Kasoori, Ahmad RazaKasoori and Shah Ahmad Noorani do not vote. 1974: Pakistan will request China not to block Bangladesh entry into the United Nation . Minister of State tells press in Islamabad. 1977: PNA court arrest, take out procession and ask people not to pay tax to the Government. ڪمپني حڪومت اڄ پاٽينجر کي سنڌ موڪليو ته جيئن هو ميرن سان معاهدا ڪرڻ لاء ڳالهيون هلائي. پاٽينجر سنڌ ۾ انتهائي نازڪ دور ۾ پنهنجئ منافقت واري سفارتڪاري ڪئي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ کي ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ جي ترغيب ڏني. هن پنهنجي سفاتڪارئ واري دور ۾ سنڌ منجهان جيڪا به خط و ڪتابت ڪئي, ان کي ترتيب ڏئي, ڊاڪٽر پنهنجئ ويب سائيٽ تي رکيو آھي. 1851: سنڌ جي ڪمشنر بيگاري واه جي ڊيگھ وڌائڻ لاء ممبئئ جي صوبائي حڪومت سان لکپڙھ شروع ڪئي. سندس اها ڳالھ صوبائي حڪومت پسند ڪري هن کي گهربل اجازت سيپٽمبر مهيني ۾ ڏني. 1923: جمعت العلماء سنڌ“ جي ڪراچئ ۾ ٽه روزه گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ پارٽي امور تي فيصلن ڪرڻ کان علاوه متفق طور تي ٺھراه پاس ڪري وطن جي آزادئ کي مذھبي تعليم جي عين مطابق قرار ڏيندي سنڌي مسلمانن کي انهئ تحريڪ ۾ ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪرڻ تي زور ڏنو. 1932:حيدرآباد ضلعي جي خلافت ڪميٽئ جون ساليانيون چونڊون ٿيون. فيصلو ڪيو ويو ته پارٽئ کي وڌيڪ فعال ڪري, آزادئ جي تحريڪ کي عوام جي مقبول تحريڪ بڻائبو. 1965: انڊيا ميزائيل ۽ راڪيٽ ٺاهڻ جي شروعات ڪئي. 1969: پاڪستان سرڪار اقوم متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر جو توجھ ڇڪرائي تدارڪ ڪرڻ جي گذارش ڪئي ته انڊيا ڪشميرين جي جائداد تي قبضا ڪري رهي آھي. 1973: پاڪستان جي قومي اسيمبلئ متفق طور تي ملڪ جو آئين منظور ڪيو. ٽن ميمبرن: محمد علئ قصورئ, احمد رضا قصورئ ۽ مولانا شاه احمد ووٽنگ ۾ حصو نه وتو. 1974: پاڪستان سرڪار پڌرو ڪيو ته حڪومت چين کي چوندي ته اقوام متحده جي ميمبر ٿيڻ لاء بنگلاديش جي رستا روڪ نه ڪري. 1977: ڀٽي مخالف سياسي اتحاد جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ته عوام کي تاڪيد ڪيو ته سرڪاري ٽيڪس ۽ بل نه ڀريو. 1995: الطاف حسين ۽ نواز شريف لنڊن ۾ ملاقات ڪري, پاڻ ۾ پڳ مٽ ياري رکڻ ۽ بينظير حڪومت جي پاڙ پٽڻ جو فيصلو ڪيو. 11 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 11 اپريل 1934ع پروڊيوسر ممتاز اعواڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 اپريل 1934ع ناليواري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار فضل احمد بچاڻي(ٽنڊو الهيار) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 اپريل 1944ع شاعر ڊاڪٽر عابد لغاري (تاجپور) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1947ع سياستدان ارباب کهاوڙ(وارهه) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1951ع شاعر ڪنيو سڌواڻي (احمد آباد) جيجنم جو ڏينهن آهي. 11 اپريل 1949ع بيوروڪريٽ اشفاق ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1960ع سگهڙ اصغر منگي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1960ع شاعر عبدالمجيد مغيري جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1971ع شاعر ڪوثر هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1986ع شاعر نذير سروهي (گمبٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1990ع شاعر عجب شيخ جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 11 اپريل 1869ع بزرگ سيد علي محمد شاهه ديرائي جو لاڏاڻو ٿيو. 11 اپريل 1931ع فريڊم فائيٽر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد جي وفات ٿي. 11 اپريل 1966ع شاعر عبدالستار جان پير جو انتقال ٿيو. 11 اپريل 1983ع مشهور گلوڪار احمد رشدي جو انتقال ٿيو. 11 اپريل 2004ع شاعر هري درياڻي دلگير (لاڙڪاڻو / آديپور) جي ديهانت ٿي. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Human-being is neither Angel, nor Satan; but wonderful & beautiful creation with best qualities of sincerity & trust and love & beauty. Whoever claims of being only pious & wise, is dodging himself/herself and others. Because, provision of limitations & mistakes is also part of Human nature] هئ جو آھي آدمي ۽ ان جو مقام شان، سو نہ ڪي فرشتو نہ ڪي آھ شیطان. اهو ماٹھو اتم عظيم امر ٿئي عاليشان، جڏھن بٹجي ٿو ھو مثالي هڪ انسان، قبولج تون هن کي نہ ڪر وهم ۽ گمان ڪر زندگي آسان نہ ڪر اجايو ارمان،‏‎

