** 1793ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جو ڪاروبار انتهائي عروج تي رهيو،
سنڌ مان سلڪ، ڪاٺ، کجور وڏي تعداد ۾ پرڏيهه موڪلي ويندي هئي،
جڏهن ته اناج ۽ گيهه پڻ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ايڪسپورٽ
ڪيو ويندو هو، ڪراچي سان تعلق رکندڙ واپاري لکميداس جو
چوڻ هو ته ان دور ۾ هنڊي سسٽم بينڪنگ جو مشهور نظام هو،
واپاري برادري ۾ ٺٽائي رپيو، چالان رپيو ۽ ايگريسي رپيو قابل قبول هو.
** 1856ع ۾ مامول ۽ سيري نالي جاگيرون سنڌ جي حڪمرانن طرفان
جاگيردارن کي الاٽ ڪيون ويون، اهڙي قسم جون جاگيرون
ساحتي پرڳڻي ۾ پڻ موجود هيون، انهن جي لسٽ جاگير کاتي وٽ موجود هئي.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ هندو ڪانفرنس شروع ٿي،
جنهن جي صدارت ديوان لالچند نول راءِ ڪئي، ڪانفرنس ۾ ويرومل بيگراج،
ڪشنچند واڌو مل ۽ چندراسين جيٽلي خطاب ڪيو، ڪانفرنس سنڌ کي
بمبئي کان ڌار ڪرڻ واري معاملي تي بحث لاءِ ڪوٺائي وئي هئي،
ان دور ۾ ڪيترن ئي هندو اڳواڻن سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ جي مخالفت ڪئي.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليوارن صنعتڪارن احمد دائود
۽ فخرالدين واليڪا کي نظربند ڪيو ويو، کين چيو ويو ته انهن
جيڪا رقم پرڏيهه منتقل ڪئي آهي اها واپس آڻين.ٻي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سائين جي ايم سيد جي 88هين سالگرهه
ملهائڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون، ان حوالي سان ڀارت
جي اڳوڻي وزيراعظم راجيو گانڌي، بلوچ قومپرستن نواب خير بخش مري،
سردار عطاءُ الله مينگل، شير محمد مري شيروف،
فاروق عبدالله ۽ ٻين کي دعوت ناما موڪليا ويا.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي
حڪومت تي ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين سنگين قسم جا الزام لڳايا،
لنڊن مان خطاب ڪندي هن چيو ته سندن ڪارڪنن کي گم ۽ قتل ڪيو پيو وڃي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بوسينيا ۾ امن بابت گول ميز
ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ 9 مهينن کان جاري ويڙهه جي خاتمي لاءِ امن پلان تيار ڪيو ويو.
No comments:
Post a Comment