Friday, 31 July 2026

SINDH in history today (1st August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SELECTION OF EVENTS, ACTIVITIES OF SOCIAL/ POLITICAL/ RELIGIOUS/ LITERARY/ & CULTURAL ORGANIZATIONS OF SINDH PERTAINING TO THREE IMPORTANT ERAS OF SINDH HISTORY (TALPUR, BRITISH & PAKISTAN) BY DR DUR MUHAMMAD PATHAN, Foundr Gul Hayat Institute. Translated by his son Mumtaz Ali. SINDH IN HISTORY TODAY (1st August) *********** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Emotion-driven will always take wrong decisions, make bad comments and will believe in hypotheses. What we see, listenlisteng and understand is not complete truth. We must wait and see. We must investigate causes and reasons so as to understand repercussions and reactions of events and individuals properly. In every situation and on every time, at every place and in every circumstance we must trust our Self and promote love, beauty and peace with devotion & sincerity. Let emotions must not pave way for deterioration of situation, relations and values ] دل لاء ڌيرج ۽ تحمل سان دلبر ايئن ايڏو نہ ٿجي جذباتي, سمجهڻ مشڪل مامرا جي سرت سان لنئون نہ اسان لاتي, ڳن وڍيندڙ ھٿ ۾ ان لاء فقط ڏوهي ناهي ڪهاڙي ڪاتي, اٻھرو ڇا سمجهي آدمي ڇاهي نفي ڇاهي اصل اثباتي, ڪجي ڪارج واري حياتي, پنهنجي سونهن سلام سان. ************** EVENTS: 1st August 1832: The Government of Bombay intimates Colonel Pottenger of: A), appointment of Lieutenant Colonel Litchfield to the command of the expedition against Tharparkar, B) Vesting Colonel Pottenger with general political superintendence and management of expedition and measures consequent on its termination, C) Directing that Lieutenant William Pottenger should accompany the expedition in civil capacity and afford to Lieutenant Litchfield advantage of his experience and knowledge of Sindh Auxiliaries. (Source:Bombay Government’s letter No.162). 1842: Ross Bell, who played a vital role in favour of his Government in upper Sindh, is dead. His death is reported to the Government of India by Lieutenant Brown. (Source: Brown’s letter No.2072). 1857: Assistant Commissioner for Jageers furnishes the detailed report to the Sindh Commissioner on : A) Gemological tree of the Shahdadanees, Shahwanees, Khananees, and Manikaness, B) Roll of every member or professed member of the four great Talpur families holding alienated land in Sindh but not included in the list of members recommended for Sardariship or special promotion. (Source: Assistant Commissioner’s letter Nos. 110 & 111). 1901: The Larkano District comes into existence. New District is formed out of Karachi and Shikarpur districts. (Source: Sindh Official Gazette). 1920: It is a day of turning point in the politics of the united India. Congress and Khilafat have decided to launch Non-Co-Operation Movement against the British Government of India. The movement starts today and lasted up to 12th of February 1922. It was the longest political struggle. Today, ‘Third Khilafat Day’ is observed in the length and breadth of Sindh. More than hundred branches of Khilafat Tahrik and about fifty branches of Congress took processions, held public meetings and pledged to get rid of slavery. The source-material on this one event is sufficient to produce two books. (Source: Newspapers). 1948: Beginning of deterioration of history starts in Pakistan. Lahore Corporation sets example. Minto Park is renamed as Iqbal Park. (Source: Newspapers). 1950: Special Board is constituted by the Government to resolve problems of Indian Muslim migrants presently living in Sindh. The are to be rehabilitate properly. The Prime Minister is taking personal interest in the matter. (Source: ibid). 1951: It is hearing of the Rawalpindi Conspiracy Case today. Cross questioning from the witness, by the Advocate Lari starts. (Source: ibid). 1953: Lieutenant Colonel Iskandar Mirza is promoted as an honourary Major General. (Source: ibid). 1955: The Government of Pakistan with ‘approval’/instructions of the International Monetary Fund (IMF) re-fixes the par value of the Pakistani Rupee. The new parity is 0.186621 grams of fine gold per rupee or rupee 4.76190 per U.S dollar. (Source: ibid) SINDHI TRANSLATION OF THE POST: .******* "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(پهرين آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 1.8.1832: ممبئي حڪومت ٿرپارڪر ۾ فرنگين کي ڦرڻ وارن خلاف مسلح ڪاروائي ڪرڻ لاء اڄ پاٽينجر کي لکيو ته ليفٽيننٽ ڪرنل ليچ فيلڊ Lichfield کي مقرر ڪيو آھي ۽ هو فوجي ڪاروائين جي نگراني ڪندو ۽ تون (پاٽينجر) فقط سياسي ۽ سفارتڪارئ واري ڪم تي نظر رکندين, هدايتون تنهنجون هونديون. مهم ڪڏهن ختم ڪبي, اهو فيصلو تون ڪندين. پر فوجي ڪاروائي ڪيئن ڪبي, اهو فيصلو لچفيلڊ ڪندو . (حوالو: بمبئي حڪومت جو خط نمبر 162). 1.8.1839: ڪمپني حڪومت جا فوجي ڪراچئ ۽ ٺٽي ۾ رکيا ويا هئا. حڪومت کي ڪجه فوجين جي مستقل بيمار رهڻ تي خيال آيو ته متان انھن ٻنھي شھرن جي آب و هوا فوجين جي صحت کي نقصان ڏيندي هجي. ان ڪري اڄ صوبائي حڪومت کي چيو ويو ته انھئ ڳالھ جي جاچ پڙتال ڪري تفصيلي رپورٽ موڪليو. (حوالو: گورنمينٽ آف انڊيا جو خط). 1.8.1842: راس بيل ، جنهن اپر سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت جي حق ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ، سو فوت ٿي ويو آهي. هن جي موت جي خبر ليفٽيننٽ براؤن اڄ انڊيا سرڪار کي ڏني راس بيل خيرپوري ميرن جي باهمي اختلافن دوران سندن فيصلا ڪيا. هن خيرپوري ميرن کي فرنگين ويجهي آڻڻ ۾ وڏو رول ادا ڪيو. (ذريعو: براون جو خط نمبر 2072). 1.8.1857: جاگيرن جي اسسٽنٽ ڪمشنر اڄ ڪمشنر کي شھداداڻي, شاهواڻي, خانائي ۽ ماڻڪاڻي ٽالپورن جا شجرا ۽ ٻيا تفصيل لکي موڪليا. ٽالپورن جي انھن چئن شاخن تي هن وڏي معلومات فراهم ڪئي آهي ۽ سندن جاگيرن بابت به معلومات ڏني آهي (حوالو: اسسٽنٽ ڪمشنر جو خط نمبر 110 & 111). 1.8.1920: اڄ گڏيل هندستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي سياست ۾ هڪ اهم موڙ وارو ڏينهن آهي. فرنگي حڪومت خلاف ڪانگريس ۽ خلافت "عدم تعاون تحريڪ" شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو . اها تحريڪ اڄ کان شروع ٿي ۽ 12 فيبروري 1922 ع تائين برقرار رهي. اها تمام ڊگهي سياسي جدوجهد هئي. ‘ٽيون خلافت وارو ڏينهن’ به اڄ سنڌ ۾ ملهايو ويو, جنھن ۾ خلافت تحريڪ جي سو کان وڌيڪ شاخن ۽ ڪانگريس جي تقريبن پنجاهه شاخن بهرو ورتو, جلوس ڪڍيا ، عوامي ميٽنگون ڪيون ۽ غلامي کان نجات حاصل ڪرڻ جو عهد ڪيو. (ذريعو: اخبارون). 1.8.1948: پاڪستان ۾ تاريخ ميسارڻ جا سرڪاري سرپرستئ ۾ واقعا ٿيڻ شروع ٿيا. اڄ لاهور ڪارپوريشن اهو مثال قائم ڪندي, "منٽو پارڪ" کي "اقبال پارڪ" جي نالي سان تبديل ڪيو. (ذريعو: اخبارون). 1.8.1950: سنڌ ۾ رهندڙ هندستاني مسلمان مهاجرن/پناهگيرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت طرفان اسپيشل بورڊ قائم ڪيو ويو. لازمي. وزيراعظم لياقت علي خان انهيءَ معاملي ۾ ذاتي دلچسپي وٺي رهيو آهي. (ذريعو: اخبارون) 1.8.1953: ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪندر مرزا کي اعزازي ميجر جنرل طور ترقي ڏني وئي . (ذريعو: سرڪاري نوٽيفيڪيشن) 1.8.1955: پاڪستان سرڪار ، آءِ ايم ايف جي ‘منظوري’ / هدايتن سان پاڪستاني روپيئي جي قيمت ۾ ردوبدل آندي. نئين تبديلئ مطابق هڪ روپيو هاڻي 0.186621 گرام سون برابر يا 4.76190 رپيا في آمريڪي ڊالر هوندو. (ذريعو: اخبارون) 1.8.1959: صدر ايوب اڄ ڪراچئ ۾ 1500 ڪوارٽرن تي مشتمل ڪورنگي ڪالوني جو افتتاح ڪيو. انھن ۾ مهاجر/ پناهگيرن ، يا سرحد صوبي کان ايندڙن جي بحالي ڪئي ويندي. (ذريعو: اخبارون). 1.8.1972: اڄ هندستاني لوڪ سڀا ”شمله معاهدي“ جي توثيق ڪئي ، پر پاڪستان جي گلين گهٽين ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي مخالفت ڪئي پئي وڃي ۽ اهو چيو پيو وڃي ته ڀٽو شملا ۾ سفارتي جنگ هارائي چڪو آهي (ذريعو: ‘ڀٽي خاندان تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل مواد'). 1.8.1973: اڄ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ جي سربراهه پير پاڳاري غير جانبدار حڪومت تحت تازين چونڊن جو مطالبو ڪيو.ڇ (ذريعو: اخبارون). [جنم ڏينهن پهرين آگسٽ]: *1887ع عيساڻي خاندان جي سربراهه غلام صديق عيساڻي. *1894ع ڪراچي جي اڳوڻي ميئر قاضي خدا بخش. * 1895ع شاعر ثناءُ الله ثنائي (آريجا/ڍورائي سهڙا). *1909ع شاعر گوبند رام سائل (شهدادڪوٽ / اندور) . * 1922ع سگهڙ فيض محمد سومرو. * 1930ع ليکڪ امام بخش عاصم(شڪارپور). * 1932ع شاعر ۽ اديب احمد مجتبى غالب ملڪاڻي. * 1938ع صحافي محمد نواز عباسي (لاڙڪاڻو). * 1939ع شاعر خادم جلالي (ٽالپر وڏا). * 1939ع ليکڪ شمس نصرپوري. * 1941ع اسڪالر ڊاڪٽر صاحب خان چنا . * 1944ع شاعر نظام زائر (خيرپور ميرس). * 1948ع ليکڪا منور سلطانا. * 1948ع شاعر نظام الدين ناظم چانڊيو. * 1951ع شاعر عزيز سنڌي. * 1953ع شاعر عبد الحئي راهي. * 1953ع صحافي محمد جمن چانگ. * 1956ع شاعر علي اڪبر آزاد (ڪنڊيارو). * 1958ع شاعر غلام قاسم ڪوثر. * 1958ع صحافي سيد مظهر علي شاهه (جيڪب آباد). * 1959ع شاعر راشد سومرو (چڪ). * 1961ع صحافي محرم علي شيخ (باقراڻي) . * 1962ع صحافي عبدالستار گهوٽو. * 1966ع صحافي اياز منگي (جيڪب آباد) . * 1967ع ليکڪ آزاد منگي. * 1968ع ليکڪ شوڪت قريشي (جيڪب آباد) . * 1969ع ليکڪ عاشق ڪلهوڙو (ميهڙ) . * 1972ع اسڪالر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو. * 1975ع صحافي دودو چانڊيو. * 1978ع شاعر عنايت انڙ . * 1980ع صحافي راجا نديم لاشاري (جوهي) جو جنم . * 1981ع صحافي عرض محمد بنگلاڻي. [وڇوڙو پهرين آگسٽ]: 1971ع ليکڪ تيرٿ داس هوتچند. 2014ع مصور ۽ اداڪار ساقي عالم ابڙو

