Monday, 22 June 2026

SINDH in history today (23rd June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH in history today (23rd June). Author Dr.Pathan and Translator Mumtaz Pathan Sindh in history today (23rd June). Chronological Slection of Events from two Centuries of Sindh History. . Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Whenever likes & dislikes, wishes & desires are promulgated as Martial Law Regulations and they are not adjusted with demands and are not as per principle of give & take, consequently the process of social, cultural and ideological deterioration starts immediately. The situation becomes high risk for Human love & respect and beauty & integrity and peace & progress] ھو جو صاحب چئجي يا ھوت، هن جي 'مرضي' ماري يا جیاري، ڪن کي تہ خوشین جا خرار ملن، ڪو ايئن گھنگھر گھٹو پیو گھاري، جو سرت سونھن ۽ سلام سھاري، سو بچي انھئ ڀڙڪندڙ باھ مان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd JUNE} EVENTS: 1832: The Bombay Government allows Colonel Pottenger to assemble army for routing out free-booters in eastern Sindh. (Source: Letter No.154) 1843: Lieutenant Gordon, in charge of the ex-Amirs of Sindh recommends to the Secretary to the Governor of Bombay that allowance should be made to Amirs/detained Talpurs as under: Provisioning 13 ex-Amirs and 98 attendants (Rs.8.000), Monthly wages to servants (Rs.3000), Clothing (1500), Establishment of carriages, horses etc (Rs.2500), Mir Nasir Khan of Hyderabad (Rs.2800), Mir Rustam Khan of Khairpur (Rs.2500), Mir Sobdar Khan (Rs.2500), Mir Muhammad Khan (Rs.2000), Mir Hussain Ali s/o Mir Mir Muhammad (Rs.1400), Mir Muhammad Khan (Rs.600), Mir Yar Muhammas (Rs.400), Mir Nasser Khan of Khairpur (Rs.700), Mir Hussain Ali s/o Mir Nasser Khan of Hyderabad (Rs.500),Mir Abbas Ali s/o Mir Nasser Khan of Hyderabad (Rs.300), Mir Fatih Khan s/o Mir Sobdar Khan (Rs.500), Mir Muhammad Ali s/o Mir Sobdar Khan (Rs.300) and Mir Ali Bux s/o Mir Rostam Khan (Rs.500)- (Source: ‘Correspondence related to Sinde’) 1922: The meeting of Aman Sabha- anti Khilafat & Congress-is held at Tando Muhammad Khan with K.B.Jam Mitta Khan in chair. About 20 landlords, Pirs and Mukhis address the meeting and ask people not to join any agitation against the Government. Moulvi Abdul Aziz is awarded Turban and Longi for his services in this regard. This meeting is attended by the Deputy Collector and Mukhtiarkar of Shadadpur, Diwan Kirpaldas,Dyaram Ghanomal,Seth Radha Kirshin,Shamdas, Diwan Wadhomal and Diwan Tekchand. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1934: R.K.Christia, a Sindhian lady is awarded the degree of Ph.D by the London University. She got education in D.J.Sindh College and served in ‘Women College’, Lahore. She did Ph.D. on the topic of ‘Action of Bacteria on the corrosion of metals’.(Source: The Daily Gazette, Karachi). 1948: Pakistan Government takes over the administration of Karachi from Sindh Government. Most of Sindhi politician are happy and take it as their service to Pakistan, but majority of Sindhi believe it as fall of Karachi. (Source: Newspapers). 1956: Government of Pakistan decides to celebrate 23rd March as a national day. This decision is taken nine years after the creation of Pakistan! (Source: Newspapers). 1988: Pir Pagaro offers PML leadership to President Zia. (Source: Ibid). TRANSLATION OF THE POST: ******** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd JUNE} EVENTS: ** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر کي اجازت ڏني وئي ته هو ايسٽرن سنڌ جي علائقي ۾ پنهنجي فوج مقرر ڪري. ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ سنڌ جي حڪمرانن جي چارج رکندڙ انگريز عملدار ليفٽيننٽ گورڊن بمبئي جي گورنر کي سفارش ڪئي ته گرفتار ڪيل ٽالپر حڪمرانن لاءِ معاوضا ۽ الائونس منظور ڪيا وڃن، هن پنهنجي سفارش ۾ چيو ته حڪمران خاندان جي 13 فردن ۽ 98 عملي جي ماڻهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 8000 رپيا رکيا وڃن، انهن جي نوڪرن جي ماهوار پگهار لاءِ 3000 رپيا، ڪپڙن لاءِ 1500 رپيا، گهوڙي گاڏين لاءِ 2500 رپيا، حيدرآباد جي مير نصير خان لاءِ 2800 رپيا، خيرپور جي مير رستم خان ٽالپر لاءِ 2500 رپيا، مير صوبدار خان ٽالپر لاءِ 2500 رپيا، مير محمد خان لاءِ 2000 رپيا، مير حسين علي پٽ مير محمد لاءِ 1400 رپيا، مير محمد خان لاءِ 600 رپيا، مير يار محمد لاءِ 400 رپيا، خيرپور جي مير نصير خان لاءِ 700 رپيا، نصير خان جي پٽ مير حسين علي لاءِ 500 رپيا، مير عباس علي لاءِ 300 رپيا، مير صوبدار خان جي پٽ مير فتح خان لاءِ 500 رپيا، مير محمد علي لاءِ 300 رپيا ۽ رستم خان جي پٽ مير علي بخش لاءِ 500 رپيا منظور ڪيا وڃن. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خلافت ڪاميٽي ۽ ڪانگريس جي مخالفت ۾ ٺاهيل جماعت امن سڀا جي ٽنڊو محمد خان ۾ خانبهادر ڄام مٺا خان جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اٽڪل 20 زميندارن، پيرن ۽ هندو مکين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي چيو ويو ته اهي حڪومت خلاف ڪنهن به تحريڪ جو حصو نه ٿين، مولوي عبدالعزيز کي ٽربان ۽ لونگي سان نوازيو ويو، گڏجاڻي ۾ شهدادپور جي ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مختيار ڪار ديوان ڪرپل داس، ديارام گهنومل، سيٺ راڌا ڪرشن، شامداس، ديوان واڌو مل ۽ ديوان ٽيڪچند به شرڪت ڪئي. ** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ واسڻ آر ڪي ڪرسٽيا کي لنڊن يونيورسٽي طرفان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وئي، هن ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان تعليم حاصل ڪئي ۽ لاهور وومين ڪاليج ۾ وڏي عرصي تائين نوڪري ڪئي. ** 1948ع ۾ پاڪستان حڪومت ڪراچي جو ڪنٽرول سنڌ سرڪار کان حاصل ڪري ورتو، جنهن تي ڪيترائي سنڌي سياستدان خوش ٿيا پر اڪثر سنڌي اڳواڻن ان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مخالفت ڪئي. ** 1956ع ۾ وفاقي سرڪار پهريون ڀيرو 23 مارچ کي يوم پاڪستان جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو، ان کانپوءِ هر سال اهو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير پاڳاري مسلم ليگ جي قيادت جنرل ضياءُالحق حوالي ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. ************* اڄوڪي ڏينهن 23 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون​ ​ جنم ڏينهن:​ ​ 23 جون 1834ع قَاضي عبدالنبي شڪارپوري جي پيدائش ٿي.​ 23 جون 1938ع شاعر محمد بخش ”حافظ“(نوان جتوئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 23 جون 1940ع شاعره لڪشمي جيوتي (ڪراچي / الهاس نگر) جي پيدائش ٿي۔​ 23 جون 1954ع ڪشمور سان تعلق رکندڙ صحافي جئه رام داس بجاج جو جنم ڏينهن آهي.​ ​ وڇوڙو:​ ​ 23 جون 1901ع مذهبي عالم مولوي غلام رسول تنيو جو انتقال ٿيو.​ 23 جون 1941ع مذهبي عالم مولوي غلام محمد ٻنوي جو انتقال ٿيو.​ 23جون 1948ع عالم مولوي محمد سليمان واعظ جو انتقال ٿيو.​ 23 جون 1948ع عالم حاڪم معين الدين کيانروي جو انتقال ٿيو.​ 23 جون 1974ع مولوي نذير حسين جتوئي (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.​ 23 جون 1980ع اندرا گانڌي جو پُٽ سنجي گانڌي هڪ جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو.​ 23 جون 1989ع سياستدان ايم اي قريشي جو لاڏاڻو ٿيو.​ 23 جون 2004ع مذهبي عالم عزيز الله جروار جو انتقال ٿيو

Sunday, 21 June 2026

SINDH in history today (22nd June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali****** SINDH (INCLUDING PAKISTAN) IN HISTORY TODAY {22nd June}*Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ***************** [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner*** **Dr.Pathan wishes you Good Day. [Only to pose like religious-minded, but to work against religious teachings, is worst act of exploitation of people and to defame and deny religion. Common teaching of all religions is to love & respect, serve & support human beings and to be cause of peace & progress and beauty of society] ڪرين ياترا ڪاشئ مٿرا ھنگلاج جي، یا وڃین من ڌوئڻ لاء ڪعبي یا ڪربلا، جي ماري نہ سگھین جا اٿئي من اندر، نفرت بغض متڀید پرماريت جي ڏائڻ بلا،‏ تنھنجا ورت وظیفا روزا يا تپسيا ۽ چلا، ڪم جا ناھن سرت سونھن سلام سواء.‏ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd JUNE} EVENTS: 1836: Colonel Pottenger sends report to the Government of India appraising it of the health condition of Mir Noor Muhammad Khan who was ill since days. (Source: His letter No.56). 1948: India introduces permit-system for who so ever from Pakistan will visit India. It was to curb the return of Indian Muslim migrants to India. (Source: Newspapers) 1949: NWFP Government impose ban on migration of Pathans to Sindh (Source: Newspapers). 1950: Khan M.Akram and Shaikh Muzaffar, both editors from Multan resign from Journalist Association headed by Pir Ali Muhammad Shah Rashdi. Pakistan journalism was the first sector that accepted and promoted ‘provincialism’ and other negative influences.(Source: Interview with Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, by Dr.Pathan). 1966: Z.A.Bhutto gets unprecedented welcome as a Hero at Lahore Railway station. He had left Government due to differences with President Ayub on Tashkent Agreement. (Source: “Source-Material on Bhutto family”, compiled by Gul Hayay Institute). 1969: Pakistan Democratic Party is formed with the merger of four parties namely Awami League (Nasrullah Group), National Democratic Front, Nizam-i-Islam and Justice Party. (Source: Newspapers). 1972: In protest against economic policy of PPP Government, Stock Market start starts strike that will be observed for two days. (Source: Newspapers). 1978: Z.A.Bhutto appoints his daughter Benazir Bhutto as PPP Chairperson (Source: ‘Source-Material on Bhutto family”, Compiled by Gul Hayat Institute). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: ******** 22.6.1836: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي سنڌ واري سفارتڪار ڪرنل پاٽينجر اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي خبر ڏني ته سنڌ جو حڪمران مير نور محمد خان سخت بيمار آھي ۽ سندس بچڻ جي اميد گهٽ آھي. {فرنگي نمائندا ۽ جاسوس پنهنجئ سرڪار کي سنڌ ۽ حڪمرانن جي ذري ذري جي خبر ڏيندا هئا ته جيئن ان جي روشنئ ۾ سندن حڪومت سنڌ سان لاڳاپن وارئ حڪمت عملئ ۾ ڦير گهير ڪري سگهن}. 22.6.1948: انڊيا حڪومت پاڪستان مان ايندڙ ماڻھن لاء پرمٽ سسٽم جاري ڪيو ته جيئن انهن مان مستقل طور انڊيا ۾ رهي نه سگهي. انهئ حڪمت عملئ انڊيا ڏانهن لڏپلاڻ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. ليڪن پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ وارا در ايئن بند نه ڪيا ويا. ان ڪري ڪو به انڊيا مان پاڪستان آيو ته ان جو واپس موٽڻ ناممڪن ٿي پيو. 22.6.1949: سرحد صوبي اڄ پابندي لڳائي ته ڪو به پٺاڻ سنڌ ڏانهن هجرت نه ڪري. سنڌ جي حڪومت سنڌي هندن جي لڏپلاڻ لاء اهڙو حڪم نامو جاري ڪري پئي سگهي, پر اهڙئ سياسي دانشمندي ڪانه ڏيکاري وئي. 22.6.1950: پاڪستان قائم ٿئي اڃا ڪي سال مس گذريا هئا جو صوبائي ۽ لساني تعصب پرستي وڌي وڻ ٿي وئي. پير علي محمد شاه ”پاڪستاني ايڊيٽرن جي انجمن“ جو صدر هو. هن خلاف پنجاب ۾ مخالفت شروع ٿي. اڄ ملتان جي ٻن ايڊيٽرن خان محمد اڪرم ۽ شيخ مظفر احتجاج ڪندي ”پاڪستان جي ايڊيٽرن وارئ انجمن“ تان ان ڪري استعيفا ڏني جو هڪ سنڌي (پير علي محمد شاه) ان انجمن جو صدر هو. 22.6.1966: ايوب-حڪومت مان استعيفا ڏيڻ کان پوء ذوالفقار علي ڀٽو پهريون دفعو لاهور پهتو ته هن جو شاندار ۽ تاريخي استقبال ڪيو ويو. 22.6.1969: چئن سياسي پارٽين, هر هڪ ”عوامي ليگ (نصرالله گروپ)“, ”نئشنل ڊيموڪريٽڪ فرنٽ“, ” نظام اسلامي“ ۽ ”جسٽس پارٽئ“ گڏجي ”پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽئ“ نالي سياسي اتحاد قائم ڪيو. 22.6.1972: پيپلز پارٽي حڪومت جي اقتصادي حڪمت عملئ کان تنگ ايندي اڄ ملڪ جي اسٽاڪ مارڪيٽ ٻن ڏينهن جي هڙتال شروع ڪئي. 22.6.1978: ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجئ ڌئ بينظير ڀٽو کي پارٽئ جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ۽ ملڪ ۾ خانداني/موروثي سياست واري نظام کي هٿي ڏني. ************ اڄوڪي ڏينهن 22 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 22 جون 1860ع شاعر سوامي گنگارام ڀاونداس (چڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1906ع شاعر، تاريخدان، سياستدان ۽ اڳوڻي ميئر ڪراچي جي الانا جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1924ع صحافي قائم الدين منگي (پنجو ديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1925ع تعليمي ميدان ۾ ڪاوشون ڪندڙ نظام الدين ميمڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1926ع ليکڪ قلب علي ٽڪلو جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1932ع باليووڊ جي مشهور اداڪار امريش پوري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1956ع سياستدان شاهه محمود قريشي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1957ع ليکڪ سڪندر سرواڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1964ع ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ رئوف پارس دايو (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1978ع ليکڪ ارباب پلهه جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1983ع شاعر ساحل سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 22 جون 1947ع هاري تحريڪ جي شهيد بختاور خاصخيلي جي شهادت جو ڏهاڙو آهي. 22 جون 1969ع شاعر، سماجي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر سيد علي اڪبر شاهه (ميهڙ) جو لاڏاڻو ٿيو. 22 جون 1982ع مذهبي اسڪالر مولوي الله بخش تنيو انتقال ڪري ويو. 22 جون 1992ع مشهور لوڪ فنڪار ڍول فقير جو انتقال ٿيو. 22 جون 2012ع اردو جي مشهور ليکڪ، ناول نگار ۽ ڪالم نويس عبيد الله بيگ جو انتقال ٿيو.

