Tuesday, 3 January 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (3rd January) By: Dr. Pathan


** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي انگريز سرڪار طرفان فيصلو
 ڪيو ويو ته ڪراچي ۽ ملتان وچ ۾ رابطي لاءِ ٻيڙيون دستياب نه آهن،
 ان ڪري ڪراچي هاربر تي ٻيڙيون ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو
 وڃي ته جيئن انهن کي ڪنهن ايمرجنسي جي صورت ۾ استعمال ڪري سگهجي.
** 19431ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي خالق ڏنو هال ۾ مولانا دين
 محمد وفائي جي صدارت ۾ هڪ سياسي پروگرام ٿيو، جنهن ۾ مولانا
 عبدالڪريم چشتي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته امروٽ خلافت 
ڪاميٽي جا عهديدار پڻ چونڊيا ويا، مولوي نظام الدين، ميان 
عبدالرحمان، سيد امير علي شاهه ۽ ميان علي محمد ترتيبوار صدر،
 سيڪريٽري ۽ خزانچي چونڊيا ويا.
** 1937ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ايگزيڪيوٽو
 ڪاميٽي ايندڙ چونڊن جي حوالي سان اميدوارن 
جي فهرست کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدارتي چونڊن ۾ صدر ايوب خان
 کان هارائيندڙ فاطمه جناح هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو 
ته هوءَ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ مضبوط ارادي سان
 پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايوب خان ذوالفقار علي ڀٽو
 سان گڏ تاشقند پهتو، جتي سوويت يونين جي وزيراعظم سندن
 جو استقبال ڪيو، پاڪستان ۽ سوويت يونين ۾ ڳالهين لاءِ
 ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ تاشقند پهتا. واضح رهي ته ايوب جي دور
 ۾ مشهور تاشقند معاهدو ٿيو هو، جنهن تي تنقيد به ٿي هئي.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ڪراچي
 کي ميونسپالٽي مان ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو درجو ڏنو.
** 1980ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي افغانستان جو نئون صدر ببرڪ ڪمال
 منظر تي آيو ۽ سوويت يونين جي حمايت ڪئي، هن چيو ته 
سوويت فورسز ٻاهرين خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ويڙهه ڪري رهيون آهن.

No comments:

Post a Comment