Thursday, 30 July 2026

SINDH in history today (31st July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH in history today (31st July). Author Dr.Dur Muhammad Pathan & Translator Mumtaz Pathan Sindh [ including Pakistan] in history today (31st July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute and Translated by his son Mumtaz Ali. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ When anybody has lost faith in Self, People and God, in such a condition he/she can't follow and abide by any ideology, except self-interest. He/She becomes slave of ego and works for hatred and discrimination. He/She in the name of Independence and freedom, will easily snatch relations and affiliations. He/She will become a wandering soul and cannot stay in any heart for long time.] جي مون تان خود پاڻ تان خدا تان ويساه کڄي ويندء، پوء تہ عشق ماڻھپي سميت تو کان پرين ڀڄي ويندء، تنهنجئ آزادئ جو مطلب منهنجي سلامي ۽ غلامي، پوء هر ڪو قدر نظريو اصول تو کان ٿي لڄي ويندء ************* 1832: The East India Co. Govt. is worried about law & order situation of Parkar. Mir Murad Ali is requested to Sindh forces for the purpose and return of Jagatsing and Poonjaji, Parker chiefs, alleged to have been implicated with plunders. On the other side Raja of Jodhpur is asked for cooperation as Parker Plunders are prevented from finding an asylum in his territories . 1920: The Hyderabad District Congress Committee decides by 17 votes to 10 to recommend the principle of Non - co - operation to Special Indian Congress. 1926: Seth Harchandrai Vishindas inaugurates 'Dyaram Jethanand Library' opened by the Hindu Town Peoples' Association. In rare cases Muslim politicians and NGOs did the same job for people. 1920: The Trafic Manager, Railways Sukkur, in responce to an application for hiring of train, the Joint Secretary of the "Hijrat Committee",writes to Trafic Manager,Railways, Sukkur . This may be noted that it was Second Special Train hired by any political party during British era. This train was hired for people, those decided to migrate to Afghanistan in compliance to the Call by the "Hijrat Committee", headed by Rais -ul- Muhajreen Jam Muhammad Junijo of Larkano. It was a wrong political decision that set bad example of migration and after 27 years Sindh faced un -ending influx of migrants and badly affected the future of Sindh. 1926: Seth Harchandrai Vishindas is performing opening ceremony of the "Dayaram Jethmal Khilnani Library" at Karachi. It is opened by the NGO, named "Hindu Town Peoples" Association" .SINDHI TRANSLATION OF THE POST: EVENTS FROM SINDH HISTORY (31st July) By: Dr. Pathan 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت پارڪر جي امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، مير مراد علي خان ٽالپر سنڌ جي فورسز کي هدايت ڪئي ته اهي واپس اچن، هن جڳت سنگهه ۽ پونجاجي کي پڻ واپس اچڻ لاءِ چيو، جڏهن ته ٻئي طرف کان جوڌپور جي راجا کي چيو ويو ته هو امن امان جي حوالي سان سهڪار ڪري. 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هجرت ڪاميٽي ريلويز جي ٽرئفڪ مئنيجر سان خصوصي ٽرين ڏيڻ لاءِ رابطو ڪيو، انهيءَ ريل ذريعي سنڌين کي افغانستان موڪلڻو هو، ڪاميٽي کي چيو ويو ته اها مسافرن جي تعداد، روانگي جي تاريخ سميت ٻيا تفصيل فوري طور فراهم ڪري.واضح ته بئريسٽر جان محمد جوڻيجي هجرت تحريڪ شروع ڪئي هئي، جنهن دوران سنڌ مان هزارين ماڻهن کي ريل رستي پشاور کان افغانستان نيو ويو هو، افغانستان۾ سنڌ جي ماڻهن سان وڏيون زيادتيون ڪيون ويون. 1926ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سيٺ هرچند راءِ وشنداس ديارام ڄيٺانند لائبريري جو افتتاح ڪيو، جيڪا هندو ٽائون پيپلز ايسوسيئيشن طرفان قائم ڪئي وئي هئي، واضح رهي ته مسلمان سياستدانن لائبريريون کولڻ سميت اهڙا تعليمي ڀلائي وارا ڪم بلڪل گهٽ ڪيا. 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي (خيبرپختونخواهه) مسلم ليگ صوبائي حڪومت تي الزام لڳايو ته اها خان عبدالغفار خان جي سياسي سرگرمين جو ڪوبه نوٽيس نه ٿي وٺي، سندس سرگرمين جي نگراني ٿيڻ گهرجي. 1958ع ۾ مالي سال جي جي شروعاتي پنجن مهينن دوران پاڪستان ۾ مالياتي خسارو 2 ڪروڙ رپين تائين پهچي ويو. 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي احمد رضا قصوري جي درخواست تي سندس والد نواب قصوري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي وئي، واضح رهي ته هن ڪيس ۾ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي هئي. 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دنيا جي ٻن سپر پاور قوتن آمريڪا ۽ سوويت يونين ائٽمي وار هيڊ گهٽائڻ لاءِ تاريخي معاهدي تي صحيح ڪئي. واضح رهي ته انهيءَ معاهدي تي عمل ڪرڻ کان اڳ ئي سوويت يونين ٽٽي وئي. معاهدو 9 سالن جي ڳالهين کانپوءِ ٿيو هو. *********** اڄوڪي ڏينهن 31 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 31 جولاءِ 1955ع صحافي صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 31 جولاءِ 1955ع شاعره زبيده ميتلو (قمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جولاءِ 1966ع شاعر ۽ قومي ڪارڪن عرفان مهدي (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 31 جولاءِ 1971ع صحافر رام ڀوراڻي (سکر) ديهانت ڪري ويو. 31 جولاءِ 1974ع مذهبي اسڪالر مولانا الهورايو بروهي جو انتقال ٿيو. 31 جولاءِ 1980ع ناليواري گلوڪار محمد رفيعجي وفات ٿي. 31 جولاءِ 2003ع انقلابي ۽ ترقي پسند شاعر ابراهيم منشيجو لاڏاڻو ٿيو. 31 جولاءِ 2008ع وڪيل اڳواڻ ۽ سياستدان امداد علي اعواڻچيف جسٽس افتخار چوڌري جي گاڏي هلائيندي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

Wednesday, 29 July 2026

SINDH in history today (30th July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

SINDH in history today (30th July). Author Dr.Dur Muhammad Pathan & Translator Mumtaz Pathan Sindh [ including Pakistan] in history today (30th July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Amina Institute. Dr.Pathan wishes you Good Day. [I breathed my last centuries ago. But, my love for you is still alive to praise your beauty and my soul is still there to promote your vision & wisdom. Dear! Death without noble cause and life without mission to love and respect, both are useless. I am affiliated & connection with you in both situations and I have been abiding by that cause and mission religiously] مون کي مئي گذریون مدتون، پر تن من روح تنھنجئ سام ، ڪبيون قربان حياتيون جام,محبت جي مام سمجهي سپرين . SINDH IN HISTORY TODAY {30th JULY} EVENTS: 1857: The Collector of Upper Sindh request Sindh Commissioner for approval and sanction of the construction of a cause way at Rohri. The estimated cost is told as Rs.3,300 and it is pointed out that expenditure be met partly from the Ferry Fund and partly from municipal funds. (Source: The Collector’s letter No.242) 1920: The Hyderabad District Congress Committee decides by 17 to 10 votes to recommend the principle of Non-Co-Operation to the Special Indian Congress. (Source: ‘Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1920: In our days people are encircled with sorrows & longings, but no body is there to help them. Letus know about the love of our forefathers for the freedom and bright future of Motherland. The Daily Al- Waheed is not in position to pay Security imposed by the Govt. and has stoped publication. An appeal has been made by people. Our Upper Class is silent, because it was matter between Govt. and Al- Waheed and this Class had to please Govt. Shaikh Abdul Majeed Sindhi is selling ornaments of his wife and donating the total amount Rs.50 to Al- Waheed. 1949: The report of the Joint Pak-Afghan Inquiry Commission into the alleged Moghulgal bombing incident exonerates Pakistan from all responsibility for the incident. > The Soviet Trade Mission holds a meeting with the representatives of Pakistan. 1958:Pakistan recognizes the Iraqi Government. 1965: Deputy Chairman Planing Commission , says that a long list of the third plan projects has been submitted to Soviet Union for financing. He rules out any cuts in size of the Plan or any change in its basic objective. 1969: The Government relaxes restrictions on activities of political parties which can now hold indoor meetings of working Committees & conventions without prior permission. 1973: Troops ambushed in Marri, Mengal areas. Eight killed disclosure by Balochistan Governor Akbar Bugti. > U.D.F. Decides not to hold further talks with the ruling party, Front's secretary-general Prof. Abdul Ghafoor Ahmad says in Lahore. 1979: Martial Law Regulation No.51 is promulgated. Defaming words used for Pakistan and the father of the nation are declared as un lawfuland punishable act. Pakistan to attend Havana summit. 1983: Protect Palestinians in areas held by Israel, Pakistan's call to the U.N. Security Council. 1985: New official atlas of Pakistan is launched. 1986: Soviet withdrawal in the shortest time. Pakistan's stand at Geneva talks. 1990: Sir John Wheeler, leader of the British Parliamentary delegation arrives in Islamabad. Says his country strongly supports Kashmiris' right self-determination. 1991: Former Prime Minister of AJK Mumtaz Hussain Rathore withdraws petition challenging his dismissal. 1954: Tribunal constituted to probe into anti-Qayani riots completes it job. The report is submitted to the Punjab Government. (Source: Newspapers). 1969: Government relaxes restrictions on activities of political parties which can hold indoor meetings of Working Committees and Conventions also. (Source: ibid). 1978: Bhutto Government damaged name, fame and democratic norms of the country, polls after accountability, says Lt. General Chishti. (Source: ibid). 1993: Pakistan has the technical capacity to manufacture a nuclear device. Caretaker Prime Minister Moeen Qureshi tells Vice President of U.S.A in Washington. (Source: ibid). 1996: Transport strike to protest against imposition of new taxes paralyses life in Pakistan. (Source: ibid). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: Research by Dr.Pathan. 30 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 30.7.1839: اڄ پاٽينجر پنهنجي گورنر جنرل ڏي سندس سيڪريٽرئ معرفت تفصيلي خط لکي ميرن ۽ سنڌ ملڪ بابت وڏا احوال اوريا آھن. ان جون خاص ڳالهيون هي آهن: 1.مير چون ٿا ته فرنگي فوج کي سنڌ ۾ رکڻ تي ايندڙ خرچ ٽي لک روپيا ورتو ويندو, اهو "ڪمپنئ جو روپيو" نه مگر "حيدرآبادي روپيو" هوندو, 2. مير چون ٿا ته فرنگي فوج جي ڇانوڻي ٺٽي يا سيوهڻ ۾ قائم ڪجي. پر جيڪڏهن حيدرآباد ۾ ڇانوڻي قائم ڪجي ته اها شهر کان پري هجي, 3.ميرن جو خيال آھي ته ڪراچئ تي سندن مالڪي ٻيهر قائم ڪجي. پاٽينجر لکي ٿو ته مون کين کولي کولي ٻڌايو آھي. هر ڪو فيصلو گورنر جنرل ڪندو. 30.7.1859: سنڌ جي ڪمشنر اڄ پنهنجي مراسلي نمبر 244 ذريعي صوبائي حڪومت کي گذارش ڪئي ته ڪراچئ ۾ ”بينڪ آف بامبي" جي شاخ کولي وڃي. 30.7.1920: حيدرآباد جي ضلعي ڪانگريس ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ 27 ميمبرن شرڪت ڪئي. انھن مان 17 ميمبرن راء ڏني ته انڊين نئشنل ڪانگريس جي ٿيندڙ اجلاس ۾ ”عدم تعاون تحريڪ" هلائڻ جو فيصلو ٿئي ته اصولي طور تي ان جي تائيد ڪئي وڃي. (حوالو: ‘سنڌ ڪانگريس تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل مواد). 30.7.1969: سرڪار سياسي پارٽين جي سرگرمين تان پابنديون ختم ڪري, کين ايتري اجازت ڏني ته بند ڪمرن ۾ پنهنجا ڪنوينشن ڪوٺائن ۽ ورڪنگ ڪميٽئ جون گڏجاڻيون ڪن. (حوالو: سرڪاري نوٽيفيڪيشن) 1978: "ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ملڪ جي نالي ، ناموس ۽ جمهوري قدرن کي نقصان پهچايو. اول احتساب ڪبو ان کانپوءِ چونڊون ڪرائبيون"- ليفٽيننٽ جنرل چشتي. (حوالو: اخبارون) 30.7.1993: پاڪستان وٽ ايٽمي هٿيار تيار ڪرڻ جي فني صلاحيت موجود آهي. نگران وزيراعظم معين قريشي واشنگٽن ۾ U.S.A جي نائب صدر سان سچي ڪئي ۽ ٻڌايو. [جنم ڏينهن]: 30 جولاءِ 1893ع فاطمه جناح. 30 جولاءِ 1930ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولوي نذير حسين جتوئي جلالي (لاڙڪاڻو). 30 جولاءِ 1911ع شاعر پرسرام ضياء (ٽنڊو آدم) . 30 جولاءِ 1915ع سياستدان ارباب نور محمد پليجو. 30 جولاءِ 1937ع ناليواري ڪهاڻيڪار ايشور چندر(حيدر آباد / اجمير) . 30 جولاءِ 1951ع سياستدان سيد علي اڪبر شاهه راشدي. 30 جولاءِ 1962ع اسڪالر ڊاڪٽر رضيه کوکر (سکر)