Saturday, 20 June 2026

SINDH in history today (21st June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH in history today (21st June). Author Dr.Pathan and Translator Mumtaz Pathan Sindh in history today (21st June). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. Dr.Pathan wishes you Good Day. [ My Dear Heart & Mind! Fight with your self. Fight to win for me, Motherland and its people. Defeat your ego and interest. Let the love win for protection of beauty & peace. Be at war and be at par with your vision & wisdom]. جا جئ اندر ۾ جنگ، سا ھوتن لاء تون ھار، انا اجائئ ھوڏ کي، تون پنھنجي من کي مار، نينهن سان پوء نهار،سرت سونھن سلام کي. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21ST JUNE} EVENTS: 1916: Sawami Devananda delivers his first lecture, to be followed by series of lectures on the request of ‘Hindu Shewak Mandal’ of Karachi. (Source: Daily Gazette, Karachi). 1920: NGO of Shikarpur, Citizens’ Association of Shikarpur elects its officer-bearers. They are Diwan Vishindas Jethmilani (President), Seth Ghanshamdas Rajpal (Chairman Managing Committee), Balwantsing Lokram (Secretary)and Ramchand of H.M.Academy (General Secretary). 1943: A resolution conveying warm greetings to the heroic Red Army and Soviet people is passed at a meeting of Sindh-Baluchistan Communist Party. The second anniversary of Soviet-German war is celebrated. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1943) 1955: Muhammad Ayunb Khuhro, Pir Ali Muhammad Shah Rasdi, Mir Ghulam Ali Talpur, Haji Moula Bux Soomro, Seromal and Yousif Haroon are elected as members of the Constituent Assembly (Source: Newspapers). 1960: Abdul Qadir Sanjrani from Sindh is inducted in West Pakistan cabinet. (Source: Newspapers). 1962: Moulv iFarid Ahmad, politician from East Pakistan demands Friday instead of Sunday as holiday. (Source: Ibid). 1964: Z.A.Bhutto is awarded ‘Hilali-i-Pakistan’ for his valuable services regarding reshaping of country’s foreign policy. (Source: “Source-Material on Bhutto family’’, compiled by Gul Hayat Institute). 1968: Some of accused in Agartala Conspiracy case confess that they were planing for an independent East Pakistan (Source: Newspapers). 1980: Zakat system is introduced in Pakistan. There will be compulsory deduction of Zakat from Bank deposited. (Ibid). 1988: Supreme Court strikes down registration of political party’s clause. Decision is given in Benazir Bhutto’s petition on Party Act. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1992: Major Arshad pleads guilty of killing nine persons in Tando Bahawal. Confession made before an army court of inquiry. (Source: Newspapers). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: ********* توجه طلب واقعا *************** 21.6.1832: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته حيدرآباد وارو مير نور محمد خان بيمار ٿيو ته سرڪار جي اجازت سان سرجن هيٿرون کان سندس دوا ڪرائي وئي هئي. هاڻ مير جي طبيعت سڌري چڪي آھي. اوهان سرجن هيٿرون کي سنڌ ۾ رهڻ وارو الائونس ڏيو. 21.6.1842: آئوٽرام پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته مير حڪمرانن جي اسان خلاف ٿيندڙ سازش مٿان سازش, اسان جي طاقت ۽ واپار جي کي رسندڙ ڌچڪي وارئ صورتحال ۾ مير حڪمرانن سان نئين انداز سان ڳالهائڻ ۽ نئين معاهدي ڪرڻ جي ضرورت آھي. مير لاهي پاهي اسان جي مفادن خلاف ڪم ڪن ٿا. عوام اسان جي ٽپال ۽ رابطن جي ذريعن وسيلن کي ڇيهي رسائڻ جو جهڙوڪ قسم کنيو آھي. سنڌ ۾ اسان جي فوج جي نفري گهٽ آھي. هاڻي اسان کي ميرن کان پنهنجئ مرضئ وارا معاهدا زورئ مڃرائڻ گهرجن. هو لکي ٿو ته اسان کي پنهنجي آگبوٽس لاء ڪوئلي ۽ ٻارڻ جي بندوبست ڪرڻ لاء سنڌوندئ جي ڪنارن تي قائم جنهنگ ۽ ٻيلا وڍڻ گهرجن. بکر واري قلعي تي اسان جي سخت گرفت هجڻ گهرجي. 21.6.1848: سنڌ جي ڪمشنر کي ممبئي سرڪار اجازت ڏني ته ڪوٽڙئ ۽ سيوهڻ وچ ۾ ٽپال واري سسٽم وڌيڪ بهتر بڻاء. 21.6.1943: ڪراچئ ۾ ”سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽئ" جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ ٺھراء پاس ڪري روس جي عوام ۽ اتان جي "ريڊ آرمئ" کي مباڪون ڏنيون ويون. انھئ ڏينھن تي روس-جرمنئ وچ ۾ ٿيل جنگ جي ياد واري ڏينھن ملهايو ويو, جنهن ۾ روس کي ڪاميابي ملي هئي. 21.6.1952: آمريڪا پاڪستان کي 20 ملين ڊالر امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. [پاڪستان کي قائم ٿيڻ کان وٺي ڪهڙن ملڪن ۽ ادارن ڪيتري مالي امداد ڪئي يا قرض ڏنو ۽ ان مان سنڌ کي ڪيترو حصو مليو, يا انھن قرضن/امداد ملڪي سياست تي ڪهڙا ۽ ڪيترا اثر وڌا, سنڌي معاشي محقق شايد قيامت تائين انھئ موضوع تي تحقيق نه ڪري!!!] 21.6.1955: پاڪستان قائم ٿئي سال گذريا, پر ملڪ جو آئين نه ٺھيو ته جيئن ڪي شاهينگ پنهنجي ذاتي مطلبن ۽ خواهشن مطابق حڪومت هلائي سگهن. اڄ سنڌ مان محمد ايوب کهڙو, پير علي محمد شاه راشدي, مير غلام علي ٽالپور, حاجي مولا بخش ۽ مکي سيرومل "آئين ساز اسيمبلئ" جا ميمبر چونڊيا ويا. 21.6.1960: سنڌ مان عبدالقادر سنجراڻئ کي "اوله پاڪستان حڪومت" ۾ وزير طور کنيو ويو. ون-يونٽ جي زماني ۾ سنڌ مان ڪهڙا ڪهڙا اسيمبلئ جا ميمبر ٿيا ۽ ڪهڙا ڪهڙا وزير ٿيا, انھئ موضوع تي تحقيق ٿيڻ جي ضرورت آھي. سنڌ جون اهي يونيورسٽيون جن ۾ ”پاڪستان اسٽڊيز"/"پوليٽيڪل سائنس"/”هسٽري" جا شعبا آھن, انھن کي هن موضوع تي ايم.فل يا پي ايڇ.ڊي ڪرائڻ گهرجي. 21.6.1964: پاڪستان سرڪار طرفان صدر ايوب هٿان ذوالفقار علي ڀٽي کي "هلال پاڪستان" ايوارڊ ڏنو ويو. [جڏهن ايوب-شاهئ خلاف تحريڪ چوٽ تي هئي ته ڀٽي اهو ايوارڊ واپس ڪيو هو] 21.6.1968: "اگر تله سازش ڪيس" ۾ پڪڙيل ماڻھن اڄ ٽريبينل اڳيان مڃيو ته هنن آزاد بنگلا ديش ٺاهڻ جي منصوبه بندي ڪئي هئي. [ اهي ماڻھون بي گناه هئا ۽ سياسي مخالفت جو نشانو بڻايا ويا هئا. پر هنن حڪومت جي ڏاڍ مان فائدو ورتو ۽ پنهنجو ڏوه باسي پنهنجي آزادئ جي تحريڪ کي شھرت ۽ هٿي ڏنائون. ان لاء هنن پنهنجي جان جي پرواه نه ڪئي. بنگالين غلام قومن کي ھڪ سياسي ڏانء ڏنو. اهڙي ڏوه ۾ بنگالي پڪڙي گم ڪيا ويا ته سندن ڀينرن ۽ مائرن روڊن رستن ۽ پريس ڪلبن اڳيان ڪو روڄ راڙو ڪونه ڪيو!!!] 21.6.1977: پي.اين.اي طرفان سندس حڪومت خلاف هلايل تحريڪ ۽ ٿيل ڳالهين تي اثرانداز ٿيڻ لاء ذوالفقار علي ڀٽي اقتدار جي آخري ڏينھن ۾ مسلم ملڪن جا هنگامي دورا ڪيا. اڄ ھن ڪوويت, ايران ۽ افغانستان جو دورو ڪيو. پر حالتن کي سندس ڪابه سياسي يا سفارتڪارئ واري ڪوشش بدلائي نه سگهي. 21.6.1980: جنرل ضياء الحق طرفان پنهنجئ مرضئ وارن مذھبي سڌارن آڻڻ جي پوئوارئ ۾ اڄ زڪوات جي زورئ ڪٽوتئ جو عمل شروع ٿيو. 21.6.1992: آرمي ڪورٽ اڳيان اڄ ميجر ارشد مڃيو ته ٽنڊو بهاول ۾ هن جي حڪم تي دهشتگرد نه پر بيگناه 9 هاري ماريا ويا. ************** {21 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 21 جون 1921ع فريڊم فائيٽر ڊاڪٽر ڀڳوانداس چندواڻي (سکر / اجمير) جي پيدائش ٿي. 21 جون 1932ع شاعر لائق سيتائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جون 1944ع شاعر سيف ٻنوئ جو جنم ڏينهن آهي. 21 جون 1951ع گلوڪار ڪشن ڪمار ڀولاڻي (جئپور) جي پيدائش ٿي. 21 جون 1953ع بيگناه ماري ويل محترمه بينظير ڀٽوجو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 21 جون 1037ع مشهور مسلمان سائنسدان، طبيب ۽ فلاسافر ابن سيناجو انتقال ٿيو. 21 جون 1935ع شاعر ۽ ليکڪ آخوند هدايت الله مشتاق هالائئ جو انتقال ٿيو. 21 جون 1938ع مذهبي عالم مولوي عبدالحڪيم راجنپوري جو انتقال ٿيو. 21 جون 1947ع فريڊم فائيٽر حاجي عبدالرحيم شاهه (سجاول) جو انتقال ٿيو. 21 جون 1963ع فريڊم فائيٽر حاجي علي شير ڀرٽ جو انتقال ٿيو. 21 جون 1989ع ليکڪ غلام محمد سومرو (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو. 21 جون 2012ع سياستدان سيد اميد علي شاهه رضوي(ٽنڊو الهيار) جو لاڏاڻو ٿيو

Friday, 19 June 2026

SINDH in history today (20th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

