Saturday, 31 October 2026

SINDH in history today (1st November). By. Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {1st November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan ******* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ No doubt, this world is beautiful. But, most beautiful place in it the door of dear. One moment to stay there is equal to one century of love and peace. Let us surrender there with sincerity, dedication and hope so as make life useful, purposeful and important properly. ] هل تہ هلئون در دوست جي جو اصلي آھي سونهن-نگر, ملي سڪون صدين سندو جي اتي رهجي هڪ پهر, کڻ تہ کڻي هلون ثمر, سندن محبت رغبت نسبت جو . ************** SINDH IN HISTORY TODAY (1st November) ************* BIRTHS: Diwan Deuomal Doulatram (Hyderabad/Politician/1873), Hafiz Daud Larik (Moulidino Lark/Folklore Poet/1891), Hakim Muhammad Sadik ‘Talib’ (Khairpur Nathanshah/Poet/1903), Habibullal Bhutto (Shikarpur/Writer/1917), Vishan Sadarangani (Hyderabad > Mombai/Singer/1936), Niaz Rajbani (Shikarpur/Journalist/1941), Dr. Muhammad Yousif Panhwar (Khanan Panhwar/Writer/1942), Dr.Kazi Khadim (Hala/Scholar/1945), Abdul Qadir Junijo (Writer/1945), Abdul Rahman Jatoi (Shikarpur/Writer/1946), Abdul Rahman Mahesar (Rafiq Mahesar/Folklore Poet/1945), Piral Pardesi Sitai (Poet/1947), Amanullah Abbasi (Dokri/Journalist & Social worker/1951) Nizamuddin ‘Qamar’ Memon (Shikarpur/Poet & Publisher/1951), Zulfikar Hyder (Shahdadkot/Journalist/1959), , Zafar Memon (Naushero/Poet/1960), Liaquat Mahesar (Mulla Ali/Political Activist/1962), Irshad Memon (Memon Goth/Writer/1964), Syed Ghulam Murtaza Shah (Kazi Ahmad/Poet/1969), Rahim Gul Qambrani (Karim Bux/Poet/1972), Muhammad Aslam ‘Asi’ (Dadu/Poet/1972), (Noor Ahmad Talpur (Chhat Madarani/Writer/1974), Ghulam Saewar Kalhoro (Larkano/Writer/1974), Khalil Memon (Patt/Writer/1977). ************** DEATHS: Muhammad Ismail Ursani (Hala/Poet & writer/1986), Shafi Muhammad ‘Auj’ Alvi (Shikarpur/Poet/1972), Anjum Halai (Poet/1975), Chakori (Actress). ************** EVENTS: 1848: Government of Bombay asks Sindh Commissioner that Naumal be informed that his case has been considered and that he was not entitled to a pension . (Source: letter No.6840). 1851: The Commissioner Sindh sends the Bombay Government proposal for approval to lay down a Tramway from stone quaries to Keamari. (Source: letter No.2298). 1909: The Karachi Theosophical Society is registered under Act XX1 of 1860. Diwan Doulatram Jethmal is elected as its first President with D.P.Kotwal as Secretary. (Source: Annual Report). 1936: Hindustan is for Hindus and Muslims cannot dictate us, says a Democratic Sawraj Party. Confrence of the Party is held at Nasik. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1936). 1941: J.B. Kripalani, [Sindhi], General Secretary of of the Congress while declaring open ‘ Ahisma Vyam Sangh’ advocates the importance of non-violence. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11, 1941). 1947: Sir Shahnawaz Bhutto resigns as the Diwan of Junagarah state. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1954: Military Aid from U.S.A has no any bad effect on Pakistan’s status and position, says General Ayub, Defence Minister. (Source: Newspapers). 1971: Bangla Desh is coming into existence and Pakistan cannot block it way, says Indira Gandhi, Prime Minister of India. (Source: Newspapers). 1975: Hanif Ramey and Ghulam Mustafa Khar, once trustworthy leaders of PPP join PML. (Source: Newspapers) ********** پهرين نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 1.11.1840: آئوٽرام سيٺ نائونمل کي ميرپورخاص موڪليو ته مير شير محمد سان ملي سندس انت ڪڍي اچ ته فرنگين بابت ڇا پيو چئي سوچي. مير شير محمد نائونمل سان ملڻ کان انڪار ڪيو. پر مير شيرمحمد جي مالي عملدار ديوان چترسنگ جي اثر رسوخ سبب نائونمل جي مير سان ملاقات ٿي. 1.11.1843: سنڌ جي جاگيردارن ۽ ڪڙم قبيلن جي وڏن لاء نيپيئر جي سلامي ڪرڻ ۽ فرنگي حڪومت جي آڻ مڃڻ جو آخري ڏينھن هو. هن کان اعلان ڪيو ويو هو ته جن پهرين نومبر تائين سلامي نه ڀري, انھن کي جاگيرون يا لقب نه ملندا. 1.11.1851: سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 2298 ذريعي پلان موڪلي صوبائي حڪومت کان ڪياماڙئ طرف ٽرام رستي ٺھرائڻ جي اجازت طلبي. 1.11.1857: انگريز اقتدار ۾ آيا ته پنهنجي وفادار يار ميرعلي مراد کي ڏکيا ڏينھن ڏيکاريائون. هن کان ڪجھ پرڳڻا به کسيائون ۽ سندس لقب "رئيس" به کسيائون. مير گذريل سال دانھن کڻي انگلنڊ ويو, پر راڻئ سان ملڻ نه ٿيس. مايوس ٿي موٽي آيو. سال کن حيران پريشان رهيو ۽ ڪمپني حڪومت سان لکپڙھ ڪندو رهيو. سنڌ جو ڪمشنر کيس هدايت ڪندو رهيو ته صبر ڪري فرنگي سرڪار سان وفاداري ڪندو رھ. اڄ ڪمشنر کي جواب ڏيندي مير علي مراد لکيو ته فرنگي سرڪار سان وفاداري ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ڪونه ڪندس. 1.11.1909: ڪراچي ٿيوسافيڪل سوسائٽي کي 1860 واري ايڪٽ XX1 مطابق رجسٽر ڪرايو ويو. ديوان دولتمل ڄيٺمل کي صدر ۽ ڊي.