Tuesday, 28 July 2026

SINDH in history today (29th July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Sindh [ including Pakistan] in history today (29th July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute and translated by his son Mumtaz Ali. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! Peep into your self. There are treasurers of Human love & beauty and sincerity & selflessness. There is light sufficient to face darkness of prevailing conditions, your ego and anti-people attitude of discrimination. You have Day Light in your heart. Share & promote it] کول اکیون تون اندر جون، پس پنھنجا پوء نرمل نظارا، محبت ماٹھپي ۽ ایثار جا، سرت سونھن جا سارا، ڏینھن راتین جيان ڪارا، جرڪاء سرت سلام سان.‏ ************** SINDH IN HISTORY TODAY {29th JULY} EVENTS: 1843: Captain Young is appointed as Judge Advocate for Sindh. (Source: Governor-General’s letter/order No.267). 1849: Major Jacob informs the Sindh Commissioner that the boundary between the territories of His Highness the Khan of Kelat and Mir Ali Murad Khan Talpur of Khairpur has been settled by arbitration to the satisfaction of the parties concerned. (Source: Jacob’s letter No. 160). 1857: The Collector of Shikarpur furnishes a statement to the Sindh Commissioner showing the sums released from the ferries between Sukkur and Rohri and between Sadar Bazar and Peer Subra. This may kindly be noted that in those days ferries were the source of transportation and communication between places cited above. (Source: The Collector’s letter No.241). 1948: NWFP Muslim League blames the provincial Government that it is not taking the notice of anti-country activities of Khan Abdul Ghafar Khan. (Source: Newspapers). 1954: K-2, the world’s second highest mountain is conquered by an Italian expedition led by Professor Desio. (Source: Newspapers). What a difference is between professors of other countries and professors of my province, and attitude/policies of other Governments and Governments of these countries! 1960: President Ayub lays the foundation stone of the Mausoleum of the Quaid-i-Azam at Karachi. (Source: ibid). 1972: G.M.Syed terms Language Bill against the interests of Sindh and Sindhis. (Source: Newspapers). 1973: Pir Pagaro is elected president of combined Muslim League. Mumtaz Doultana and Sardar Shoukat Hayat are expelled from party for siding PPP. (Source: ibid). 1977: Hearing starts regarding the petition of Ahmad Raza Kasuri about murder of his father. (Source: ibid). 1996: Fifteen new federal minister and ministers of State including Asif Zardari take oath of their offices SINDHI TRANSLATION OF THE POST: * 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي حڪومت ڪيپٽن ينگ کي سنڌ ۾ جج ايڊووڪيٽ مقرر ڪيو، ان حوالي سان هڪ آرڊر پڻ جاري ڪيو ويو. ** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميجر جيڪب سنڌ جي ڪمشنر کي آگاهي ڏني ته هز هائينس خان آف قلات ۽ مير علي مراد خان ٽالپر آف خيرپور وچ ۾ علائقن جي سرحدن تان هلندڙ تڪرار حل ڪرايو ويو آهي، ٻنهي ڌرين ٽياڪڙي ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو آهي. ** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور جي ڪليڪٽر سنڌ جي ڪمشنر جي حوالي سان چيو ته سکر ۽ روهڙي توڙي صدر بازار ۽ پير سبرا وچ ۾ هلندڙ ٻيڙيون ڇڏيون ويون آهن، واضح رهي ته انهيءَ ڏينهن ۾ فيري سروس ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ استعمال ڪئي وئي. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي مسلم ليگ جي اڳواڻن الزام لڳايو ته صوبائي سرڪار خان عبدالغفار خان جي ملڪ دشمن سرگرمين جو نوٽيس ئي نٿي وٺي. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دنيا جي ٻيو نمبر سڀ کان بلند چوٽي ڪي ٽو کي اٽلي جي جبل چاڙهو پروفيسر بيسيئو سر ڪري ورتو، واضح رهي ته دنيا جي مختلف ملڪن جا پروفيسر اهڙا ڪارناما سرانجام ڏيندا رهيا آهن پر اسان وٽ پروفيسر سياست ۾ ڪاهي پيا آهن. ** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ڪراچي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جو مقبرو ٺاهڻ لاءِ پيڙهه جو پٿر رکيو. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سائين جي ايم سيد چيو ته سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايل ٻولي وارو بل سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن خلاف آهي. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير پاڳاري کي گڏيل مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو، جڏهن ته ممتاز دولتانه ۽ سردار شوڪت حيات کي پ پ جو پاسو وٺڻ تي پارٽي مان خارج ڪيو ويو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي احمد رضا قصوري جي سندس والد نواب احمد جي قتل بابت درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي وئي، واضح رهي ته انهيءَ ڪيس ۾ چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي. ** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آصف علي زرداري سميت وڌيڪ 15 نوان وفاقي ۽ مملڪتي وزير وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيا ويا. ************** اڄوڪي ڏينهن 29 جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 29 جولاءِ 1894ع شاعر هدايت الله نجفي (لالو رائنڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 جولاءِ 1933ع گلوڪاره راڻي گدواڻي (حيدر آباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 جولاءِ 1951ع صحافي حسين بخش چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 29 جولاءِ 1959ع باليووڊ اداڪار سنجي دتجو جنم ڏينهن آهي. 29 جولاءِ 1961ع شاعر عاشق هالائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 29 جولاءِ 1883ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام حيدر ڪٽبري جو انتقال ٿيو. 29 جولاءِ 1938ع شاعر آغا غلام نبي صوفي لاڏاڻو ڪري ويو. 29 جولاءِ 1997ع قومپرست سياستدان ۽ وڪيل چاچو حفيظ قريشيوفات ڪري ويو. 29 جولاءِ 2005ع راڳي استاد وريل داس(شڪارپور) جي ديهانت

Monday, 27 July 2026

SINDH in history today (28th July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Sindh [ including Pakistan] in history today (28th July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Amina Institute and translated by his son Mumtaz Ali. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Dear! Believe or not, but there is a strong connection between our souls and became of that I can't forget you. You are in my heart and in the light of your beauty I able to see my beautiful inner world. My eyes are colourful with your beauty, my mind is rich in your vision & wisdom and my every heart-beat is taking your name. Can't you minimize distance & differences? I want to be very very near to you my dear] تو سان ڪو تان رشتو روح سندو جو تو بن ڪانہ سري, تنهنجئ محبت سندي من اندر پئي سدائين جوت ٻري, اندر اجرو ڪين ٿئي جي دل تنهنجو ورد ڪانہ ڪري, پرين تون رھ نہ ايڏو پري, قرب ڪري پهچ سلام سان. ************ EVENTS FROM SINDH HISTORY (28th July) By: Dr. Pathan ** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي انجمن مومنين رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي کي درخواست ڪئي ته هو انجمن جي صدارت سنڀالي، جنهن تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي مثبت موٽ ڏني. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت ڪاميٽي اهو اعلان ڪيو ته حڪومت سان ڪنهن به قسم جو سهڪار نه ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ مختلف ضلعن سميت لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به ڪيترن ئي خلافتي ورڪرن سرڪاري نوڪرين تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون، انهن ۾ پرائمري اسڪول منگواڻي جو استاد الهه بخش، جهان خان، محمد حسين، امداد علي، هوت خان، سومار، حاجي احمد، مريد احمد، پوليس اهلڪار محمد بخش، محمد موسيٰ، نور محمد، سرائي محمد خان گوپانگ ۽ سرائي الهڏنو سيال شامل هئا، جن مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڇڏي ڏنيون. ** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ چوٿين سنڌ آزاد ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن جي صدارت غلام حسين هدايت الله ڪئي، انهيءَ ڪانفرنس گهرائڻ جو مقصد سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ لاءِ عوامي راءِ جوڙڻي هئي، واضح رهي ته ان کان اڳ ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي ڪانفرنسون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوات، دير ۽ چترال جي علائقن کي ويسٽ پاڪستان سان ملايو ويو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گرفتار ڪيل سڀني سياسي اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويو، انهن اڳواڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مولانا مفتي محمود پڻ شامل هئا. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ صدر طرفان بنيادي حق معطل ڪرڻ واري اعلان کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ايمرجنسي کي برقرار رکيو، چيف جسٽس اجمل ميان جي سربراهي ۾ بينچ ايمرجنسي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، 7 ججن تي ٻڌل فل بينچ جي سربراهه چيف جسٽس اجمل ميان رمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان مارشل لائن ۽ ايمرجنسي سبب نقصان ڀوڳيو آهي، اوڀر پاڪستان وارو سانحو به انڪري پيش آيو. صدر رفيق تارڙ ملڪ ۾ انساني حق معطل ڪري ايمرجنسي جو اعلان ڪيو هو. ** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ سرڪار ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ واپڊا طرفان شروع ڪيل ڪوششن جي مذمت ڪندي چيو ته سنڌ جو عوام ڪڏهن به ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ نه ڏيندو. ************** اڄوڪي ڏينهن 28 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 28 جولاءِ 1895ع ليکڪ قاضي علي اڪبر درازي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 جولاءِ 1921ع ليکڪ لڪشمڻ پنجابي (ٽنڊو الهيار / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 جولاءِ 1934ع ليکڪ بهاري ڪرمچند (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 28 جولاءِ 1937ع سياستدان ڊاڪٽر عبدالغفار جتوئي جو جنم ڏينهن آهي. 28 جولاءِ 1934ع ليکڪ بهاري ڪرمچند (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 28 جولاءِ 1946ع ترقي پسند ليکڪا ۽ شاعره فهميده رياضجو جنم ڏينهن آهي. 28 جولاءِ 1953ع ليکڪ ڊاڪٽر جاويد قاضي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 28 جولاءِ 1983ع شاعر بدر انصاري (قنبر) جو جنم ڏينهن آهي. 28 جولاءِ 1986ع باليووڊ اداڪاره هما قريشيجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 28 جولاءِ 1831ع بزرگ خواجه محمد زمان (ٻيو) جو انتقال ٿيو. 28 جولاءِ 1988ع شاعر محمد عالم شبنم جو انتقال ٿيو. 28 جولاءِ 2005ع شاعر محمد رمضان نول جي وفات ٿي. 28 جولاءِ 2010ع ليکڪ حليم بروهيجو لاڏاڻو ٿيو. 28 جولاءِ 2013ع ڪامريڊ نصر الله جسڪاڻي جو لاڏاڻو ٿيو