SINDH IN HISTORY TODAY (20th June). Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Ali هئ واقعاتي تاريخ هڪ ئي وقت انگريزئ ۽ سنڌئ ۾ ڏني وئي آهي۔ SINDH in history today (20th June). Author Dr.Pathan and Translator Mumtaz Pathan Sindh in history today (20th June). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Do not lead any crowed and dance to please people. Lead your self, if you intend to be an ideal leader. Do not insist upon anybody for love & respect. It will make you beggar, and beggars are always losers. Respect yourself and love all without any discrimination. Be beauty, love will follow you. Be peace, tranquility will follow you. You are not follower, but leader] اڳیان ايئن تون ڄڃ م ڄل، نچين ڪوه ؟ڪنهن کاتي؟ پٺيان ايئن تہ پرين نہ هل، ڪل ڪهڙي پرچن ڇا تي؟ هل پاڻ تون تاتي،سلام ٿي. ‏‎ ‎ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20thJUNE} EVENTS: 1943: M.A.Jinnah, replying to an address presented to him by the Karachi Muslim Chamber of Commerce, says that unless a nation is economically well organized and powerful, it cannot, progress in any spare. The economic side is the very foundation of a nation. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1943). 1947: Bengal Assembly members decide that the province should be partitioned. (Source: Newspapers) 1959: AnjumanTaraqiPasandMusanfeen is declared unlawful. (Source: The Government Notification) 1964: Total number of people those lost their lives in cyclon, that hit Hyderabad Division is more than 600. (Source: Newspapers) 1974: Ban is imposed on political activities of Khan Abdul Ghaffar Khan (Source: Newspaper) 1970: The Land Commission is a abolished by the West Pakistan Govt. The Governor issuer orders. (Source: Newspapers) !977: Z.A.Bhutto proposes Muslim countries Defense pact. (Source: Ibid) 1992: Curfew is clamped on six areas in Karachi. Six are killed in clash among rival MQM groups. (Source: Newspapers). 1993: Altaf Hussain wanted me dead, says Major Kaleem of the F14 when examined as Prosecution witness by Special Public Prosecutor before Special Court for STA. ******** SINDHI TRANSLATION OF THE POST: ***** 20.6.1839: سنڌ ۾ مقرر ڪيل ۽ مقيم فرنگي سفارتڪارن جي خط و ڪتابت مان ظاهر ٿئي ٿو ته قنڌار ۽ قلات جي ابتر حالتن مير حڪمرانن جون من مستيون وڌائي ڇڏيون آھن ۽ فرنگي سوچي رهيا آھن ته ميرن طرفان متان ڪا مزاحمت يا سازش ٿئي. پر کين اها پڪ آھي ته فرنگين جي فوجي سگھ کان مير ڊنل آھن ۽ ان ڪري ڪا منظم مزاحمت نه ڪئي ويندي. جان ڪين جي سربراهئ ۾ فرنگي فوج حيدرآباد کان گذري خيرپور پهتي ته وچ تي ڪو اڻ وڻندڙ واقعو رونما نه ٿيو ۽ ميرن ڪٿي به سندس دڳ نه روڪيو. 20.6.1847: سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ۽ پوء فرنگين روهڙي شهر ۽ ان پسگردائئ کي انتظامي ۽ دفاعي طور تي اهم سمجهيو. اتان خيرپور کان وٺي بهاولپور تائين هر شئ تي نظر رکڻ آسان هئي. ان ڪري سکر جي پلين ٺھڻ کان اڳ روهڙي انگريزن لاء اهم هئي. روهڙئ جي ڊپٽي ڪليڪٽر فيرنگٽن کي سنڌ گورنر طرفان حڪم ٿيو ته روهڙئ جو نقشو ٺاهجي ۽ ضلعي جون حدون مقرر ڪجن. ( پرڳڻي کي اڳ ضلعو چئبو هو). ڊپٽي ڪليڪٽر اهو ڪم اڄ پورو ڪيو. 20.6.1852: اها انتظامي روايت انگريزن وڌي ته هر ڪو سرڪاري کاتو/ڊپارٽمينٽ پنهنجي سالياني پروگريس رپورٽ ٺاهي سرڪار کي پيش ڪري. سرڪار اهي شايع ڪرائيندي هئي. انهن رپورٽن ۾ سنڌ جي تاريخ جو مستند خزانو موجود آھي. سنڌ جون سرڪاري ۽ درباري لائبرريون ته لٽيون ۽ خالي ڪيون ويون. پر سنڌ ۾ اهي هر ضلعي جي ڪليڪٽرئ, انڊيا آفيس لائبرري لنڊن ۽ انڊيا جي آرڪائيوز ۾ موجود آھن. اڄ پوليس کاتي پنهنجي سالياني رپورٽ سنڌ جي ڪمشنر کي پيش ڪئي. 20.6.1920: سنڌ خلافت ڪميٽئ جون چونڊون ٿيون, جن ۾ حاجي عبدالله هارون کي صدر, مولانا تاج محمود امروٽئ کي نائب صدر ۽ حڪيم شمس الدين احمد (قاضي فضل الله جو وڏو ڀاء) کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. [ نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اها آھي ته وڏيرڪو ۽ جاگيردارانه طبقو هن پارٽئ کان پري رهيو. ڇو ته اها سرڪار خلاف هئي. البته سرمائيدار ۽ پير انھئ پارٽئ جي حوالي سان سنڌ جي سياست جا واڳ ڌڻي ٿيا ۽ ديني عالمن ان ۾ ھراول دستي جو ڪردار ادا ڪيو] 20.6.1920: اسان جي دور ۾ جيئن سياست مذهب تي حاوي رهي آھي ۽ سياسي آدرشن کي سندن پوئلڳ سڀ ڪجھ سمجهن ۽ چون ٿا, انھئ جي ٿوري مٽيل صورت ۽ سوچ خلافت تحريڪ به پيدا ڪئي. ڪيترا ملان سرڪاري مالي امداد تي ديني ۽ تعليمي مدرسا/اسڪول هلائيندا هئا. خلافت تحريڪ دوران انھن ديني ۽ تعليمي تشهير کي پاسيرو رکي سياسي فيصلن ۽ سوچن کي اهميت ڏني. نتيجي ۾ ڪيترن مولوين سرڪار کان مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن ته مالي مدد سرڪار پنهنجي کيسي مان ڪونه ڪندي هئي. پر اهو عوام جو ئي پئسو هو. عالمن جي جذبي کي ته سلام آھي, ليڪن سندن فيصلو درست نه هو. اڄ جن سرڪار کان اسڪولن/مدرسن لاء مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪرڻ جو اعلان ڪيو, اهي آھن: خليفو محمد عثمان (ڳوٺ مريد موچي, تعلقو ميروخان), مولوي محمد حسن (سجاول گوپانگ), مولوي دين محمد (ڳوٺ بٺي), مولوي محمد عالم (محبوب تنيو), مولوي محمد اعظم (پنڊ, ميروخان), مولانا عمران (ٽنڊو علي مراد), مولوي خير محمد (ڳوٺ ڇٽو جويو), مولوي فتح محمد (حاصل جمالي), مولوي قادر بخش (ڊٻ چانڊيو) ۽ حافظ عبدالغني (ڀنڀو چانڊيو). 20.6.1922: ٽنڊي باگي جو نالو وٺبو ته سکي مرد ۽ تعليم کي عام ڪندڙ خانبھادر مير غلام محمد ٽالپور جو نالو زبان تي تري ايندو. اپر ڪلاس جو ماڻھو هو, ان ڪري انگريزن سان نه ڦٽايائين. خلافت تحريڪ سرڪار لاء خطرو ٿي اڀريو ته خلافت تحريڪ جي مخالفت ۽ فرنگي سرڪار جي مدد لاء ”امن سڀا" ٺاهي وئي. اڄ ٽنڊي باگي جي "امن سڀا" جي خانبھادر مير جي صدارت ۾ عوامي ميڙاڪو ڪوٺايو. حيدرآباد انگريزن جي حامي مولوئ عبدالعزيز کي خاص دعوت ڏئي گهرايو ويو هو. مکي هيرومل, ڪشونداس, ڀائي ٽوپڻ مل, عيدن مل ۽ تور مل انگريزن جي وفادار رهڻ بابت تقريرون ڪيون. 20.6.1956: اڄ جيئن پنجاب ۾ صوبائي اسيمبلئ جو اسپيڪر سرڪار کي بجيٽ پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو, تيئن اڄوڪي ڏينھن تي اوڀر پاڪستان جي وڏي وزير کي اسپيڪر بجيٽ پيش ڪرڻ ڪانه ڏني. 20.6.1964: حيدرآباد ڊويزن ۾ طوفان بارشن تباهي مچائي ڇڏي. سرڪاري پڌرائئ مطابق 600 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. 20.6.1968: وفاقي سرڪار اڄ قومي اسيمبلئ کي ٻڌايو ته پشاور لڳ بڊابير ۾ قائم ٿيل آمريڪي ڪميونيڪيشن يونٽ جي ليز ختم ٿيڻ واري آھي. 20.6.1973: اصغر خان, جيڪو شروعات ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو سياسي ۽ نظرياتي عاشق هو, سو بيان ۾ چئي ٿو ته پيپلز پارٽي حڪومت آمريت جو هڪ روپ آھي. اها نه جمهوريت جي حق ۾ آھي ۽ نه وري عوام جي مفاد ۾ آھي. 20.6.1977: ڀٽي-حڪومت خلاف ڪراچي, سيالڪوٽ ۽ لاهور ۾ وڏو گوڙ ٿيو. پوليس فائرنگ ۾ سيالڪوٽ ۾ 4 سياسي ڪارڪن مري ويا ۽ 16 زخمي ٿيا. ان ڪري شھر ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. 20.6.1988: مارشلا لا اختيارئ وارن هٿيارن بابت ترميم ٿيل آرڊيننس لاڳو ڪيو, جنهن مطابق هٿيار کڻي هلڻ ۽ بنا لائيسنس هٿيار رکڻ تي ڳريون سزائون رکيون ويون. 20.6.1992: ڪراچئ جي ڪيترن هنڌن تي وڳوڙ ٿيا ۽ اتي ڪرفيو لڳايو ويو. وڳوڙن دوران ايم.ڪيو.ايم جي هڪڙي ڌڙي ٻئي ڌڙي جا 6 ڪارڪن ماري وڌا. هوڏانھن لنڊن م الطاف حسين ۽ نواز شريف جي ڪراچئ جي حالتن تي گوڏا ڀڃي ويچار ڪيو. 20.6.1993: دهشتگردي ٽوڙ اسپيشل ڪورٽ ۾ ميجر ڪليم بيان ڏيندي چيو ته الطاف حسين جي نيت ۽ ڪوشش اها هئي ته مون کي ماريو وڃي. *************** {20 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 20 جون 1850ع تعليمي ماهر ۽ سماجي ڪارڪن تاراچند شوڪيرام (حيدر آباد) جي پيدائش ٿي. 20 جون 1875ع مذهبي عالم پير خدا ڏنو نصرپوري جي پيدائش ٿي. 20 جون 1887ع بزرگ پير ضياءُالدين شاهه راشديجي پيدائش ٿي. 20 جون 1936ع ليکڪ چنا شبير ناز (شڪارپور) جي پيدائش ٿي. 20 جون 1940ع شاعر جڳت منشاراماڻي (سکر / راجڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.. 20 جون 1940ع مذهبي عالم مولانا فيض محمد هَڪڙو جي پيدائش ٿي. 20 جون 1946ع صحافي مير هزار خان منصور جو جنم ڏينهن آهي. 20 جون 1968ع ليکڪ ظفر ٽالپر جو جنم جي پيدائش ٿي. 20 جون 1978ع شاعر امر کهاوڙ جي پيدائش ٿي. 20 جون 1980ع تنها شبير چانڊيو جي پيدائش ٿي. [وڇوڙو:] 20 جون 1918ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالغفور همايوني مفتون جو انتقال ٿيو. 20 جون 1968ع مذهبي عالم مولوي غلام رسول کوسي جو انتقال ٿيو

Thursday, 18 June 2026

SINDH in history today (19th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner***** SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {19th JUNE}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali****Dr..Pathan wishes you Good Day. [If you are well wisher of Human-beings without discrimination. If you love & respect and serve & support people, and if you are setting trends in sincerity & selflessness; and you are protecting & promoting truth, peace & beauty, then you have to face tough time. Ali, the greatest figure in Muslim history, was assassinated because of this noble cause. Dear! Don't be thankless. Love & respect those, who love & respect you and well wishers] جو ڪونہ ڄاٹي محبت ماٹھپو، سو پنھنجي محسن کي ماري، علئ ۽ سندس اولاد شھید ٿیو، جوحق سچ سمجھایوسونھاري، اھو ماٹھو هت گهنگهر ٿو گهاري، جو ساٿي سچ سرت سلام جو. ************ EVENTS (19th june) 1847: The Collector of Karachi is directed not to interfere in the affairs of Karachi town as all Magisterial duties would be performed by the Police authorities. (Source: Govt.’ letter No. 2057). 1842: Differences are erupted over the ownership of some villages between Mir Ali Murad Khan and Mir Rustom Khan. Today, Mir Ali Murad Khan asks Lieutenant Brown that his case be taken up by the British Government and he would be willing to abide by their decision (Source: Letters No. 57, 127) 1850: Brigadier-General John Jacob forwards to Commissioner for approval a plan and description of the military limits at Khan Garag [Jacobabad]. (Source: His office letter No.821). 1917: The Larkana District Local Board approves Annual grants to following Schools: Sindh Madressah, Karachi-Rs.2500, D.J.Sindh College, Karachi-Rs.1000, Technical School Sukkur- Rs.100, A.V.School, Tilti-Rs.250, Larkana Madressah-Rs.2500, Mehar Madressah-Rs.500, A.V.School, Dadu-Rs.600, Girls School, Sehwan-Rs.100. 1932: The Muslim Majority of Sindh observes ‘Sindh Separation Day’. (Source: ‘Sindh ji Siyasi Jidojhid’). 1947: Muslim League High Command selects Karachi as the capital of Pakistan. Other proposals discussed were Lahore and Dhaka. (Source: History of the All-India Muslim League). 1954: Pakistan informs the Soviet Union of her decision to impose reciprocal restrictions on the movement of Soviet Diplomats in Pakistan (Source: Newspapers). 1968: The Agartala Conspiracy trial begins in Dhaka. The Special Tribunal is headed by Justice S.A.Raman (Source: Newspapers), 1996: Nawaz Sharif gives strike call to protest against the budget, terming it highly inflationary. (Source: Ibid). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: ************ توجه طلب واقعا *************** 19.6.1839: سنڌ جو اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ لفٽيننٽ ليڪي پنهنجي سرڪار کي اطلاع ٿو ڏئي ته ايران طرفان حملي جو خطرو وڌي ويو آھي ۽ ميرن هنن حالتن مان فائدي وٺڻ ۽ اسان سان ٿيندڙ ٺاه تي صحيون ۾ دير ڪرڻ لاء مير نور محمد, مير نصير خان ۽ مير محمد خان فيصلو ڪيو آھي ته اسماعيل شاه ۽ سندس پٽ صادق شاه کي گورنر جنرل ڏي موڪليو وڃي ته جيئن ٿيندڙ ٺاه ۾ ڪجھ ڦير ڪئي وڃي. 19.6.1840: آئوٽرام اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط ذريعي سنڌ ۾ غير فرنگين جي آمد ۽ چرپر جي خبر ڏيندي لکي ٿو ته ڪجھ ڏينھن اڳ ايران مان ڪي ماڻھون مسقط رستي ڪراچئ پهتا. ڪراچئ جي ميرن واري گورنر کين عزت ۽ حفاظت سان حيدرآباد پهچايو. هو ٽي ڏينھن سيد زين العابدين وٽ رهيا. هو هاڻي خيرپور کان ٿيندا لاهور ويندا. هنن کي ترڪي لباس پاتل آھي. هر ڪنهن وٽ پستول ۽ خنجر به آھي. 19.6.1842: سنڌ کي غلام ٿيڻ ۾ اڃان ڏينھن پيا آھن. سنڌ ۾ جتي ڪٿي ميرن جي حڪمراني آھي. پر حڪمرانن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿين ٿا ته پاڻ ٻوڙو ٻڌي آچار نه ٿا ڪن. ليڪن فرنگين کي عاقل ۽ فاضل ڄاڻي فيصلا فرنگين کان ٿا ڪرائن. خيرپور جي مير علي مراد ۽ مير رستم علي خان وچ ۾ ڪن ڳوٺن جي مالڪئ جو مامرو ٿيو ته پوليٽيڪل ايجنٽ لفٽيننٽ بروان کي چيائون ته فرنگي سرڪار فيصلو ڪري. 19.6.1850: برگيڊيئر جنرل خان ڳڙھ (جيڪب آباد) ۾ ڇانوڻئ جي حدن جو پلان ٺاهي اڄ منظورئ لاء سنڌ جي ڪمشنر ڏي ڏياري موڪليو. 19.6.1917: فرنگي سرڪار تعليمي ادارن ۽ اسپتالن وغيره جي پاڻ مالي مدد ڪرڻ بدران اهو بار سنڌ جي ضلعي لوڪلبورڊن تي رکندي هئي. اهي بورڊ سنڌ مدرسي, ڊي.جي.ڪاليج, سکر جي ٽيڪنيڪل اسڪول ۽ مکيه اسپتالن کي جون مهيني گرانٽون ڏيندا هئا. 19.6.1932: هندن جي سخت مخالفت باوجود سنڌ جي اپر ڪلاس سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري تحريڪ هڪ زوردار تحريڪ بڻائي ڏيکاريو. اڄ انھئ سلسلي ۾ اڄ سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ”سنڌ جي علحدگئ جو ڏينھن" ملهايو ويو. 19.6.1947: مسلم ليگ هاء ڪمانڊ ڪراچئ کي پاڪستان جي گادئ جو هنڌ/شھر طور منظور ڪيو/فيصلو ڪيو. [ياد رهي ته پاڪستان جي گادئ لاء ڍاڪا, لاهور ۽ ڪراچئ, ٽنھي شھرن تي سوچيو ويو هو. پر فيصلو ڪراچئ بابت ڪيو ويو] 19.6.1954: اگر تله سازش جي حوالي سان مجيب الرحمان ۽ سندس ساٿين تي ملڪ ٽوڙڻ ۽ ملڪ سان غداري ڪرڻ جي ڏوه ڪيس هلائڻ لاء جسٽس ايس.اي.رحمان جي قيادت ۾ ٽريبيونل جوڙيو ويو. [ سنڌ ۾ اهڙن ڏوهن لاء فردن تي ته ڪيس ڪيا ويا,پر ساڳي ڏوه ۾ گهڻن ماڻھن کي ملوث ڪري ڪو ٽرائبيونل نه بڻايو ويو. سنڌ ۽ اوڀر پاڪستان ۾ فرق اهو رهيو ته اتي عوامي ۽ اجتماعي تحريڪ ۽ سوچ ھلي ۽ سنڌ ۾ اها انفرادي تحريڪ ٿي اڀري] 19.6.1996: حڪومت بجيٽ پيش ڪئي ته اڄ نواز شريف بجيٽ کي عوام-دشمن چوندي اسٽرائيڪ جي ڪال ڏني. [بجيٽ خلاف اسٽرائيڪ ڪال ڏيڻ جي ريت ۽ روايت اڄ به قائم آھي] ************* { 19 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 19 جون 1931ع ليکڪ هاشو پارواڻي (دادو / الهاس نگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جون 1932ع ناليواري تعليمدان آپا مريم نوحاڻي(حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1937ع ليکڪ جمال رند جو جنم ٿيو. 19 جون 1944ع شاعر مير محمد پيرزادو(ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1950ع ليکڪ آفتاب ميمڻ (ڏيپلو) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1952ع صحافي حاڪم علي سهتو جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1958ع بدين سان تعلق رکندڙ صحافي ظهير حسين حيدري جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1981ع شاعر پروانو غفور لغاري جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 19 جون 1947ع بزرگ هري رام بائو (ڀريا) ديهانت ڪري ويو. 19 جون 1963ع غزل ۽ ڪلاسيڪل راڳ جي شهنشاهه راڳي استاد برڪت علئ جو انتقال ٿيو. 19 جون 1986ع شاعر ۽ صحافي حافظ احسن چنا (ملڪاڻي) جو انتقال ٿيو

