Tuesday, 13 October 2026

SINDH in history today (14th October). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

(14th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {14th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan SINDH (including Pakistan) {14th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Believe yourself, as I believe & trust you. Dear! You are peace-maker, human love & repect-promoter and only you can beautify hearts, minds and society with your vision & wisdom . That is why, every day and night, I knock the door of your heart & soul with my Good Wishes to get my share] آھين ڀرجهل ڇپر ڇانو ڇانورو، تون جڳ جو ۽ پنھنجو منھنجو، جانب ٻڙو لاھ نہ ٻاجھ سندو، لڳي نہ کوسو واء ڪڏھین ڪو، ساجن سھارو سندء سونهن سندو، مان گھران سرت سلام سان. ‏‎ ‎ ************* SINDH IN HISTORY TODAY (14th October) *********** BIRTH DATES of eminent Sindhis. 1. Shafi Muhammad 'Aouj' Alvi (Shikarpur/Poet/ birth 14th October1921), 2. Ghulam Ali Abbasi (Valid/Social Worker/ birth 14th October1926), 3. Ibrahim Khushk (Writer/ birth 14th October1950), 4. Wafa Nadar Khakhrani (Angan Khan/Poet/ birth 14th October1960), 5. Makhdoom Saeed -u- Zaman 'Atif'(Hala/Poet/ birth 14th October1962) 6. 'Khizr' Khokhar (Larkano/Poet/ birth 14th October1971), 7. Raja Yasin (Dadu/Journalist/ birth 14th October1971), 8. M.Ahmad Mansoor Abbasi (Larkano/Writer/ birth 14th October1974), 9. Mir Kaloi (Bahar Kaloi/Poet/ birth 14th October1985). ************* DEATH DATES of eminent Sindhis 1. Muhammad Bux 'Wasif' (Poet/ death 14th October1952), 2. Akan Faqir Odhano (Mari/Poet/ death 14th October1983), 3. Comrade Ghulam Muhammad Laghari (Mirpurkhas/Hari Leader and Journalist/ death 14th October2000). ************ EVENTS 1955: Sindh re - loses her provincial status. It was in 1847, when Sindh lost its provincial status of only four years and was separated from Bombay Presidency with provincial status in 1936 and today West Pakistan Province comes into existence. Mushtaq Ahmad Gurmani is appointed its Governor and Dr.Khan Sahib will be the first Chief Minister of the West Pakistan. East Bengal is renamed as East Pakistan. 1958: Sindh Hari Committee is dissolved. 1961: Camel - men of Karachi, Bashir, reaches America as the guest of Vice President Johnson. 1972: Constitution Conference to be held on 17th of October. PPP Govt sends invitations to the leaders of the Parliamentary parties. 1977: PPP Leader Begam Ashraf Abbasi is put under house arrest in Valid. ( 14 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 14.10.1839: پاٽينجر اڄ ميرن کي ميمورنڊم ڏياري موڪليو, جنھن ۾ ھي ڳالهيون اهم آھن: (1). سنڌ ۾ فرنگي فوج رکڻ لاء مير نور محمد, مير نصير خان ۽ مير محمد خان هر سال فيبروري مهيني ۾ هر ڪو لک لک ڪمپني روپيا ڏيندو. اهي ڏوڪڙ فيبروري 1839 کان ڏنا ويندا. (2). منوڙو ٻيٽ ڪمپني حڪومت جي هٿ هيٺ رهندو. (3). حيدرآباد شھر ٻاهران ڪمپني فوج جي ڇانوڻي اڏي ويندي. جاء جي فيصلي ۾ ميرن جي گذارش نظر ۾ ھوندي, (4).ميرن کي شاه شجاع جي ڏن جا باقي رهيل پئسا- يارنهن لک تيموري يا ڪمپني روپيا- هڪدم ادا ڪرڻ گهرجن. 14.10.1842: فرنگي گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکيو ته ميرن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي اسان جي ٻيڙين کي سنڌوندئ ۾ هلڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون. ان لاء ھنن کي تاڪيد ڪر ته اڳتي ايئن نه ڪن. هنن تي ٻيڙين روڪڻ لاء ڏنڊ وجھ ۽ اهو ڀرائي وٺين. 14.10.1842: آئوٽرام اڄ نيپيئر کي تفصيلي خط لکي ٻڌايو ته خيرپوري ميرن اسان جي معاهن جي ڀڃڪڙيون ڪيون آھن: (1). مير رستم خان لاهور جي شيرسنگ سان اسان خلاف مخفي خط و ڪتابت ڪئي آھي, جيڪا مون پڪڙي آھي,(2). وزير فتح محمد غورئ اسان کي گهربل سيد محمد شريف کي ڀڄائڻ ۾ مدد ڪئي, (3). خيرپور واري مير نصير خان جي نمائندي اسان جي فوج جو سامان چوري ڪرايو ۽ دانھن تي به مير تدارڪ نه ڪيو, (4). مير رستم علي خان ڀنگ ڀاڙا پتڻ تي اسان جي ٻيڙين تي ڳاٽي ڀڳا محصول مڙھيا ۽ هن اتي اسان جا ماڻھون گرفتار ڪيا آھن. [انهن حالتن ڪري ڀنگ ڀاڙا وارو پرڳڻو پوء بهاولپور وارن کي مليو] 14.10.1955: گذريل اڌ رات کان اسان جي ڳچئ ۾ ون يونٽ جو ڳٽ پئجي ويو. مشتاق احمد گرماڻئ کي مغربي پاڪستان جو گورنر بڻايو ويو. 1847 ۾ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ٿي هئي. اڄ وري ان جي صوبائي حيثيت ٻيهر ختم ٿي. 14.10.1858: سنڌ ۾ جاگيرن جي اسپيشل ڪمشنر بي.اي. ايلس سنڌ جي هيٺ ڄاڻايل سردارن ۽ سندن خاندانن بابت معلومات مراسلي نمبر 27 مطابق ممبئي سرڪار کي ڏياري موڪلي: ٽالپور, نظاماڻي, لغاري, مري, جمالي, براجماڻي, رند, چانگ, ڇلگري, لاشاري, نوهاڻي,لنڊ, ڪلوئي, جتوئي, نوتڪاڻي, نوندناڻي, جلالاڻي, کوسا, مگسي, کوکر ۽ کٽياڻ. [انھن مان ڪن ذاتين تي اسان جي دور ۾ تحقيق ٿي آھي. پر محققن ايلس جي هن تحقيقي ڪم مان ڪنهن به استفادو ڪونه ڪيو آھي] 14.10.1990: لاهور هاء ڪورٽ فيصلو ڏيندي صدر جي اهئ قدم کي جائز قرار ڏنو, جنهن مطابق هن اسيمبليون ٽوڙي نگران حڪومت قائم ڪئي. { 14 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1921 شفيع محمد اوج علوي(شڪارپور). 1926ع سماج سڌارڪ غلام علي عباسي. 1950ع ليکڪ ابراهيم خشڪ جي پيدائش. 1960ع شاعر وفا نادر خاڪراڻي. 1962ع شاعر مخدوم سعيد الزمان عاطف (هالا). 1971ع شاعر خضر کوکر (لاڙڪاڻو). 1971ع صحافي راجا ياسين (دادو). 1974ع ليکڪ احمد منصور عباسي (لاڙڪاڻو). 1985ع شاعر مير ڪلوئي. [وڇوڙو]: 1952ع شاعر محمد بخش واصف. 1983ع شاعر اڪن فقير اوڍاڻو. 1996ع موسيقار استاد فيروز گل. 2000ع صحافي ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري

Monday, 12 October 2026

SINDH in history today (13th October). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

(13th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {13th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan *******""" 1. GOOD DAY WISH composed in my language alongwith its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. [Dear you are more beautiful than this beautiful universe. Witness its waiting for you. Rainbow has less colours than your colourful personality. You are higher than high mountains. The flow of your love & beauty is more strong and speedy than flow of lakes and rivers. Dear! Don't hide, but add your beauty & love and vision & wisdom in this world and make it more wonderful & beautiful, please] تنهنجون سوچون انڊلٺ ريکا پر لوچون پوء ڇو تنهنجون ماٺيون ۽ مدهوش؟ گهاگهر بن شل گهري پئين دل سان تار ندئ منجھ ڀل اها ڏسي تنهنجو جوش, دل ۽ دنيا ۽ ھئ ڌرتي پل پل طلبن تانگهن تنهنجي سونهن سندو آغوش, پنهنجو روپ نہ ڪر روپوش, ڪر ظاهر سندرتا سرت ۽ سلام سان. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers. EVENTS ( 13 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 13.10.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي طويل خط لکي نور محمد خان جي هر پل تبديل ٿيندڙ حڪمت عملئ جي نشاندهي ڪئي آھي. هو لکي ٿو ته مير پنهنجي هر ڳالھ تان تڪڙو ڦري وڃي ٿو ۽ ان لاء ذميوار ٻين ميرن کي بڻائي ٿو. هن پنھنجي وزير اعظم نواب احمد خان لغارئ کي مون ڏانھن ڏياري موڪليو, جنهن اڍائي ڪلاڪ سنڌ ۾ فرنگين جي فوج اچڻ ۽ حيدرآباد ۾ منھنجي ريزيڊنسي ٺاهڻ جي حوالي سان خلاصو ڳالهايو. نواب بار بار چئي رهيو هو ته تنهنجي منھنجي وچ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿين ٿيون اهي مخفي رکجان. نواب جو چوڻ ھو ته مير نور محمد فرنگين سان سچو آھي, پر ٻيا ٻروچ اهو نه ٿا چاهن ته حيدرآباد ۾ ريزيڊينسي ٺھي ۽ سنڌ ۾ فرنگي فوج ڪو تڪڙو اچي. خط جي آخر ۾ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي گذارش ٿو ڪري ته 5 هزار فوجي هڪدم سنڌ موڪليا وڃن. 13.10.1938: "سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس" ڪالھ رات پڄاڻئ تي پهتي. هن کان پوء آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر سنڌ جي دوري تي نڪتو ۽ لاڙڪاڻي خواه جيڪب آباد جو دورو ڪيائين. سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس بابت کوڙ سارو مواد گل حيات جي ويب سائيٽ تي پيو آھي. هن ڪانفرنس سنڌ جي سياست ۾ وڏي تبديلي آندي ۽ مسلم ليگ سنڌي مسلمانن جي مقبول پارٽي بڻجي وئي. ان کان پوء ئي الله بخش سومري جي حڪومت کي ختم ڪري سگهي. 13.10.1939: سکر ۾ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان "مسجد منزلگاه تحريڪ" مقبوليت جي منزل ماڻڻ لڳي. جن تحريڪ جي ڊڪٽيٽرن, دنگل ڪندڙن ۽ سرگرم اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو, تن کي اڄ سکر ضلعي جي انتظاميه غير مشروط طور تي آزاد ڪيو. [ هن خوني تحريڪ سنڌ جي وحدت کي ٽوڙي هندو مسلمان ڪئمپن ۾ ورهائي ڇڏيو. هئ تمام وڏي ۽ خطرناڪ تحريڪ هئي. مون ان جي انگريزئ ۾ واقعاتي تاريخ مرتب ڪري گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکي آھي] 13.10.1954: لياقت علي خان جي قتل بابت وڌيڪ جاچ ڪرڻ لاء برٽش سيڪيورٽي سروس جو هڪ عملدار مقرر ڪيو ويو. 13.10.1965: اقوام متحده جي جنرل باڊئ ۾ روڊيشا خلاف ٺهراء پيش ٿيو ته روڊيشا پنهنجي ملڪ جي اترين حصي ۾ غير آئيني قدم کڻي اقليت کي اڪثريت مٿان حڪمراني ڪرڻ جو موقعو پيدا ڪري رهي آھي. [تعجب جي ڳاله اها آھي ته پاڪستان انھئ ٺھراء جو ڪو-اسپانسر ملڪ هو. جڏهن ته روڊيشا واري ساڳي سياست ڏکڻ پاڪستان/سنڌ ۾ شروع کان جاري آھي.] 13.10.1993: بينظير ڀٽو ملڪ جي وقتي صدر ۽ وقتي وزير اعظم سان ملي کين چيو ته کيس حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏيو, ڇو ته پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ج) گڏجي مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهي سگهن ٿيون. *************** 13 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 13 آڪٽوبر 1884ع شاعره ايلسا قاضيجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1911ع شاعر ميلها رام پتنگ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1916ع اسڪالر چيتن ماڙي والا (ڪراچي / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1928ع آرٽسٽ جيوڻ گرسهاڻي(ڪراچي / نئين دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1942ع شاعر ڀڳوان نردوش (سنڌ / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1948ع موسيقار، قوال ۽ گلوڪار نصرت فتح علي خانجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1958ع شاعر خليل لاکير جو جنم ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1966ع ليکڪ نوشاد کوسو (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 13 آڪٽوبر 1718ع مذهبي اسڪالر مفتي محمد رفيق (هالا) جو انتقال ٿيو. 13 آڪٽوبر 1963ع شاعر شير محمد چغدو جو لاڏاڻو ٿيو. 13 آڪٽوبر 1982ع ليکڪ ۽ هاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جو لاڏاڻو ٿيو. 13 آڪٽوبر 1987ع برصغير جي عظيم گلوڪار ڪشور ڪمار جي وفات ٿي. 13 آڪٽوبر 2002ع سياسي ورڪر ڊاڪٽر احسان علي مهيسر جو انتقال ٿيو.