Sunday, 26 July 2026

SINDH in history today (27th July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SELECTION OF EVENTS, ACTIVITIES OF SOCIAL/ POLITICAL/ RELIGIOUS/ LITERARY/ & CULTURAL ORGANIZATIONS OF SINDH PERTAINING TO THREE IMPORTANT ERAS OF SINDH HISTORY (TALPUR, BRITISH & PAKISTAN) BY DR DUR MUHAMMAD PATHAN, Foundr Gul Hayat Institute. Translated by his son Mumtaz Ali. SINDH IN HISTORY TODAY (27th July) Dr.Dr.Pathan wishes you Good Day. [ If you want to see yourself in true colours, get rid of ego, hatred and discrimination. But, colour yourself with human love & respect, dedication and sincerity. Dear! Values, ideologies and traditions are to protect Human -Rights. Hence, not they, but human-beings are above than traditions & ideologies. Dear! What you will do with your beautiful body, golden heart, pure mind and nice soul all alone, if it is not for promotion & protection of love and love in Society? Efforts being taken by anybody in this regard are vital, important and outstanding. Dear! Take efforts. Because, this society, you and me need peace, beauty and love] نڪرین تان تون نکري پوندين نڪر کڻي انا, نفرت, متڀید منجھان، پر نڪر نہ میٺَ محبت, انساني ادب احترام آپي, محنت, ماٹھپي مان، اتم اٿئي ھر ڪو ماڻھون تنھنجن تان قدرن, نظرین, ريتن, رسمن کان، تنھنجو ڪم ڪھڑو ھوت بنا حیاتئ,تن من, وجود ۽ هن روح سان؟ سمجھین یار متان، تان آھن بیسود سرت, سونهن, سلام, ڪلام. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {27th JULY} EVENTS: 1843: The Government of India asks Sindh Governor to furnish with sketch of the country between Sabzalkot and Rohri showing the several district possessions of ex-Rulers and their value and indicating also the several Pargnas if any, belonging to Mir Ali Murad Khan and those attached to ‘Turban’ so as to enable Governor-General to decide what portion of the country be assigned to the Nawab of Bahawalpur. (Govt. of India’s Letter No 258). 1857: The Bombay Government is taking into consideration two proposals regarding improvement of communication in Sindh. Lieutenant-General Jacob is insisting on Trunk road from Shikarpur to Karachi, whereas another proposal is to construct bridge over Indus. The Sindh Commissioner favours the construction of bridge. (Source: Commissioner’s letter No.184). 1929: A Conference of a new party, called ‘the All-India Muslim Nationalist Party’ is held at Allahabad under the presidency of Moulana Abul Kalam Azad. The object are to promote among Muslims a spirit of Nationalism, to develop a mentality above communalism, and to inspire greater confidence in Indian National Ideas (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1929). 1941: J.B.Kriplani, (Sindhi) General Secretary of the Congress, laid emphasis on the aspect of construction work by Satyagarahis as well as by those Congressmen, who did not sign the pledge, in the course of a circular issued to the several Congress Committees in the country. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1941). 1952: Anti-Qadyani demonstration in Lahore is teargassed.They were demanding resignation of Pakistan’s Foreign Minister Chowdri Zafarullah Khan and declaring Qadiyanis as a minority. (Source: Newspapers). 1955: One-Unit scheme to be executed within two weeks, declares Iskandar Mirza. (Source: ibid). 1972: Sindhis have never opposed Urdu. History is witness to their hospitality during the days of large scale migration of Muhajreen from India, Z.A.Bhutto advocates Sindhis non-aggressive approach and deplores language riots. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1973: Jamait-i-Islami opposes recognition of Bangladesh, and JUI demands making Hamood-u-Rahman Commission Report public. Bhutto is being encircled by opposition (Source:Newspapers)). 1984: Majlas-i-Shora of Zia regime approves Qisas, Diyat Ordinance. (Source: ibid) SINDH & FREEDOM MOVEMENT: WE PAID FOR OUR FREEDOM (The details of persons detained, prosecuted and convicted for political and anti-war activities)(Part-I Jan 42- Jul 42) 31st January 1942: The details of persons detained, prosecuted and convicted for political and anti-war activities are: (a) Detained: 65 (Under Defense of India Rules-129 by Sindh Government) 07(Under the defense of India Rules -26 by Central Government) and 02 (Under Defense of India Rules-129 by the Central Government Total is 65 (b) Prosecuted : 5(Under Defense of India Rules-6), 9(Under Defense of India Rules-8), 2 (Under Defense of India Rules-24), 2(Under Defense of India Rules-81) and, 1 (Under Defense of India Rules-90).Total is 19 (c) Convicted: 34 (Under Defense of India Rules-8), 1(Under Defense of India Rules-22), 1(Under Defense of India Rules-26), 30(Under Defense of India Rules-38), 1(Under Defense of India Rules-35), 38(Under Defense of India Rules-52), 2(Under Defense of India Rules-93) and 1(Under Defense of India Rules-20). Total is 109. 28th February 1942: The details of persons detained, prosecuted and convicted for political and anti-war activities are: (a) Detained: 38 (Under Defense of India Rules-26 by Sindh Government), 19(Under Defense of India Rules-129 by Sindh Government), Total is 57 (b) Prosecuted: 2(Under Defense of India Rules-8), 2(Under Defense of India Rules-24), 1(Under Defense of India Rules-38), 1(Under Defense of India Rules-81)= Total is 6. 31st March 1942: The details of persons detained, prosecuted and convicted for political and anti-war activities are: (a) Detained: 47 (Under Defense of India Rules-8), 6(Under Defense of India Rules-81), 35(Under Defense of India Rules-129), 5(Under Defense of India Rules-6), 1(Under Defense of India Rules-22),1 (Under Defense of India Rules-26), 31(Under Defense of India Rules-38), 1(Under Defense of India Rules-39), 1(Under Defense of India Rules-45), 38(Under Defense of India Rules-52), 2(Under Defense of India Rules-93), 1(Under Defense of India Rules-120)=Total is 133 (b) Prosecuted: 2(Under Defense of India Rules-8) total is 2 (c) Convicted: 5(Under Defense of India Rules-6, 39(Under Defense of India Rules-8), 1(Under Defense of India Rules-22), (Under Defense of India Rules-24), 1(Under Defense of India Rules-26), 31((Under Defense of India Rules-38), 1(Under Defense of India Rules-39), 1(Under Defense of India Rules-45), 38(Under Defense of India Rules-52), 4(Under Defense of India Rules-81), 2(Under Defense of India Rules-93), 1(Under Defense of India Rules-120), Total is 126. 30th April 1942: The details of persons detained, prosecuted and convicted for political and anti-war activities are: (a) Detained: 33 (Under Defense of India Rules-129) (b) Prosecuted: 9 (Under Defense of India Rules-8), 1(Under Defense of India Rules-20), 1(Under Defense of India Rules-22), 49(Under Defense of India Rules-38), 13(Under Defense of India Rules-52), 7(Under Defense of India Rules-81) Total is 79. 31st May 1942: The details of persons detained, prosecuted and convicted for political and anti-war activities are: (a) Detained: 1 (Under Defense of India Rules-26), 24(Under Defense of India Rules-129). The total is 263 and details of previously detained persons is 46(Under Defense of India Rules-26) and 217(Under Defense of India Rules-129). (b) Prosecution: 4(Under Defense of India Rules-35), 1(Under Defense of India Rules-36), 21(Under Defense of India Rules-52), 24(Under Defense of India Rules-81). Total is 58 (c) Convicted: 2(Under Defense of India Rules-8), 5(Under Defense of India Rules-52), 1 (Under Defense of India Rules-90). Total is 8. Whereas persons convicted previously are two three in number and details are 56(Under Defense of India Rules-8) ,1(Under Defense of India Rules-21), 2(Under Defense of India Rules-22), 2(Under Defense of India Rules-24), 1(Under Defense of India Rules-26), 1(Under Defense of India Rules-35), 1(Under Defense of India Rules-36), 60(Under Defense of India Rules-38), 1(Under Defense of India Rules-39), 1(Under Defense of India Rules-45),65 (Under Defense of India Rules-52), 31(Under Defense of India Rules-81), 2((Under Defense of India Rules-93) and 1(Under Defense of India Rules-120). 30th June 1942: The details of persons detained, prosecuted and convicted for political and anti-war activities are: (a) Detained: 329 Hurs (Under Defense of India Rules-129), 1(Under Defense of India Rules-129). Total is 330. Previously detained are 75(Under Defense of India Rules-26) and 334(Under Defense of India Rules-29). (b) Prosecuted: 2(Under Defense of India Rules-8), 10(Under Defense of India Rules-52), 9 (Under Defense of India Rules-8). Total is 25. (c) 3(Under Defense of India Rules-8), 16(Under Defense of India Rules-52), 3(Under Defense of India Rules-81). Total is 22. Previously number of detained is 250 and details are: 5(Under Defense of India Rules-6), 52(Under Defense of India Rules-8), 1(Under Defense of India Rules-21), 2(Under Defense of India Rules-24), 1(Under Defense of India Rules-26), 1(Under Defense of India Rules-35), 1(Under Defense of India Rules-36), 60(Under Defense of India Rules-38), 1(Under Defense of India Rules-39), 1(Under Defense of India Rules-45) , 77(Under Defense of India Rules-52), 38(Under Defense of India Rules-81), 1(Under Defense of India Rules-90), 2(Under Defense of India Rules-93), 1 (Under Defense of India Rules-120) 31st July 1942: The details of persons detained, prosecuted and convicted for political and anti-war activities are: (a) Detained: 51 Hurs (Under Defense of India Rules-26), 8 Hurs (Under Defense of India Rules-129), previously detained persons are 120(Under Defense of India Rules-26) and 715(Under Defense of India Rules-129). (b) Prosecuted: 1(Under Defense of India Rules-8), 1(Under Defense of India Rules-10), 2(Under Defense of India Rules-24), 10(Under Defense of India Rules-34), 23(Under Defense of India Rules-51), 19(Under Defense of India Rules-52), 4(Under Defense of India Rules-81), 1 (Under Defense of India Rules-120). Total is 61. (c) Convicted: 2(Under Defense of India Rules-24), 10(Under Defense of India Rules-38), 8(Under Defense of India Rules-52) 1(Under Defense of India Rules-81). Total is 21. Previously convicted persons total is 289 and details are: 6(Under Defense of India Rules-6), 66(Under Defense of India Rules-8), 1(Under Defense of India Rules-21), 2(Under Defense of India Rules-22), 2(Under Defense of India Rules-24), 1(Under Defense of India Rules-26), 1(Under Defense of India Rules-35), 1(Under Defense of India Rules-36), 63(Under Defense of India Rules-38), 1(Under Defense of India Rules-39), 1(Under Defense of India Rules-45), 95(Under Defense of India Rules-52), 44(Under Defense of India Rules-81), 1(Under Defense of India Rules-90), 2(Under Defense of India Rules-93), 1(Under Defense of India Rules-98) and 1(Under Defense of India Rules-120). SINDHI TRANSLATION: ****** EVENTS FROM SINDH HISTORY (27th July) By: Dr. Pathan ** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي سرڪار سنڌ ۾ مواصلاتي نظام جي بهتريءَ لاءِ ٻن تجويزن تي غور ڪرڻ شروع ڪيو، ليفٽيننٽ جنرل جيڪب جو اسرار هو ته شڪارپور کان ڪراچي تائين ٽرنڪ روڊ ٺاهيو وڃي، جڏهن ته هڪ ٻي تجويز اها هئي ته سنڌو درياءَ جي مٿان پل ٺاهي وڃي، انهن تجويزن مان سنڌ جي ڪمشنر پل جي تعمير واري تجويز جي حمايت ڪئي. ** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم نيشنلسٽ پارٽي نالي ٺاهيل نئين جماعت طرفان ڀارتي شهر الهه آباد ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت مولانا ابوالڪلام آزاد ڪئي، اها ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو مقصد مسلمانن ۾ قوميت جو جذبو اڀارڻ هو. ** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ قاديانين خلاف احتجاج ڪندڙن تي شيلنگ ڪئي وئي، مظاهرين جو مطالبو هو ته پرڏيهي وزير چوڌري ظفر الله کي وزارت تان هٽايو وڃي ۽ قاديانين کي اقليت جو درجو ڏنو وڃي. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گهرو وزير اسڪندر مرزا اعلان ڪيو ته ون يونٽ ايندڙ ٻن هفتن اندر لاڳو ڪيو ويندو. واضح رهي ته بعد ۾ ون يونٽ لاڳو ڪري صوبائي خودمختياري تي ضرب لڳائي وئي، جنهن خلاف سنڌ ۾ زبردست قسم جو احتجاج ٿيو، سنڌ وڏي عرصي تائين ون يونٽ کي ڀوڳيو. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ذوالفقار علي ڀٽو ٻوليءَ وارن فسادن کي حل ڪرڻ لاءِ اردو ڳالهائيندڙن تي واضح ڪيو ته سنڌي اردو ٻولي جي مخالفت نٿا ڪن، تاريخ شاهد آهي ته سنڌين ورهاڱي وقت ايندڙ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن کي وڏو مان ڏنو. ان ڪري هنگامن ڪرڻ جو ڪوبه فائدو ناهي، ٻولي وارو بل پاس ٿيڻ سان اردو کي ڪوبه نقصان نه ٿيندو. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ واري معاملي جي مخالفت ڪري ڇڏي، جڏهن ته جي يو آءِ مطالبو ڪيو ته حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ عوام لاءِ پڌري ڪئي وڃي. ** 1984ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق جي مجلس شوريٰ قصاص ديت آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبليءَ تڪراري ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ واري رٿ اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏي،ڊپٽي اسپيڪر سيد جلال محمود شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ نثار کهڙي رٿ پيش ڪندي ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺهراءُ آڻڻ جي اجازت گهري، جنهن جي وڏي وزير لياقت جتوئي سميت سرڪاري ڌر جي ميمبرن مخالفت ڪئي، ٻئي پاسي ساڳئي اجلاس ۾ اسپيڪر نواب مرزا کي هٽائڻ لاءِ مخالف ڌر جي عدم اعتماد واري رٿ ناڪام ٿي وئي، اسپيڪر جي حق ۾ 62 ۽ مخالفت ۾ 33 ووٽ پيا. ************** اڄوڪي ڏينهن 27 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 27 جولاءِ 1859ع شاعر صوفي هاشم شاهه بخاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 جولاءِ 1919ع شاعر عبدالله خواب (ٺارو شاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 جولاءِ 1928ع شاعر ۽ تعليمدان احمد خان تنوير هيسباڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 جولاءِ 1933ع ليکڪ فتن پرسواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 جولاءِ 1936ع ليکڪ سرلا تهيلراماڻي (سکر / نئين دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 جولاءِ 1958ع صحافي علي اڪبر ساند (ڀٽ شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 27 جولاءِ 1961ع سياستدان، اديب ۽ شاعرمخدوم جميل الزمان جميلجو جنم ڏينهن آهي. 27 جولاءِ 1966ع شاعر ۽ قومي ڪارڪن عرفان مهدي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 جولاءِ 1982ع شاعر ڊاڪٽر سجاد سرور (پنو عاقل) جو جنم ڏينهن آهي. 27 جولاءِ 1993ع نوجوان ليکڪ منصور ميراڻي (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 27 جولاءِ 1914ع شاعر نواب ولي محمد خان ولي جي وفات ٿي. 27 جولاءِ 1982ع ليکڪ رسول بخش ڏيرو جو انتقال ٿيو. 27 جولاءِ 1992ع باليووڊ اداڪار امجد خان(گبر سنگهه جو ڪردار ادا ڪندڙ) جو انتقال ٿيو.