پي.ڪوٽوال کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. 1.11.1936: نئين جوڙيل "سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي" ٺھڻ وقت عهدن تي پاڻ ۾ نه ٺھڻ تي سرغلام حسين هدايت الله ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي, جيڪا پنهنجي الڳ "سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي" ٺاهي, ان ۾ جن سياستدانن سندن ساٿ ڏنو, اهي آھن: مير بنده علي, سيد ڪامل شاه, جان محمد خان, غلام محمد اسراڻ, نور محمد وڪيل, قيصر خان بوزدار, پير رسول بخش شاه سکر وارو, شمس الدين بارڪزئي, رحيم بخش, مير صوبدار, الهڏنو سندراڻي, يار محمد جوڻيجو, ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو, ڪئپٽن ڊاڪٽر شيخ عطا محمد ۽ امام بخش جتوئي شڪارپوري. 1.11.1947: سر شاهنواز ڀٽو, جيڪو جهوناڳڙھ اسٽيٽ جو ديوان هو, تنهن انھئ عهدي تان استعيفا ڏني. 1.11.1971: "بنگلا ديش ھر حالت ۾ قائم ٿيندو. پاڪستان ان جي رستي روڪ ڪري نه ٿو سگهي"--اندرا گانڌئ جو بيان . *************** {پهرين نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: *************** 1873ع سياستدان ۽ وزير ديوان ديو مل دولترام (حيدر آباد). 1891ع سگهڙ حافظ دائود لاڙڪ. 1903ع شاعر حڪيم محمد صادق طالب عباسي ( ڪي ان شاهه). 1917ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ حبيب الله ڀٽو. 1931ع براڊڪاسٽر الله بخش شاهه بخاري. 1936ع ليکڪ ۽ گلوڪار وشن سدا رنگاڻي (حيدر آباد / ممبئي). 1941ع صحافي نياز رجباڻي (شڪارپور). 1942ع ليکڪ ڊاڪٽر يوسف پهنور. 1945ع اديب ۽ ليکڪ قاضي خادم (هالا). 1945ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجو. پهرين نومبر 1945 خيرپور سان تعلق رکندڙ معروف سگهڙ عبدالرحمان مهيسر. 1946ع شڪارپور جو ليکڪ عبدالرحمان جتوئي. 1947ع شاعر پيرل پرديسي سيتائي. 1948ع گل حيات جي ابتدائي دور ۾ اداري جي ڪم ۾ مدد ڪندڙ امير بخش پٺاڻ. 1951ع ليکڪ ۽ پبلشر نظام الدين قمر ميمڻ (شڪارپور). 1959ع صحافي ذوالفقار حيدر (شهداد ڪوٽ). 1960ع شاعر ظفر ميمڻ (نوشهرو فيروز). 1969ع شاعر سيد غلام مرتضى شاهه (قاضي احمد). 1972ع دادو سان تعلق رکندڙ شاعر اسلم آسي. *************** [وڇوڙو]: *************** 1939ع ناليواري راڳي، صوفي ۽ انسانيت جي پرچارڪ ڪندڙ ڀڳت ڪنور رام کي رُڪ اسٽيشن تي گولين جو شڪار ڪري شهيد ڪيو ويو. 1972ع شاعر شفيع محمد عوج علوي (شڪارپور). 1986ع هالا سان تعلق رکندڙ ماهر تعليم ۽ شاعر محمد اسماعيل عرساڻي. 2010ع سنڌي فلمن جي اداڪاره چڪوري.

Friday, 30 October 2026

SINDH in history today (31st October). By. Dr.Pathan & Mumtaz Ali Pathan

Sindh in history today (31st October). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan and Translation by his soni Mumtaz Pathan ( 31 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 31.10.1835: فرنگي حڪومت سنڌ ۾ موجود ڊاڪٽر هيڊل کي حڪم ڪيو ته سنڌوندئ جي سروي ڪرڻ لاء ميرن سان ڳالهيون هلاء. 31.10.1838: خيرپور واري مير مبارڪ پنهنجو وزير موڪلي ڪئپٽن برنس جا ڪن کڙا ڪيا ته تنهنجي اٿ ويھ ۽ سرگرميون اسان جي آزاد ۽ خودمختيار رياست جي مفادن خلاف نظر اچن ٿيون. ايئن نه ڪر متان اسان ڪنهن ڏکيئي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيون. 31.10. 1919: ڪراچئ ۾ “سنڌ سوديشي سڀا" قائم ڪئي وئي. ان جا تفصيل اوهان کي اسان جي ويب سائيٽ تي ملندا. هن سڀا جو بنيادي مقصد اهو هئو ته مقامي/ڏيهي هنر, حرفت ۽ تجارت کي زور وٺرائجي. 31.10.1923: هن سال "سنڌ خلافت" 336588 روپيا چندو /عطيو گڏ ڪيو. ان مان 35607 روپيا مرڪزي خلافت ڪميٽئ کي ڏياري موڪليا, 210909 روپيا ڪمال پاشا ڏي ڏياري موڪليا ۽ 25000 روپيا "سمرنا فند" ۾ ملايا. هي فند به ترڪن جي مدد لاء قائم ٿيل هو. 31.10.1928: ممبئي پرڳڻي جو گورنر سنڌ ۾ آيو. ڪراچئ ۾ ڪيترين پارٽين کيس عرضداشت ناما ڏنا. سنڌ محمدن ائسوسيئيشن پاران عرضداشت نامو سر شاهنواز ڀٽي کيس پيش ڪيو. ان ۾ زميدارن جي مسئلن حل ڪرڻ ۽ سنڌ کي ممبئي پرڳڻي کان الڳ ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي هئي. 31.10.1933: حيدرآباد ۾ ”ھندو-مسلم يونٽي ڪانفرنس" ٿي, جنهن ڪيترن مسئلن تي فيصلا ڪيا ويا. هن ڪانفرنس ۾ شامل هندو اڳواڻن سنڌ جي جدائئ جي اصولي منظوري ڏني. 31.10.1936: ڪالھ سنڌي مسلمان سياستدانن "سنڌ يونائيٽيڊ" پارٽي قائم ڪئي ۽ عهدن جي ورهاست تي ان ۾ شديد اختلاف پيدا ٿي پيا. اڄ سر غلام حسين هدايت الله ۽ محمد ايوب کهڙي "سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽئ" جي نالي سان الڳ پارٽي ٺاهي. سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملڻ کان پوء مسلمان سياستدان اٿندي ئي اختلافن جو شڪار ٿي ويا. 31.10.1975: سپريم ڪورٽ نئشنل عوامي پارٽئ تي پابندي مڙھڻ ۽ ٽوڙڻ واري