Sunday, 11 October 2026

SINDH in history today (12th October). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

(12th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {12th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan. . Dr.Pathan Wishes You Good Day. [For living own life is very difficult task and I have experienced it accordingly . It is really terrible and tough. I am born by the love and for the beauty. I found both in you. I accepted it as vision & wisdom of my life and never forgot to preach and promote it. But, since centuries you have remained annoyed and I neither have pleased you, nor made you realized that you are second to none in Beauty & Love and Vision & Wisdom ] جيئڻ ڪارڻ تان جيڏيون وڏا جتن ۽ وس ڪيام, امرت بدران زهر پيئندي صديون ڪي سال ٿيام, پل پل مون کي سي پنهنجا پرين دل تي ياد رهيام, صبح شام سلامن سان سڏيام,سي بلا ناغي سپرين. ************ SINDH IN HISTORY TODAY (12th OCTOBER) 12th October) ************* BIRTH DATES 1. Ghanshamdas Balani (Social Worker/ birth 12th October1897), 2. Syed Bagh Ali 'Bagh' (Lakhi/Poet/ birth 12th October1900), 3. Ali Gohar Lahori (Larkano/Politician/ birth 12th October1912), 4. Lakhmi Khalani (Jahan Khan/Calcutta/Writer/ birth 12th October1935) , 5. Hameed Sindhi (N.S.Feroz/Ex - V.C & Writer/ birth 12th October1939), 6. Ali Raza Gadihi (Murad Gadihi/Writer/ birth 12th October1941), 7. Madad Sindhi (Hyderabad/Journalist/ birth 12th October1952), 8. Srichand 'Jigri' (Jhonagarah/Poet/ birth 12th October1955), 9. Ali Ahmad 'Ajiz' (Khahi/Poet/ birth 12th October1962), 10. Syed Mahdi Shah (Larkano/Journalist/ birth 12th October1969), 11. Altaf Pirzado (Balhreji/Radio Producer/ birth 12th October1972) ************ DEATH DATES 1. Budhal Faqir (Sultankot/Saint Poet/ death 12th October1939), 2. Ali Bux 'Kamtar' (Poet/Poet/ death 12th October1918), 3. Sawami Ramanand (Saint/ death 12th October1952), 4. Nawaz Ali 'Niaz' (Poet/ death 12th October1959), 5. Akhtar Halai (Poet/ death 12th October1959), 6. Ghulam Latif Domki (Bakhshapur/Poet/ death 12th October1993) ************* EVENTS 1913: Haji Abdullah Haroon, Secretary “Hila Ahmar Sindh” publishes the Annual Report of the Society. It contains details of the contribution collected from Sindh, future program for establishing Persian-Arabic Institution, Hostel for college students and Home for Orphans. It is also included in future program to create awareness about the need and importance of Rais Ghulam Muhammad Bhurgri’s Education Cess Bill. 1916: A lecture Program is arranged by “Karachi Citizen’s Association” . Dr. Dhalla delivers lecture on the topic of the “Nationalism”. 1920: In its issue, the “AL_HAQ” Paper covers the proceedings of session of All-India Jamiat-ul-Hind, held at Calcutta and presided over by Moulana Taj Mahmood Amroti. 1954: Urdu and Sindhi are made compulsory subjects at Matriculation examination, in Sindh. 1955. One-Unit Scheme stands implemented at midnight. FATA and other areas are included in Peshawar District. 1956: The Electorate Bill is passed by the National Assembly providing for separate electorate in West Pakistan and Joint electorate in East Pakistan 1971: President Yahya Khan announces a Time-Table for transfer of power to the people’s representatives. 1989: G.M.Syed is put under house arrest on charge of desecration of national flag, though; he was personally involved in matter. ************** RARE COLLECTION BY GUL HAYAYAT INSTITUTE: SIR VALENTINE CHIROL- SOMETHING ABOUT HIM IN GUL HAYAT INSTITUTE. By. Dr. Dur Muhammad Pathan Soon after establishing my Gul Hayat Institute at my native village Khair Muhammad Arija in 1990, I started collecting papers, documents and books of research-value. Once I purchased a few old books on history of India and book seller handed over some Clippings of Newspapers to me as to him they were useless for him. It was amazing for me to note that these Cuttings were from TIMES (Literary Supplement), THE EVENING STANDARD, THE DAILY TELEGRAPH and OBSERVER all of 1926. OBSERVER (Sunday, January 24, 1926) Cutting was about Review on ‘India’ by F.H.Brown, C.I.E. The book written by Sir Valentine Chirol and included in “ The Modern World” (Voi.V), Edited by H.A.L. Fisher, M.P. As the British Period was my field of interest in research, hence, I started searching for more information about Sir Valentine Chirol and his work on the Indian History. It was my luck that I found Letter by Chirol written in his hand to F.H.Brown, who had reviewed his work. Sir Valentine Chirol breathed his last on October 22, 1929 in his 78th year. He was born on May 23, 1852 in Huguenot family. He was younger son of the Rev. Alexander Chirol, by his wife Harriet, daughter of the Rev. Denny Ashburnham. His family left France after the Revolution of the Edict of Nantes. Sir Valentine saw educated mainly in France and Germany, taking his degree at the University of Paris. He saw the march of the German Army into Paris in 1871, and the out-break of the Commune. He outstanding Journalist and born Traveler. He made several Oriental journeys, visited Eastern countries including India which he visited for the first