Thursday, 23 July 2026

SINDH in history today (24th July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (INCLUDING PAKISTAN) IN HISTORY TODAY {24th July}. Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. . SINDH IN HISTORY TODAY (24th JULY) 24th July BIRTH DATES Lekhraj Thakur (Hyderabad/Social worker/ birth 24th July 1921), Lilaram Dewandas (Thar Shah > Ahmadabad/Journalist/ birth 24th July 1924), Akhtar Adeeb (Lakhi/Poet/ birth 24th July 1932), Syed Murad Ali Shah (Politician/ birth 24th July 1938), Tolaram Raheja (Sukkur > Poono/Writer/ birth 24th July 1939), Mahboob Qadri (Dhour/Poet/ birth 24th July 1980) DEATH DATES Khowaja Ghulam Farid (Mithankot/Saint & poet/ date 24th July 1901), Wahadat Ali Nuqrij (Poet/ date 24th July 1965), Miskeen Jahan Khan Khoso (Social worker/ date 24th July 1980), EVENTS 1925: Khadhar dress is made indispensable for Congress members in party meetings. Secretary of the All-India Congress Committee issues circular. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1925). 1939: Masjid Manzilgah Restoration Committee of the Sindh Muslim League , in its meeting held at Sukkur with Muhammad Ayub Khuhro condemns Sindh Government’s policy regarding Masjid Manzilgah issue and decides to observe ‘Masjid Manzilgah Day’ on 18th of August. (Source: Newspapers). 1946: A resolution opposing grooping of Sindh with Punjab is passed at a Conference held under the auspices of the Sindh Provincial Muslim League. Shaikh Abdul Majeed Sindhi presiding. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946). 1950: Muhajreen have submitted 60 applications for party tickets to contest election for Sindh Provincial Assembly. The number of application is not less than the number of applications submitted by Old Sindhis. The matter is discussed in the meeting of the Sindh Muslim League Parliamentary Board. Muhammad Ayub Khuhro is in chair.(Source: Newspapers). 1954: The Communist Party of Pakistan and its all branches are declared unlawful. (Source: ibd). 1964: Combined Opposition Parties (COP) in its meeting held at Dhaka decides to take part in the next election. The Alliance agree on a manifesto providing for Parliamentary system, Provincial Autonomy, Freedom of Judiciary and lifting ban on political parties.(Source: Newspapers). 1965: Moulana Bhashani of East Pakistan demands Pakistan’s withdrawal from CENTO, SEATO and military alliances. (Source: ibd). 1972: Conditions of Karachi are taking new shape. Peace will not be needed by some people. Violence erupts and curfew is imposed in many areas. The city opted for blood-bath from this year and will complete its half century very soon. SINDHI VERSION: [ جڏهن ڪڙم قبيلي ۽ ذات پات کي قوم چيو ويندو آھي ته پوء اصل "قوم" گم ٿي ويندي آھي. اها گم ٿيل ۽ وڃايل قوم فقط تاريخ جي ساڃھ ۽ مطالعي سان سان پاڻ کي ڳولهي سگهندي آھي. اسان هڪ وڃايل/گم ٿيل قوم آھيون. اچو ته تاريخ پڙھي پاڻ ڳولهيون.] "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(24 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [واقعا] 24.7.1841 فرنگين جو ڏکڻ سنڌ ۾ مقرر ڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته سکر ۽ ڪراچئ ۾ فرنگي ڪئمپن جي روانگي ۽ آمدني تجارتي مال تي سنڌ جي حڪمرانن جا ٻنھي شھرن ۾ محصول لڳائڻ جا الڳ الڳ طريقا آھن, ان ڪري سمگلنگ وڌي وئي آھي. جيڪا جتي مهانگي ملي ٿي, اها ٻئي هنڌان سمگلنگ ٿي اچي ٿي. اجازت ڏيو ته يڪسان محصول لڳائڻ لاء خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن سان ڳالهائجي 24.7.1843 ڪمپني حڪومت جي هدايتن مطابق اڄ نيپيئر مير سهراب خان ٽالپور جي لکيل وصيعت گورنر جنرل کي ڏياري موڪلي. اهو هڪ اهم تاريخي دستاويز آھي, جنھن مان خبر پئي ٿي ته مير سهراب خان پرڳڻو پنهنجي ٽن پٽن (مير رستم خان, مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان) کي ورهائي ڏنو هو. هر هڪ کي جيڪي ڳوٺ/ شهر مليا, وصيعت ۾ انھن جا نالا ڏنا ويا آھن. وصيعت ۾ اهو به لکيو ويو آھي ته انھن مان جيڪا آمدني ٿيندي, اها چئن حصن ۾ ورهائبي ۽ ان مان ٻه حصا مير رستم خان کي ڏنا ويندا. (حوالو/نيپئر جو خط, ڊاڪيومينٽ نمبر 151) 24.7.1925: آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽئ جي سيڪريٽرئ سرڪل جاري ڪيو ته اڳتي ڪانگريسي کڌر جو ٺھيل لباس پائن ته جيئن پري کان سڃاتا وڃن. (ذريعو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال1925 واليوم ٻيو). مسلم ليگين وري پوء ”جناح ڪئپ" پائڻ شروع ڪئي. هي واقعا ٻڌائن ٿا ته سياست ماڻھن جي ثقافت - خاص طور تي لباس - کي به بدلائڻ شروع ڪيو. آزادئ لاء جاکوڙيندڙ پارٽين آزادي کان اڳ عوام کي ثقافتي غلام بڻائڻ شروع ڪيو. 24.7.1939: سنڌ مسلم ليگ جي "مسجد منزلگاه بحالي ڪميٽئ" جي محمد ايوب کهڙو جي صدارت هيٺ سکر ۾ گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ سنڌ حڪومت جي مسجد منزلگاهه جي مسئلي تي اختيار ڪيل سستئ جي مذمت ڪندي, اعلان ڪيو ته 18 آگسٽ تي ”مسجد منزلگاہ ڏينهن“ ملهايو ويندو. (ذريعو: اخبارون). 24.7.1946: ڪراچئ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي صدارت ۾ "سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي ڪانفرنس", جنھن ۾ سنڌ کي پنجاب سان ملائڻ خلاف ٺھراء پاس ڪيو ويو. (ذريعو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1946 واليوم ٻيو). 24.7.1948 سنڌ جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آھي جو انھن کي پڙھڻ وقت تعجب,ڏک ۽ بي بسئ جا ڳوڙھا اکين ۾ اچي وڃن ٿا. روزنامه "مجاهد" اخبار پير الاهي بخش جاري ڪئي هئي. پير الاهي بخش ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ وارين ڳالهين ۾ مکيه ڪردار هو ۽ هن ڪراچي مرڪز حوالي ڪرڻ ۾ وفاقي حڪومت جو ساٿ ڏنو هو. اڄ ”مجاهد" اخبار ڪراچئ کسجي وڃڻ تي رت جا ڳوڙھا وهايا آھن. اڄوڪي ايڊيٽوريل جو عنوان اٿس " ڪراچ وئي". 24.7.1950: سنڌ اسيمبلئ جون چونڊون ٿيڻ واريون هيون. پناهگيرن 60 سيٽن تي سنڌ مسلم ليگ کان پارٽي ٽڪيٽ جي لاء درخواستون ڏنيون. پراڻن سنڌين به 60 ٽڪيٽن لاء درخواستون ڏنيون. ملڪ کي جڙيئي ٽي سال به ڪونه ٿيا ته پناهگيرن اسيمبلئ ۾ 60 سيٽون گهريون. مطلب ته هاڻي پراڻا سنڌي سوڙ پائي سمهي پون! محمد ايوب کهڙي جي صدارت ۾ ”مسلم ليگ پاريامينٽري بورڊ“ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ٽڪيٽن ڏيڻ وارن مامرن تي بحث ڪيو ويو. (ذريعو: اخبارون). 24.7.1954: ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ ان جي سڀني شاخن کي غير قانوني قرار ڏئي بندش وڌي وئي. (ذريعو: اخبارون) 24.7.1964: گڏيل اپوزيشن پارٽين جي اتحاد (COP) جو ڍاڪا ۾ اجلاس ٿيو, جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺبو. سمورين شامل پارٽين: پارلياماني نظام ، صوبائي خودمختياري ، عدليه جي آزادي ۽ سياسي جماعتن تي پابندي ختم ڪرڻ واري منشور جي متفق راء سان منظوري ڏني. (ذريعو: اخبارون) 24.7.1972: امن جي دشمنن ڪراچي کي وري "ڪوس جو شھر" بڻايو. مختلف هنڌن تي خوني فساد ٿيا ۽ انھن کي روڪڻ لاء ڪرفيو لڳايو ويو. دوستن جي ڌيان تي آڻجي ٿو ته ڪراچئ, حيدرآباد, ميرپورخاص, نواب شاه ۽ سکر ۾ جيڪا شهري دهشتگردي ٿي آھي, اهو سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. [جنم ڏينهن]: 24 جولاءِ 1924ع ليکڪ ليلا رام ديون داس (ٺارو شاهه / احمد آباد) . 24 جولاءِ 1932ع شاعر غلام شاهه عرف اختر اديب. 24 جولاءِ 1938ع سياستدان سيد مراد علي شاه. 24 جولاءِ 1939ع ليکڪ تولا رام راهيجا (سکر / پونو) . 24 جولاءِ 1954ع ليکڪ رزاق مهر (لاڙڪاڻو). 24 جولاءِ 1955ع شاعر ۽ ڪالم نگار قاضي منظور(غوثپور) . 24 جولاءِ 1956ع درگاهه جهوڪ شريف جي سجاده نشين صوفي عطاء الله ستاري. 24 جولاءِ 1980ع شاعر محبوب قادري. [وڇوڙو]: 24 جولاءِ 2013ع سنڌ نيشنل موومينٽ جو سربراهه، قومپرست سياستدان علي حسن چانڊيو

Wednesday, 22 July 2026

SINDH in history today (23rd July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Sindh [ including Pakistan] in history today (23rd July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute and translated by his son Mumtaz Ali Pathan ******************************Dr. Pathan wishes you Good Day. [Dear! There is a strong relationship between your and my souls. Therefore, I am praising and promoting your beauty, vision and wisdom regularly, punctuality and religiously daily irrespective of indefferent attitude. I am neither demanding response, nor, earning your attention. I never lodge protest against ignoring me without any justification. But, always hope and believe that the day will come and I will witness your all colors of kindness, cooperation and greatness.] ڪو تان رشتو پنهنجي روحن جو ان لاء ڪريان روز سلام, ناهي ڳڻتي انهئ ڳالھ جي تان ڪڏهين ڪونہ ڪرين ڪلام, تنهنجي روين رشتن کي پوء بہ سمجهان امرت آئون انعام, تنهنجئ ڪاوڙ نفرت متڀيد تي آئون نہ مچايان ڪو قهرام, پر آھي اهو انجام, تہ ڀريندس پل پيار تنهنجئ سونهن مان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {23rd JULY} EVENTS: 1843: The Governor-General of India writes to the Sindh Governor making enquiries and asking for some papers required in connection with the alleged cession to His Highness Mir Ali Murad Khan of lands held by Mir Rustom Khan. (Source: The Governor-General’s letter No.260). 1846: The Governor-General of India asks the Sindh Governor to apprise him of the steps he will take for making and proposing Rules for administration of Civil Justice in Sindh (Source: Governor-General’s letter No.263). 1948: Karachi is now under control of the Pakistan Government. Hashim Raza is appointed first Administrator, whereas Kazim Raza is made Inspector-General of Police. Sindhi nationalists fear about the future of their biggest city. Some of them blame that a ‘protected constituency’ is being managed with vote bank of Muhajreen. (Source: Newspapers). 1952: Muhajreen take out procession and encircle Prime Minister House in Karachi. They demand proper rehabilitation. (Source: Newspapers). 1961: Alliance of Iran, Pakistan and Turkey can be misused against Soviet Union, doubts USSR. (Source: Newspapers). 1963: Ghulam Nabi Memon and Muhammad Khan Junijo are inducted in West Pakistan ministry (Source: Newspapers). 1973: Pakistan recognizes new Kabul regime led bu Daud. (Source: Newspapers). 1988: MRD rejects Ziz’s decision of non-party polls. (Source: ‘Source-Material on MRD’, compiled by Gul Hayat Institute) EVENTS FROM SINDH HISTORY (23rd July) By: Dr. Pathan ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر کي خط لکي هدايت ڪئي ته هزهائنيس مير مراد علي خان ٽالپر جي زمينن بابت جاچ ڪئي وڃي، جن تي مير رستم خان قبضو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان ضروري ڪاغذ موڪليا وڃن. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جو اهم ترين شهر ڪراچي وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو ۽ هاشم رضا کي پهريون ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڪاظم رضا کي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس بڻايو ويو، سنڌ جا ماڻهو صوبي جي وڏي شهر جي مستقبل بابت ڳڻتي جو شڪار ٿي ويا، ان وقت ڪجهه قومپرستن الزام لڳايو ته هندستان مان آيل مهاجرن جي ووٽ بئنڪ ذريعي ڪراچي کي محفوظ تڪ بڻايو پيو وڃي. ڪراچي کي وفاقي گادي وارو شهر بڻائڻ تي به سنڌ جي ماڻهن ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو. ** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هندستان مان لڏي آيل مهاجرن وزيراعظم هائوس جو گهيراءُ ڪيو ۽ جلوس ڪڍيو، هنن جو مطالبو هو ته سندن بهتر نموني بحالي ڪئي وڃي. ** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت يونين جي اختيارين ان شڪ جو اظهار ڪيو ته ايران، پاڪستان ۽ ترڪي جي اتحاد کي سوويت يونين خلاف استعمال ڪري سگهجي ٿو. ** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي غلام نبي ميمڻ ۽ محمد خان جوڻيجو کي ويسٽ پاڪستان منسٽري ۾ شامل ڪيو ويو. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان افغانستان جي نئين حڪومت کي تسليم ڪري ورتو. ** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي يونان ۾ فوجي حڪومت ناڪام ٿي وئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم ڪونسٽينٽائن کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هن کي دعوت ڏني وئي ته هو ڏيهه واپس اچي. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جمهوريت جي بحالي لاءِ ٺاهيل اتحاد ايم آر ڊي جي اڳواڻن چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ واري جنرل ضياءُالحق جي اعلان کي رد ڪري ڇڏيو، ايم آر ڊي جو مطالبو هو ته چونڊون فورن ڪرايون وڃن ۽ اهي جماعتي بنيادن تي ٿيڻ گهرجن. جڏهن ته جنرل ضياءُ الحق اهو اعلان ڪيو هو ته چونڊون ٿينديون پر اهي غيرجماعتي بنيادن تي ڪرايون وينديون. واضح رهي ته جنرل ضياءَ چونڊن جو اعلان ته ڪيترائي ڀيرا ڪيو پر آخر تائين هن چونڊون نه ڪرايون ۽ ڊگهي عرصي تائين اقتدار ۾رهيو. هو 17 آگسٽ 1988ع تي بهاولپور ويجهو هڪ جهاز حادثي ۾ مارجي ويو هو ************** .اڄوڪي ڏينهن 23 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 23 جولاءِ 1920ع شاعر عبدالعزيز عزيز ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 جولاءِ 1950ع صحافي عطا محمد صديق (شهداد ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 جولاءِ 1966ع صحافي ۽ ٽي وي اينڪر حامد ميرجو جنم ڏينهن آهي. 23 جولاءِ 1968ع شاعره صنم نجيب جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 23 جولاءِ 1980ع سماجي ورڪر مسڪين جهان خان کوسوجي وفات ٿي۔ 23 جولاءِ 1980ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني (ٽکڙ) جو انتقال ٿيو. 23 جولاءِ 1885ع اسڪالر ميڻو عبد الرحيم جو لاڏاڻو ٿيو. 23 جولاءِ 1989ع شاعر، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ صحافي قاضي عبدالحئي قائل جو انتقال ٿيو