Sindh in history today (18th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH in history today (18th June). Author Dr.Pathan and Translator Mumtaz Pathan . Chronological Slection of Events from two Centuries of Sindh History. ************* Dr.Pathan wishes YOU Good Day with love, respect and regards. {Translation of my Poetry composed in Sindhi language} [It is easy to like, but very difficult to accept. It is most difficult to maintain contacts & affiliations and relations & connections. Life never believes in dreams. It is hard ground reality. Beautify it with love as it can accept you. Be more sincere, as can share Beauty Offer sacrifice, as love can declare you wise] چاهڻ ۽ ڀانئڻ اچي سڀ کي ، نڀائڻ ڪنھن ڪنھن جو ڪم، رشتا گھرن رت روح جو، کائن هر پلتن من لڱ لحم، جي ھٹین دوستئ جو دم، چئج سرت سان سلام تون. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th JUNE} EVENTS: 1921: Aman Sabha is started at Thatta with Ghulam Hussain pensioner as its President and HarchandraiTailram as its Vice President. The Sabha will hold public meetings so as to ask people not to participate in any movement launched by Khilafat or Congress party. (Source: Daily Gazette, Karachi) 1932: For the first time Shah Abdul Latif Bhitai’s anniversary is celebrated by the Government. Three day celebrations start today. Activities consist of Literary Conference, Zamindars’ Conference, Cooperative Conference; Exhibitions of Home Industry and Agriculture and Musical/Singing Sitting. (Source: Report of the Mela Committee). 1943: Field Marshal Sir Archibald Percival Wavell is appointed Viceroy and Governor-General of India in succession to the Marquis of Linlithgow. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1943). 1947: Punjab Assembly party leaders- IftkharMamdot, Lala Bhin Sen Sachar and Sardar Swarn Singh agree formula regarding Punjab partition. (Source: Newspapers). 1949: MoulanaShabir Ahmad Usmani appeals people and Government to help in establishment of Urdu College in Karachi. (Source: Newspapers). 1958: Mir Ghulam Ali Talpur and other politicians suggest referendum as only option to resolve disputed issue of One-Unit. (Source: Newspapers). 1966: Z.A.Bhutto resigns as the Foreign Minister of Pakistan due to differences with the President on Tashkank agreement. (Source: Ibid). 1978: Karakoram Highway is opened for trafic. (Source: Ibid). 1985: Hamdard University is established in Karachi. (Source: Newspapers). 1988: U.S Peace Crops Volunteers’ team is on Pakistan visit for first time in 21 years. (Source: Ibid). 1993: After Afghanis, now Bosinians get shelter on the invitation and offer of the Government of Pakistan. Their first batch of 226 refugees reach Pakistan as desired and allowed by Prime Minister Nawaz Sharif. (Source: Ibid). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: "سنڌ جي واقعاتي تاريخ" . *************** توجه طلب واقعا *************** 18.6.1832: ڪرنل پاٽينجر ممبئي حڪومت کي گذارش ڪئي ته 6 تلوارون ۽ 6 بندوقون ٺھرائي مير مراد علي خان کي تحفي ۾ ڏنيون وڃن. 18.6.1857: ممبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي تاڪيد ڪيو ته ڪراچئ کان ڪوٽڙئ تائين ريل رستي ٺهرائڻ ۾ سستي نه ڪئي وڃي. 18.6.1921: خلافت تحريڪ جي زور ٽوڙڻ ۽ ماڻھن جي دلين ۾ فرنگي حاڪمن جي وفاداري پيدا ڪرڻ لاء انگريز عملدارن پنهنجي ذاتي ڪوششن سان سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ”امن سڀا" نالي جماعت کولائي. اڄ ٺٽي ۾ به "امن سڀا" قائم ٿي. ان لاء پينشنر غلام حسين کي صدر ۽ هرچندراء ٽھلرام کي نائب صدر مقرر ڪيو ويو. 18.6.1932: پهريون دفعو شاه لطيف جو سرڪاري طور تي عرس ملهايو ويو. ٽن ڏينھن وارين تقريبن جو اڄ پهريون ڏينھن هئو. انهن ٽن ڏينهن ۾ ”ادبي ڪانفرنس", "زميندارن جي ڪانفرنس", "ڪوآپريٽو سوسائٽين جي ڪانفرنس", "زرعي اوزارن ۽ شين جي نمائش" “راڳ روپ جي محفل" ٿي. 18.6.1947: پنجاب جي سياسي پارٽين اتفاق سان فيصلو ڪيو ته پنجاب جو ورهاڱو ڪيو وڃي.[ سنڌ جي ڪن ڪانگريسي اڳواڻن گانڌئ سان ملي مطالبو ڪيو هو ته سنڌ کي به ورهايو وڃي. پر اها ڳالھ گانڌئ قبول نه ڪئي] 18.6.1949: مولانا شبير احمد عثمانئ اڄ ڪراچئ ۾ اڙدو ڪاليج قائم ڪرڻ جي اپيل جاري ڪئي. [هن واقعي لکڻ جو ڪارڻ اهو آھي ته اهو ٻڌائي سگهان ته مولانا شبير احمد عثماني ديني عالم هو ۽ هن ڪنهن مدرسي قائم ڪرڻ لاء اپيل جاري نه ڪئي. پر پنهنجي ٻولئ جي حق ۾ ڳالھ ڪئي. نوٽ ڪرڻ جي ڳاله اها آھي ته اسان جي ڪنهن به عالم يا سياستدان کي "سنڌي ڪاليج" قائم ڪرڻ جو خيال اڄ ڏينھن تائين ڪونه آيو. اسان ڪڏهن به نه سوچيو آھي ته ڪو "سنڌي ڪاليج" قائم ڪجي, جنهن ۾ مختلف مضمون سنڌئ ۾ پڙھايا وڃن] 18.6.1962: پير علي محمد شاه راشدئ کي فرانس لاء سفير مقرر ڪيو ويو. [ ڪنهن سنڌي محقق اها تحقيق نه ڪئي آھي ته پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڄوڪي ڏينھن تائين ڪيترا سفير ٿيا آھن ۽ انھن ۾ سنڌي سفير ڪهڙا ۽ ڪيترا ٿيا ۽ هر هڪ سفارخاني جي ايسٽبلشمينٽ ۾ سنڌي ملازم ڪهڙا ۽ ڪيترا ٿيا. اسان دانهون ته وڏيون ڪندا آهيون پر پاڻ سان ٿيل بي انصافين جا انگ اکر گڏ نه ڪندا آھيون.] 18.6.1966: ذوالفقار علي ڀٽي وزير خارجه واري عهدي تان استعيفا ڏني. هن قدم کان پوء ملڪي سياست ۾ وڏو ڦيرو آئيو. ايوبشاهئ جو خاتمو آيو ۽ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي. 18.6.1972: اصغر خان ۽ ٻين ڀٽو-مخالف سياستدان وڏي واڪ بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ واري سوچ ۽ ڪوشش جي شديد مخالفت شروع ڪئي. 18.6.1977: وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي وڃي بادشاه شاه خالد ۽ پوء ڪرنل قدافئ سان ملاقات ڪئي ۽ کين پاڪستان جي سياسي گهوٽالي ۽ ان ۾ پي.اين.اي جي ڪردار کان باخبر ڪيو. 18.6.1978: ڪراڪرم رستو آمدرفت لاء کوليو ويو. [ان سان سنڌ جي واپار, سماج ۽ سياست تي جيڪي اثر پيا, انھئ تي سنڌي محققن کي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي. پر اهڙن موضوعن تي اسان جي محققن جي اک ئي ڪونه ٻڏندي آھي] 18.6.1985: حڪيم سعيد ڪراچئ ۾ ”ھمدرد يونيورسٽي" قائم ڪئي. [سنڌ جي ڪنهن به علم, عقل يا ڌن-ڌڻي ڪراچئ کان سواء ڪنهن به ضلعي ۾ ايئن خانگي يونيورسٽي قائم نه ڪئي آھي] *************** {18 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 18 جون 1933ع شاعر حبيب سمون جي پيدائش ٿي. 18 جون 1948ع اداڪار مهندر ٽڪاڻي (اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جون 1950ع اداڪار ورندر واسواڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 18 جون 1900ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد صالح جو لاڏاڻو ٿيو. 18 جون 1953ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا محمد صادق کڏي وارو لاڏاڻو ڪري ويو. 18 جون 1961ع ليکڪ قاضي عبدالرزاق (روهڙي) جو انتقال ٿيو. 18 جون 1988ع ليکڪ آفتاب نظاماڻي جو انتقال ٿيو. 18 جون 2012ع پشتو گلوڪاره غزالا جاويد کي سندس پيء سان گڏ قتل ڪيو ويو

Tuesday, 16 June 2026

Sindh in history today (17th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner***** SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {17th JUNE}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali*****Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! You are source of inspiration for hearts. Please, be cause of change of minds also. Make us able & capable to implement your beauty, vision & wisdom for bringing better change in our hearts, minds & society] جیئن جانب من موھین، تیئن من جي موڙین یار ! سپنا سڀ ساڀیان ٿین، ڪن سوچون پڻ سینگار، موڙ کٹي تون مھار، صدقي سندء سرت سلام جي. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {17th June} EVENTS: 1842: British Agents are very much in the political and social affairs of Sindh and Balochistan. Differences are witnessed between Khan of Kalat and other Chiefs such as Beejar Khan Darya Khan. Negotiations are initiated by British (Government of India) Agents and progress is reviewed and discussed in their correspondence. (Source: Letter No. 69 from Assistant Political Agent to Political Agent, Sindh). 1939: Punjab Government issues a communique containing a warning that firm action, including the enforcement of the Criminal Law Amendment Act, would be taken, if necessary, against the organizers of Kisan Satyagraha in Lahore. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1939). 1948: Quaid-i-Azam, the Governor-General of Pakistan leaves for Ziarat to experience his Eleventh Hour of his life. Liaquat Ali Khan, the prime Minister, get chance to look after affairs regarding governance till Jinnah breath his last. Major decisions relating to governance are taken by the Prime Minister during Quaid’s stay at Ziarat. (Source: Newspapers). 1951: In a meeting of migrants at Lahore, it is decided to convene ‘Muajreen Convention’ so as to discuss the problems being faced by Muhajreen and apprise the Government of their difficulties. (Source: Ibid). 1953: Punjab Government withdraws ‘Panahgeer Allowance’ with immediate effect. (Source: Newspapers). 1960: Archaeologists claim that they have discovered a Mosque at Bhanbhore site. (Source: Ibid). 1965: President of Pakistan, Ayub Khan and Prime Minister of India give their consent to the Run n of Kachh boundary agreement. 1977: Agreement between PNA and PPP Government must bear stamp of the Government of Saudi Arabia, demands Moulana Shah Ahmad Noorani. (Source: Newspapers). 1988: All Parties’ Conference held at Lahore rejects ‘Shareat Ordinance’ promulgated by Zia-ul-Haq. (Source: Newspapers). 1991: Four are killed when Bolan Mail is attacked by armed men at Madaji Railway Station. (Source: Newspapers). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: “سنڌ جي واقعاتي تاريخ"(17 جون). تحقيق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ. *************** توجه طلب واقعا *************** 17.6.1939: هن زماني ۾ سنڌ ۾ ”هاري پارٽي" ۽ پنجاب ۾ ”ڪسان پارٽي" نالي ساڳين مقصدن واريون پارٽيون هونديون هيون. فرق اهو هئو ته سنڌ ۾ ھارين جي قيادت خود زميندار ۽ سرمائيدار طبقو ڪندو هو. ڇو ته انھن جي نظر بئراج جي کوٽائئ بعد نڪتل زمينن تي هئي. پنجاب جي ڪسان پارٽئ جي قيادت مڊل ڪلاس ترقي پسند/ڪميونسٽ خيال وارن جي هٿ ۾ هئي ۽ انھن وٽ پنھنجي ٻني ٻاري لاء زمين به هئي. اهي پاڻئ, ڀاڻ, ڍل جي مسئلن کي پاڻ ئي منھن ڏيندا هئا ۽ انھن مسئلن ڪري اهي گڏ ۽ منظم هئا. لاهور ۾ ان ڪري هنن "ڪسان ستياگره" ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته اڄ پنجاب حڪومت پڌرنامو جاري ڪيو ته ڪسان پارٽي ستياگره جو فيصلو واپس وٺي,نه ته ڏنڊي جي زور تي امن امان خراب ڪرڻ واري ڏوه ۾ مٿن قدم کڻبو. 17.6.1941: هن زماني ۾ اڃان "سنڌ يونيورسٽي" ڪانه هئي ۽ سنڌ واسي "ممبئي يونيورسٽئ" سان تعليمي لاڳاپي ۾ هئا. انھئ يونيورسٽئ جي سينيٽ جي سنڌي اميدوارن کي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ به ووٽ ڏينديون هيون. هن سال ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ مولا بخش سومرو ممبئي يونيورسٽئ جي سينيٽ جي ميمبرئ لاء اميدوار بيٺا. ڪيترن ضلعي لوڪلبورڊ مان ووٽ مولابخش سومري کي مليو ۽ اتان ڊاڪٽر گربخشاڻئ کي ووٽ نه مليا. [ ياد رهي ته سنڌ جو اپر ڪلاس ڪنهن جي لياقت ۽ صلاحيت بدران پنهنجي مفادن مطابق فيصلا ڪندو آيو آھي. هڪ دفعي علامه آء.آء.قاضئ ۽ ٻئي دفعي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ "سنڌ مدرسي" جي پرنسپالئ لاء درخواست ڏني ته هنن کي پرنسپال نه بڻايو ويو]. 17.6.1948: پاڪستان جو باني قائد اعظم محمد علي جناح بيمار ٿيڻ ۽ ڊاڪٽرن جي صلاح تي اڄ زيارت روانو ٿي ويو. سندس طبيعت جي سخت خراب هجڻ ڪري وزير اعظم لياقت علي خان حڪومتي ۽ انتظامي معاملا سنڀاليا ۽ هلايا ۽ اهو سلسلو ملڪ جي بانئ جي وفات تائين جاري رهيو. وزيراعظم ۽ گورنر جنرل جا حڪومتي ڪر و وهنوار هلائڻ ۽ ٻين ڳالهين تي اختلاف رهيا. سردار شوڪت حيات پنهنجي آتم ڪٿا واري ڪتاب ۾ انھن اختلافن بابت هڪ واقعو لکيو آھي ته هڪ دفعي وزيراعظم زيارت ۾ گورنر جنرل سان ملڻ ويو ته گورنر جنرل هن کي ايندو ڏسي پنهنجئ ڀيڻ کي چيو ته ڏسڻ آيو اٿئي ته مان زنده آهيان يا مرڻ وارو آھيان. 17.6.1951: اڄ لاهور ۾ ”آل پاڪستان مهاجرين ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ پناهگيرن کي درپيش مسئلن ۽ حڪومتي حڪمت عملئ تي غور ڪيو ويو. 17.6.1953: پنجاب حڪومت پناهگيرن جي ڀلائئ ۽ آبادڪارئ لاء صوبي ۾ ”پناهگير الائونس" ڏيڻ جو اڳ فيصلو ڪيو هو. اهو فيصلو اڄ واپس ورتو ويو. [تاريخ نويسن کي نظر ۾ رکڻو آھي ته انھئ زماني ۾ پناهگيرن بابت سنڌ حڪومت جي حڪمت عملي ڪهڙي هئي ۽ اسان جا سياستدان ڪيئن نه پنهاگيرن تان اول گهول پيا وڃن] 17.6.1960: ڀنڀور جي کوٽائي دوران آثار قديميه جي ماهرن کي مسجد جا آثار مليا. [چڱو ٿيو جو سنڌين جي اسلام دوستئ ۽ پوئوارئ جي ان مان ڪيترن کي پڪ پئي, جن کي اڳ ۾ گهڻا شڪ گمان هئا. پر ڪاش کوٽائي ڪندڙن کي ڪا اهڙي شئ به ملي ها, جنهن مان ثابت ٿئي ها ته سنڌي سائنسدان ۽ عمارت سازئ جي فن ۽ ٻين ڳالهين جا به ماهر هئا] 17.6.1977: پي.پي.حڪومت پي.اين.اي وارن جو مطالبو مڃيندي سجاد احمد جان جي جاء تي دوراب پٽيل کي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو. اڄ پي.اين.اي جي اڳواڻ مولانا شاه احمد نورانئ مطالبو ڪيو ته پي.پي ۽ پي.اين.اي جي ٺاه تي سعودي عرب تصديقي ۽ ضمانتي دستخط ڪري. 17.6.1991: مدئجي ريلوي اسٽيشن تي هٿياربندن بولان ميل تي فائرنگ ڪئي, جنھن جي نتيجي ۾ 4 مسافر مري ويا. [سنڌ ۾ اهڙن واقعن جو پس منظر اهو هو ته جيئن امن امان قائم ڪرڻ ۽ اغوائن جي ڏوهن کي گهٽائڻ جي نالي ۾ ڪنهن جي لاء سنڌ ۾ مستقل روزگار جو بندوبست ڪري سگهجي] *************** {17 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 17 جون 1919ع شاعر ۽ تعليمدان شيخ عبدالواحد شاهد جي پيدائش ٿي. 17 جون 1930ع شاعر روپ ڪمار گهايل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جون 1949ع شاعر فتح محمد چانگ راهي جو جنم ڏينهن آهي. 17 جون 1952ع اداڪار چندراسين نواڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جون 1953ع ليکڪ انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جون 1961ع اداڪاره شانتا آهوجا (بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جون 1964ع ليکڪ ابرار چانڊيو (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جون 1966ع صحافي عبدالرئوف نورنگزادو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جون 1974ع شاعر جاويد سنڌو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 17 جون 1812ع مير غلام علي ٽالپر (حيدر آباد) جو لاڏاڻو ٿيو. 17 جون 1837ع مذهبي عالم مولانا محمد يعقوب پيچوهو (همايون) جو لاڏاڻو ٿيو.