time in 1883. He had a deep admiration for the woek of the British Raj, but also was not blind to its imperfections, especially in regard to education. He strongly showed his sympathy with native aspirations. Loed Moreley frequently consulted him on the Morely-Minto reform program. He visited India in 1910 so as to investigate the origin and extent of the troubles, and to watch the working of the reformed Executive and Legislative Councils, and at the end of that year collected the Letters he wrote to THE TIMES into a book, “Indian Unrest”.In this book he criticized the activities of Bal Gangadhar Tilak and accused him of having by pen and speech created an atmosphere in which the germs of revolution flourished, and which led to the commission of criminal outrages. At the time of publication of that book, Tilak was in prison. He was released in 1914 and in 1915 he brought an action for liable against Sir Valentine Chirol and his publisher in the English Courts. Chirol, instead of making formal apology which was invited, and feeling it impossible to allow Tilak to obtain a coat of whitewash, he spent his much time in research and to pay special visit to India, in order to collect evidence to substantiate his statements.In January and February, 1919, this case was tried before Justice Darling and a special jury. The hearing lasted 17 days, both plaintiff and defendant were examined at length, and the Judge in his summing –up observed that he did not think he had ever tried a more serious cases, having regard to its possible public consequences. The Jury returned a verdict for Chirol and his publisher. Thanks to my humble efforts I have collected a lot of material and information on Sir Valentine Chirol, his books and his observations about Indian affairs. He was Journalist of his own right. His writ tings on Indian politics and British governance carry a lot for researchers ( 12 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 12.10.1835: اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته خيرپور وارو مير رستم علي خان حيدرآبادي ميرن سان لڪ ڇپ ۾ هڪڙيون ڳالهيون ٿو ڪري ۽ اسان سان وري ٻيون ڳالهيون ٿو ڪري. ضرورت انھئ ڳالھ جي آھي ته شاهديون ثابتون هٿ ڪري پوء رستم علي خان سان ڳالهائجي. اهو تڏهن ڪري سگهبو جڏهن سرڪار اسان کي اهڙي اجازت ڏئي. 12.10.1916: هئ اهو دور هو جو سياست تي پابندي ڪانه هوندي هئي ۽ سرڪاري ملازم به سياست ۾ حصو وٺي سگهندا هئا. ان جو وڏو سبب اهو هو ته ڪا به سياسي پارٽي فرنگي حڪومت جي خلاف نه هوندي ۽ ان جي وفادارئ کي پنهنجي منشور ۾ رکندي ۽ مڃيندي هئي. انھئ ڇوٽ جو سياسي خواه سماجي تنظيمن اهو فائدو ورتو ته عوام ۾ سياسي ۽ قومي شعور پيدا ڪرڻ جا جتن ڪيائون. ڪراچئ ۾ ”ڪراچي سٽيزنس ائسوسيئيشن" هوندي هئي ۽ اها وقت به وقت ليڪچر ڪرائيندي هئي. اڄ انھئ پليٽ فارم تان ڊاڪٽر ڌالا "قوميت" جي موضوع تي ليڪچر ڏنو. انھئ مان هي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تنظيمن قوميت جي اهميت ۽ ضرورت تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ ماڻھن ۾ فڪري خواه نظرياتي بيداري آڻڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. 12.10.1920: سنڌ انگريزن جي دور آل انڊيا سطح جا سياسي اڳواڻ پيدا ڪيا, جن جي حيثيت ۽ صلاحيتن کي سڄو هندستان مڃيندو هو. مولانا تاج محمود امروٽي به انھن مان هڪ هو. هن ڪلڪتي واري "جمعيت العلماء ھند" جي اجلاس جي صدارت ڪئي هئي. انھئ اجلاس جي ڪاروائئ جا تفصيل اڄوڪئ " الحق" اخبار ۾ شايع ٿيا. 12.10.1954: سنڌ سرڪار مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌي ۽ اردو جا پيپر لازمي طور تي شامل ڪيا. 12.10.1955: فاٽا ۽ ٻين اهڙين ايراضين کي پشاور ضلعي ۾ ملايو ويو ۽ اڌ رات کان "ون-يونٽ" اسڪيم نافذ ڪئي وئي. 12.10.1956: پاڪستان جي نئشنل اسيمبلئ چونڊن بابت بل پاس ڪيو. جنهن مطابق اڳتي اوڀر پاڪستان ۾ ھندن ۽ مسلمانن جون گڏيل چونڊون ٿينديون. جڏهن ته اوله پاڪستان اهي الڳ الڳ ٿينديون 12.10.1989: جي.ايم.سيد کي قومي جهنڊي جي بي حرمتئ ڪرڻ واري ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو. جي.ايم.سيد نه ته واردات واري هنڌ تي موجود هو ۽ نه وري انھئ واقعي جي کيس ڪا ڪن جن هئي. *************** 12 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 12 آڪٽوبر 1897ع سماج سڌارڪ گهنشام داس بالم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1900ع شاعر سيد باغ علي شاهه باغ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1912ع سياستدان علي گوهر لاهوري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1935ع ليکڪ لکمي ڪالاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1939ع نامياري افسانا نگار ۽ ليکڪ حميد سنڌيجو جنم ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1941ع ليکڪ رضا گاڏهي جو جنم ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1952ع ليکڪ ۽ صحافي مدد علي سنڌئ جو جنم ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1962ع شاعر علي احمد اعجاز جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1965ع نامياري ڪالم نگار ۽ ليکڪ اعجاز منگيجو جنم ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1972ع صحافي ۽ ليکڪ الطاف پيزادو(ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 12 آڪٽوبر 1918ع شاعر علي بخش ڪمتر جو انتقال ٿيو. 12 آڪٽوبر 1939ع صوفي شاعر ۽ بزرگ ٻڍل فقيرجي وفات ٿي. 12 آڪٽوبر 1952ع بزرگ هستي سوامي رامانند جي ديهانت ٿي. 12 آڪٽوبر 1959ع شاعر نواز علي نياز جو انتقال ٿيو. 12 آڪٽوبر 1996ع شاعر، نقاد ۽ ليکڪ امير علي چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو

Saturday, 10 October 2026

SINDH in history today (11th October). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

(11th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {11th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan 1. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ We are creaters of our own sorrows and promoters of longings of our Motherland. We can't accept status of others. We love to misuse beauty, snatch respect and make others to bow before our desires. Exploitation of ideologies is our vision and wisdom and betraying others is an art of our life. Come on my Dear. Play your part as role model. Teach us how & why to love & respect and accept & serve people with sincerity & dedication and without hatred & discrimination.] ڪو ڳڻ ٿي تہ ڳهيلو ٿي نہ تہ يار تون مري ويندين, پنهنجي ئي ڌرتئ تي تون پنهنجن جو نشانو ٿيندين, سرت اٿئي سونهن اٿئي يا پنهنجي پيرن تي بيهندين, ڪنهن سبب جواز کان سواء دشمني ۽ ڏاڍ ڏسندين, سنڌ ۾ ماکئ جون نديون وهنديون اهو بہ ٻڌندين, تن جي هٿان ئي رت جي درياھ ۾ سدائين ٻڏندين, ڳڻي ڪين سگهندين ڏک ڌرتئ جا جي تون ڳڻيندين, سرت سونهن سچائئ ۽ سلامن سبب خوار ٿيندين, هي حال حشر پاڻ ڪيو سنڌ جو پر ڪين مڃيندين, ڪر وعدو پرين مون سان درس محبت پيو ڏيندين. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (11th October) 11th October 2. BIRTH DATES Syed Mubarak Shah Sani (Saint/1792) M.H Khawja (Nawabshah/Educationist/1907) Azhar Gillani (Ghotki/Poet, Journalist & Political Worker/1915) Ali Ahmed Shah (Mitari/1926) Hamid Ali “Anwar”(Tando Agha/Poet/1936) Imdad Ali Awan (Sukkur/ Politician/1944) Najma Soomro (1958) Nawaz Dahri (ShapurChakar/Poet/1974) 3.DEATH DATES Makhdoom Fazalullah (Religious Scholar/1860) 4. EVENTS 1849: The Collector of Hyderabad requests Sindh Commissioner that Police Lines be removed from Hyderabad Cantonment limits. 1851: The Bombay Govt. approves adopting of Captain Stack's Arabic character for Sindhi Script. 1854: The Assistant Commissioner for Jageers compiles report by whom grants for money and grain were received in Talpur's Govt. in the Shikarpur City and Collect orate. He has identified 42 grants. This list might be preserved in Sindh Archives in File No.250 of 1847 - 57. 1886: The Committee formed for the establishment of the College in Sindh, decides the subjects to be taught and strength of staff to be appointed. Dayaram Jethmal remained absent as he was taking efforts to establish the college in private sector. Among others present were G.M.Macpherson (Acting Commissioned), E.T.Candy (Judicial Commissioner), Colonel R.Grawford (Collector),Rev. Bambridge, K.B. Faiz Muhammad etc ( 11 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 11.10.1854: فرنگي سنڌ سرڪار جي لکپڙھ مان پتو پئي ٿو ته شڪارپور شھر ۽ ان جي آسي پاسي وارن ڳوٺڻ ۾ ميرن جي حڪومت دوران 44 ادارن ۽ فردن کي سرڪاري مالي مدد ملندي هئي. مير سڄئ سنڌ ۾ ايئن ادارن/مدرسن ۽ ماڻھن جي پرگهور لهندا هئا. 11.10.1886: سنڌ جي ڪمشنر جي حڪمن تي سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ لاء سرڪاري ڪوششون ۽ ميٽنگون جاري رهيون. اڄ به اهڙي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قائم ٿيندڙ ڪاليج ۾ ڪهڙا ڪهڙا سبجيڪٽس پڙھايا ويندا. ڏيارام ڄيٺمل ڪنهن به اهڙي سرڪاري گڏجاڻئ ۾ دعوت ملڻ تي به نه ويو ۽ پنهنجئ مڙسئ محنت سان ڪاليج قائم ڪيائين. اڄ جيڪا سرڪاري گڏجاڻي ٿي, ان ۾ ائڪٽنگ ڪمشنر, سنڌ جو جڊيشنل ڪمشنر, ڪراچئ جو ڪليڪٽر, پادري بمبرج ۽ خانصاحب فيض محمد شامل ٿيا. 11.10.1851: بگٽين جڏهن ملڪي حالتن جي تبديلئ جو فائدو وٺي, اتر سنڌ ۾ ڦر لٽ جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ڪيو ته سنڌ جي فرنگي حڪومت هنن خلاف فوجي آپريشن ڪيا ۽ ڪيترن کي گرفتار ڪري, بگٽي اسلام خان جي نگرانئ ۾ لوڙھي ۾ رکيو. اسلام خان به سنڌ ۾ ڏوه ڪندو هو, پوء فوجي آپريشن ۾ پڪڙجي سرڪار جي آڻ مڃيائين ۽ سرڪار کيس نه فقط قيدي بگٽين جي نگرانئ وارو ڪم ڏنو, پر کيس باقي بگٽي اڳواڻن سان ملڻ ۽ امن سان سنڌ ۾ آباد ٿيڻ جي آڇ ڏيڻ لاء جبلن ۾ به موڪليو ويو هو. سنڌ جي فرنگي سرڪار انھئ مسئلي تي لڳاتار ٽي مهينا شڪارپور جي ڪليڪٽر سان خط و ڪتابت ڪندي ۽ کيس هدايتون ڏيندي رهي. *************** 11 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: 11 آڪٽوبر 1907ع تعليمي ماهر ايم ايڇ خواجه (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1915ع شاعر ۽ صحافي اظهر گيلاني(گهوٽڪي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1936ع شاعر حامد علي انور (ٽنڊو آغا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1942ع باليووڊ جي نامياري اداڪار اميتاڀ بچن جو جنم ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1944ع سياستدان ۽ وڪيل اڳواڻ امداد علي اعواڻ(سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1949ع قومپرست سياستدان ۽ ليکڪ عبد الواحد آريسرجو جنم ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1956ع ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ آفتاب احمد آفتاب سومروجو جنم ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1958ع شاعره نجمه سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1974ع شاعر نواز ڏاهري جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 11 آڪٽوبر 1860ع مذهبي اسڪالر مخدوم فضل الله جو انتقال ٿيو. 11 آڪٽوبر 2008ع مشهور فلمي اداڪار بدر منيرجي وفات ٿي. 11 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون. هئ معلومات اوهان کي گل حيات جي ويب سائيٽ تي به ملندي. هئ ساڳي معلومات عبدالله خان جروار به روزانو شئر ڪندو آھي. محسن علي پٺاڻ وري ولادتن ۽ وفاتن جياڄوڪئ تاريخ جي حوالي سان جيڪي ڪارڊ ڊزائن ڪيا آھن, اهي به ويب سائيٽ تي موجود آھن. ممتاز علي پٺاڻ وري ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون انگريزئ ۾ روز شيئر ڪندو آھي. *************** 11 آڪٽوبر 1907ع تعليمي ماهر ايم ايڇ خواجه (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1915ع شاعر ۽ صحافي اظهر گيلاني(گهوٽڪي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1936ع شاعر حامد علي انور (ٽنڊو آغا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1942ع باليووڊ جي نامياري اداڪار اميتاڀ بچن جو جنم ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1944ع سياستدان ۽ وڪيل اڳواڻ امداد علي اعواڻ(سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1949ع قومپرست سياستدان ۽ ليکڪ عبد الواحد آريسرجو جنم ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1956ع ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ آفتاب احمد آفتاب سومروجو جنم ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1958ع شاعره نجمه سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 11 آڪٽوبر 1974ع شاعر نواز ڏاهري جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 11 آڪٽوبر 1860ع مذهبي اسڪالر مخدوم فضل الله جو انتقال ٿيو. 11 آڪٽوبر 2008ع مشهور فلمي اداڪار بدر منيرجي وفات ٿي

Friday, 9 October 2026

SINDH in history today (10th October). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