Tuesday, 21 July 2026

SINDH in history today (22nd July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Sindh [ including Pakistan] in history today (22nd July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute and translated by his son Mumtaz Ali Pathan *********Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Dear! To me and for me you are Sun of my inner Sky. It is darkness. Rise and bring beautiful morning. I want to see & witness, avail & abide by love & beauty in Day light. I don't aspire it, but it is my need. I don't claim & demand, but pray and request for it. Come on! Kill my ego and create kingdom of love & respect in my heart & mind. Because, hatred & discrimination have ruled and ruined them since long.] تون سورج سپرين پوء ڪوه نہ ڪرين منهنجو اندر اجرو اجالو؟ آھي ضرورت ظاهر باطن ناهيان نالي ماتر مان محبت جو متوالو, تون تونگر حسن جو ۽ تننهنجو نرمل نينهن هن جڳ کان نرالو, منهنجئ انا نفرت کي اچي هڻ ڀالو, تہ ڳايان سونهن سلام سان. ************** SINDH IN HISTORY TODAY {22nd JULY} EVENTS: 1919: On the victory of the Allies, sincere and loyal Sindhi subjects send congratulation message to the Government of Bombay. They are: Parsaram Babumal Udesi of Jacobabad, Dhagchand Asardas Mukhtyarkar of Kambar; Dharamdas Bhagwandas of Nawalshah and Hindu Zamindar of Tayab, taluka Ratodero. (Source: The Bombay Government’s Notification). 1931: A student named Vasudev Balwant fires two revolver’s shots at Sir Earnest Hoston, the Governor of Bombay, when he was entering the Reading Room of Fergussion College, Poona. It was luck for the Governor, who is safe and bad luck for a brave boy, who is arrested on the spot. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1931). 1939: Speaker of Sindh Assembly, Syed Miran Muhammad Shah alongwith K.B.Muhammad Sidik Memon visits ‘Anjuman Himayat Islam’ office at Lahore. He wants to establish a Society/Anjuman in Sindh for Muslims. (Source: G.M.Syed’s book:’Rihan’). 1941: Both M.A.Jinnah and Gandhi react unfavourably to the Simla announcement regarding the expansion of the Viceroy’s Executive Council. ‘ It will not secure the whole hearted, willing and genuine support, if that is honestly required, of Muslim India’, say Jinnah. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1941).Three members of the Working Committee of Muslim League joined that Council, and one of that Chowdhri Zafarullah became the Foreign Minister of Pakistan ! 1948: Karachi and other 5668 sq.miles are put under the control of the federal/Pakistan Government. An Ordinance is promulgated by the Governor General of Pakistan. (Source: Ordinance). This may kindly be noted that the Governor General, Quaid-i-Azam is in Ziyarat at eleventh hour of his age. 1950: Two sons of Soorih Badshah Shaheed Sabghatullah Pir Pagaro, are reaching Karachi.(Source: Newspapers). One of them takes over as Pir Pagaro later on. This may kindly be noted that in their absence from country, one influential man from Rashdi caste tried to become Pir Pagaro but, failed to get Government support. 1955: Ayub Khuhro is elected un-opposed as the member of Sindh Assembly from Tando Adam-Shapur constituency. (Source: Newspapers). The stage is being set for imposing One-Unit on Sindh. This may kindly be noted that Ayub Khuhro played vital role in the movement for separation of Sindh from Bombay Presidency and he also played key role in annexing Sindh with Punjab and other provinces under the shadow of One-Unit. 1964: Regional Cooperation for Development (RCD) is formed by Turkey, Iran and Pakistan. (Source: Newspapers). 1989: Ethnic violence erupts in Sindh. Ten are shot dead in Hyderabad and one in Dadu. (Source :ibid). "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ -(22 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد جي تحقيق". [واقعا] 22.7.1919: ترڪئ کي شڪست ملي ۽ اتحادين جي فتح ٿي ته فرنگي حڪومت جي وفادار سنڌين کي موقعو مليو ته سرڪار کي مبارڪون ڏئي, پنهنجي وفادارئ جو ثبوت ڏين. اڄ جن تارون موڪلي انھئ فتح تي سرڪار کي مبارڪون ڏنيون, اهي آهن: جيڪب آباد جو پرسارام بابومل اديسي ، قمبر جو مختيارڪار ڌاڳچند آسرداس, نوابشاه جو ڌررمداس ڀگوانداس. (ذريعو: ممبئي گزيٽ) 22.7.1920 فرنگي سرڪار ڪيترن مڪتبن کي مالي گرانٽ ڏيندي هئي. پر جڏهن خلافت ڪميٽئ "عدم تعاون تحريڪ" هلائي ته ڪيترن مڪتب هلائيندڙن سرڪار کان گرانٽ وٺڻ ڇڏي ڏني. اڄ واره جي حاجي غلام رسول جلباڻئ ۽ باڊه جي دين محمد اهڙو اعلان ڪيو ته هو اڳتي سرڪار کان گرانٽ نه وٺندا. 22.7.1924 ڳوٺ ڀمڀي خان چانڊيئي ۾ حافظ محمود چانڊئي کي غلام مصطفا نالي فرزند ڄائو,جنهن اڳتي هلي علامه قاسمئ جي نالي سان شهرت ماڻي. ڪيترا ڪتاب لکيائين, "الرحيم" ۽ "الولي" رسالا ايڊٽ ڪيائين. سنڌئ ۾ Ph.D ڪرائيندڙ پهريون استاد ٿيو. تمام گهڻن کي پي ايڇ. ڊي ڪرايائين. شاه وکي الله اڪيڊمئ جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن ٿيو. ضياء الحق جي زماني ۾ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ٿيو.1987 ۾ کيس "تمغه امتياز" مليو. 22.7.1939: سيد ميران محمد شاهه نه رڳو سياستدان هو ، پر شاعر, قلم-ڌڻي ۽ سنڌي مسلمانن ۾ بيداري آڻڻ وارو جاکوڙي انسان هو. هن اڄ ڪي بي محمد صديق ميمن سان گڏ لاهور ۾ ‘انجمن حمايت اسلام’ آفيس جو دورو ڪيو. هو مسلمانن لاءِ سنڌ ۾ هڪ سوسائٽي / انجمن قائم ڪرڻ چاهي پيو. سندس ڪوششن سان پوء حيدرآباد ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي" قائم ٿي, جنھن تاريخ تي ڪتاب ڇپرايا (ذريعو: جي ايم سيد جو ڪتاب: ’رهاڻ‘). 22.7.1941: ايم اي جناح ۽ گانڌي ٻنهي وائسراءِ طرفان ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ توسيع ڪرڻ تي ناپسندگئ جو اظهار ڪيو. مزي جي ڳالھ اها آھي ته مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽئ جا ٽي ميمبر ان وائسراء جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جا ميمبر ٿيا, انهن مان هڪ چوڌري ظفرالله به هو, جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان پوء ملڪ جو پرڏيهي وزير ٿيو هو (ذريعو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال1941 جلد ٻيو). 22.7.1948: پاڪستان جي گورنر جنرل آرڊيننس ڪڍي ڪراچي شهر ۽ وڌيڪ 5668 اسڪائير ميل مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيا. ھئ ڳالھ ذھن ۾ رکڻي آھي ته گورنر جنرل ، قائداعظم پنهنجي خراب صحت ڪري زيارت ۾ هو, ۽ سندس نالي ۾ اهڙا آرڊيننس ڪڍيا ويا, جن مان سنڌ متآثر ٿي. پر, انھئ پٺيان ڳجهن هٿن ۽ ڳجهئ سياست جي رازن جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونھي. 22.7.1950: سورهيه بادشاہ شهيد صبغت الله پير پاڳاري جا ٻه فرزند ، ڪراچي پهچي رهيا آهن. (ذريعو: اخبارون). انهن مان هڪ پوءِ پير پاڳارو بڻيو. 22.7.1989: سنڌ ۾ نسلي دهشت گردئ سبب حيدرآباد ۾ ڏھ ۽ دادو ۾ ھڪ ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا. (ذريعو: اخبارون) [جنم ڏينهن]: 22 جولاءِ 1922ع مشهور شاعر نارائڻ شيام 22 جولاءِ 1929ع شاعر حبيب الله پٺاڻ (آريجا). 22 جولاءِ 1947ع ليکڪ سليم چنا (شڪارپور) . 22 جولاءِ 1951ع ڪهاڻيڪاره ۽ ڊراما نگاره نور الهدا شاهه. 22 جولاءِ 1962ع صحافي محمد خان بروهي (نصير آباد). 22 جولاءِ 1962ع صحافي نظام الدين سرهندي (حيدر آباد) . 22 جولاءِ 1963ع صحافي غلام قادر پهنور (سنجهورو). 22 جولاءِ 1967ع ليکڪ بلو مومن(پنو عاقل). 22 جولاءِ 1971ع شاعر سڪندر ميمڻ (نظرپور). 22 جولاءِ 1981ع شاعر آصف بلوچ (خيرپور). 22 جولاءِ ليکڪ ۽ سائنسدان ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري (ملڪاڻي). [وفاتون]: 22 جولاءِ 1902ع عالم مولانا عبدالستار رستمي. 22 جولاءِ 1953ع سياستدان مير الله بخش ٽالپر. 22 جولاءِ 1983ع دوست محمد ابڙو. 22 جولاءِ 1986ع مشهور راڳي فقير عبدالغفور. 22 جولاءِ 2006ع شاعر, ليکڪ ۽ صحافي اظهر گيلاني (گهوٽڪي)

Monday, 20 July 2026

SINDH in history today (21st July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Sindh [ including Pakistan] in history today (21st July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute and translated by his son Mumtaz Ali Pathan *********Dr. Pathan wishes you Good Day. [Dear you are more beautiful than this beautiful universe. Witness its waiting for you. Rainbow has less colours than your colourful personality. You are higher than high mountains. The flow of your love & beauty is more strong and speedy than flow of lakes and rivers. Dear! Don't hide, but add your beauty & love and vision & wisdom in this world and make it more wonderful & beautiful, please] تنهنجون سوچون انڊلٺ ريکا پر لوچون پوء ڇو تنهنجون ماٺيون ۽ مدهوش؟ گهاگهر بن شل گهري پئين دل سان تار ندئ منجھ ڀل اها ڏسي تنهنجو جوش, دل ۽ دنيا ۽ ھئ ڌرتي پل پل طلبن تانگهن تنهنجي سونهن سندو آغوش, پنهنجو روپ نہ ڪر روپوش, ڪر ظاهر سندرتا سرت ۽ سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {21st JULY} EVENTS: 1920: A big public meeting is held at village Buthi of taluka Mirokhan by the local branch of Khilafat Committee. It is presided over by Qazi Abu-al-Hassan Azizullah. It has been notified by the Khilfat Committee that in response to its call for Non-Co-Operation, Haji Ghulam Rasool of village Mevo Jalbani, Mula Gul Muhammad of Daro, Warah and Din Muhammad of Badah have announced that they will not take Government grants for their Maktabs/Schools in future. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1925: Ban on Akhand Panth and pilgrimage to Gurdwara Gangar is lifted. Sikh Community is happy to see positive results of their struggle. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1925). 1939: A public meeting is held at Buthi Hakra by the local branch of Muslim League. It is presided over by Moulana Shah Muhammad. The meeting condemns the agitation of Hindus against Nazim of Hyderabad Dakkan. It demands the imposition of ban on selling of Quran by Bookstores run by Hindus. An appeal is also made to elected Sindh Assembly members from the District Larkano to join Muslim League. (Source: Newspapers). 1946: Sindh Assembly election results are declared. G.M.Syed in midist of strong opposition of All-India Muslim League returns un-opposed. Party-wise result is: Muslim League (27 Seats), Congress (21 Seats), G.M.Syed Group (04 Seats), Muslim Nationalists (04 Seats), Europeans (03 Seats). 1949: The property of Sir Shahnawaz Bhutto in Mombai is forfeited. When he was Nazim of Hyderabad Dakkan , he did his level to annex that State with Pakistan (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1953: Habi Ibrahim Rahmatullah is appointed Sindh Governor (Source: Newspapers). 1964: The Alliance named Combined Opposition Parties (COP) is formed by Council Muslim League, Jamait-i-Islami, National Awami Party and Nizam-i-Islam Party. (Source: Newspapers). 1988: Zia promise to hold general elections on November 16, addresses Pakistan Senate. (Source: ibid). SINDH IN HISTORY TODAY (21st July) Dr.Pathan. 21 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 21.7.1920: هڪ ننڍڙي ڳوٺ بٺئ (تعلقو ميروخان) ۾ خلافت جو هڪ وڏو جلسو ٿيو. قاضي ابوالحسن عزيز الله جلسي جي صدارت ڪئي. سرڪار کان بائڪاٽ ڪرڻ وارئ (عدم تعاون) تحريڪ تي عمل ڪندي, ڳوٺ ميوو خان جمالئ جي حاجي غلام رسول, ڳوٺ دڙو جي ملان گل محمد ۽ باڊه جي دين محمد اعلان ڪيو ته هو اڳتي سرڪار کان پنهنجي مڪتبن لاء مالي گرانٽ نه وٺندا. [پارٽين ڪارڪنن جي سياسي تربيت اها ڪئي ته پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻجي. سرڪار ڪو پنهنجي کيسي مان اسان جي ملن ۽ مڪتبن جي ته مالي مدد نه ٿي ڪئي] 21.7.1925: تحريڪون ڪيئن هلائبيون آھن, ان لاء ”حر تحريڪ" هڪ چٽو مثال آھي. اها اسان جي ڌرتئ جي تحريڪ هئي. تحريڪ ڪيئن هلائبي آھي, اهو سبق بنگالن کان سکجي. تحريڪ ڪيئن هلائجي, اهو سکن کان سکجي. سکن تي سرڪار پابندي لڳائي هئي ته اهي امرت سر اچي نه ٿا سگهن ۽ اتي ڌرمي ورد ڪري نه ٿا سگهن. سکن ڪنهن ناغي کان سواء روزانو پنهنجو جٿو سرڪار سان ملڻ ۽ پنهنجي مسئلي سمجهائڻ لاء لڳاتار سال موڪليندا رهيا. تان جو سرڪار اڄ مجبور ٿي مٿن مڙهيل پابندي هٽائي. [اسان تحريڪ کي ثقافتي ڏڻ طور هلائيندا آھيون, جيئن بحريه ٽائون مامري تي هار سينگار ڪري, بڪ اسٽال لڳائي ۽ بسون ڀري پاڻ کي ۽ ٻين کي مفت ۾ ٻڌرائڻ وياسين. اسان تحرڪون پنهنجي جماعتي طاقت ڏيکارڻ لاء جٿو ٺاهي وڃي وڙھڻ لڳندا آھيون ۽ پاڻ کي ڏوهي ثابت ڪري تحريڪ جو مقصد ختم ڪري ڇڏيندا آھيون] 21.7.1939: مولانا شاه محمد جي صدارت ۾ ڳوٺ بٺي هڪڙا ۾ "مسلم ليگ" جو جلسو ٿيو ۽ انھئ موقعي تي ڪيترا ٺھراء پڻ پاس ڪيا ويا. هڪ ٺھراء ذريعي لاڙڪاڻي ضلعي جي مسلمان سياستدانن کان مطالبو ويو ته هو مسلم ليگ پارٽئ ۾ شامل ٿي وڃن. ٻئي ٺھراء ۾ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته مسلمانن جي حقن جي حفاظت کي يقيني بنائي. 21.7.1946: سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جون چونڊون ٿيون. مسلم ليگ جي پر زور مخالفت باوجود جي.ايم.سيد بنا ميمبر ٿي ويو. هنن چونڊن ۾ پارٽين جي پوزيشن هن طرح بيٺي : مسلم ليگ (27 سيٽون), ڪانگريس (21 سيٽون), جي.ايم. سيد گروپ (4 سيٽون), قوم پرست مسلمان گروپ (4 سيٽون) ۽ يورپي (3 سيٽون). 21.7.1947: ڪراچئ ۾ ”سنڌ شاگرد ڪانفرنس" ٿي, ان ۾ ھارين جي سڄاڳئ ۽ تحريڪ کي سنڌ جي سياسي مستقبل لاء سٺو سوڻ قرار ڏنو ويو. 21.7.1953: حبيب ابراهيم رحمت الله کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 21.7.1962: خاڪسار تحريڪ فيصلو ڪيو ته پارٽئ جي بانئ جي نظربندئ باوجود سياسي سرگرمين کي جاري رکيو ويندو. 21.7.1964: ڪائونسل مسلم ليگ, جماعت اسلامئ, نئشنل عوامي پارٽئ ۽ نظام اسلام پارٽين گڏجي " ڪمبائينڊ آپوزيشن پارٽيز" نالي سياسي اتحاد قائم ڪيو. 21.7.1970: عبدالصمد اچڪزئئ اڄ ”پختون نئشنل عوامي پارٽي" ٺاهي. *************** {21 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 21 جولاءِ 1593ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان شاهل محمد ڪلهوڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1903ع ليکڪ ۽ تعليمدان عبد الله عباسي (محبت ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1907ع شاعر ٺارو مل بجاج(اوٻاوڙو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1910ع شاعر ۽ ليکڪ ڪشنچند جيٽلي (حيدر آبا / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1926ع ليکڪ مرلي مکي (حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1930ع مشهور نغما نگار ۽ شاعر آنند بخشيجي ديهانت ٿي. 21 جولاءِ 1946ع اسڪالر ۽ تعليمدان ڊاڪٽر محبوب شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1958ع اداڪار رتن جهامناڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 21 جولاء شاعر ۽ راڳي سرفراز علي "سرف" جتوئئ جي جنم جي تاريخ آھي. [وڇوڙو:] 21 جولاءِ 1982ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولوي محمد صالح عاجز جي وفات ٿي. 21 جولاءِ 1991ع شاعر معصوم هالائي جو انتقال ٿيو