Thursday, 9 April 2026

SINDH in history today (10th April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {10th April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز حڪومت طرفان ڊاڪٽر ستياپال ۽ سيف الدين کي گرفتار ڪرڻ خلاف امرتسر ۽ لاهور ۾ هنگاما شروع ٿي ويا، لاهور ۾ انارڪلي ويجهو پوليس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، سرڪاري عمارتن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ ڪيترن ئي برطانوي شهرين کي پڪڙي مارڪٽ ڪئي وئي. ** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگل ديرو وديالا جو ساليانو فنڪشن ٿيو، جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪليڪٽر رتوديرو ڪئي، پروگرام ۾ ٻڌايو ويو ته وديالا طرفان 11 مسلمان ۽ 54 هندو شاگردن کي تعليم ڏني پئي وڃي، جن جو تعلق 8 ڳوٺن سان آهي، وديالا جي سالياني آمدني 1115 رپيا آهي، جڏهن ته خرچ 1050 رپيا آهي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو وديالا لاءِ 500 رپيا گرانٽ منظور ڪئي. ** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي حڪومت طرفان هندستاني آئيني سڌارن بابت وائيٽ پيپر ڇپرايو ويو. ** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ سوويت يونين حق خوداراديت لاءِ وڙهندڙ ماڻهن جي حمايت جو اعلان ڪيو، ان حوالي سان ماسڪو ۽ ڪراچي ۾ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو. ** 1985ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نواز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور عهدي جو حلف کڻي ورتو. ** 1986ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري لنڊن مان لاهور پهتي ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، هن اعلان ڪيو ته پ پ اقتدار ۾ اچي ڪنهن کان به بدلو وٺڻ واري پاليسي تي عمل نه ڪندي. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اوجهڙي ڪئمپ وارو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هٿيارن ۽ بارود کي باهه لڳڻ سبب وڏا ڌماڪا ٿيا، نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته اڳوڻي وزير خاقان عباسي سميت هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جنرل ضياءُالحق جي حڪومت ۾ پيش آيل انهيءَ واقعي تي عالمي طور تي سخت ردعمل سامهون آيو. 10 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 10 اپريل 1839ع فريڊم فائيٽر هسرام پمناڻي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 اپريل 1913ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا جهان خان دراني جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 اپريل 1916ع شاعر رانجهو خان پياسي جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1923ع شاعر اظهر ريلائيجو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1938ع ليکڪ مٺل حيدري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 اپريل 1938ع شاعر سومر سودائي جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1948ع صحافي آغا ثناء الله (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1950ع شاعر عزيز الله عزيز مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1954ع ليکڪ عبداللطيف سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1952ع سياسي اڳواڻ شهيد نذير عباسيجي ٽنڊو الهيار ۾ پيدائش ٿي. 10 اپريل 1955ع ڊانسر لڪشمي جسونت ڪمار (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1956ع ليکڪ زيب ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1958ع ليکڪ ۽ آرٽسٽ طارق عالم ابڙوجو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1966ع ليکڪ عزيز ڪليري جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1967ع صحافي شوڪت آرائين (سنجهورو) جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1973ع ليکڪ تيمور چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1978ع شاعر ۽ نثر نويس اسد چاچڙ(پنو عاقل) جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1979ع ليکڪ رفيق ملگاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1980ع شاعر عبدالرسول عابد جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1984ع شاعر وسيم آڪاش سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1984ع شاعر وحيد گبول جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 10 اپريل 1925ع پروفيسر اي آر شيرازي (ڪراچي) جو انتقال ٿيو. 10 اپريل 1931ع لبناني شاعر، ليکڪ ۽ مصور خليل جبرانجي وفات ٿي. 10 اپريل 