سرڪاري فيصلي کي جائز قرار ڏنو. ملڪي سياست تي وڏين ڪورٽن جي فيصلن گهرا اثر پئي وڌا آھن. 31.10.1990: پاڪستان مسلم ليگ پنهنجي طرفان نواز شريف جو نالو وزير اعظم جي عهدي لاء منظور ڪيو. *************** 31 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 31 آڪٽوبر 1451ع عظيم سياح ڪرسٽوفر ڪولمبس جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 31 آڪٽوبر 1942ع صحافي حسين بخش ٽالپر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 31 آڪٽوبر 1944ع سياستدان ۽ سموري عمر جدوجهد ڪندڙ ڄام ساقي جو جنم ڏينهن آهي. 31 آڪٽوبر 1966ع ليکڪ روشن ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي. 31 آڪٽوبر 1966ع صحافي اي جي چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 31 آڪٽوبر 1854ع مذهبي اسڪالر مولانا مير فخر الدين علوي (شڪارپور) جي وفات ٿي. 31 آڪٽوبر 1896ع بزرگ هستي سيد علي گوهر شاهه ثاني جو انتقال ٿيو. 31 آڪٽوبر 1975ع برصغيرجي مشهور موسيقار ايس ڊي برمنجي وفات ٿي. 31 آڪٽوبر 1977ع سياستدان چاڪر علي جوڻيجو جي وفات ٿي. 31 آڪٽوبر 1984ع ڀارت جي اڳوڻي وزير اعظم اندرا گانڌي پنهنجي محافظن هٿان قتل ٿي وئي. 31 آڪٽوبر 2005ع پنجابي ٻولي جي عظيم شاعره ۽ ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪاره امرتا پريتم جو انتقال ٿيو.

Thursday, 29 October 2026

SINDH in history today (30th October). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {30th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan *********** ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Create chain between hearts, but don't make your love chain for beauty. Neither snatch, nor beg. Be kind to yourself and don't deprive your instincts and nature of love & beauty, because they are unavoidable requirements of your instincts, nature and life. Be, what you are. You are second to none in love & beauty and vision & wisdom. You are an ideal and role model.] پن نہ ڇن نہ پیار کي تون پنجوڙ نہ بٹاء، سونھن جو سرت جو گیت سلام جو ڳاء، پرین کي پيو پریت جو دل جو درد ٻڌاء، پیونینھن نڀاء، پاند ۾ پاء جو ملي محبن کان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY(30th October) BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (30th of October) *********** BIRTHS: Moulvi Muhammad Hashim (Nawabshah/Religious Scholar & Freedom Fighter/1887), Eshwar ‘Muflis’ (Nasrpur > Mombai/Poet/1930), Kirshan Sathi (Naudero > Raipur/Writer/1938), Allah Dino Banhani (Ratodero/Folklore Poet/1945), Naeem Akhtar (Jacobabad/Journalist/1963), Pir Muhammad Jikhio (Faqir Suhrab/Social worker/1967) DEATHS: Moulana Mahmood Patai (Paat/Religious Scholar/1932), Hakim Mian Abdullah Mahar (Lakhi/Poet/1940), Tejoram Sharma (Karachi / Journalist & writer/1947), Kazi Ali Akbar Darazi (Rohri/Poet & Writer/1981), Haji Mahmood Halai (Hala > Mirpurkhas/Freedom Fighter & Journalist/1983). ************* EVENTS: 1848: The Government of Bombay asks Sindh Commissioner to afford facilities to Captain Renny , Assistant In charge of Trignometrical survey , in carrying out his work in Sindh. (Source: letter No.4538) 1875: E.M.H.Fulton, Educational Inspector, notifies that teachers in High schools 7nd Anglo –Vernacular schools drawing a monthly salary of less than Rs. 50/ per month must pass an examination in Devanagri-Sindhi by May 1876. (Source: Dr.Pathan’s research for Ph.D). 1920: Sindh observes Hartal on the call of Sindh Khilafat. Processions are taken out and public meetings are in the length and breadth of Sindh. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1928: Major political parties finalize the program to boycott Simon Commission. The Congress played key role. (Source: Sansar Samachar). 1947: The Press statement of the Government indicates that 35,000 Indian Muslim migrants have reached Pakistan, today. (Source: Newspapers). !953: Sindhi Writers & Poets make appeal to the Governor – General of Pakistan for release of all accused in Rawalpindi Conspiracy case. 1989: Current move of no-trust against Benazir is part of democratic process, says Chief of Army Staff, General Aslam Beg. (Source: Newspapers). 1996: Army officers convicted of coup attempt are awarded various terms of imprisonment. They include General Zaheer-ul-Islam Abbasi, Brig. Mustassir Billah, Colonel M.Zahid Minhas and Colonel Inayatullah Khan (Source: Newspapers). 1998: Governor’s rule is Sindh is imposed. Provincial Government is dismissed for an indefinite period. Nawaz Sharif hopes action will weed out terrorism. (Source: Newspapers). 