(10th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {10th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan Dr. Pathan wishes you Good Day. [ This Universe and everything of it is beautiful and beauty is an essential requirement for its peace and progress. But, my dear is not ready to understand it. Therefore, human-values, kindness & cooperation and love are meaningless for her/him, and she/he only believes either in tradition, or personal interest.] سهڻي ساجن کانسواء سمجهي سوچي سارو هئ سنسار, تہ ڌرتئ ۽ دلين جو وهنوار, هلي نہ سونهن سلام سواء. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (10th October) 10th October [A].BIRTH DATES Hyder Bux Jatoi (Bakhodero/Politician/1901) Nazim Mangi (Tharri Mohabat/Poet/1943) Nimano Siddique Mahesar (Pipri/Poet/1977) [B]. DEATH DATES Leelaram watnamal (Hyderabad/Poet/1924) Agha Taj Muhammad (Bagrji/Educationalist/1959) [C].EVENTS 1920: Posters & Pamphlets are distributed in Larkana city appealing people to the participant in big gathering on 17th October, Friday to raise voice against government policy against Khalifat. They bears names of Jan Muhammad Junejo, Abdul Gaffar Pirzado, Moluvi Muhammad Aqil, Seth Khudad Surhio, Syed Muhammad Shah, Pir Turab Ali Shah, Pir Ali Nawaz Shah Rashdi & Pir Syed Noor uddin Ahmed. 1939: Moulana Ubedulah Sindhi announces the formation of Jamna Nirbda Sagar Party. 1942: Khan Allah Bux Soomro is dismissed as Premier of Sindh on account of renouncing titles conferred upon him by the British Government. 1950: The Overseas radio-telephone service between Pakistan & Switzerland is extended to Poland. 1950: Jamiat-l- Islami opposing Pakistan interests in Kashmir, blooms spokesman of Azad Kashmir. 1953: 3000 Migrants are evacuated from Agricultural land in District Sialkot 1958: The Constitution of March 23, 1956 is abrogated; however, the Country shall be governed as nearly as may be in accordance with the abrogated constitution. 1967: Soviet Union agree to supply 1, 15000 Tractors worth 16 million to Pakistan. Contract in sign. 1988: PML & MQM reach understanding. Nasim Aheer, Federal Interior Minister & vice President of PML meets Altaf Hussain. 1990: Asif Ali Zardari is arrested in “Unar Case” alleged involvement in kidnapping of a British citizen & deprival him of Rs 17.5 million early this year. 1993: If PPP does not forum government to the Center, then fresh polls will have to be called, warns Benzir Bhutto. ** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙيون هلائڻ لاءِ انگريزن جي نيوي طرفان مقرر برٽش ايجنٽ ليفٽيننٽ ميڪسن کي خط لکي آگاهه ڪيو ته سنڌ جا حڪمران توهان جي مقرري کان چڱي ريت آگاهه آهن، توهان پنهنجون ذميواريون بهتر نموني ادا ڪريو. ** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مختلف شهرن ۾ پوسٽر ورهايا ويا، جيڪي عيدگاهه ۾ رکيل جلسي جي حوالي سان هئا، جان محمد جوڻيجو، عبدالغفار پيرزادو، مولوي محمد عاقل، سيٺ خداداد سرهيو، پير تراب علي شاهه، پير علي نواز راشدي، پير نورالدين شاهه پوسٽر ورهايا، انگريزن جي حڪومت خلاف طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي عيدگاهه ۾ وڏو جلسو رکيو ويو. ** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ ورهاڱي وارو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته هندستان کي ٻن فيڊريشنز ۾ ورهايو وڃي، هڪ فيڊريشن مسلمانن جي اڪثريت واري آبادي جي هجي، جڏهن ته ٻي فيڊريشن غير مسلم اڪثريتي واري آبادي جي هجي. ** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي نئين پارٽي جامنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي جو اعلان ڪيو پر اها پارٽي ايترو ڪامياب نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ ۽ ڪانگريس پارٽين سبب ماڻهو اڳ ۾ ئي ورهايل هئا. ** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب جي سيالڪوٽ ضلعي مان 3 هزار مهاجرن کان زرعي زمين خالي ڪرائي وئي. اڄوڪي ڏينهن 10 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون​ ​ جنم ڏينهن:​ ​ 10 آڪٽوبر 1932ع ليکڪ عبدالغفور انصاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1933ع راڳي ۽ شاعر مرچو مل سوني (مانجهند/اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1933ع شاعر شيخ نياز احمد نياز (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1933ع گلوڪار گرڌاري لال ڀاٽيا (روهڙي / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1935ع نامياري راڳي استاد محمد جمن جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1939ع شاعر ناظم منگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1939ع شاعره مايا راهي (ڪوئيٽا / ممبئي) ناظم منگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1940ع تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمد شريف ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1954ع باليووڊ اداڪاره ريکا جو جنم ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1955ع شاعر سريچند جگري جو جنم ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1957ع ليکڪ آفتاب سومرو جو جنم ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1958ع ليکڪ منير گهانگهرو جو جنم ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1964ع آرٽسٽ بشير گل ابڙو (شهدادپور) جو جنم ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1967ع صحافي ڊاڪٽر محمد رفيق شيخ (شهدادپور)جو جنم ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1968ع صحافي منظور ميراڻي (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1969ع شاعر تاثير ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1975ع شاعر غلام شبير هاليپوٽو جو جنم ڏينهن آهي.​ 10 آڪٽوبر 1977ع شاعر نماڻو صديق مهيسر جو جنم ڏينهن آهي.​ ​ وڇوڙو:​ ​ 10 آڪٽوبر 1924ع شاعر ليلارام وطن مل خاڪي (حيدر آباد) جي ديهانت ٿي.​ 10 آڪٽوبر 1959ع اديب ۽ تعليمي ماهر آغا تاج محمد (باگڙجي) جي وفات ٿي.​ 10 آڪٽوبر 2011ع غزل جي مشهور ڳائڻي جگجيت سنگهه جي وفات ٿي