1950ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ ناليواري صحافي مولانا دين محمد وفائيجو انتقال ٿيو. 10 اپريل 1990ع شاعر مرزا اسد بيگ (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day [Sky is above all and none of us is higher than sky. But, you can find sky at the feet of those, who live their lives for others and die for noble cause] اوچو ناھي انھن کان ھئ اوچو آسمان, جن جي حياتي با مقصد پڻ موت مھمان. ************* SINDH (including Pakistan ) IN HISTORY TODAY {10th April} EVENTS: 1919: In protest against arrest of Saifuddin and Dr.Satyapal violence is erupted in Amratsar and Lahore. A few people are killed in police firing near Anarkali. Government buildings are put on fire. British people are caught and beaten in both cities. 1918: BangulderoVidyala celebrates its Annual Function and it is presided over by Mr. Sidiqui, Dy. Collector of Ratodero. Mr. Wasvani in his welcome address states that Vidyala is imparting education to 11 Muslim and 54 Hindu students of 8 villages. Its annual earning remained Rs.1115 and whereas Expenditure was Rs.1050. Income consists of Rs.502 as Fees and Rs.612 as donations. The District Local Board of Larkano started grant of Rs, 500 to Vidyalia on the request and recommendation of Dy. Collector. 1927: Eighty-three Muslim accused in Larkana riots are produced before the court of G.H.Agha, Special First Class Magistrate of Larkana. Abdul Rahman and Pirzado pleaded their case. They were arrested in connection with Hindu-Muslim riots erupted due to kidnapping and converting to Hinduism of a lady from Gerelo. 1940: The White Paper on Indian constitutional Reforms is published by the British Government which holds out the assurance that in preparing the future constitution for India, the British Government will definitely accommodate the point of view of Indian people. 1965: Pakistan and Soviet Union declare their ‘resolute support’ for peoples fighting for their right of self-determination. A joint communique is issued in Moscow and Karachi. 1985: Mian Nawaz Sharif is sworn in as the chief minister of Punjab. 1986: Lahore gives warm welcome to Benazir Bhutto as she arrives from London. Says, her party will not follow the policy of revenge when it comes into power. 1988: More than one hundred are killed including former minister Khakan Abbasi and 1000 are injured in Ojhri camp ammunition dump blows up.

Wednesday, 8 April 2026

SINDH in history today (9th April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] **************SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th APRIL}***Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever has ego, wealth and authority, but has no human love & respect in heart & mind, is promoter of problems and evil-maker.He/She becomes high-risk for common peace & progress and love & beauty. It becomes tough task to beautify his/her vision and purify his/her wisdom] اھا دل دنیا ۽ ساري دانائي، آھي ادب آدمیت کان سواء سور، سو سور بٹجي پئي ناسور، جي ماٹھو ماٹھوء ھٿان مجبور،‏ پر تن کي ملي سدا سرور، جي سوچن لوچن سونھن سلام لاء. ‏‎ ‎ ************* توجه طلب واقعا *************** 9.4.1835: ڪڇ ڀڄ کان ايندڙ فرنگين ۽ سندن واپارين کي سرحدي پٽئ ۾ سوڍا ۽ کوسا ڦريندا ھئا. هنن جي ڏوهن وارين ڪارواين مان سنڌ کي فائدو اهو مليو ته ڌارين کي سنڌ ۾ قدم رکڻ کان اڳ سوچڻو پوندو هو. فرنگي سفارتڪارن سنڌ جي حڪمرانن کي دانھون ڏنيون. اڄ حيدرآبادي حڪومت کوسن خلاف قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. 9.4.1849: ڪمند خان بگٽي سنڌين کي ڦرڻ لٽڻ ۽ امن امان خراب ڪرڻ جي ڏوه ۾ پڪڙجي جنگي قيدي ٿيو هو. پوء سرڪار کيس هالا ڊويزن ۾ زمين ڏئي آباد ڪيو. ڪنهن عرصي کان پوء کيس ٽنڊي غلام علئ ۾ آباد ڪيو ويو. سنڌ جي ڪمشنر پوليس جي ڪئپٽن کي هدايت ڪئي ته هو جيسيتائين سنڌي سماج جو حصو بڻجي, هن تي نظر رکي وڃي. 9.4.1940: سمورئ سنڌ ۾ جتي جتي مسلم ليگ جون شاخون هيون, اتي "پاڪستان ٺھراء“ جي حق ۾ عوامي ميڙاڪا ٿيا ۽ واضح ڪيو ويو ته هندستان جا مسلمان هندستان لاء ڪوبه دستور العمل قبول نه ڪندا, جيسيتائين اهو مسلم ليگ منظور نه ڪندي. [ آزادئ جي تحريڪ هن دور ۾ ورهاڱي جي تحريڪ بڻجي وئي] 9.4.1944: ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي جي مدرسه هاء اسڪول ۾ ”پنجين سنڌ ادبي ڪانفرنس" ٿي. ڪانفرنس جي مرحبا ڪميٽئ جو چيئرمن عبدالوهاب ناظم ۽ سيڪريٽري غلام عباس جوش ھئا. ڪانفرنس جي ٻن بيٺڪن کان پوء مشاعرو ٿيو, جنھن جي طرح مصرع هئي: "منھنجي دنيا هن لٽي پئي, مان مگر خاموش ھوس". 