2000: Sindh High Court upholds life sentence of former Prime Minister Nawaz Sharif. Rejects death appeal by Prosecution, dismisses deposed Prime Minister’s appeal against conviction ( 30 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 30.10.1838: ڪرنل پاٽينجر حيدرآباد منجهان خيرپور ۾ موجود ڪئپٽن برنس کي لکي ٿو ته توکي اڳ ۾ جنھن معاهدي جو متن موڪليو ويو آھي, ان کي روڪجانء, مان معاهدي جو نئون متن جلد موڪلي ٿو ڏيانء. سبب هئ آھي ته مون کي ميرن جي نيت ۽ اسان سان وفادارئ تي شڪ آھي ۽ نئون معاهدو انھئ تجربي ۽ مشاهدي جي روشنئ ۾ ٺاهبو. 30.10.1839: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ اڄ ڪرنل وڊ کي "انڊس نيويگيشن" جو سپريڊنٽ مقرر ڪيو. هاڻي سنڌوندئ ۾ جيڪي به آگبوٽ هلندا, انھن جي انتظامي نگراني ڪرنل وڊ ڪندو. 30.10.1842: سکر مان ميجر آئوٽرام اڄ نيپيئر کي لکيو ته مون مير رستم خان ۽ حيدرآباد واري مير نصير خان وچ ٿيل خط و ڪتابت مير علي مراد خان جي ماڻھن معرفت پڪڙي آھي, اها اوهان کي موڪلي ٿو ڏيان. خطن ۾ ٻنھي ميرن معاهدو ڪيو آھي ته ڪنهن به صورت ۾ مير علي مراد خان کي خيرپور جو والي ٿيڻ نه ڏبو. 30.10.1848: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ڪئپٽن ريماء کي هڪ دم ڪم سان لڳاء ته هو سنڌ جي ٽرگناميٽريڪل سروي شروع ڪري. 30.10.1920: "سنڌ خلافت ڪميٽئ" جي سڏ تي سمورئ سنڌ ۾ هڙتال ڪئي وئي. انھئ هڙتال ۾ مسلمانن توڙي هندن هڪ جيترو حصو ورتو. 30.10.1947: سرڪاري طور تي ٻڌايو ويو ته 35000 پناهگير انڊيا مان هتي پهتا. 30.10.1996: تختي اونڌي ڪرڻ ۽ انقلاب آڻڻ جي ڏوه ۾ چئن آرمي آفيسرن کي سزا ڏني وئي. اهي آھن: جنرل ظھير الاسلام, برگيڊيئر مستنصر بالله, ڪرنل محمد اعظم منهاس ۽ ڪرنل عنايت الله. 30.10.1998: نواز شريف جي مرڪزي حڪومت سنڌ سان گورنر راڄ لاڳو ڪيو. *************** 30 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 30 آڪٽوبر 1887ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1930ع شاعر ۽ اداڪار ايشور مفلس (سنڌ / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ ڪرشن ساٿي (نئون ديرو / رائپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1945ع سگهڙ الهه ڏنو ٻانهاڻي (رتو ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1961ع ليکڪ انس راجپر جو جنم ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1963ع صحافي نعيم اختر (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1967ع سماجي ورڪر پير محمد جوکيو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 30 آڪٽوبر 1932ع مذهبي اسڪالر مولانا محمود پٽائي جي وفات ٿي. 30 آڪٽوبر 1940ع شاعر ميان عبدالله مهر جي وفات ٿي. 30 آڪٽوبر 1947ع صحافي تيجورام شرما (ڪراچي) جي ديهانت ٿي. 30 آڪٽوبر 1981ع ليکڪ قاضي علي اڪبر درازي (روهڙي) جو انتقال ٿيو. 30 آڪٽوبر 1983ع صحافي حاجي محمود هالائي جي وفات ٿي. 30 آڪٽوبر 1984ع برصغير جي مشهور موسيقار خواجه خورشيد انور جو انتقال ٿيو. 30 آڪٽوبر 1994ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس ابڙو جي وفات ٿي. 30 آڪٽوبر 1996ع ناليواري فلم ۽ ٽي وي اداڪار قربان جيلانئ جو انتقال ٿيو. 30 آڪٽوبر 2015ع صوفي شاعر،صوفي راڳي ۽ درگاهه جهوڪ شريف جو طالب امام الدين ڊکڻ لاڏاڻو ڪري ويو See less

Wednesday, 28 October 2026

SINDH in history today (29th October). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

*Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {29th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Don't trust your beauty and adolescence, because they are not everlasting. Don't be proud of your mind, because it can make wrong decisions. Trust your heart and its love, because it is beautiful and wonderful. It can't betray you and always select second to none. Surrender before beauty, because sincerity and sacrifice is its requirement.] عقل تي نہ هل عقل اڪثر ڪري خطا ٿي ويندو آ, عشق ڪر جو مشڪل سان ئي عطا ٿي ويندو آ, جوڀن ۽ حسن تہ وقت سان گڏ لاپتا ٿي ويندو آ, . . سونهن جو حق ادا ٿي ويندو آ, جان ڏي سلام ڪر. ************** BIRTH & DEATHS DATES AND EVENTS (29th of October) ************** BIRTHS: Nirmaldas Gurbaxani (Hyderabad/Educationist & Writer/1889), Jagatrai Molchandani ‘Dil’ (Banguldero > Ulhasnagar/Poet/Singer/1923), Sami Kandhar (Poet/1972) ************* EVENTS: 1838: Colonel Pottenger writes to Captain Burns doubting sincerity of great Chiefs of Khairpur, he advises Burns not to confirm the treaty he had sent to him, because he wants to alter and modify some terms. (Source: letter No.152). 1839: Colonel Pottenger is informed about the theft of camels from the Kafila under Sarwar Khan Lohano. The matter is brought to the notice of Sindh rulers and Taqi Shah, Governor of Shikarpur is assigned duty to investigate the matter and bring the parties at fault to book. (Source: Captain Eastwick’s letter of dated 29th October 1839). 