Monday, 15 June 2026

SINDH in history today (16th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner***** SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {16th JUNE}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali*******EVENTS 1939: Sj.Subhas Chandra Bose, in a Press interview at Lahore, says that times are so opportune that we shall be committing political suicide if we do not avail ourselves of opportunities by taking the initiative and forcing the issue of Purna Swaraj /Complete freedom.(Source: The Indian Annual , Vol-1, 1939). 1942: ‘We are not going to walkout of India right in the middle of the war, though we have no wish to remain there for any imperialistic reasons’, says Sir Stafford Cripps in interview in London. (Source: The Indian Annual Register, Vol-1, 1942). 1947: M.A.Jinnah in a statement, appeals to every Muslim to contribute to the ‘Pakistan Fund’ to be set up and utilized for various tasks connected with the partition including referendum in two areas- Sylhat& NWFP- and to the work of the Constituent Assembly of Pakistan.[It is amazing to note that no any reference is made about the utilization of this Fund in the History of the Muslim League]. (Source: The Indian Annual Register, Vol-1, 1947). 1948: Khan Abdul Gaffar Khan is sentenced to three years rigorous imprisonment. (Source: ‘Source-Material on ANP’, compiled by Gul Hayat Institute). 1949: Sindh Government agrees to provide the Federal Government with one lac tons of Wheat. (Source: Newspapers). 1950: MoulanaMoudoodifavoursJagirdari System and indicates participation of his party in contesting polls. (Source: Ibid). 1952: State Unions of Balochistan are merged in the Balochistan Province. (Source: Ibid). 1957: G.M.Syed, the leader of West Pakistan Awami Party holds talks with Moulana Abdul Hameed Bhashani of East Pakistan (Source: Ibid). 1977: PNA-PPP Government accord will be signed after my Middle East visit, says Z.A.Bhutto, Premier of Pakistan. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1988: Zia-ul-Haq promulgates ‘Shaiat Ordinance’. Muftis to advise courts and Ulema to be appointed as judges. (Source: Ordinance). 1991: Federally funded ‘Tameer-i-Watan’ program is announced. MNAs are entitled to initiate development schemes worth Rs.10 million per year. (Source: Newspapers) Dr.Pathan wishes you Good Day. [If you are not accepted and owned, so what? Accept and respect all others without discrimination. Be useful, purposeful and more kind to those, who cannot accept and own you. Be for the love, beauty & peace. Be of the beauty, peace & love. Because, you are Beauty, Love & peace. Don't hunt for it. But, share it. ] جي گذري تنهنجي حیاتي ٿي هن ھوت سواء، تون ڪوہ نہ ڪرین سا ئي حياتي ھوتن لاء؟ دکن سکن ۽ عیب ثوابن دورين مجبورين جا، ڏینھن ۽ رات جا تون کڻي فرضي فرق مٽاء، نینھن-نیاپو سرت-سندیشو، سي گیت سٹاء، ڇیر ڇمڪاء وک وڌاء, دوستن در سلام سان SINDHI TRANSLATION OF THE POST: اسان ان دور مان گذري رهيا آھيون, جنهن ۾ علم, عقل ۽ حسن جي بک ڪنهن وٽ ڪونهي. پر علم عقل ۽ حسن جي تلاش جا در ايئن بند ڪري ڇڏيا آھن جو پنهنجي گروء ۽ گروپ کان سواء نه ڪنهن کي پڙھون نه ٻڌون. ڪنهن کي پنھنجي گروپ ۾ پوسٽ رکڻ نه ڏينداسين ۽ جنهن گروپ ۾ سنڌ جي تاريخ يا مفادن جي غيرجانبدارانه ۽ مستند پوسٽ هوندي ان گروپ مان ڀاڄ ڪنداسين. مايوس ٿيڻو ناهي, پر پڪي ارادي سان ڪم ڪرڻو آھي. ڪو پڙھي نه پڙھي, ان محتاجئ کان آزاد ٿي مان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ" سنڌئ ۾ ونڊيندو آھيان. منهنجو پٽ ممتاز علي وري اها "واقعاتي تاريخ" انگريزئ ۾ لکندو آھي. هتي ممتاز علئ جي انگريزئ ۾ لکيل ۽ پنهنجي سنڌئ ۾ لکيل "واقعاتي تاريخ“ گڏي پيش ڪريان ٿو. جن کي سنڌي نه ٿي اچي, اهي انگريزئ ۾ پڙھن. *1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ ڪانگريس اڳواڻ سڀاش چندر بوس پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان هن وقت آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون نه ڪيون ته پوءِ اهو اسان لاءِ سياسي آپگهات هوندو، اسان کي موقعو ملي رهيو آهي، جنهن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. ** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قائداعظم محمد علي جناح هڪ بيان جاري ڪري مسلمانن کي اپيل ڪئي ته اهي پاڪستان فنڊ ۾ رقمون جمع ڪرائين ته جيئن مختلف معاملا حل ڪري سگهجن. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالغفار خان کي 3 سال سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي وئي. ** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار کي هڪ لک ٽن ڪڻڪ فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو. ** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي جي اڳواڻ مولانا مودودي جاگيرداري نظام جي حمايت ڪئي، جڏهن ته هن اهو به چيو ته سندس پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي. ** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان جي رياستي يونينز کي بلوچستان صوبي ۾ ضم ڪيو ويو. ** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ جي ايم سيد ايسٽ پاڪستان جي اڳواڻ مولانا عبدالحميد ڀاشاني سان ڳالهيون شروع ڪيون. ** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت يونين پهرين عورت کي خلا ۾ موڪليو، اڳوڻي ٽيڪسٽائل ورڪر ويلنٽينا جي عمر 26 سال هئي، جنهن پهريون ڀيرو خلا جو سفر ڪيو ۽ ڪاميابي سان واپس زمين تي موٽي آئي. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو پي اين اي کي خاطري ڪرائي ته وچ اوڀر جو دورو ڪرڻ کانپوءِ آئون معاهدي تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق ملڪ ۾ شريعت آرڊيننس لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ مفتي صاحبان کي هدايت ڪئي وئي ته اهي ڪورٽون لڳائين ۽ عالم انهن ڪورٽن ۾ جج مقرر ڪن. ** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي سرڪار طرفان تعمير وطن ترقياتي پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، هن پروگرام ذريعي هر ايم اين اي کي هڪ سال ۾ هڪ ڪروڙ رپين جا فنڊ ڏنا ويا. ************* اڄوڪي ڏينهن 16 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 16 جون 1451ع صوفي بزرگ حضرت مخدوم بلاول جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 جون 1942ع سُگهڙ گُل حسن بروهي جي پيدائش ٿي. 16 جون 1947ع شاعر نور رضوي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 جون 1950ع باليووڊ اداڪار مٿن چڪروتي جو جنم ڏينهن آهي. 16 جون 1951ع ليکڪ سُريا مخدوم (درٻيلو) جو جنم ڏينهن آهي. 16 جون 1969ع شاعر واحد انصاري (ڳاڙهي موري) جو جنم ڏينهن آهي. 16 جون 1970ع صحافي خالد ڪمبوهه (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 جون 1975ع ليکڪ شفيق مسڻ (ڪراچي) جي پيدائش ٿي. 16 جون 1984ع شاعر بشير بخت جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 16 جون 1815ع مذهبي اسڪالر قاضي محمد عاقل سنڌي جو انتقال ٿيو. 16 جون 1817ع حضرت محمد راشد شاهه روضي ڌڻي (پير جو ڳوٺ) جو لاڏاڻو ٿيو. 16 جون 2005ع ماٽا جي باني ممتاز مهر جو انتقال ٿيو. 16 جون 2009ع راڳي اسحاق فقير عرف ڪارو مڱڻهار جو انتقال ٿيو. 16 جون 2011ع نوجوان شاعر حسن درس روڊ حادثي سبب لاڏاڻو ڪري ويو

Sunday, 14 June 2026

SINDH in history today (15th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

(Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner***** SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {15th JUNE} (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {15th JUNE}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali*******Dr. Pathan wishes you Good Day. [ A society having no system of man-making and charecter-building, can't understand human-values, integrity and unity. Those people, who will claim to be dears, leaders and opinion - makers, will not be straight forward, clear in their minds & hearts. They will not listen and understand, but will be bent upon to make others to follow them with blind faith. They will not care about sorrows & longings and problem & needs of others, but their own desires will be their only agenda. Love & beauty, respect & peace can't be found in society. Dear! If society has not made you, make the society and make yourself, because, you are worth and worthy ] سنئون سڌو سولو جي سچو نہ ڳالهائن, سي صاحب, سهڻا, سياڻا, رهبر سڏائن, مجبوري نہ ڄاڻن, پنهجي مرضئ هلائن, چڙيو پون چاهت سان ڀر پيار نہ پڏائن, ٻول نہ ٻڌن ٻڌائن,سرت سونهن سلام جا. ************* EVENTS: 1836: Colonel Pottenger is active in Sindh, he meets Mir Noor Muhammad Khan Talpur at Hyderabad so as the matter regarding establishment os British Agent in Sindh be discussed. (Source: Colonel Pottenger’s letter No.48, sent to the Government of India). 1857: The Collector of Hyderabad submitts Annual report of Hyderabad Municipality for the year 1856-57 to the Commissioner of Sindh. (Source: Letter No.849 of the Collector of Hyderabad) 1914: Shriman Mahatma Munshiramji, Governor of the Guru Kula Kangri, Hardwar delivers his lecture on the topic of ‘Our Educational Needs’ at Khalikdina Hall. Yesterday, on the invitation of Arya Samaj, he delived lecture on the topic ‘What is Arya Samaj?’. (Source: The Daily Gazette, Karachi) 1918: The Direcot of Criminal Intelligence, Simla reports to the Government that alarmist rumours were rife in Sindh that an invasion of India from Persia was imminent and that many Sindhi Hindus were migrating to Native States. (Source: ‘ Source-Material on Sindhworkis’, compiled by Gul Hayat Institute). 1920: The Citizens’ Association of Shikarpur elects its office-bearers and they are: Diwan Vishindas Jethmalani (President), Seth Gonshamdas Naraindas Rajpal (Chairman of the Managing Committee),Balwantsing Likaram (Secretary) and Ramchand H.A (Joint Secretary).- (Source: The Daily Gazette, Karachi) . 1948: Khan Abdul Ghaffar Khan is arrested on charges of advising his partymen not to attend ‘Independence Day ‘ function. (Source: Various Newspapers). 1951: Lt. Colonel Sidik Raja and Major Khowaja Mumahhad Yousif become approvers in the Rawalpindi Conspiracy Case in which Sajad Zaheer, Faiz Ahmad Faiz and others are accused. (Source: Ibid). 1952: Pakistan recognises Shah Farooq as King of Eygpt and Sudan (Source: Ibd). 1970: Islamic Socialism is big threat to Islam and people must join hands to oppose its preaching in Pakistan, Jamhori Party advises people. (Source: Newspapers). 1992: General Officer Commanding Hyderabad is replaced, sequel to confession of killing nine innocent persons in Tando Bahawal (Source: All major Newspapers of that date). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: **** منهنجو ڪم آھي ماروئڙن کي تاريخي ڄاڻ ڏيڻ. ان ڪري آئون سنڌئ ۾ ”واقعاتي تاريخ“ لکندو آھيان. جن دوستن کي سنڌي نه ايندي آھي, انهن لاء پنهنجي پٽ ممتاز علئ جي انگريزئ ۾ لکيل "واقعاتي تاريخ" هن پوسٽ سان شامل ڪريان ٿو.] EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th June) By: Dr. Pathan ** 1836ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر سنڌ ۾ سرگرم ٿي ويو، هن مير نور محمد ٽالپر سان حيدرآباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ ساڻس مختلف معاملن تي ڳالهايو، ڪرنل پوٽينجر سنڌ جي حڪمرانن کي ٻڌايو ته کيس هندستاني حڪومت طرفان سنڌ ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو پيو وڃي. ** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد جي ڪليڪٽر حيدرآباد ميونسپالٽي جي سال 57-1856ع جي رپورٽ سنڌ جي ڪمشنر کي پيش ڪئي. ** 1914ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گرو ڪولا ڪانگري جو گورنر شريمان مهاتما منشي رام جيت سنڌ جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن ڪراچي ۾ آريا سماج جي عنوان هيٺ ليڪچر پڻ ڏنو ** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪرمنل انٽيليجنس شملا پنهنجي سرڪار کي ٻڌايو ته اهي افواهه آهن ته سنڌ ۾ پرشيا مان هندستان مداخلت ڪري سگهي ٿو، جنهن ڪري سنڌي هندو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور سٽيزن ايسوسيئيشن طرفان نوان عهديدار چونڊيا ويا، جن ۾ ديوان ڪشنداس ڄيٺملاڻي کي صدر، سيٺ گهنشام داس نارائڻ داس راجپال کي مئنيجنگ ڪاميٽي جو چيئرمين ۽ رامچند ايڇ اي کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالغفار خان کي گرفتار ڪيو ويو. ** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ليفٽيننٽ ڪرنل صديق راجا ۽ ميجر خواجه محمد يوسف کي پڻ راولپنڊي سازش ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن ۾ سجاد ظهير، فيض احمد فيض ۽ ٻين کي به نامزد ڪيو ويو هو. ** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان شاهه فاروق کي مصر ۽ سوڊان جو بادشاهه تسليم ڪري ورتو. ** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد جنرل آفيسر ڪمانڊنگ کي تبديل ڪيو ويو، ڇو ته ٽنڊو بهاول ڳوٺ ۾ 9 ڳوٺاڻن کي ڌاڙيل ڄاڻائي مارڻ وارو واقعو سڀني جي سامهون اچي چڪو هو ۽ خود فوجي عملدارن پڻ اعتراف ڪيو ته اهي ڌاڙيل نه هئا پر بيگناهه ڳوٺاڻا هئا. ************* اڄوڪي ڏينهن 15 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 15 جون 1895ع شاعر غلام احمد نظامي (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جون 1916ع شاعر هري دلگير (لاڙڪاڻو / عادلپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جون 1916ع اردو جي ناليواري اديب، محقق ۽ نقاد پروفيسر ابو الليث صديقي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جون 1919ع سياستدان غلام شبير رضوي جي پيدائش ٿي. 15 جون 1920ع شاعر ڪنعيا لال ڪن (سکر / بمبئي) جي پيدائش ٿي. 15 جون 1927ع اردو جي مشهور ليکڪ ۽ شاعر ابن انشاء جو جنم ڏينهن آهي. 15 جون 1929ع شاعر جمال الدين جمال جي پيدائش ٿي. 15 جون 1929ع سياستدان ڄام قرارالدين جي پيدائش ٿي. 15 جون 1930ع شاعر حسن علي شاه نياز (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جون 1934ع ليکڪ هولا رام حاسيجا جي پيدائش ٿي. 15 جون 1946ع ليکڪ منير احمد چنا جي پيدائش ٿي. 15 جون 1946ع شاعره ۽ ليکڪا آپا مريم مجيدي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جون 1954ع صحافي جمال لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 15 جون 1954ع اداڪار گوپال کيماڻي (ناگپور) جي پيدائش ٿي. 15 جون 1957ع اداڪار ڪشور لالواڻي (ناگپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جون 1958ع اداڪار ڪشنچند پريمي جي پيدائش ٿي. 15 جون 1959ع ليکڪ حبيب ڏيرو (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جون 1961ع شاعر حافظ نظير عباسي جي پيدائش ٿي. 15 جون 1965ع شاعر ، ليکڪ ۽ اديب منٺار سولنگي جي پيدائش ٿي. 15 جون 1968ع صحافي هاشم واڍيلا جو جنم ڏينهن آهي. 15 جون 1983ع ليکڪ عبدالغفار ملڪ (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جون 1989ع شاعر حبيب لغاري جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 15 جون 1922ع شڪارپور جي قاري محمد هارون جو انتقال ٿيو. 15 جون 1925ع سچل سرمست جي سجاده نشين سخي قبول محمد فاروقي جو انتقال ٿيو

Saturday, 13 June 2026

SINDH in history today (14th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]***** SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {14th JUNE} (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {14th JUNE}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali**************** Dr. Pathan wishes you Good Day. سج اچي اڀري رات پٺيان پر تون اڀرين رات ۽ ڏينهن، ساجن تو سان جنهنجو نينهن، سو پڻ سدا سوجهرو. Sun rises daily at the end of night. But, you are ever shining in the Sky of my heart and have never set since ages. In the light of your love, I have been witnessing my beauty . It is very bright and very charming. *********** 14th June EVENTS: 1916: The Young Amils’ Association of Karachi elects its Managing Committee composing of Durgdas B.Advani, Hotchand Chdomal, Khanchand Parmanand; Chandiram Manikraj; Bulchand Khemchand; Gobindram Dharamdas; Shamdas Partabrai; Khanchand Gopaldas; and Rewachand Wasanmal. (Source: Annual Report of the Association). 1948: Army is responsible to protect people and the country, says Quaid-i-Azam, while addressing military officers in Quetta.(Source; Quaid-i-Azam Papers) 1949: Prime Minister, Liaquat Ali Khan visits Muhajir Camp at Wah and assures them very support. (Source: Newspapers). 1950: Karachi and Tahran are connected with Radio Telegram service (Soure: Ibd). 1955: Accused in Rawalpindi Conspiracy case are granted bail. Sajjad Zaheer, Faiz Ahmad Faiz and others get relief. (Source; Ibd) 1961: Government of Pakistan takes over Associated Press of Pakistan-APP (Source: Ibd). 1970: All-Pakistan Suni Conference demands declaring of Socialism and Communism as unlawful (Source: Ibd). 1972: Urdu is made an official language in Punjab (Source: Ibd). 1973: Balochistan ANP defers its Civil Disobedience Movement in response to Wali Khan’s intervention. (Source: “ Source-Material on ANP’. Compiled by Gul Hayat). 1978: A Division Bench of the Sindh High Court holds Benazir’s detention illegal (Source: “Source-Material on Bhutto Family’ , compiled by the Gul Hayat Institute). 1982: Pakistan Mourns demise of King Khalid of Saudi Arabia (Source: Newspapers). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: واقعاتي تاريخ (14 جون). *************** 14.6.1835: ڪرنل پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي پنهنجئ ڪامياب سفارتڪارئ بابت رپورٽ ٿو ڏياري موڪلي ته مير نور محمد کوسن کي چيو آھي ته اوهان فرنگي ماڻھن کي ڦرڻ لٽڻ کان باز نه ٿا اچو, ان ڪري جتي ويٺا آھيو, اتان لڏي اڀرندي سرحد طرف لڏي وڃو. پاٽينجر اهو به لکي ٿو ته مير حڪمرانن ايراني واپارين تي به ڪرڙي نظر رکڻ شروع ڪئي آھي ۽ کين وڌيڪ رعايتون ڏيڻ لاء ھاڻي تيار ناهن. [فرنگي سفارتڪارئ جي چالبازئ سان سنڌ جي اوڀر وارا رستا به پاڻ لاء بي خطر بڻائڻ لڳا ۽ پنهنجي واپارين جي سنڌ ۾ هڪ هٽي قائم ڪرائڻ لاء ٻين ملڪن جي واپارين جا دڳ به روڪيندا رهيا] 14.6.1843: مير نصير خان جا ٻه ملازم هر هڪ مير محمد ۽ مير يار محمد به جلاوطن ۽ قيدي بڻايا ويا هئا. اهي اڄ ”ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس" کي گذارش نامو موڪلي عرض ٿا ڪن ته مير نصير خان اسان مان هر هڪ کي 4000 روپيا ماهوار پگهار ڏيندو هو. اسان کي پگهار به وڌائي ڏيو ۽ قيد مان آزاد ڪري وطن واپس موڪليو. 14.6.1916: سنڌواسين کي جڏهن يقين ٿيو ته انگريزن کي عوامئ ڀلائئ جو اونو ڪونهي, پر حڪومت کي پنهنجي مطلب وارو پيٽ جو سور آھي ته ساڃھ-وند ماڻھن سماجي تنظيمون ٺاهڻ شروع ڪيون. سنڌ ۾ سماجي تنظيمن جو آغاز "سنڌ سڀا" قائم ٿيڻ سان 1882ع کان ٿيو ۽ 1947 تائين سوين سماجي تنظيمون جڙيون. اهي سنڌ جي مفادن جي بنياد کان وٺي مذھب ۽ برادرئ جي بنياد تي قائم ٿيون. گل حيات انسٽيٽيوٽ انھن مان ڪيترين سماجي تنظيمن بابت معلومات ڪٺي ڪئي آھي. ڪراچئ جي "ينگ عاملس ائسوسيئيشن" به انھن مان هڪ آڳاٽي سماجي تنظيم هئي. اڄ نئين سال لاء ان جيڏ هن ريت مئنيجنگ ڪميٽي چونڊي وئي: درگداس بي.آڏواڻي, هوتچند چانڊومل, خانچند پرمانند, چنديرام ماڻڪ راج, بولچندکيمچند, گوبندرام ڌرمداس ۽ شامداس پرتاب پرتابراء. 14.6.1948: ڪوئٽيا ۾ ملٽري آفيسرن کي خطاب ڪندي پاڪستان جي بانئ چيو ته عوام جي جان, مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ فوجين جي ذميواري آھي. [اڳتي هلي ملڪي تاريخ ۾ ھنن عملدارن گهڻا ڪم ڪيا. ٽيه پنجٽيه سال سڌي حڪمراني ڪئي ۽ اوترو , بلڪ ان کان وڌيڪ وقت سياسي حڪومتن ٺاهڻ هلائڻ تي ڏنو. ميان محمد نواز شريف کان وٺي ويندي عمران خان تائين سندن انھئ ڪردار تي سخت تنقيد ٿي] 14.6.1949: ملڪ جي وزير اعظم لياقت علي خان کي مهاجرن/پناهگيرن جي آبادڪارئ جو وڏو اونو هوندو هو. هن ملڪ ۾ جيڪي دورا ڪيا, انهن ۾ پناهگير ڪئمپن جي دورن جو وڏو تعداد آھي. اڄ هن "مهاجرن جي واه ڪئمپ" جو دورو ڪيو. 14.6.1950: ڪراچئ ۽ تهران وچ ۾ اڄ کان "ريڊيو ٽيليفون" ۽ ”ريڊيو ٽيليگرام" ذريعي رابطو قائم ٿيو. 14.6.1955: "راولپنڊي سازش ڪيس" جي سمورن ملزم قيدين جي ضمانت ٿي. 14.6.1969: اوڀر پاڪستان ۾ مارشل لا اختيارين وارن بنيادي جمهوريت جي 300 ميمبرن ۽ ڪيترن سرڪاري ملازمن کي گرفتار ڪيو.[ سنڌ ۾ سياستدانن/سياسي ورڪرن/عملدارن تي اهڙي نموني سان ڏکيا ڏينھن گهٽ آيا. ٻڌ سڌ ٿيندي رهي آھي, پر ٿورن ماڻھن جي. هڪ وقت اوڀر پاڪستان وانگر سوين ماڻھون گرفتار نه ٿيا آھن] 14.6.1970: ذوالفقار علي ڀٽي ۽ مولانا ڀاشانئ سوشلزم جون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ته اڄ ”آل پاڪستان سني ڪانفرنس" حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سوشلزم ۽ ڪميونزم کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي. 14.6.1972: پنجاب سرڪار اردوء کي صوبي جي سرڪاري زبان قرار ڏنو. [ٻين صوبن جي اهڙي قدم سنڌ ۾ لساني بي چينئ کي هٿي ڏني ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٻولئ واري تحريڪ کي ڇيهو رسيو] *************** {14 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 14 جون 1746ع اسڪالر آخوند عزيز الله ميمڻ (مٽياري) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جون 1935ع شاعر الله رکيو ڳورڙ جي پيدائش ٿي. 14 جون 1935ع شاعر قاضي اميد علي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جون 1935ع سماجي اڳواڻ استاد الهه رکيو ڳورڙجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جون 1940ع ليکڪ قمر عباسي (شهداد پور) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جون 1943ع شاعر الهه ڏنو دکي (باڊهه) جي پيدائش ٿي. 14 جون 1948ع صحافي جيوت رام (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جون 1960ع شاعر منظور مسافر جو جنم ڏينهن آهي. 14 جون 1961ع اداڪار ڪمار گهنشياڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جون 1974ع ليکڪ احسان زنگيجو (ميهڙ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 14 جون 1914ع مذهبي عالم ۽ بزرگ پير صاحب ڏنو جو انتقال ٿي