9.4.1965: صدر ايوب ۽ وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو تاشقند پهتا ته جيئن روس جي ٽياڪڙئ ۾ انڊيا جي وزير اعظم سان ڳالهيون ڪن. 9.4.1971: پاڪستان سرڪار آرڊيننس جاري ڪيو ته پاڪستان جي مخالفت ڪندڙن کي سختئ سان منهن ڏبو. [پر حالتن ثابت ڪيو ته آرڊيننسز ۽ اسلحي سان ملڪ بچائي نه ٿو سگهجي] 9.4.1974: بنگلاديش فيصلو ڪيو ته پاڪستان جي فوجي جنگي قيدين تي ڪيس نه هلائبا. سڀئي جنگي قيدي پاڪستان جي حوالي ڪبا. 9.4.1975: ڪيترن ئي سياستدانن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آمريڪي سفير کي "ناپسنديده شخصيت" قرار ڏئي ملڪ مان ڪڍيو وڃي. 9.4.1977: پي.اين.جي جي جلوس پنجاب اسيمبلئ جي عمارت کي گهيرڻ شروع ڪيو ته فيڊرل سيڪيورٽي فورس ۽ پوليس مٿن گولي هلائي. نتيجي ۾ 80 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. اقتدار جي جنگ ۾ قربانئ جو ٻڪرو عوام ئي بڻايو ويندو آھي. نوابزادي نصرالله اپيل ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ مري ويلن جي جنازي جي نماز پڙھو. 9.4.1994: "گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ" ۾ لکيو ويو ته 7 فٽن ۽ 8 انچن وارو عالم خان چنو, هن وقت دنيا جو ڊگهو ماڻھو آھي. *************** {9 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 9 اپريل 1915ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماجي ورڪر سرلا ديوي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 9 اپريل 1934ع شاعر وحدت علي نقرچ جو جنم ڏينهن آهي. 9 اپريل 1934ع فريڊم فائيٽر ڊاڪٽر ونسيمل منگهاڻي (هالا / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 9 اپريل 1935ع شاعر اسحاق راهي(ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 9 اپريل 1955ع شاعر غلام محمد غازي جو جنم ڏينهن آهي. 9 اپريل 1957ع اداڪار واسديو مکيجا (احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 9 اپريل 1960ع سياسي ورڪر عابده شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 9 اپريل 1965ع ليکڪ ۽ صحافي رکيل مورائي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 9 اپريل 1996ع گلوڪار قمر سومري جو انتقال ٿيو. 9 اپريل 1991ع تعليمدان ڊاڪٽر اي ڪيو افغان جو انتقال ٿيو. 9 اپريل 1997ع قنمبر سان تعلق رکندڙ ليکڪ، اديب، محقق ۽ سماجي ورڪر ڊاڪٽر محبت ٻرڙوجو لاڏاڻو ٿيو. 9 اپريل 2013ع شاعر عاجز اڄڻ جو انتقال ٿيو. — EVENTS: 1940: Sindh Muslim league and hundreds of its branches observe 'Lahore Resolution Support Day’’. Public meetings are held and resolutions are adopted in support of scheme of independence as prepared by the Muslim League. All credit goes to G.M.Syed for his dynamic leadership of Party. 1941: The Live Stock Improvement Conference is held and is attended by representatives and nominees of all District Local Boards and Municipalities of Sindh. 1944: 5th All - Sindh Literary Conference starts at Larkano with Dr.Ibrahim Khalil as its presidents. It is attended by hundreds of poets and writers. Ghulam Abbas 'Josh' is the Secretary and Abdul Wahib 'Nazim' is the Chairman of the Reception Committee of the Conference. 1953: Syed Miram Muhammad Shah resigns as ambassador of Spain. 1955: Communist leader Sajjad Zaheer is re - arrested. 1963: U.S airs idea of the division of Khashmir between India and Pakistan. 1969: French will provide every possible help for the development of atomic energy in Pakistan, says the Administrator General of French Energy Commission.1971: An Ordinance is promulgated to deal anti - Pakistan elements with iron hand. But, all in vain! The Ordinance failed to stop disintegration of Pakistan. 1974: Issue of 195 Pakistani POWs wanted by Bangladesh for alleged war crimes, is resolved. Tripartite accord is signed in Delhi.1976: Sardari system is abolished in Baluchistan. Bhutto tells Sardars to close their private jails.