Sunday, 19 July 2026

SINDH in history today (20th July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Sindh [ including Pakistan] in history today (20th July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute and translated by his son Mumtaz Ali Pathan *********Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! Every day early in the morning, I will be there at the door of your heart & mind with Good Wishes and with humble pray that without your participation, cooperation and kindness we are in trouble, sorrows & longings. You are beauty, vision & wisdom. You are source of peace & progress. Don't deprive me and my society of your guidance & role, please] تنھنجي دل جي در تي اچي روز، دوست ! ڪيان دل سان صدا سلام، شل رھین صاحب سکیو سدا ستابو، ڏکن بدران ڏسین سدائين چین آرام، ملي تنھنجئ شفقت جو اگر انعام، تان لھن مونجھارا منھنجا مارن جا. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {20th JULY} EVENTS: 1849: The Sindh Commissioner request the Bombay Government to supply copy of rules and practice on the subject of marrying, baptizing and burying Christian members of civil establishment. (Source: Commissioner’s letter No.1523). 1920: The Al-Wahid, Karachi, in the course of its editorial advocates ‘Non-Co-Operation Movement’ and advises people to join hands with Khilafat Tahrik. The editor of this Newspaper on contributing this earned imprisonment. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1932: On behalf of the Sindh Azad Jamait, Muhammad Ayub Khuhro presents Memorandum to the Joint Parliamentary Committee in London requesting for separation of Sindh from Bombay Presidency. (Source: The Daily Al-Wahid). 1947: NWFP decides by vote to join Pakistan. (Source: Newspapers) 1954; The Constituent Assembly of Pakistan resolves to make Karachi as permanent Capital of Pakistan (Source: ibid). 1973: It is very difficult to work with Z.A.Bhutto. Baluchistan has been badly victimized in his tenure, says Attaullah Khan Mengal. (Source: Newspapers EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th July) By: Dr. Pathan ** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي انجمن مومنين رئيس غلام محمد ڀرڳڙي کي درخواست ڪئي ته هو انهيءَ تنظيم جي صدارت جو عهدو قبول ڪري، ان حوالي سان هن کي لکت ۾ درخواست پهچائي وئي. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روزاني الوحيد پنهنجي ايڊيٽوريلز ذريعي عوام کي عدم تعاون تحريڪ بابت آگاهي ڏني ۽ ماڻهن کي اها صلاح ڏني وئي ته اهي خلافت تحريڪ جي اڳواڻن جا هٿ مضبوط ڪن، بعد ۾ انهيءَ عمل تي اخبار جي ايڊيٽر کي سزا پڻ آئي ۽ پابنديون به لڳيون. خلافت تحريڪ جي ڪاميابي ۾ الوحيد وڏو ڪردار ادا ڪيو. ** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد ايوب کهڙي سنڌ آزاد جماعت جي پاران لنڊن ۾ گڏيل پارلياماني ڪاميٽي کي ميمورنڊم پيش ڪيو، جنهن ۾ اها درخواست ڪئي وئي هئي ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪيو وڃي. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سردار عطاءُالله مينگل چيو ته هن وقت بلوچستان جون حالتون انتهائي خراب ٿي ويون آهن، هاڻي ذوالفقار علي ڀٽو سان وڌيڪ گڏ نٿو هلي سگهجي، هن جي دور ۾ بلوچستان سان انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان ۾ سياسي گهوٽالو وڌي ويو، نواز ليگ کان پوءِ پ پ به سردار اختر مينگل جي سرڪار جي حمايت واپس وٺي ڇڏي، جڏهن ته 7 باغي وزيرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون، ناراض گروپ صدر ۽ نواز شريف سان ملاقاتون شروع ڪري ڏنيون، پ پ سان لاڳاپيل صوبائي وزير بسم الله ڪاڪڙ اختر مينگل کي استعيفا جي صلاح ڏني، وزيراعليٰ مينگل جو چوڻ هو ته غيرجمهوري قوتن اهو سياسي بحران پيدا ڪيو آهي، اسان جي حڪومت کي هلڻ نه ڏنو ويو. ** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي سيڪريٽري ظفرالله خان اعلان ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جو فيصلو هلندڙ سال ٿي ويندو، عالمي مالياتي ادارا فنڊ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اهڙو اعلان ڪيو، هن چيو ته ڊيم جي اڏاوت تي لاڳت جو ڪاٿو 6 ڏهائي هڪ ارب ڊالر آهي، ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ بعد سنڌ جي واهن ۾ سڄو سال پاڻي موجود هوندو، ڪالاباغ ڊيم ته سنڌ جي فائدي ۾ آهي، ان مان ڪوبه نقصان ناهي، هوڏانهن سنڌ سرڪار توڙي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري جي اهڙي بيان کي رد ڪيو ۽ چيو ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جو مسئلو آهي، اهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. ************* 20 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 20 جولاءِ 1926ع اسڪالر سنت داس جهانگياڻي (حيدرآباد / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1932ع شاعر ساقي هالائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1934ع شاعر گلاب خان مهجور جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1939ع گلوڪار گرڌاري لال رتناڻي (شڪارپور / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1941ع ليکڪ منير گوزئي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1942ع ليکڪ پدن شرما (ميرپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1950ع باليووڊ اداڪار نصير الدين شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1956ع ليکڪ، براڊڪاسٽر ۽ شاعر نصير مرزا جو جنم ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1959ع شاعر پهلاج جيواڻي (ڏهرڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 20 جولاءِ 1961ع ليکڪ رمضان نول (مورو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 20 جولاءِ 1859ع شاعر غلام علي مائل ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو. 20 جولاءِ 1979ع ليکڪ ولي دائودپوٽو جو انتقال ٿيو.

Saturday, 18 July 2026

SINDH in history today (19th July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Sindh [ including Pakistan] in history today (19th July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute and translated by his son Mumtaz Ali Pathan *********Dr.Pathan wishes you Good Day. [It is not because of 'generation gap', but illiteracy in logic & philosophy of human values and zero level knowledge of human instincts that people start seeing crime in the love of elders and love in the crime of younkers. It is not intellectual or ideological advancement, but insolvency in vision & wisdom. It deprives people of benefitting from experience and knowledge of elders] محبت ماٹھپي خلوص سان جي پوڙھا ھلن تان پاپ، ڏوھ گناھ ڳڀرن جو پر ڄاڻجي عشق سندو آلاپ، ايئن اگر ھرڪو هر پل ٿيندو آپي منجھ صاحب آپ، پوء ڪيئن سمجھي منطق محبت سرت سلام جو. ‏‎ ‎ ************ SINDH IN HISTORY TODAY (19th JULY) EVENTS: 1909: Mr. Wright, Educational Inspector of Sindh presides over Conference in N.J.V.High School at Karachi in which Course Outline for Anglo-Vernacular schools was discussed. The Conference is also attended by the principals of N.H. Academy of Hyderabad and Nau Vidyala of Hyderabad including Head Masters of A.V. schools. (Source: The Daily Sindh Gazette, Karachi) 1910: The Sindh Commissioner directs to the District Local Board Larkano to open Dispensaries at Dadu, Bubak and Warah (Source: Commissioner’s letter No 1416). 1920: First Karwan of Sindhi migrants reaches Jalalabad. They migrated on the call of Khilafat Committee and in protest against Government’s anti-Turkey and anti-Islam policy. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1921: Aman Sabha is formed at Ladyoon and our upper class of the area is in fron row of the Sabha. Khair Muhammad Chandio (President), Metharam Ajit Sing (Vice Presidnt), Varomal Parmanand (Secretary) and Bulchand Bhupatrai (Treasurer) are elected as office-bearers. There is lengthy list of members of the Working Committee.(Source: The Daily Gazette, Karachi). Aman Sabha will guide people to be faithful, loyal and sincere subjects of the Government and remain away from freedom fighters. 1936: The Socialist Conference is held at Karachi and attended by Pandit Jawaharlal Nehru. In this conference the attitude of the Socialists towards Congress is explained and Congress is advised to include socialism in its program )Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1936). 1950: We want to make Pakistan a America of East, says Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan (Source: Newspapers). 1958: General elections are postponed till February 1959. (Source: Official Announcement). 1969: Shaikh Mujeeb was not author of 6-points, but it was assignment for him designed by Government officer, says Chowdhri Muhammad Ali in an interview. (Source:The Chittan, journal). EVENTS FROM SINDH HISTORY (19th July) By: Dr. Pathan ** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر رائيٽ ڪراچي جي اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ڪوٺايل تعليمي ڪانفرنس جي صدارت ڪئي، ڪانفرنس ۾ ايلگو ورڪيولر اسڪولس ڪورس تي بحث ڪيو ويو، ڪانفرنس ۾ اين ايڇ اڪيڊمي حيدرآباد جي پرنسپال ۽ ٻين استادن توڙي تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. ** 1910ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي انتظاميا کي هدايتون جاري ڪيون ته دادو، بوبڪ، وارهه ۽ ٻين شهرن ۾ ميڊيڪل ڊسپينسريون کوليون وڃن. ** 1919 تي ڪمشنر سنڌ ۾ عام موڪل ڪئي ته جيئن ترڪئ جي شڪست ۽ مٿس مهاهدو مڙھڻ وارئ خوشئ جو ڏينهن ملهائجي. هن ڏينهن تي سرڪار پرستن شادمان ڪيا, پر عوام حڪومت تي ڏمرجي پيو ۽ جنهن جي نتيجي اڳتي هلي ”خلافت تحريڪ“ ھلي. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هجرت تحريڪ دوران سنڌين جو پهريون قافلو افغانستان جي شهر جلال آباد پهتو، خلافت ڪاميٽي حڪومت خلاف تحريڪ دوران هجرت جو اعلان ڪيو هو، خلافت ڪاميٽي جو فيصلو هو ته سرڪار ترڪي ۽ اسلام مخالف پاليسي ترڪ ڪري. ** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي امن سڀا طرفان لاڏيون ڳوٺ ۾ شاخ قائم ڪئي وئي، جنهن جو صدر خير محمد چانڊيو، نائب صدر ميٺا رام اجيت سنگهه، سيڪريٽري ويرو مل پرمانن ۽ خزانچي ٻولچند ڀوپتراءِ کي چونڊيو ويو، جڏهن ته ورڪنگ ڪاميٽي ۾ پڻ ڪيترائي ماڻهو کنيا ويا، اها تنظيم خلافت ڪاميٽي جي مخالفت ۾ سرڪار طرفان جوڙائي وئي هئي. ** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سوشلسٽ ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ پنڊت جواهر لال نهرو پڻ شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ ڪانگريس کي صلاح ڏني وئي ته هو پنهنجي سوشلسٽ پروگرام تي عمل ڪري. ** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان چيو ته اسان پاڪستان کي آمريڪا وانگر بڻائڻ چاهيون ٿا. ** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار عام چونڊون فيبروري 1959ع تائين ملتوي ڪري ڇڏيون. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگي اڳواڻ چوڌري محمد علي هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته شيخ مجيب الرحمان 6 نقطا پاڻ نه لکيا هئا پر اها ڪنهن ٻئي جي اسائنمينٽ هئي. ************* اڄوڪي ڏينهن 19 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 19 جولاءِ 1932ع گلوڪاره پاروتي چاولا (سيوهڻ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1941ع ليکڪ سيتل هيمراجاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1941ع اسٽيج ڊائريڪٽر ايس ڪمار (نصير آباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1947ع سياستدان قاضي شفيق احمد مهيسر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1950ع صحافي محمد شفيع قريشي (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1956ع فلم اسٽار نديم جو جنم ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1958ع ليکڪ پروانو سيوهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1962ع درگاهه سچل سرمست جي گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي (چار) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 19 جولاءِ 1883ع ليکڪ منشي اوڌارام جي وفات ٿي. 19 جولاءِ 1937ع شاعر مسڪين حاجن شاهه جو انتقال ٿيو. 19 جولاءِ 1958ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالحق (پڊ عيدن) جو انتقال ٿيو. 19 جولاءِ 1969ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولوي احمد ملاح جو لاڏاڻو ٿيو.