Friday, 12 June 2026

SINDH in history today (13th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan SINDH (Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]***** SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {13th JUNE}cluding Pakistan)IN HISTORY TODAY {13th JUNE}. Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali EVENTS 1843: The Governor-General of India writes to Secret Committee telling that Major Outram has been sending me his notes but he never read before. Therefore, he do not know that what happened between Talpur Rulers and Charles Napier, and the role was played by Major Outram. (Source: “Correspondence related to Sinde”.-Papers presented to Parliament in 1843) 1844: The Government of India intends to establish dispensaries as an experimental measure at Shikarpur, Sukkur, Hyderabad and Karachi. Charles Napier, the Governor of Sindh is asked to submitt specific propositon, the plan and cost of buildings. (Source: Letter No.359 of the Govt. of India). 1943: The meeting of the Council Muslim League is held at Karachi with Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah in chair. G.M.Syed and Yousif Haroon are appointed as President and Secretary of the Sindh Muslim League respectively. (Source: Al-Waheed, Daily and other Newspapers). 1949: East and West Punjab Governments held meeting to discuss large scale kidnappinf of women. (Source: Newspapers). 1954: Arrests of political workers and leaders is condemned. Most of arrested were opposing One-Unit Scheme. (Source: Ibd). 1959:I have not killed Dr.Khan on my own, but, I was asked for the action, says Atta Muhammad, main accused in the murder. (Source: Newspapers). 1962:President Ayub’s cabinet takes oath. Muhammad Ali Bogra, Abdul Munam Khan, Z.A.Bhutto, Khan Habibullah Khan, Fazal Qadir Choudri and Waheed-u-Zaman are new ministers. (Source: Ibd). 1964: Pakistan will not take dictation from U.S.A. Her military aid to India is serious matter for Pakistan, says Foreign Minister, Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’ , compiled by Gul Hayat). 1973: NWFP Government indicates imposition of ban on ANP, if the party is inclined to work against the integration of Pakistan. 1977: PPP Government and PNA, both are hopeful of positive results of talks. SINDHI TRANSLATION OF THE POST ******* توجه طلب واقعا *************** 13.6.1835: سنڌوندئ جي سروي ڪرڻ لاء فرنگين ڪڇ جي راء کان ٻيڙو ورتو هو. اهو ٻيڙو سنڌوندئ ۾ لاٿو ئي مس ويو ته ميرن ان تي قبضو ڪيو. پاٽينجر ڳالهيون هلايون ۽ نتيجي ۾ اهو ٻيڙو فرنگين کي واپس مليو. پاٽينجر جي سفارتڪارئ جو اهڙو ته جادو هئو جو جيڪا ڳالھ ميرن کي چوندو هو, سا هو قبول ڪري وٺندا هئا. اهي تفصيل سڀاڻي واري "واقعاتي تاريخ" ۾ پڙھي سگهندا. 13.6.1843: چارلس نيپيئر ٺڳئ ۽ فريب سان ميرن کي شڪست ڏئي سنڌ جو گورنر ٿي ويو. پر ميجر آئوٽرام سنڌ بابت هن جي پاليسئ تي تنقيد ڪندو رهيو تان جو ڳالھ وڃي اخبارن تائين پهتي. ان تي ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي سيڪريٽ ڪميٽئ گورنر جنرل کان پڇيو ته ماجرا ڪهڙي آھي ۽ آئوٽرام مخالفت جي باه ڇو ٻارري آهي. ان تي اڄ گورنر جنرل پنهنجي صفائي پيش ڪندي لکيو ته ميجر آئوٽرام سنڌ جي قبضي ڪرڻ کان اڳ مون ڏي برابر کوڙ خط لکيا. پر انھن جي پڙھڻ جو مون کي موقعو نه مليو. هن پنهنجي خطن ۾ نيپيئر جي مير حڪمرانن سان ڏاڍائئ واري هلت جي ڳالھ لکندو هو. 13.6.1844: انگريزن جي اچن کان اڳ سنڌ ۾ وڏا حڪيم ته هوندا هئا, پر انهن جون جديد طريقي سان ڊسپينسريون نه هونديون هيون. اڄ ڪمپني حڪومت سنڌ جي گورنر کي لکيو ته شڪارپور, سکر ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچئ ۾ آزمائشي طور تي ڊسپينسريون کوليون وڃن. ان لاء ھر ڪنهن ڊسپينسرئ جي عمارت ۽ ٻين ڳالهين تي جيڪو خرچ اچي سگهي ٿو, اهو تخمينو ٺاهي موڪل. 13.6.1943: ڪراچئ ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ سنڌ مسلم ليگ جي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو, جنهن جي فيصلي موجب جي.ايم.سيد کي سنڌ مسلم ليگ جو صدر ۽ يوسف هارون کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 13.6.1949: گڏيل هندستان جي ورهاڱي ۽ ٻن آزاد ملڪن جي قيام کان پوء پنجاب جي ورهاڱي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل لڏپلاڻ عورت-ذات تي قهر ڪيا. وڏي پئماني تي عورتون/ڇوڪريون اغوا ٿيون ۽ قتل به ڪيون ويون. اڄ انھئ خطرناڪ صورتحال تي بحث ڪرڻ ۽ ڪو تدارڪ ڪرڻ لاء اوڀر پنجاب ۽ اولھ پنجاب جي حڪومتن جي گڏجاڻي ٿي. ياد رهي ته سنڌ ۾ عورتن جي اغوائن ۽ قتل جا واقعا نه ٿيا. سنڌ ۾ يڪ طرفي وڏي لڏپلاڻ ٿي ۽ سنڌي ماڻھن سرحد تي وڃي پناهگيرن جي پرگهور لڌي. 13.6.1954: سنڌ ۾ ون-يونٽ مخالف سياستدانن ۽ ڪارڪنن جي وڏي پئماني تي گرفتاريون شروع ڪيون ويون. 13.6.1962: صدر ايوب پنهنجي نئين ڪابينه جوڙي. سنڌين مان وزير ٿيڻ جو موقعو ذوالفقار علي ڀٽي کي مليو. هو صدر ايوب جي اڳوڻئ ڪابينه ۾ به وزير هو. 13.6.1977: پي.پي.پي ۽ پي.اين.اي وارا ڳالهين مان مطمعن هئا. پر ڄاڻون ڄاڻن پيا ته حالتون ڪاڏي پيون وڃن. *************** {13 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 13جون 1908ع ناليواري صحافي، ليکڪ ۽ عالم محمد عثمان ڏيپلائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13جون 1924ع شاعر نثار بزمي جي پيدائش ٿي. 13جون 1935ع شاعر عبدالقيوم طراز (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13جون 1939ع شاعر عبدالحڪيم ارشدجي پيدائش ٿي. 13جون 1942ع اداڪار ڪنعيا لال ميٺواڻي (دولتپور / جئپور) جي پيدائش ٿي. 13جون 1982ع ليکڪ ارشاد کوسو جو جنم ڏينهن آهي

Wednesday, 10 June 2026

SINDH in history today (11th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {11th June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]*****SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {11th JUNE}**Dr.Pathan wishes you Good Day. [To depend upon others is not only an act of exploitation but, is some sort of denying of self-trust, worth & strength. It will compel to please others, and it is impossible to please any body. Dear! Please yourself and make others to depend upon you] ماٹھن جي محتاجئ بدران، بھتر پنھنجي من جي محتاجی . جي چاھین دوکن کان دل آجي، تہ سمجھ سور ۽ سر سلام جا.‏‎ ‎ ************ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {11th JUNE} EVENTS: 1917: In the election, Karachi Citizens' Association elects it following office - bearers: Harchandrai Vishindas (President), Wadhomal Udharam & Mir Ayub (V.Ps), Durgdas B.Advani & R.K.Sidhva (Hon.Secretaries), Dr.D.G.Advani (Public Health Incharge), Jeramdas Doulatram (Education Incharge). Jamshed Mehta, Abdul Rahman, G.G.Chagla, Framroze and seven others are taken as members of the Managing Committee. (Source: A Chronology of the British Sindh, compiled by Gul Hayat Institute) 1927: Harchandrai Vishindas while giving an interview to a representative of 'The Hindu' reiterates his opposition to the separation of Sindh from Bombay Presidency. Irony of fate is that he was the first Sindhi politician, who projected the idea of separation of Sindh from Bombay Presidency! (Source: Janab Guzaryam Jan Seen, by G.M.Syed) 1943: The Congress decides to contest the bye - election to the Frontier Assembly and the Peshawar Municipal elections. (Source: Indian Annual Register, Vol -1) 1948: Sindh Muslim League Council asks Assembly members and ministers to resign in protest, if, the Federal Govt. seems to be determined to separate Karachi from Sindh.. In real, it was a some sort of face-saving, Karachi stood snatched and no body resigned. (Source: Newspapers). !949: Tribal Confederation boycotts 'Baluchistan Advisory Committee' constituted by the Pakistan Government. (Source: Iibd) 1954: Arbab Abdul Ghafoor of NWFP Awami league is arrested under section 40 of the FCR. It is irony of fate that political leaders of NWEP, Sindh and Bengal (East Pakistan) got very tough time at early stage. (Source:Ibid) SINDHI TRANSLATION OF THE POST: ** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي سٽيزن ايسوسيئيشن جي ٿيل چونڊن ۾ هرچند راءِ وشنداس کي صدر، واڌو مل اڌارام کي نائب صدر، مير ايوب کي نائب صدر، درگداس بي آڏواڻي ۽ آر ڪي سڌوا کي اعزازي سيڪريٽري، ڊاڪٽر ڊي جي آڏواڻي کي پبلڪ هيلٿ انچارج، جئه رام داس دولترام کي تعليمي انچارج، جمشيد مهتا، عبدالرحمان، جي جي ڇاگلا ۽ ٻين ستن ڄڻن کي مئنيجنگ ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري ڇڏي ته اهي احتجاج طور استعيفا ڏئي ڇڏين، واضح رهي ته ڪراچي کي جڏهن وفاقي گادي وارو شهر بڻايو ويو ته ڪنهن به ان جي مخالفت نه ڪئي هئي. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي (خيبرپختونخوا) جي عوامي ليگ جي اڳواڻ ارباب عبدالغفور کي ايف سي آر قانون تحت گرفتار ڪيو ويو، واضح رهي ته سنڌ، اين ڊبليو ايف پي ۽ بنگال جي اڳواڻن خلاف ڪيتريون ئي ڪارروايون ٿينديون رهيون ۽ انهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. ** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل آصف نواز کي آرمي چيف ۽ جنرل شميم عالم کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جو چيئرمين نامزد ڪيو ويو. اعلان ڪيو ويو ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل مرزا اسلم بيگ هلندڙ سال 16 آگسٽ تي رٽائر ٿي ويندو. ** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي نيون ووٽر لسٽون جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت جو چوڻ هو ته ووٽر لسٽن ۾ وڏي گڙٻڙ آهي، وفاقي سرڪار ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس به جاري ڪيو ويو. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف ٽن صوبن جي اسيمبلين پاران رد ڪيل تڪراري منصوبي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نواز شريف قوم کي خطاب ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهي ٻيو مورچو فتح ڪنداسين، پ پ ، اين اين پي ۽ ٻين جماعتن سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته نواز شريف حڪومت ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ملڪ ٽوڙڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.هاڻي ننڍن صوبن کي پنجاب سان گڏ رهڻ يا نه رهڻ جو فيصلو ڪرڻو پوندو. جڏهن ته حڪومتي وزيرن وزيراعظم جي اعلان جو دفاع ڪيو. ** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر عبدالرازق خان مارجي ويو، عبدالرازق کي نيوچالي ٽريفڪ سگنل وٽ هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪيو هو، هو ڪيس اڪلائي گهر وڃي رهيو هو، حملي ۾ سندس ڊرائيور به مارجي ويو.رازق خان ٻه ڀيرا ايم پي اي رهيو، هن اٽڪل 30 سالن تائين سياست ڪئي. ************ اڄوڪي ڏينهن 11 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 11 جون 1919ع شاعر صوفي قربان علي “قربان” (بوزدار وڏا) جي پيدائش ٿي. 11 جون 1926ع ليکڪ ڪالا رائيسنگهاڻي (ڪراچي / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 جون 1935ع ليکڪ ميان غوث محمد گوهر پيرزادو (ڪوٽڙي ڪبير) جي پيدائش ٿي. 11 جون 1957ع ليکڪ جڳديش لاکياڻي جي پيدائش ٿي. 11 جون 1959ع شاعر سلطان احمد علوي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 جون 1978ع صحافي شهمير خان گاڏهي جي پيدائش ٿي. وڇوڙو: 11 جون 1982ع اداڪار سنتوش ڪمار (سيد موسى رضا) جو لاڏاڻو ٿيو. 11 جون 2011ع ناليواري ليکڪ، شاعر ۽ مصور طارق عالم ابڙوجو لاڏاڻو ٿيو

Tuesday, 9 June 2026

SINDH in history today (10th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {10th June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]*****SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {10th JUNE} Dr. Pathan wishes you Good Day. [ We are passing through an era of relationship that is to be kept and maintained unilaterally. You will never be recognized or accepted due to your experience & age, vision & wisdom and talents & potentialities. Because, everybody believes that only and only he/she is second to none in all these qualities, besides beauty. Hence, Ground Reality is that to what extent you are useful or of use for others] پاڻ رکي پيو پاڻ نڀائج هلي رشتن جو ايئن جهان, نہ تہ ڪم نہ دم دنيا کي هرڪو هتڙي خانئ خان پنهنجي مطلب غرض طمع ۾ ماڻھون هت مستان متان ڪرين ارمان, تہ ناهي قدر سرت سلام جو. ************* EVENTS: 1916: 'Sindh needs Autonomy' is the topic of lecture, followed by discussion, today. The NGO of Karachi, the Karachi Citizens' Association has arranged the program for creating political awareness and making minds to launch Movement for separation of Sindh from Bombay Presidency. Idea about separation was given by the British Commercial community, promoted by Hindu leader Harchandrai Vishindas and translated by Sindhi Muslim Upper class and rigorously opposed by Sindhi Hindus including Harchandrai Vishindas. (Source: various issues of the 'Kosid' and the 'Daily Gazette' & Dr.Pathan's 'Chronology'. 1949: Sindh Hari Committee decides to observe 'Mai Bhakhtawar Day' on 22th of June. (Source: Newspaper) 1970: 'Pakistan Muhajir Mahaz' is formed at Karachi with Aims & Objects to protect rights of Muhajiren in changing situation (Source: Newspapers) 1971: Soviet Premier call for creating conducive conditions for return of millions of Bengalis who have flooded into India (Source: leading Newspapers) 1972: President Bhutto offers to pull out from CENTO & SEATO immediately if India renounce’s her defense agreement with Soviet Union. (Ref:'Source-material on Bhutto family', compiled by Gul Hayat). 1974: Bangladesh, once part of Pakistan, becomes member of U.N.O. 1977: No any deadlock in talks. We are moving towards positive results, say PNA & PPP. Somewhere this positive approach is giving birth to a big even & move, that will take place within a month SINDHI TRANSLATION OF THE POST: .********* 10.6.1843: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سنڌ جي فرنگي گورنر کي تاڪيد ڪيو ته سنڌين کي هٿين خالي ۽ غير مسلح ڪيو وڃي ۽ ٻروچن کي سولجرن طور ڀرتي ڪيو وڃي ته جيئن غير سنڌي ۽ فرنگي راڄ جي واپارين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي وڃي. 10.6.1916: انگريزن جي ابتدائي ڏهاڙن ۾ سرڪاري ملازمن ۽ سماجي سڌارڪن کي سياست ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي. انھئ زماني ۾ سنڌ جون سماجي تنظيمون ماڻھن ۾ سياسي شعور پيدا ڪنديون هيون ۽ سرڪار کان سياسي نوعيت وارا مسئلا حل ڪرائڻ جا جتن ڪنديون هيون. شڪارپور, سکر, حيدرآباد ۽ ڪراچئ ۾ اهڙيون کوڙ سماجي تنظيمون هونديون هيون. اڄ ڪراچئ جي "ڪراچي سٽيزنس ائسوسيئيشن" پنهنجي پليٽفارم تان " سنڌ کي خودمختياري گهرجي" جي موضوع تي ليڪچر ڪرايو ته جيئن عوام ۾ سنڌ کي ممبئئ کان جدا ڪرڻ واري سوچ پيدا ڪئي وڃي. 10.6.1949: "سنڌ هاري ڪميٽئ" فيصلو ڪيو ته 22 جون تي وڏي پئماني تي "مائي بختاور جو ڏينھن" ملهايو ويندو. 10.6.1970: ڪراچئ ۾ ”پاڪستان مهاجر محاذ" جي نالي سان هڪ سياسي تنظيم جوڙي وئي ته جيئن انڊيا کان آيل پناهگيرن جي حقن جي نئين سياسي صورتحال مطابق حفاظت ڪئي وڃي. مطلب ته سنڌ يا پاڪستان جي سياست جي حصي ٿيڻ بدران پنهنجو الڳ سياسي تشخص قائم ڪيو وڃي. 10.6.1972: صدر ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته جيڪڏهن انڊيا روس سان دفاعي ٺاه تان هٿ کڻي ته پاڪستان "سينٽو" ۽ "سيٽو" معاهدن مان هٿ پٽي ويندو. 10.7.1977: پي.اين.اي ۽ پي.پي.پي وارا مطمعن آھن ته ملڪ ۾ ھاڻي ڪو جمود ڪونهي. صورتحال افهام و تفهيم ۽ بهترئ طرف وڌي رهي آھي. ** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سٽيزن ايسوسيئيشن طرفان ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو، جنهن ۾ مقررن ”سنڌ کي خودمختياري کپي“ جي عنوان تي ليڪچر ڏنا، اهو پروگرام عوام ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوٺايو ويو هو ۽ خاص طور تي سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ بابت عام راءِ ٺاهڻي هئي. ** 1967 ۾ اڄوڪي تاريخ تي وچ اوڀر ۾ جاري ويڙهه کي روڪيو ويو، اسرائيل گڏيل قومن جي مداخلت تي شام سان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، آخري ڇهن ڏينهن دوران اسرائيلي فوجين والاريل بيت المقدس جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو، اسرائيلي وزيراعظم شام سان جنگ کي صحيح قرار ڏنو، جڏهن ته روس ۽ گڏيل قومن مداخلت ڪري جنگبندي ڪرائي. ** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگلاديش کي گڏيل قومن جو ميمبر ملڪ بڻايو ويو، واضح رهي ته ان کان اڳ ۾ بنگال پاڪستان جو صوبو هو، آزادي بعد گڏيل قومن کيس الڳ ملڪ جي حيثيت سان تسليم ڪري ورتو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پيپلزپارٽي ۽ پي اين اي جي اڳواڻن ۾ جاري ڳالهين دوران اڳواڻن چيو ته ڪو به ڊيڊلاڪ ناهي، اسان جلد ڪنهن مثبت نتيجي تي پهچي وينداسين، واضح رهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار ۽ مخالف ڌر جي اتحاد پي اين اي وچ ۾ معاهدو ٿي ويو هو، وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرائڻ تي راضپو پڻ ظاهر ڪيو پر پوءِ به ڊڪٽيٽر ضياءُالحق جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. ** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج نظام الدين صديقي ڪراچي ۾ پٽ سميت مارجي ويو، ٻئي ڄڻا هاءِ ڪورٽ کان گهر اچي رهيا هئا ته گهر جي در تي موٽرسائيڪل سوارن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ اهي موقعي تي ئي مارجي ويا.نظام صديقي جسٽس ناصر اسلم زاهد جو ڀيڻويو هو. ** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڪور ڪمانڊر جي قافلي تي حملو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 اهلڪار شهيد ٿي ويا، ليفٽيننٽ جنرل احسن سليم حيات صبح جو آفيس وڃي رهيو هو ته ڪلفٽن پل وٽ سندس قافلي تي دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هو پاڻ محفوظ رهيو، آءِ ايس پي آر 10 اهلڪارن جي شهادت ۽ 13 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ************ {ڏينهن 10 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 10 جون 1894ع شاعر ۽ سياسي ڪارڪن ابو شوڪت حمزه جي پيدائش ٿي. 10 جون 1913ع شاعر گوهر سروري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 جون 1920ع شاعر تيرٿ پريتم هنڱوراڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1920ع شاعر ڪشنچند مسرور (جيڪب آباد / اندور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1924ع شاعر نارائڻ سمتاڻي (جوهي / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1925ع شاعر علي محمد خالدي (ٺٽو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 جون 1925ع شاعر رام معصومي (سنڌ / آگره) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1933ع ليکڪ عبدالڪريم لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1933ع موسيقي جي خدمتگار ڀڳت چيلا رام چاولاجو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1939ع گلوڪار سترام روهڙا (سکر / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1944ع شاعر کيمڻ مولائي جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1948ع شاعر هارون امرت جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 جون 1957ع گلوڪار اشوڪ شاولاڻي (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1962ع شاعر سڪندر علي خمار جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1963ع ليکڪ يونس جويو (آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1971ع ليکڪ ۽ صحافي اقرار پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 10 جون 1923ع سيد علي اڪبر ثاني (روهڙي) جو لاڏاڻو ٿيو. 10 جون 1975ع عبدالفتاح شاهه مجذوب جو لاڏاڻو ٿيو.