1847: Sindh is annexed with Bombay Presidency and new system is introduced. Today, the Governor of Bombay approves administrative proposal of the Commissioner and he is advised there should be coordination between Civil and Military authorities in Sindh and for the proper protection of the country civil officers’ authority be strengthened . (Source: letter No.2804). 1947: It is notified that Indian Muslim migrants, 76,000 from Lidhyana, 6,000 from Delhi, 3000 from Jalandhar and 3,000 from Hushyarpur have reached Pakistan today. (Source: Newspapers). 1955: Sindhi Politicians in their meeting held at Karachi form ‘Sindh Anti-One Unit Front’. This meeting is attended by G.M.Syed, Shaikh Abdul Majeed Sindhi; Hyder Bux Jatoi; Zulfikar Ali Bhutto; Kazi Faiz Muhammad; Ghulam Mustafa Bhugri and Abdul Hameed Jatoi. (Source: ‘Source-Material on One Unit’, compiled by Gul Hayat Institute). 1956: Iran and Pakistan agree to accept the status of boundary that remained between 1875 and 1905. (Source: Newspapers). 1972: PPP expels MNA Ahmad Raza Qasuri from Party. (Source: Ibid). 1977: Chashma Right Bank Canal Project is approved. About over half million acres land will be irrigated. (Source: Newspapers). 1993: The U.S.A expresses concern over the situation in Kashmir being a disputed territory causing instability in South Asia. India lodges protest against the statement. (Source: Ibid). 1998: MQM announces to part way from PML and Government. (Source: Newspapers). 1999: Vital national objectives do not allow me to give time-table for the return of democracy in the country, says Musharraff. (Source: Newspapers) ( 29 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 29.10.1838: فرنگين کي پنهنجي فوجي ۽ تجارتي مفادن لاء سنڌوندئ کي ڪم آڻڻو هو. ان ڪري هنن ڏکڻ سنڌ کان ندي ڪم آڻڻ لاء حيدرآبادي ميرن سان معاهدو الڳ ڪرڻ گهريو ۽ خيرپوري ميرن سان الڳ معاهدو ڪرڻ گهريو. خيرپور سان هن ڪري الڳ معاهدو ٿي ڪرڻ گهريائون ته جيئن بهاولپور ۽ ان کان مٿي وهندڙ سنڌوندئ واري پاسي کان هو اسلحو ۽ فوج وڏي تعداد ۾ ۽ آسانئ سان سکر آڻي شڪارپور موڪلڻ پيا گهرن. ان ڪري فرنگي نمائندن معاهدي ڪرڻ لاء مير رستم علي خان سان ڳالهيون شروع ڪيون. 29.10.1839: ڪراچئ ۽ منوڙي تي انگريز قبضو ڪري چڪا هئا. ان ڪري سنڌين سندن وڌيڪ بدنيتئ جي مخالفت شروع ڪري ڏني. شڪارپور ويجهو فرنگين جي قافلي تي حملو ڪري سرور خان لوهاڻي فرنگين کان اٺن جو وڳ ڇني ورتو. انھئ زماني ۾ شاه تقي ميرن طرفان شڪارپور جو گورنر هو. فرنگين وٽس وڃي دانهيو ۽ حيدرآبادي ميرن اڳيان به داد فرياد لاء ڪوششون ڪيائون. 29.10.1847: نيپيئر سنڌ ڇڏي ويو ته سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري, ان کي ممبئي پرڳڻي جو حصو بڻائي, مٿس ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. نيپيئر فوجي گورنر هو ۽ هن جي وڃڻ کان پوء سنڌ جي انتظامي مامرن کي فوج کان بچائڻ لاء اڄ ممبئي سرڪار سنڌ جي فوجي اڳواڻ برگيڊيئر ڊنڊاس کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي سول معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪئي وڃي. 29.10.1922: سنڌ جي واپاري طبقي جي ڪوششن سان اڄ ڪراچئ ۾ ”سنڌ ليگ آف پروگريس" نالي جماعت جوڙي وئي ۽ سيٺ ھرچندراء وشنداس کي ان جو صدر چونڊيو ويو. هن پارٽئ جو تفصيلي احوال گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 29.10.1928: ترڪئ وارن 1924 ۾ "خلافت" جي اعزاز مان هٿ پٽيا ۽ ان جي خاتمي جو سرڪاري طور اعلان به ڪيو, پر سنڌ ۾ ”خلافت تحريڪ" ۽ "خلافت ڪميٽي" پوء به سرگرم رهيون. اڄ سکر ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي. ان جو تفصيل اوهان گل حيات ويب سائيٽ تي پڙھي سگهو ٿا. 29.10.1938: لاڙڪاڻي جي مقامي سياستدان تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال سنڌي فائينل جو امتحان نه وٺو, ڇو ته اڳ ۾ هتي ڊگري يافته ماڻھن جو تعداد وڌيڪ آھي ۽ سرڪاري نوڪريون گهٽ آھن. 26.10.1955: ڪراچئ ۾ سنڌ جي سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي ته جيئن "سنڌ ائنٽي ون-يونٽ فرنٽ“ ٺاهجي. هن گڏجاڻئ ۾ جي.ايم.سيد, ذوالفقار علي ڀٽي, شيخ عبدالمجيد سنڌئ, حيدر بخش جتوئئ, قاضي فيض محمد, عبدالحميد جتوئئ ۽ غلام مصطفا جتوئئ شرڪت ڪئي. 29.10.1999: مشرف اعلان ڪيو ته قومي مفادن ڪري تڪڙو جمهوريت طرف موٽ نه ٿي کائي سگهجي. *************** 29 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 29 آڪٽوبر 1889ع ليکڪ نرملداس گربخشاڻي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آڪٽوبر 1923ع شاعر جڳت راءِ مولچنداڻي دِل (بنگل ديرو/ الهانگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آڪٽوبر 1972ع شاعر سميع ڪنڌر جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 29 آڪٽوبر 1972ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبدالڪريم (ٺٽو) جي وفات ٿي. 29 آڪٽوبر 1992ع اداڪار اسماعيل شاهه جو انتقال ٿيو. 29 آڪٽوبر 2005ع تعليمي ماهر، منتظم ۽ سماجي ورڪر انور الدين شيخ(پنو عاقل) جو انتقال ٿيو.

