Thursday, 5 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (5th January) By: Dr. Pathan


** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت ڪاميٽي جي سالياني
 رپورٽ شايع ڪئي وئي، جنهن ۾ خلافت ڪاميٽي جي سنڌ ۾ قائم 
ڪيل شاخن، سياسي قيدين، خرچ ۽ آمدني، توڙي ٻين معاملن بابت
 تفصيل سان معاملا شامل هئا، رپورٽ ۾ خلافت ڪاميٽي جي 
سرگرم اڳواڻن جا نالا پڻ ڏنا ويا، جن تحريڪ دوران اهم ڪردار ادا ڪيو.
** 1923ع ۾ انگريزن خلاف هلندڙ تحريڪ دوران اپر ڪلاس جي
 ماڻهن کي شامل ڪرڻ ڏکيو هو، جڏهن ته عام ماڻهن تي پڻ انهن اپر
 ڪلاس جي ماڻهن جو وڏو پريشر هو، انهيءَ باوجود اڄوڪي 
تاريخ تي شڪارپور ۾ خلافت ڪاميٽي طرفان ڪوٺايل جلسي
 ۾ اٽڪل 3 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي، جلسي کي تاج محمود
 امروٽي ۽ ٻين خطاب ڪيو، جلسي ۾ اڳواڻن چيو ته برطانيا 
۽ ٻين ملڪن جي ايندڙ شين جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ۽ سرڪار
 خلاف مضبوط ارادي سان جدوجهد ڪئي وڃي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستاني حڪومت ڪانگريس ۽ ان
 سان لاڳاپيل سڀني برانچن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير
 خانبهادر محمد ايوب کهڙي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪري ڇڏي.
**1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي وزيراعظم ونسٽن چرچل ٻيهر
 چونڊجڻ بعد آمريڪا جي سرڪاري دوري تي پهتو، آمريڪي صدر
 ٽريومين هن جو استقبال ڪيو. انهيءَ دوري سان برطانيا ۽ آمريڪا
 ۾ بهتر لاڳاپن جي نئين شروعات ٿي.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي راولپنڊي سازش ڪيس جو فيصلو
 ٻڌايو ويو، سجاد ظهير ۽ فيض احمد فيض کي سزائون ڏنيون ويون،
 اڳوڻي ميجر جنرل اڪبر خان کي به انهيءَ معاملي ۾ ڏوهي قرار ڏنو ويو.
** 1985ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسرائيل سوڊان مان هزارين 
ايٿوپين يهودي پناهگيرن کي محفوظ فضائي آپريشن ذريعي 
اسرائيل منتقل ڪيو. پنڌ نڪرندڙ 4 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي وزيراعظم راجيو 
گانڌي سنڌ ۾ عليحدگي جي تحريڪ هلائيندڙن جي مدد ڪرڻ جي ترديد ڪئي.

No comments:

Post a Comment