Monday, 8 June 2026

SINDH in history today (9th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]*****SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {9th JUNE} EVENTS: 1910: Prof. T.L.Vaswani leaves for Barlin to participate in 'World Congress of the Free Christianity and Religious progress'.

Saturday, 6 June 2026

SINDH in history today (7th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {7th June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]******EVENTS FROM HISTORY*********1858: Allah Rakhio and 24 others are killed by Umed Ali Chhuto and his comrades. Captain of Sindh police is directed by the Commissioner to ensure that they are captured. (Source: Sindh Commissioner’s letter No. 1429). 1910: The lodge of the Theosophical Society is chartered in Khairpur Mirs. Sardar Natha Sing becomes its founder president. (Source: The Report of the Theosophical Society ) 1918: His Majesty’s Minister at Panama, notifies that departure of on Parmanand Shewaram (Sindhi Hindu) from Colon to Cadiz on a Spanish steamer and describes him as VERY ANTI-BRITISH. It was reported that on arrival at Cadiz the man was seen to hand over some documents to the German Consul there. (Source: ‘Sour-Material on Sindhworkis’, compiled by Gul Hayat Institute). 1922: The services of the Newspaper of Sukkur, ‘Sindh Zamindar’ are lauded in the meetinh of Kazi Ahmad Aman Sabha. It is said that like Sindh Zamindar we must be voice of the Government and work effectively in combating Non-Co-Operation Movement. Diwan Teckchand Gurmukhdas and Sanwaldas are the leaders of local Aman Sabha. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1924: Bengal sets new example. Governor, on behalf of the Crown had dissolved Bengal Council. It was challenged in court by ministers. Today, the court grants injuction and it is declared in the judgment that Bengal Council shall stand prorogued. (Source: The Indian Annual Register, Voll-11, 1924) 1925: How to launch movement? Akalis set trend. Since last year they started their struggle for acceptance of political, social and religious demands. They sent Jatha (Group of volunteers) of 25 to Jaito, daily to participate in movement and prove their unity in streets and everywhere. Today, Gurdwara Bill is passed by the Punjab Council and prisoner Akalis are released. Hence agitation is withdrawn by Akalis. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1925). 1928: Shaikh Dr.Muhammad Alam presides over the Sindh Muslim Political Conference in Karachi. It is result of joint efforts of Sindhi Muslim Upper Class to introduce the issue of separation of Sindh at all India level. For this purpose president of Some Conferences were also brought from outside. This event was followed by four Azad Conferences, and they were held on 18th April, 1932 at Karachi; 15th November, 1932 at Hyderabad; 26th April, 1934 at Sukkur and 28th July, 1934 at Karachi. (Source: The India Annual Register, Vol-11, 1928/G.M.Syed’s book “Sindh Ji Bombay Khan Azadi’ and Gul Hayat Collection on the topic). 1938: Monin Jamiat is formed at Bihar. In its Conference, the resolution is passed condemning the Muslim League as trying to deprive the people of their rightful place and asserting that the Muslim League did not present them. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1938). 1943: An Appeal issued by G.M.Syed, the President of Sindh Muslim League is carried out by press. Sindhi Muslims are asked to observe ‘Local industry & trade promoting Day’ be observed on 16th of July. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1950: No any Muhajir has been sent to jail. It is propaganda to bring bad name to the Sindh Government, says Kazi Fazlullah, Chief Minister, Sindh. (Source: An interview with Kazi Sahib, by Dr.Pathan) 1956: Red Shirt Party is declared unlawful in West Pakistan. (Source: Notification of the Government of West Pakistan). 1977: Official Notification regarding the removal of Prime Minister and ministers from their position is issued. (Source: Newspapers). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: "سنڌ جي ترقئ ۽ تنزل جي واقعاتي تاريخ -(7جولاء)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ واقعا ] 7.7.1853 انگريز اسان جي اپر ڪلاس جي ماڻھن کي پنهنجي وفادار بنائڻ لاء جاگيرن ۽ زمينن ڏيڻ کي ڪتب آندو. جاگير ڏيڻ جا هنن وٽ ڪيترا قسم ۽ طريقا هوندا هئا. ڪي جاگيرون ليز طور تي به ڏنيون ويون. سيوهڻ جي سيد الله بخش شاه ۽ غلام شاه به جاگيرن لاء درخواستون ڏنيون. سيد غلام شاه وٽ اڳ جيڪا 50 جريب زمين ھئي, اها انگريز سرڪار بحال رکي. 7.7. 1857 سنڌ ۾ موجود فرنگي عملدارن مان ڪن جو خيال هو ته سنڌوء تي پل ٻڌرائجي, جيڪب ۽ سندس ٽولي جو خيال هو ته پل بدران شڪارپور کان ڪراچئ تائين لنڪ روڊ ٺھرائجي. فيصلو روڊ ٺاهڻ جو ٿيو. 7.7.1910 خيرپور ۾ ٿياسافيڪل لاج کولي وئي ۽ سردار ناٿاسنگ ان جو باني صدر ٿيو. ياد رهي ته شروعاتي ڏينھن ۾ غيرمسلم سنڌين ٿياسافئ ۽ ان جي تنظيم سازئ ۾ وڏو حصو ورتو. پوء جڏهن ان جي سياسي ونگ-هوم رول ليگ ٺھي ته مسلمان ۽ پارسي به ان ۾ شريڪ ٿيا. 7.7.1918 سنڌي هندو "سنڌ ورڪئ" جي نالي سان دنيا ۾ واپار سانگي پکڙجي ويا. پر جڏهن به کين موقعو مليو ته هنن انگريز-دشمن ملڪن ۽ تنظيمن جي مالي مدد به ڪئي ۽ انهن جو لٽريچر به مختلف ملڪن ۾ پهچايو. اڄ پاناما مان انگريز حڪومت کي خبر پهتي ته پرمانند شيوارام ڪولن مان هلي ڪارڊز ۾ جرمن ڪائونسل سان مليو آھي ۽ انهن پاڻ ۾ ڳجهن دستاويزن جي مٽا سٽا ڪئي آھي. آزادئ جي تحريڪ تي اسان منظم تحقيق ڪانه ڪئي آھي. هونء نه ته سنڌ ورڪين جي آزادئ وارئ تحريڪ ۾ ڪيل خدمتن تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. 7.7.1920 اڄوڪي "الوحيد" جي پرچي ۾ افغانستان جي تاجدار جو اعلان ڇپيو ته افغاني سنڌي مهاجرن جي ڀرپور مدد ۽ مهمان نوازي ڪن. اهڙن اعلانن سنڌي ماڻھن کي هجرت ڪرڻ لاء ھمتايو. پر افغان حڪومت خواه افغاني انگريزن جي دٻاء ۾ اچي سنڌي مهاجرن کان منھن مٽي ويا ۽ نتيجي ۾ سنڌين وڏو نقصان برداشت ڪيو. 7.7.1922 مسٽر پڪٿال جي صدارت ۾ سکر ۾ ٻن ڏينهن واري "خلافت ڪانفرنس" ٿي. مسٽر پڪٿال 1913 ۾ مسلمان ٿيو هو. هن ڪانفرس ۾ ھند ۽ سنڌ جي چوٽئ جي خلافتي اڳواڻن شرڪت ڪئي. 7.7.1922 قاضي احمد ۾ سرڪار-پرست پارٽي "امن سڀا" جو ميڙاڪو ٿيو. ديوان ٽيڪچند گرمکداس ۽ سانولداس پنهنجي تقريرن ۾ سکر جي اخبار "سنڌ زميندار" جي واکاڻ ڪئي ته اخبار سرڪاري وفادارئ کي عام ڪرڻ ۽ خلافتين خلاف باه ٻارڻ ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري رهي آھي. 7.7.1928 ڪراچئ ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد عالم جي صدارت ۾ “سنڌ مسلم پوليٽيڪل ڪانفرنس" ٿي. هن کان پوء سنڌ ۾ چار “سنڌ آزاد ڪانفرنسون" ٿيون. پهرين 18 اپريل 1932 تي ڪراچئ ۾, ٻي 15 نومبر 1932 تي حيدرآباد ۾, ٽين 26 اپريل 1934 تي سکر ۾, چوٿين 28 جولاء 1934 تي ڪراچئ ۾. انھن ڪانفرنسن سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ لاء ماحول جوڙيو. 7.7.1938 بهار ۾ ٿيل "مومن/ميمڻ جماعت" جي ڪانفرنس ۾ ٺھراء پاس ڪري مسلم ليگ تي شديد تنقيد ڪئي وئي ته اها پارٽي پنهنجي مفادن ڪري مسلمانن جي جذبن سان کيڏي رهي آهي. ! هاڻي وري پاڻ وٽ بهارين جون ڳالهيون ٻڌو!!! 7.7.1950 "سنڌ ۾ ڪنهن هڪ به پناهگير کي جيل نه موڪليو ويو آھي. انھن مان ڪي حڪومت کي بدنام ڪرڻ لاء اهڙيون بي بنياد ڳالهيون ٿا ڪن"- سنڌ جي چيف منسٽر قاضي فضل الله طرفان ڏنل صفائي. [جنم ]: 7 جولاءِ 1889ع سنڌ جي اڳوڻي وزير ۽ آزاديء جي ويڙهه جي اڳواڻ شيخ عبد المجيد سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1899ع اسڪالر لال سنگهه اجواڻي (خيرپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1909ع ليکڪ تيرٿ وسنت(خيرپور/ دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1937ع ڪهاڻيڪار ۽ دراما نگار علي بابا جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1940ع نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار علي بابا جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1942ع گلوڪار ليلو جهانگياڻي (ڪراچي / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1942ع ليکڪ ايشور ڀارتي(ٽنڊو آدم) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1943ع شاعر ۽ گلوڪار موتي رام سائل (سنڌ / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1947ع ليکڪ شوڪت راهي جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1947ع قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1949ع ليکڪ ڍولڻ راهي جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1949ع صحافي مشتاق علي ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1961ع گلوڪار رحمان مغل (سرمد سنڌي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1981ع ڪرڪيٽر مهندرا سنگهه ڌونيجو جنم ڏينهن آهي. [وفاتون]: 7 جولاءِ 1825ع سيد رستم علي بکري جو لاڏاڻو ٿيو. 7 جولاءِ 1846ع سنڌ جي اڳوڻي ٽالپر حڪمران مير صوبدار خان ٽالپر جو انتقال ٿيو. 7 جولاءِ 1950ع اسڪالر ۽ ليکڪ ڪاڪو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ديهانت ڪري ويو. 7 جولاءِ 1973ع ليکڪ چوهڙ مل هندوجا ديهانت ڪري ويو. 7 جولاءِ 1986ع لوڪ گلوڪاره مائي ڀاڳي لاڏاڻو ڪري وئي. 7 جولاءِ 2000ع شاعر ۽ اديب نثار بزميءَجو لاڏاڻو ٿيو. 7 جولاءِ 2005ع اڳوڻو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ليبر مير نور احمد ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو. 7 جولاءِ 2007ع شاعر اميد خيرپوري لاڏاڻو ڪري ويو. 7 جولاءِ 2012ع صحافي ۽ شاعر ارشاد گلاباڻي جي وفات ٿي.