Thursday, 8 October 2026

SINDH in history today (9th October). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali. (9th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {9th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Dr. Pathan wishes you a Good Day. [ Everything changes and everything fades: Either it is day and night, or love and beauty. Avail opportunities and don't miss chances. It is vision and it is wisdom. If you are encircled with sorrows & worries, don't worry. They are not everlasting. If you are in love, try to avail it before it fades. If you are capable to do anything , do what you can do before time and circumstances are changed. Keep in mind that at anytime anything can change and anything can happen. Nothing is to remain same.] نہ ئي سدا رات رهي نہ ئي سدا رهندا سور, مند مٽجي ماڻھون مٽجن ۽ پيا مٽجن پور, مٽجي سگهن ٿا جي محبت ۾ رهيا مخمور مٽجي وڃن ماڻھن جا گهمنڊ ۽ گهڻا غرور, مطلب مقصد ڪري مٽجن ماڻهن جا شعور, وٺ مٽجڻ کان اڳ سرور, سونهن سلام جا. EVENTS 1917: 500 members in the meeting of “Anjuman Islam”, Larkana show their trust in the leadership of Sirai Shah Muhammad Lahori-presented of the Anjuman. Ghulam Ali, Secretary of the Anjuman requests Jan Muhammad Junejo to apprise the presented of the decision take in the meeting. 1920: V. Paradhan, Secretary School Board, Karachi delivers his lecture on the topic of “The trend of Human Civilization.” “The Young Amil’s Association” provides plat form. 1947: Liquat Ali prime minister of Pakistan denies Indian press reports that panagheers will not be given property & privileges in Pakistan. He declared that they will be accommodated properly, accordingly & in befitting manner, therefore whoever desires to migrate must not pay heed to Indian propaganda. 1948: Sir Abdul Rasheed chief Justice of the Lahore High Court is appointed as first ever Chief Justice of Pakistan Federal Court. 1950: Supplementary Budget of Pakistan is presented & more taxes are imposed for rehabilitation & Settlement of Panagheers. 1954: Un representative Constituent Assembly of Pakistan be dissolved & fresh election be conducted, demands Miyan Mehmood Ali Qasuri, presented of the Azad Pakistan Party. 1961: Power Station at Hyderabad is inaugurated by the presented of Pakistan. 1971: Bain on Political Activities in Pakistan are withdrawn. 1977: Lahore High Court bench headed by Justice Moluvi Mushtaq cancels Bhutto’s bail in Nawab Muhammad Ahmed Case. 1979: It is not possible to keep November 17 as poling date, says Zia. 1994: Movement for Deliverance to continue. We want get rid of PPP. Now it will be agitation, says Nawaz Sharif. 1995: Six Rockets are fired at the Sindh Secretariat. 1998: National Assembly adopts Shariyat Bill. 151 members vote in favor & 60 against. ( 9 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 9.10.1838: پاٽينجر اڄ حيدرآباد مان پنهنجي گورنر جنرل کي سندس سيڪريٽرئ معرفت تمام وڏو ۽ تفصيلي خط لکي ٿو, جنهن ۾ اهم ڳالهيون هي آھن: (1). مان مير صوبدار خان سان ملڻ ويو هئس ته مير نورمحمد جي ماڻھن منھنجي وڏي بي عزتي ڪئي هئي. پوء وري پنهنجو وڏو پٽ مير شھداد خان ۽ ڪي عملدار موڪلي مون کان معافي ورتائين ۽ گذارش ڪيائين ته اها بي عزتئ واري ڳاله گورنر جنرل جي ڪن نه پئي.(2). ميرن قرآن شريف تي لکي شاه شجاع کي ڏن/مالي مدد ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو. هنن پهرين قسط به ڏني ۽ هاڻي چون ٿا ته وڌيڪ نه ڏينداسين. اها خبر شاه شجاع وٽان ئي پوندي ته ميرن ڪيتري ڏن ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو.(3). منھنجو اندازو آھي ته حيدرآبادي ميرن جي سالياني آمدني 42 کان 50 لک روپيا ۽ خيرپورين جي 15 لک روپيا آھي. پانٽيجر وڌيڪ لکي ٿو ته ميرن تي اعتبار ڪرڻ اسان جي غلطي ٿيندي. هنن کي جڏهن به موقعو ملندو ته ٻاهرين حاڪمن سان ملي اسان جي مخالفت ۾ محاذ ٺاهيندا. 9.10.1842: هن زماني ۾ بهاولپور ۾ پير ابراهيم نالي فرنگين جو مقامي ايجنٽ رکيل هوندو هئو. هو اڄ ليفٽننٽ برائون کي ٻه خط لکي ٿو. انھن ۾ ھي خاص ڳالهيون ڪري ٿو: (1). واپارين دانھون ڏنيون آھن ته ميرن جا ڪاردار ڀنگ ڀاڙا ۽ سبزل ڪوٽ ۾ ٻيڙن تي وڏو محصول مڙھن ٿا, ان ڪري سکر لاء ويندڙ ٻيڙيون جهڙوڪ هلڻ بند ٿي ويون آھن ۽ واپار کي ٻنجو اچي ويو آھي. ميرن جا ماڻھون گيه ۽ ٻيو سامان به زورئ کڻن ٿا.(2). ڏهڪاء پيدا ڪرڻ لاء اسان جي ڪن واپارين جي ٻيڙين تي ميرن جي سپاهين فائرنگ ڪئي آھي ۽ ڪن واپارين جون ٻيڙيون پنهنجي قبضي ۾ ورتيون آھن. 9.10.1843: سنڌ تي قبضي ڪرڻ کي ڪجھ مهينا مس ٿيا آھن ۽ نيپيئر هاڻي پنهنجي خيرخواه مير علي مراد خان لاء سازشن ۽ مخالفتن جو ڄار وڇائڻ شروع ڪيو ۽ مٿس شڪ ڏيکاريو ته تو ٺڳئ سان خيرپور جي حڪمراني هٿ ڪئي آھي. نيپيئر جي جواب ۾ مير علي مراد خان صفائي پيش ڪندي اڄ لکي ٿو ته: " پهريون مير رستم خان مون ڏانھن پنهنجو وڏو پٽ, مير محمد حسين, مير نصير خان, فتح محمد غوري ۽ پير علي گوهر موڪلي پڳ پائڻ ۽ خيرپور رياست جي حڪمراني ڪرڻ لاء چورايو. پوء پاڻ مون ڏي ڪوٽ ڏيجئ آيو. پنهنجي هٿن سان پڳ ٻڌائين ۽ قرآن شريف تي لکي, ان تي مهر هڻي ڏنائين ته تون حڪمران آھين. پوء مون ڪيئن ۽ ڪهڙي هيرا ڦيري ڪئي؟" 9.10.1919: لاڙڪاڻي جي سياست رنگ مٽائڻ شروع ڪيا. "انجمن اسلام" تنظيم جي ان جي صدر سرائي شاه محمد لاهورئ جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ سندس قيادت تي اعتماد جو اظھار ڪيو ويو. انجمن جي سيڪريٽرئ غلام علئ جان محمد جوڻيجي کي دعوت ڏني ته هو خلافت ڪاميٽئ ۾ ٿيل فيصلن بابت انجمن جي صدر کي آگاهي ۽ بريفنگ ڏئي. ياد رهي ته خلافت تحريڪ لاڙڪاڻي ۾ لاهورين جي سياسي اثر کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سرائي شاه محمد لاهورئ خلافت تحريڪ جي مخالفت ڪئي, ان ڪري عوام وري سندس مخالف بڻجي ويو. 9.10.1947: پاڪستان جي وزير اعظم انڊيا جي انھئ چوڻ جي مخالفت ڪئي ته پناهگير پاڪستان نه وڃن, ڇو ته انھن جي اتي بهتر طريقي سان بحالي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته لڏي ايندڙن جي هر طريقي سان پاڪستان ۾ سار لهي ويندي. 9.10.1977: لاهور هاء ڪورٽ بينچ جسٽس مولوي مشتاق احمد جي سربراهئ ۾ نواب محمد احمد قتل ڪيس ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ضمانت ڪئنسل ڪئي. 9.10.1995: سنڌ سيڪريٽريٽ تي ڇھ راڪيٽ اڇلايا ويا. { 9 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1928ع ليکڪ ڊاڪٽر موهن شرما (شڪارپور/ دهلي). 1943ع تعليمي ماهر محمد اسحاق ابڙو. 1972ع شاعره گُل بيبي بخاري (ٺٽو). 1974ع ليکڪ مير لغاري. 1975ع شاعر خطائي ٿيٻو. 1977ع شاعر آچر عظيم کوسو. 1982ع شاعر علي ساحل. [وڇوڙو:] 1978ع صحافي نواز علي بلوچ (لاڙڪاڻو). 1992ع نامياري شاعر استاد بخاري. 2007ع ليکڪ غلام نبي شاهاڻي (نئون ديرو). 2012ع شاعر محمد هاشم چنا.