SINDH in history today (28th October). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {28th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan ****************** SINDH IN HISTORY TODAY (28th OCTOBER) 28th October BIRTH DATES Noor Muhammad Sindhi (Kandyaro/Writer/1918), Abdul Rashid ‘Adil’ Sarki (Garhi Yaseen/Poet & Journalist/1972), Ahsan Abro (Abdul Rahim Abro/Writer/1972), DEATH DATES Mir Muhammad Baqar Ahmad Khan (Jagerdar/1896), Shewaram Wazirani (Politician/1958), Parsram ‘Zia’ (Tando Adam > Ajmir/Poet/1958), Taj Sahrai (Shikarpur > Dadu/Poet & Scholar/2002) EVENTS 1933: Reforms office of the Govt. of India constitutes 'Sindh Administrative Enquiry Committee' so as to suggest administrative steps for Sindh after it will be a separate Province in 1936. H.Dow is its chairman, whereas H.B. Labrick is its Secretary. The committee consists of 7 members including K.B.Khuhro and Haji Abdullah Haroon. 1947: 98, 0300 Indian Muslims arrive. It speaks of un - matched migration at large scale. 1958: Ayub promulgates the Presidential Cabinet Order, according to which the cabinet will have no Prime Minister and it would work directly under president. 1998: Prime Minister Nawaz Sharif demands MQM handover persons allegedly involved in the assassination of Hakim Muhammad Saeed. IS IT NOT AMAZING THAT IN THIS COUNTRY PRIME MINISTERS CAN ONLY DEMAND AND NOT TO TAKE PROPER ACTION. ************* ( 28 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 28.10.1838: سکر مان سر برنس اڄ پاٽينجر کي تفصيلي خط لکي ٿو. ان جون خاص ڳالهيون هي آھن: (1). خيرپوري مير پنهنجي روين ۽ عملن سان اسان سان وفاداري ڏيکاري رهيا آھن. ان ڪري هتان مير نور محمد کي سندس خط جي جوڳي موٽ ڪانه ملي. (2). ميرپوري مير-خاص طور تي مير شيرمحمد به اندرئون اندر خيرپوري ميرن جي سڳي ڌاڳي ۾ آھن ۽ مير نورمحمد کان راضي ناهي,(3). مير رستم جي گذارش مٿان گذارش آھي ته هن جي آمدني گهٽ آھي. ان ڪري هن تي شاه شجاع واري ڏن جي ڦوڙي ۽ فرنگي فوج کي سنڌ ۾ رکڻ واري ڦوڙي گهٽ کان گهٽ رکي وڃي. 28.10.1838: برنس اڄ گورنر جنرل کي سندس سيڪريٽرئ معرفت خط ۾ لکي ٿو ته ممبئي فوج جي اچڻ ۽ سنڌ ۾ ھجڻ جو حيدرآبادي ميرن تي رعب پوندو ۽ هو هاڻي جيڪا قنڌار ۽ ايران سان ملي اسان خلاف محاذ آرائي ڪرڻ جا سانباها ڪن ٿا, انھن کي ٻنجو ايندو. البته هو فوج لاء اٺ, گاه ۽ اناج وٺڻ ۾ اسان لاء رنڊڪون وجهي سگهن ٿا. 28.10.1888: حيدرآباد ۾ ديوان نولراء ۽ سندس ڀاء مشھور سماجي سڌارڪ ۽ صحافئ ساڌو هيرانند " يونين اڪيڊمي" نالي اسڪول قائم ڪيو. اڄ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب ان جو افتتاح ڪيو. اڳتي هلي هن اسڪول جو نالو بدلائي, ٻنھي ڀائرن جي نالن پٺيان "اين.ايڇ.اڪيڊمي" رکيو ويو هو. 28.10.1920: سنڌ خلافت ڪميٽئ مختلف ضلعن ۾ مبلغ مقرر ڪرڻ شروع ڪيا ته اهي در در وڃي پارٽئ جي حقيقت ۽ ان طرفان هلايل تحريڪن, جهڙوڪ: ترڪ موالات ۽ ڪائونسلن جو بائڪاٽ وغيره جي اهميت ۽ ضرورت کان عوام کي آگاه ڪري سگهن. اڄ لاڙڪاڻي ضلعي لاء مولوي محمد ۽ مولوي نورالحسن کي مبلغ مقرر ڪيو ويو. 28.10.1922: بدين ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر شيرسنگ جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سرڪار-پرست پارٽي "امن سڀا" قائم ڪئي وئي. ان لاء ديوان وزيرمل کي سيڪريٽري ۽ تنومل کي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 28.10.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته 980300 پناهگير اڄ پهچي ويا. 20.10.1958: جنرل ايوب حڪم نامو ڪڍي ملڪ سان صدارتي نظام لاڳو ڪيو. 28.10.1970: ٿيندڙ چونڊن جي ورڪ لاء حڪومت پارٽين جي اميدوارن کي ريڊيو ۽ ٽي.وئ تي خطاب ڪرڻ جو موقعو ڏنو هو. شيخ مجيب تقرير ڪندي اڄ چيو ته پاڪستان اسان جو مقصد آھي ۽ اسان جمهوريت جي بالادستي چاهيون ٿا. اسان رستي روڪيندڙ جا رستا روڪينداسين. [هن تقرير مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته 1970 جي آخر تائين شيخ مجيب علحگئ جي ڳالھ نه ٿو ڪري. فرقو چونڊن کان پوء ڦريو. هنن جي چونڊن واري سوڀ مغربي پاڪستان جي وس وارن قبول نه ڪئي] 28.10.1990: ڪالهوڪي صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جا نتيجا پڌرا ٿيا. بينظير ڀٽي وڏي پئماني تي ڌاڌلين ڪرڻ جو الزام هنيو. پيپلز پارٽئ کي سنڌ ۾ سادي اڪثريت به ڪانه ملي. آء.جي.آء کي سوڀ ملي.ملڪ ۾ انھن چونڊن دوران ٿيل فسادن ۾ 37 ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا. 28.10.1996: مير مرتضا ڀٽي کي مارائڻ واري واقعي ۾ آصف زردارئ, نصيرالله بابر ۽ عبدالله شاه جا نالا عام ماڻھن جي ذھن ۽ زبان تي عام ٿيا. 28.10.1998: نواز شريف ڀڀڪيون ڏنيون ته حڪيم سعيد کي قتل ڪرڻ جو منصوبو نائين زيرو تي تيار ڪيو ويو. ايم.ڪيو.ايم قاتل سرڪار حوالي ڪري. *************** {28 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1892ع ليکڪ عطا حسين شاهه موسوي(روهڙي). 1918ع ليکڪ نور محمد سنڌي (ڪنڊيارو). 1972ع شاعر عبدالراشد عادل سرڪي. 1972ع ليکڪ احسان ابڙو. [وڇوڙو]: 1958ع سياستدان شيوارام وزيراڻي. 1958ع شاعر پرسرام ضياء(ٽنڊو آدم / اجمير). 2002ع اديب، محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ شاعرتاج صحرائي.