Friday, 17 July 2026

Sindh in history today (18th July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Sindh [ including Pakistan] in history today (18th July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute and translated by his son Mumtaz Ali Pathan *********SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th July} and Good Day Wish. ************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [To avaid and to change face is not fair play and good dealing , but misguidance by motives and interests. Ego promotes hatred and discrimination. Whereas, everlasting human values teach us love & respect and sincerity & sacrifice. Love & beauty and peace & respect are needs of every soul & heart. Let us not to deprive anybody of it] منھن مٽڻ ڀڄي پاسو ڪرڻ اهو فن سکیئن ڪنھن کان؟ چپ رھڻ گھٹي بڇان ڪرڻ، مروت بدران متبید اگري انا، سڀ ڪا صورت آھي لائق ثنا، برابر سرت سونھن سلام جي. ************** SINDH IN HISTORY TODAY {18th JULY} EVENTS: 1914: Hindus are serious in reconstruction of their society by virtue of forming NGOs of their own. Today, ‘Shri Barhma Khastri Sahitya Mandli’ is established in Karachi. Seth Naraindas Variram Chapter, Dr.Narsidas Pitambardas Sodho; Jamnadas Vilabhdas Sadani; Rochiram Gangaram Sadani; Maniklal Maghomal Jethmilani and Pahlajrai Haromal are its founder members. This may kindly be noted that Rochiram Sadani was an outstanding writer and it was his initiate to form NGO of this type. (Source: Annual Report of the Mandli). 1926: All-India Cow Conference is held in Calcutta in which Government is urged to regulate salaughter og cattle by legislation. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1926). 1931: The Bengal Provincial Hindu Conference held at Burdwan under presidency of Mahraj Srish Chandra Nundy of Kasimabad passes the resolution on the issue of separation of Sindh from Bombay Presidency. The text of the resolution is :’ The question is utter disregard of determined opposition of the Hindus of Sindh who will have to bear a large proportion of the inevitable increased taxation in relation to their population, as compared with Moslems of Sindh’.(Source: The Daily Gazette, Karachi). 1932: Prof. J.S.Kriplani of Sindh and Director of the Gandhi Ashram is sentenced to six months’ imprisonment under Section 17 (A) of the Criminal Law Amendment Act. He will be placed in ‘A’ class. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1932). 1935: The Daily Al-Wahid of Karachi in the course of its editorial criticizes G.M.Syed and other leaders for not taking interest in enrolment of peasants as qualified voters. The editorial blames that leaders of upper class formed HARI COMMITTEE a few years ago for protection of their own interests, where as they have nothing to do with welfare of working class. It is time to create vote-bank of this lower class, but our leaders are now avoiding and depriving lower class of their Right of vote. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1936: Indian States Peoples’ Conference is held at Karachi and attitude of subjects of States was discussed and defined. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11,1936) 1939: Sj. Subash Chandra Bose deploring the policy of Congress says that ‘ a wave of intolerance is now sweeping over higher ranks of Congress leadership. The slightest criticism of any action of their throws them into a rage and the whole machinery of propaganda in their hands is at once put in operation. In this way the ordinary Congressman is terrorized into silence’. (Source; The Indian Register, Vol-11,1939). 1947: First Special train reaches Karachi. It is beginning of the greatest migration of Indian Muslims to Sindh and wave continued after reaching of Biharis in 1972 and onward. (Source: Newspapers). 1948: By virtue of promulgation of an ordinance, clause 92 A is added in the interim Constitution of Pakistan that empowers Governor-General to dissolve any provincial government.(Source: Newspapers). This may kindly be noted that very drastic decisions are taken when Quaid-i-Azam is in Ziyarat and health is in serious condition. 1955: Government of Pakistan files a petition praying for special leave to appeal against the judgment of a Full Bench of Lahore High court in the habes corpus petitions filed on behalf of ex-Major General Akbar Khan and other Rawalpindi Conspiracy Case prisoners including Faiz Ahmad Faiz. (Source: Newspapers). 1993: Entire political setup in the Pakistan is changed. Assemblies are dissolved. President Ishaq and Prime Minister Nawaz quit their offices. World Bank Vice President Moeen Qureshi is sworn in as care taker Prime Minister. National Assembly polls will be on 6th of October and Provincial Assemblies polls are due on 9th October.(Source: ibid) EVENTS FROM SINDH HISTORY (18th July) By: Dr. Pathan ** 1914ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ شري برهما کاستري ساهتيا منڊلي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، سيٺ نارائڻ داس وليرام، ڊاڪٽر نرسيداس پيتمبرداس سوڍو، جامنداس ولڀداس ساڌاڻي، روچيرام گهنگهارام ساڌاڻي، پهلاج راءِ هارومل ۽ مانڪ لال مگهومل ڄيٺملاڻي هن سماجي تنظيم جا باني ميمبر هئا، واضح رهي ته روچيرام ساڌاڻي پنهنجي دور جو وڏو ليکڪ هو، هن اهڙي قسم جي سماجي تنظيم قائم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ سان تعلق رکندڙ پروفيسر جي ايس ڪرپلاڻي، جيڪو گانڌي آشرم جو ڊائريڪٽر پڻ هو، کي ڪرمنل لا ترميمي ايڪٽ تحت 6 مهينا سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي وئي. ** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي مان شايع ٿيندڙ اخبار الوحيد پنهنجن مسلسل لکيل ايڊيٽوريلز ۾ جي ايم سيد ۽ ٻين اڳواڻن طرفان هارين جا ووٽ داخل نه ڪرائڻ واري معاملي تي تنقيد ڪئي، اخبار لکيو ته انهن اپر ڪلاس جي اڳواڻن ڪجهه سال اڳ هاري ڪاميٽي صرف پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ ٺاهي هئي، اهي هاري ۽ پورهيت طبقي جي ڀلائي نٿا چاهين، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لوئر ڪلاس جي غريب ماڻهن جو ووٽ بينڪ ٺاهيو وڃي. ** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پهرين اسپيشل ٽرين هندستان مان پناهگيرن کي کڻي ڪراچي پهتي، اها هندستان مان سنڌ ڏانهن وڏي هجرت جي شروعات هئي، ان کانپوءِ وڏي تعداد ۾ ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار هڪ آرڊيننس جاري ڪيو ته پاڪستان جو عبوري آئين گورنر جنرل کي اهي اختيار ڏئي ٿو ته هو ڪنهن به صوبائي حڪومت کي برطرف ڪري سگهي ٿو، واضح رهي ته اهو آرڊيننس ان وقت جاري ٿيو جڏهن قائداعظم زيارت ۾ بيمار پيل هو ۽ هن جي طبيعت ڏاڍي خراب هئي. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ جي ڏنل فيصلي خلاف نظرثاني درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي سازش ڪيس ۾ فيصلو ٻڌايو هو. ** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ جو سياسي سيٽ اپ تبديل ٿي ويو، اسيمبليون برطرف ڪيون ويون، صدر اسحاق خان ۽ وزيراعظم نواز شريف استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن بعد عالمي بينڪ جي صدر معين قريشي کي گهرائي نگران وزيراعظم بڻايو ويو ۽ اعلان ڪيو ويو ته قومي اسيمبلي جون چونڊون 6 آڪٽوبر ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 9 آڪٽوبر تي ڪرايون وينديون، نگران وزيراعظم معين قريشي عهدو سنڀاليندي ئي ملڪ ۾ نوان سڌارا آڻڻ جو اعلان ڪيو، هن وي آءِ پي پروٽوڪول کي واپس ڪندي عام ماڻهن وانگر بسن ۾ سفر ڪيو ۽ سڀني وزيرن کي به اها صلاح ڏني، هو وي آءِ پي ڪلچر جي خاتمي جو حامي هو پر هن جي ڪوششن باوجود وي آءِ پي ڪلچر ختم نه ٿيو. *********** اڄوڪي ڏينهن 18 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 18 جولاءِ 1911ع سياستدان آغا غلام نبي پٺاڻ(سلطان ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1927ع شهنشاهه غزل مهدي حسنجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1936ع سياسي اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ (پير ڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1945ع شاعر ۽ ليکڪ الهجڙيو شاد(جهڏو) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1948ع گلوڪار نانڪ چاولا (الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1953ع شاعر برڪت بلوچ جو جنم ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1982ع باليووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙاجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 18 جولاءِ 1967ع مذهبي عالم مولانا محمد علي شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 18 جولاءِ 1885ع قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي فرزند شاهنواز ڀٽوکي فرانس ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو. 18 جولاءِ 2007ع شاعر مشتاق ڀرڳڙي جو انتقال ٿيو. 18 جولاءِ 2012ع باليووڊ اداڪار راجيش کنا ديهانت ڪري ويو

Wednesday, 15 July 2026

SINDH in history today (16th July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Sindh [ including Pakistan] in history today (16th July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute and translated by his son Mumtaz Ali Pathan ********** Dr.Pathan wishes you Good Day. [ I can't forget for a single moment, but am forgotten since centuries. Perhaps lovely people have imposed ban on the tradition of reciprocation, response and remembering others. Why we can't find those, who are very much needed? Why we can't understand that peace and progress can be witnessed only because of cooperation? Why we don't believe that love and beauty are natural needs of everybody? What has happened to our hearts and minds? ] ساریان ته بہ سپرین نہ ٿا سارین، ورھین کان ایئن اسان کي وسارین، اسان طلبیون من جئ کي جیارین، پنھنجي دل جي نیٹن سان نھارین، امرت سونھن سندو ھو شل پیارین، پر نہ ٿا جیئارن پر جدائئ ۾ مارین، گھنگھر گھارین، تن من روح اسان جو.‏‎ ‎ ********** EVENTS FROM SINDH HISTORY (16th July) By: Dr. Pathan ** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر سپرنٽينڊنگ سرجن کي هدايت جاري ڪئي ته حب نديءَ جي ويجهو علائقي لکڻ جو جائزو وٺي ان جي سينيٽيريم فٽنيس رپورٽ موڪلي وڃي، بعد ۾ سپرنٽينڊنگ سرجن ڊاڪٽر هنٽر پنهنجي رپورٽ ڪمشنر وٽ جمع ڪرائي. ** 1901ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز سرڪار پاران بمبئي روينيو ڪوڊ جي قلم 7 تحت نوٽيفڪيشن جاري ڪري لاڙڪاڻو ضلعو قائم ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن تي بمبئي حڪومت جي چيف سيڪريٽري جي وي پي ميڪنزي جي صحيح ٿيل هئي. ** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز وائسراءِ پنهنجي اتحادين جي هڪ تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي پنڊت پنچنداس شيوالا ۽ شهدادپور جي پيرو مل شرڪت ڪئي ۽ بمبئي حڪومت کي مبارڪباد ڏني. ** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ضلعي جي ڪانگريس ڪاميٽي ضلعي جي مختلف اسڪولن جي شاگردن کان اسڪالر شپ لاءِ درخواستون گهرائي ورتيون، ڪانگريس ڪاميٽي طرفان ڄاڻايو ويو ته ٽن شاگردن کي في شاگرد 15 رپيا ڏنا ويندا ته جيئن اهي عليڳڙهه يونيورسٽي ۽ گجرات وديا پٿ ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن. ** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مسلم ليگ جي سڏ تي واپار جو ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ ڪيترن ئي واپارين شموليت ڪئي. ** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي پي ڊبليو ڊي جي وزير محمد ايوب کهڙي ڪراچي جي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ سنڌ جي سياست جي عنوان هيٺ ليڪچر ڏنو، اهو پروگرام شيخ عبدالمجيد سنڌي طرفان منعقد ڪرايو ويو هو. ** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر حڪومت خلاف لانگ مارچ ملتوي ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ بينظير ڀٽو اسلام آباد ۾ صدر غلام اسحاق خان ۽ آرمي چيف عبدالوحيد ڪاڪڙ سان ملاقاتون ڪرڻ بعد لانگ مارچ ملتوي ڪيو، بينظير ڀٽو کي خاطري ڪرائي وئي ته قومي اسيمبلي ٽوڙي چئني صوبن ۾ غيرجانبدار نگران حڪومتون جوڙيون وينديون، ان کانپوءِ شفاف چونڊون ٿينديون، اهڙي خاطري تي بينظير ڀٽو وزيراعظم نواز شريف خلاف لانگ مارچ تان هٿ کڻي وئي، ان کان اڳ پ پ اڳواڻ فاروق لغاري صدر غلام اسحاق خان سان ملاقات ڪئي ۽ صدر جو پيغام کڻي لاهور آيو، جتي هن بينظير ڀٽو کي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ذريعن اهوبه چيو ته وزيراعظم نوازشريف اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ صدر کي ايڊوائيس موڪلڻ تي راضي ٿي ويو آهي. *********** اڄوڪي ڏينهن 16 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 16 جولاءِ 1909ع سياسي ورڪر لڇمنداس آريا جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 جولاءِ 1932ع گلوڪاره وينا واڌواڻي (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 جولاءِ 1941ع شاعر رحيم بخش روشن جو جنم ڏينهن آهي. 16 جولاءِ 1957ع ليکڪ حافظ حفيظ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 16 جولاءِ 1965ع شاعر بشير بيوس اوٺو(مٺي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 جولاءِ 1984ع باليووڊ اداڪاره ڪترينا ڪيفجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 16 جولاءِ 1954ع اسڪالر علامه علي خان ابڙو(سانگي) جو لاڏاڻو ٿيو. 16 جولاءِ 1956ع صحافي ۽ آزادي جي تحريڪ جي ورڪر ويرومل بيگراج جي ديهانت ٿي. 16 جولاءِ 1980ع شاعر علي محمد ساقي جي وفات ٿي. 16 جولاءِ 1994ع اسڪالر، اديب، شاعر ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر الهداد ٻوهيوجو انتقال ٿيو. 16 جولاءِ 2000ع سنڌ صوبي جي اڳوڻي گورنر اشرف ڊبليو تابانيجي وفات ٿي. 16 جولاءِ 2004ع شاعر معصوم سانگهڙائيجي وفات ٿي. 16 جولاءِ 2016ع ماڊل گرل قنديل بلوچ کي ملتان ۾ قتل ڪيو ويو