Sindh in history today (8th October). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

(8th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {8th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Good people give a lot and never hurt or impose their greatness. My Dear is not good, but best. She/He is never inclined to accept, respect, give and trust me Though, he/she is a human-being but, never believes in human-values, beauty and love. He/She will never miss any moment to hurt me. In spite of that is always lovable and respectable for me.] ڪي ڏئي نہ ڏکوئن پر پرين نہ ڏئي ڏکوئن بي حساب, طبل تلوارون هٿن اکين ۾ وڙھڻ بنا نہ ڪو وٽن جواب, پڙھيو جو نٿن بره جو باب, سمجهن ثواب ڏوه کي.. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (8th October) 8th October BIRTH DATES Atta Hussain Shah Musvi (Rohri/Educationist/ birth 8th October1892), 2. Pandit Devdat Sharma (Hindu Religious Scholar/ birth 8th October1902), 3. Mansoor Veragi (Hala/Poet/ birth 8th October1930), 4. Jeevat Chawla (Ranipur - Mombai/Writer/ birth 8th October1932), 5. Jagdesh Bhagtiani alies 'Jhaman' (Karachi - Ulhasnagar/Singer/ birth 8th October1940), 6. Mohan Jagesai (Baroda/Stage Director/ birth 8th October1951), 7. Dilshad Bhutto Senior (Mirpur Bhutto/Writer/ birth 8th October1955), 8. Shamshad Ali 'Shakir'(Poet/ birth 8th October1958), 9. Hyder Shah 'Hyder' (Poet/ birth 8th October1959), 10. Ghalib Sindhi (Dighri/Poet/ birth 8th October1965), 11. Zulfkar 'Sahil' Shahani (Dadu/Poet/ birth 8th October1974), 12. 'Khatai' Thebo (Wali Muhammad/Poet/ birth 8th October1975), 13. Muneer Chandio (Kambar/Novelist/ birth 8th October1983). ******** EVENTS 1838: The communication between Captain Burns and Colonel Pottenger reveals that they are getting tough time from the people of Sindh and even are sure about the desired response from Rulers. They intend to get Bukkar fort on loan and purchase grain, but it has become very difficult task. 1913: Sindh Hilal Ahmar, in its Annual Report, advises Sindhi Muslims to support Ghulam Muhammad Bhurgri's Cess Bill, establish Bank, open Orphan Houses and found at least one Newspaper in Sindh. 1922: A big public meeting is held at Thul, by the local branch of the Khilafat Committee, in which Govt's policy regarding Turkey and even about India and Indian people is condemned. 1938: It is turning point in the political history of British Sindh. The first sitting of the Sindh Provincial Muslim League is held at Karachi. It starts with recitation from Quran by Hafiz Ali Muhammad of Dhighri. Quaid -i- Azam presides. EVENTS FROM SINDH HISTORY (8th October) By: Dr. Pathan ** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدارن ڪيپٽن برنس ۽ ڪرنل پوٽينجر وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران اهو معلوم ٿيو ته انهن ٻنهي ڄڻن کي سنڌ جي ماڻهن مشڪل وقت ڏنو، جڏهن ته هنن کي سنڌ جي حڪمرانن مان سٺو ريسپانس ملڻ جي پڪ هئي، هنن بکر وارو قلعو قرض تي حاصل ڪيو ۽ اناج به ورتو پر هنن لاءِ سمورو ٽاسڪ ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيو. ** 1913ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هلال احمر پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ سنڌي مسلمانن کي صلاح ڏني ته اهي غلام محمد ڀرڳڙي جي سيس بل جي حمايت ڪن، سنڌ ۾ هڪ بينڪ قائم ڪئي وڃي ۽ يتيم خانا کوليا وڃن، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ سنڌي اخبار پڻ شروع ڪئي وڃي. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٺل ۾ خلافت ڪاميٽي جي مقامي شاخ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ هندستاني سرڪار جي ترڪي ۽ هندستان بابت پاليسي جي مذمت ڪئي وئي. ** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ مسلم ليگ جي پهرين گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت قائد اعظم محمد علي جناح ڪئي، گڏجاڻي ۾ حافظ علي محمد قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي، جنهن کانپوءِ ڪارروائي کي اڳتي وڌايو ويو. ** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ايوب خان هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ اسان جو مقصد جمهوريت کي بحال ڪرڻ آهي پر ماڻهو اسان جي ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ تيار نه آهن. ** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رام ڳڙهه سيڪٽر ۾ هڪ خطرناڪ صورتحال سامهون آئي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ انهيءَ سيڪٽر ۾ شروع ٿيل ويڙهه جنگ ۾ تبديل ٿي وئي. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن ايسٽ پاڪستان جي عوام لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي 5 ڪروڙ رپيا گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسرائيل مصر ۽ شام تي حملا شروع ڪري ڏنا، جنهن تي پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو شام ۽ مصر جي قيادت کي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو، ذوالفقار علي ڀٽو مصر جي صدر انور سادات ۽ شام جي صدر سان رابطو ڪيو، ان موقعي تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته گڏيل قومن سان رابطو ڪيو ويندو ۽ عرب ملڪن جو گڏيل اجلاس ڪوٺايو ويندو. ** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا طرفان افغانستان تي ڪيل حملن خلاف پاڪستان ۾ احتجاج شروع ٿي ويا، اسلام آباد پوليس اٽڪل هڪ هزار مظاهرين خلاف ڪيس داخل ڪيا ۽ گرفتاريون ڪيون ويون. اڄوڪي ڏينهن 8 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 8 آڪٽوبر 1902ع هندو مذهبي اسڪالر پنڊت ديو دت شرما جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1927ع قانوندان جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1930ع شاعر منصور ويراڳي (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1932ع ليکڪ جيوت چائولا (راڻيپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1940ع گلوڪار جڳديش ڀڳتياڻي جهامن (ڪراچي / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1955ع ليکڪ ۽ ڪالم نگار دلشاد ڀٽو سينيئر جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1958ع شاعر شمشاد علي شاڪر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1959ع شاعر حيدر شاهه حيدر جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1965ع شاعر غالب سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1974ع شاعر ذوالفقار ساحل شاهاڻي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1975ع شاعر خطائي ٿيٻو جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1983ع ناول نگار منير چانڊيو (قنبر) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 8 آڪٽوبر 1975ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پير الاهي بخش جي وفات ٿي.