Monday, 26 October 2026

SINDH in history today (27th October). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr.Pathan and Translator is his son Mumtaz Ali. Sindh in history today (27th October). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 27 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 27.10.1843: نيپيئر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي پنھنجي سورهيائئ ۽ سنڌ جي خطرناڪ صورتحال کان باخبر رکي ٿو. هو لکي ٿو ته مير شير محمد خان 20 هزار فوجين سان مون تي حملي ڪرڻ لاء آتو آهي. مون وٽ ڦٽيل ۽ زخمي فوجين سان اسپتال ڀري پئي آھي ۽ اهي اهڙئ حالت ۾ سنڌو ندئ جا ٻئي پاسا سنڀالي رهيا آھن. مون وٽ ڇھ مير فوجي قيدئ طور ڪئمپ ۾ موجود آھن. ھنن کي وارو مليو ته ڪا بغاوت ڪري اسان کي ڪچو کائي ويندا. منھنجي ڪئمپ ۾ حيدرآباد مان هٿ ڪيل خزاني جا انبار لڳا پيا آھن. پڪيون خبرون آھن ته 800 هٿياربند ٻروچ اسان جي آسي پاسي ۾ موجود آھن. 27.10.1857: سنڌ جي ڪمشنر ڀر پاسي وارين آزاد رياستن جي حاڪمن کي اطلاع ڪيو ته فرنگي فوج 20 آڪٽوبر تي دهلئ ۾ ۽ 25 تاريخ تي لکنوء ۾ ڏيھي ماڻھن جي بغاوت کي ڪچلي ٻئي شهر پنهنجي قبضي ۾ ورتا آھن. 27.10.1859: سنڌ جي ڪمشنر حڪم نامو ۽ هدايت نامو جاري ڪيو ته قلات جا ڪي لٽيرا سنڌ ۾ اچي ڦرلٽ جون وارداتون ڪن ته انھن کي ڪهڙي نموني منھن ڏجي. 27.10.1958: ميجر جنرل اسڪندر مرزا پنهنجو صدارتي عهدو ڇڏيو يا هن کان ڇڏرايو ويو. اهي اختيار جنرل ايوب جي هٿ ۾ اچي ويا, جنھن ڏهن سالن تائين حڪمراني ڪئي. 27.10.1959: جنرل ايوب پاڻ کي فيلڊ مارشل بڻايو ۽ "بنيادي جهموريت" واري نظام لاڳو ڪرڻ وارو حڪم نامو جاري ڪيو. 27.10.1996: جماعت اسلامئ طرفان اسلام آباد ۾ ڌرڻي هڻڻ وارئ ڪوشش کي ڏنڊي جي زور تي سرڪار ناڪام بڻايو. 27.10.2000: احتساب ڪورٽ بينظير خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتارئ جا وارنٽ جاري ڪيا. *************** 27 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 27 آڪٽوبر 1819ع ليکڪ ننديرام ميراڻي (سيوهڻ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 آڪٽوبر 1838ع صوفي شاعرمخدوم محمد امين (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 آڪٽوبر 1900ع شاعر احمد خان شيدا(هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 آڪٽوبر 1927ع شاعر ۽ راڳي منوهرداس طالب (لاڙڪاڻو / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 آڪٽوبر 1937ع تعليمي ماهر آر اي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي 27 آڪٽوبر 1929ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحيم لغاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي 27 آڪٽوبر 1936ع اداڪار اندر ڪيولراماڻي (ڀريا / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 آڪٽوبر 1946ع شاعر خير محمد آزاد جلباڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 آڪٽوبر 1967ع شاعر لالڻ ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 27 آڪٽوبر 1969ع شاعر، ليکڪ ۽ اديب مشتاق بخارئ جو جنم ڏينهن آهي. 27 آڪٽوبر 1983ع شاعر مير حسن کوسي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 27 آڪٽوبر 1959ع شاعر اختر هالائئ جو انتقال ٿيو. 27 آڪٽوبر 1967ع ليکڪ منير چنا جو انتقال ٿيو. 27 آڪٽوبر 1974ع پ ٽ الف جي بانيڪار استاد اڳواڻ جان محمد جمالي جي وفات ٿي. 27 آڪٽوبر 1992ع فلمي اداڪاره نير سلطانه جي وفات ٿي. 27 آڪٽوبر 2011ع سگهڙ حبيب الله مڱڻهار جو انتقال ٿيو. See less

Sunday, 25 October 2026

SINDH in history today (26th October) . By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Sindh in history today (26th October). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan and Translation by his son Mumtaz Ali. ************ SINDH IN HISTORY TODAY (26th OCTOBER) 26th October BIRTH DATES 1. 'Nachez' Memon (Chhajra/Poet/ birth 26th October1916), 2. Menghraj Valecha (Karachi - Baroda/Journalist/ birth 26th October1925), 3. Kewalram Narsinghani (Gambat - Khandva/Writer/ birth 26th October1925), 4. Lakhmichand Chhabra (Shikarpur - Mumbai/Singer/ birth 26th October1931), 5. Ram Hingorani (Writer/ birth 26th October1936), 6. Ameena Lalai (Sukkur/Writer/ birth 26th October1952), 7. Mansoor Sitai (Sita Road/Writer/ birth 26th October1971) DEATH DATES 1. Moulana Abdul Rahman Shikarpuri (Religious Scholar / death 26th October1882), 2. Wali Muhammad Shah (Sehwan/Politician/ death 26th October1938), 3. Mungharam 'Ghulam' (Poet/ death 26th October1940), 4. Bardo Sindhi (Makan Kori/Poet/ death 26th October1988) EVENTS 1838: Captain Burns provides to Colonel Pottenger a copy of letter written by Mir Noor Muhammad to Mir Rustom khan exhibiting his faithlessness and disposition towards the British Govt. 1849: Lord Bishop of Calcutta is made custodian of Churches and burial grounds and fees received for permission to erect Mural Tablets in churches is put on his disposal. 1853: Govt. decides that as per previous practice obtainable under Talpurs' Govt. Jageerdars shall be required to provide labour for repairs of roads. 1940: Sir Shahnawaz is due to visit development work done by the District Local Board Larkana and for this purpose Rs.97 are sanctioned by the Board for expenditure. 1968: Pakistan shows willingness to have a 'no - war pact ' with India provided it is accompanied by other pact defining the procedure where by India and Pakistan can resolve problems that exist between two. 1974: Soviet Union agrees to provide 228 million Robles for the Steel Mill to be established. 1989: PPP Minster Tariq Magsi quits supporting opposition. All opposition MNAs sign 'no - trust' move against Prime Minister Benazir Bhutto. 1990: U.S terms election in Pakistan fair and sees no malpractices in it. 1996: Road Link between Islamabad and the rest of the country is cut off to foil Jamait -i- Islami's sit - in strike. President Laghari is also not happy with PPP Govt. that he is not being sent Cabinet decisions. Strike is observed throughout country on the call of PML - led opposition against Benazir Govt. ( 26 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 26.10.1838: فرنگين جي جاسوسن ۽ سنڌ ۾ آئي پنج ڇھ سال مس گذريا ته هنن ميرن جا ويجها ماڻھون هنن کان ٽوڙي پنهنجا وفادار يار بڻائي ڇڏيا. نتيجو اهو نڪتو ته ميرن جي مخفي خط و ڪتابت اصل ماڻھونء تائين پهچڻ کان اڳ انگريز سفارتڪارن تائين پهچي ويندا هئا. اڄ ڪئپٽن برنس خيرپور مان هڪ خط حيدرآباد پاٽينجر ڏي ڏياري موڪليو, جيڪو مير نور محمد خان ڪجھ ڏينھن اڳ مير رستم علي خان کي لکيو هو ۽ ان ۾ انگريزن جي گلا به ڪئي هئي ۽ انھن جي نيتن تي شڪ به ڏيکاريو هو. 26.10.1849: سنڌ تي انگريزن جي حڪمراني شروع ٿي ته حڪمرانن عيسائين ۽ عيسائيت جي مذھبي روايتن جي پاس خاطري شروع ڪئي. اڄ ڪلڪتي واري لارڊ بشپ کي سنڌ ۾ عيسائي قبرستانن جي ديک ڀال جو ڪم ڏنو. هن سال کان سنڌ جي عيسائي قبرستانن ۾ قبرن تي ڪتبا لکجن شروع ٿيا. انھن ڪتبن ۾ سنڌ ۾ دفن ٿيل عيسائين جي سوانح بابت ٽاڻا اشارا ملن ٿا. 26.10.1853: سرڪار فيصلو ڪيو ته جيئن ٽالپورن جي دور ۾ جاگيردار رستن ٺھرائڻ ۽ واهن کوٽائڻ ۾ وانگار يا ٻئي طريقي تعاون ڪندا هئا, اهو سهڪار کين فرنگي سرڪار کي به ڏيڻو پوندو. [ ياد رهي ته جاگيردارن کان زرعي آمدنئ جو پنج سيڪڙو به محصول/ٽيڪس/سيس طور ورتو ويندو هو] 26.10.1940: سر شاهنواز ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ/ٿيل ڪمن جي معائني تي ممبئئ مان لاڙڪاڻي اچڻ جو فيصلو ڪيو ته لاڙڪاڻي جي ضلعي لوڪلبورڊ ان لاء پنھنجئ بجيٽ مان 97 روپيا منظور ڪيا [مطلب ته ڪو وزير يا عملدار ڪنهن هنڌ ويندو هو ته ان جو خرچ اتان جي ضلعي لوڪلبورڊ ڀريندي هئي] 26.10.1974: سوويٽ يونئين راضپو ڏيکاريو ته ڪراچئ ۾ اسٽيل مل قائم ڪرڻ لاء 228 ملين روبيلس ڏنا ويندا. 26.10.1989: بينظير خلاف قومي اسيمبلئ ۾ ”بي اعتمادئ واري رٿ" پيش ڪرڻ لاء مخالف ڌر جي سمورن ميمبرن ان تي دستخط ڪيا. 26.10.1990: پاڪستان جي چونڊن ۾ بينظير جي پارٽئ هارايو ۽ نواز شريف سوڀيارو ٿيو. آمريڪا انھن چونڊن کي شفاف ۽ صاف چونڊون قرار ڏنو [چونڊن واري ڏينھن ملڪ جي صدر غلام اسحاق ووٽ ڏيڻ کان پوء نتيجن نڪرڻ کان اڳ چيو ته اڄ اسان مخالفن (بينظير ۽ سندس پارٽئ کي) دفنائي ڇڏيو. 26.10.1996: بينظير حڪومت لاء ڏکيا ڏينھن ثابت ٿي رهيا آھن. جماعت اسلامي اسلام آباد ۾ ڌرڻي هڻڻ لاء ڪوشان آھي ۽ ملڪ صدر فاروق لغاري, جنھن کي پي.پي.پي چونڊرايو هو, سو حڪومت تي ڪاوڙجي پيو آھي ته ڪئبينيٽ جيڪي فيصلا ڪري ٿي,انھن کان کيس آگاه نه ٿو ڪيو وڃي. هنن ئي حالتن ۾ مخالف ڌر نواز شريف جي اڳواڻئ ۾ ملڪ گير هڙتال ڪري ٿي. هنن کان پوء بينظير جو ڀاء مير مرتضا ڀٽو به ڪراچئ ۾ ماريو وڃي ٿو. اهو به تڏهن جڏهن مرڪز ۽ سنڌ ۾ بينظير جي حڪومت آھي. *************** 26 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 26 آڪٽوبر 1916ع شاعر ناچيز ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1925ع صحافي مينگهه راج وليڇا (ڪراچي / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1925ع ليکڪ ڪيولرام نرسنگهاڻي (گمبٽ / کنڊوا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1931ع گلوڪار لکمي چند ڇاٻڙا (شڪارپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1936ع ليکڪ رام هنڱوراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1952ع ليکڪ امينا لالئي (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1965ع بزرگ شخصيت پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين جو جنم ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1971ع شاعر منصور سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 26 آڪٽوبر 1882ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان شڪارپوري جو انتقال ٿيو. 26 آڪٽوبر 1938ع سياستدان ولي محمد شاهه (سيوهڻ) جي وفات ٿي. 26 آڪٽوبر 1940ع شاعر منگهارام غلام جي ديهانت ٿي. 26 آڪٽوبر 1988ع شاعر بردو سنڌئ جي وفات ٿي.